سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 16

 

محمد حسين پنهور

سنڌ جو مشھور ۽ معروف دانشور، ليکڪ ۽ انجنيئر محمد حسن پنهور جو تعلق دادو ضلعي سان آھي. ھو پنهنجي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن ۽ مضمونن سبب ڄاتل سڃاتل آھي. بنيادي طور ھو ھڪ انجنيئر ۽ زرعي ماھر آھي، پر ھن جي دلچسپيءَ جا موضوع، تاريخ، جاگرافي ھيڊرالاجي، جيالاجي، آرڪيالاجي وغيره به آھن. ھنن موضوعن تي ھن جا ٽيھارو ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. ھن جو ھڪ لافاني ڪتاب ’ڪرانا لاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ سنڌالاجيءَ پاران ڇپايو ويو آھي. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ سندس ھڪ اھم مقالو ڪتاب ‘Cultural Heritage of Sindh’ ۾ ڇپيو، جيڪو ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران فيبروري ١٩٨٨ع ۾ ڪرايل بين الاقوامي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپيو. ھي مضمون پڙھڻ بعد پڪ سان چئي سگھبو ته پنهورصاحب ھڪ بهترين ماھر لسانيات به آھي، ۽ ٻولين جي علم جو نهايت ڳوڙھو اڀياس ڪيل ٿو ڀانئجي.

محمد حسين پنهور ٢٥ ڊسمبر ١٩٢٥ع يعني ڪرسمس جي موقعي تي ڳوٺ ابراھيم پنهور ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. ھن اين. اي ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان ١٩٤٩ع ۾ مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. ١٩٥٣ع ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي وسڪانسن (ميڊسن) مان ايم ايس سي ايگريڪلچر جو امتحان پاس ڪيو. سن ١٩٥٣ع کان ١٩٦٩ع تائين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ايگريڪلچرل انجنيئر جي حيثيت ۾ فرائض سرانجام ڏنائين. ھن کي ڪتابن پڙھڻ، لکڻ ۽ سانڍڻ سان تمام گھڻي دلچسپي آھي. ھن جي لائبرريءَ ۾ انجنيئرنگ ۽ زراعت جي موضوع تي ڇهه ھزار ڪتاب آھن. ايترائي سنڌ جي حوالي سان لکيل ڪتاب وٽس موجود آھن. محمد حسين پنهور مھراڻ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ وزٽنگ پروفيسر آھي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ انجنيئرنگ ايڊوائزر طور ڪم ڪري چڪو آھي. ھن ساري دنيا گھمي ڏٺي آھي ۽ مغربي ملڪن ڏانهن اچڻ وڃڻ جو سلسلو بدستور جاري آھي. جنهن جو مقصد پنهنجي دلچسپي وارن علمن ۾ تازه ترين معلومات جو اضافو ڪرڻ آھي. ھو سنڌ جي علمي حلقن ۾ ھڪ انتهائي عزت ڀريو مقام رکي ٿو.

ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ۾ ڪيترين ئي جاين تي سنڌ جي ٻولين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ داخلائون آھن. سنڌ تي ڌارين حاڪمن جي اچڻ ۽ راڄ ڪرڻ جي باري ۾ تحقيقي انداز ۾ درست داخلائون ڪيون اٿس. ڌارين ٻولين ڳالھائڻ وارا ڌاريا حاڪم پنهنجون ٻوليون سنڌ جي مٿان مڙھيندا رھيا آھن، ان باري ۾ ھر ھنڌ سنڌي ٻوليءَ تي پوندڙ اثرات جو بيان ڪندو آيو آھي.

ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، سنڌ جي تاريخ جو ھڪ نهايت ئي اھم ترين دستاويز آھي، پر ھن ۾ سنڌ جي ٻوليءَ جي باري ۾ پڻ گھڻو ئي احوال موجود آھي. ساڳئي وقت سڪن تي لکيل مختلف ٻولين جو پڻ تذڪرو ٿيل آھي. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکڻ لاءِ ھن ڪتاب جو مطالعو ناگزير آھي.

پنهور صاحب جو مقالو (Language of Sindh) ١٩٨٨ع ۾ ڇپيو. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ھو لکي ٿو:

”سنڌي ٻولي پنهنجي ارتقا جي مختلف دورن ۾ متعدد ٻولين کان متاثر ٿيندي رھي آھي. جھڙوڪ پالي، سنسڪرت ۽ عربي وغيره. ھي ٻوليون نه صرف سرڪاري حيثيت ۾ پر مذھبي پرچار ڪري پڻ سنڌيءَ تي اثرانداز ٿينديون رھيون. ڪنهن حد تائين چئي سگھجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ انگريزي، يوناني ۽ پورچوگيزي ٻولين جا اثرات پڻ قبول ڪيا آھن.“(١)

سنڌي ٻوليءَ جي حدن جي باري ۾ پنهور صاحب ھڪ ھنڌ لکي ٿو:

”سنڌي ڪڇ، لس ٻيلي، سبي ۽ رحيم يارخان ضلعي ۾ ۽ راجسٿان جي ڪجهه حصن ۾ يعني ٻاڙ مير جي اولهه ۾ ۽ جيسلمير ۾ پڻ ڳالھائي ويندي آھي. سرولي (سرائڪي نه) لاڙي، ڪڇي، ٿاريلي، سنڌي ٻوليءَ جا لھجا آھن. سنڌي ھڪ پڪي پختي زبان آھي. بنگاليءَ جيان نه آھي، جيڪا ڳالھائڻ ۾ ھڪڙي طرح ته لکڻ ۾ ٻيءَ طرح آھي، ڇوته بنگالي ليکڪن ان ۾ سنسڪرت لفظن جي بيجا ٽنب ڪئي آھي.“(٢) ھو لکي ٿو: ”سنڌي ٻولي تيرھين صديءَ تائين، ملتان تائين اٽڪل ڏيڍ صديءَ کن جي عرصي لاءِ ڳالھائي ويندي ھئي.“(٣) ضلعي رحيم يار خان ۾ سنڌي ڳالھائڻ وارن جو ھڪ وڏو تعداد موجود آھي. سبي ۽ ڪڇي ضلعا ٻه لساني ضلعا آھن، جتي بلوچي، لھندا يا جتڪي ۽ سنڌي ڳالھايون وينديون آھن. آدمشماري واريون رپورٽون سياسي محرڪات سبب ڀروسي جوڳيون نه آھن، لس ٻيلي جي نوي سيڪڙو آبادي سنڌي ڳالھائي ٿي. ڪڇي ته سنڌيءَ جو ئي ھڪ لھجو آھي. سموري ڪڇ ۾ سنڌي ڳالھائي ويندي آھي. ٿرين جي ٻولي پڻ سنڌي آھي. جيسلمير جي سرحدي علائقن ۾ پڻ سنڌي رائج آھي.(٤)

محمد حسين پنهور سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا جي باري ۾ پنهنجو ھڪ نقطئھ نظر پيش ڪيو آھي، جنهن ۾ ڏيکاريو اٿائين ته ڪيئن تاريخي دورن ۾ سنڌي ٻولي مختلف اثرات قبول ڪندي رھي آھي. پنهور صاحب جي نظريي مطابق قديم ھند- يورپي ٻوليءَ مان قديم ھند آريائي ٻولي نڪتي، جنهن مان قديم ھندي نڪتي، جنهن تي دراوڙي اثرات ٿيا. جنهن بعد تمام آڳاٽي سنڌي جڙي جنهن تي ١٠٠٠ ق. م کان ٦٠٠ ق. م ۾ رگويدي سنسڪرت جا اثرات مرتب ٿيا. ٦٠٠ ق. م کان ٥٠٠ ق. م ۾ پوئين دور واري سنسڪرت جا اثرات پيا. تنهن بعد آرميائي ۽ پھلوي (قديم ايراني ٻولي) جا اثرات ٥٠٠ ق. م کان ٤٠٠ ق. م ۾ پيا.

پاليءَ جا اثرات ٣٢٥ کان ١٨٧ ق. م ۾ پيا. پالي ۽ يوناني جا گڏيل اثرات ٨٧ ق. م کان ٢٨٣ع تائين پيا. تنهن بعد پھلوي جا اثرات ٢٨٣ع کان ٣٥٦ع تائين پيا. تنهن بعد قديم سنڌيءَ جو جنم ٿيو، جنهن سان ٣٥٦ع کان ٧١١ع سنسڪرت جو ميل ميلاپ رھيو. ٧١١ع کان ١٠١١ع تائين عربي ۽ سنسڪرت جو گڏيل اثر ٿيو. جنهن بعد وچين دور واري سنڌي ٻولي وجود ۾ آئي، جنهن جو عرصو ١٠١١ع کان ١٣١٥ع ڏسيو اٿائين. ١٣١٥ع کان ١٦٠٠ع تائين فارسي ٻوليءَ جا اثرات ٿيا، جنهن بعد ڪلاسيڪي سنڌي ٻولي بڻي. فارسيءَ جا اثرات ١٨٤٣ع تائين ٿيندا رھيا، جنهن سبب اڻويھين صديءَ جي وچ واري سنڌي ٻولي وجود ۾ آئي، جڏھن ته انگريزي فارسي ۽ فارسيءَ جا گڏيل اثرات ١٨٤٣ع کان ١٩٤٧ع تائين پيا. جنهن بعد جديد سنڌي ٻولي وجود ۾ آئي. (٥)

محمد حسين پنهور جو سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ھيءُ نظريو بلڪل درست نظر اچي ٿو. عالمن کي ھن نظريھ کي اھميت ڏيڻ گھرجي. سنڌي ٻوليءَ تي سندس ڪيل ڪم سائنسي بنيادن تي ھئڻ سبب پنهور صاحب ھرطرح داد لھڻي.

 

حوالا:

1- Panhwar, M. Language of Sindh, from rise of Amri up to fall to mausura. Book ‘Cultural Heritage of Sindh’. Ed. Dr. Abdul Jabbar Junejo and Mohammad Qasim Bughio 1988, P-24-25

2- Ibid, P-36

3- Ibid, P-36

4- Ibid, P-36

5- Ibid, P-23

 


 

 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ھن صديءَ جي سنڌ جي پھرين صف جي عالمن مان ھڪ ھو. ھو سنڌي نثر، نظم، تنقيد، تاريخ، لطيفيات ۽ لسانيات جو ھڪ وڏو ڄاڻو ۽ ماھر ھو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سن ١٩٧٤ع ۾ پي. ايڇ ڊي ڪئي ھئي، جنهن لاءِ مقالو لکيائين، ’بيان العارفين جي تدوين‘ (شاهه ڪريم جو ڪلام). ھو سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام جو ھڪ بهترين شاخ ھو. سنڌي ادب جي تاريخ تي تنقيدي اڀياس ڪندي، بهترين ڪتاب تحرير ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لھجن تي پڻ ڪم ڪيائين. ھن ڏس ۾ ’شڪارپور جي ٻولي‘ سندس ڪتاب ھڪ يادگار آھي، جنهن مان سندس لساني ڄاڻ جو بخوبي پتو پوي ٿو.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ١١ سيپٽمبر ١٩٣١ع تي شڪارپور لڳ سنڌ واهه جي ڪپ سان اڏيل ڳوٺ ’ھاڙي‘ ۾ ڄايو. سندس والد جو نالو حاجي غلام حسين ھو. سندن وڏن جو ڌنڌو ڪپڙو اڻڻ ھو. ميمڻ صاحب شروعاتي تعليم ماڙيءَ ۾ حاصل ڪئي. ١٩٤٢ع ۾ شڪارپور ۾ لڏي اچي ويٺا. شڪارپور ۾ کيس مولوي فضل لله جي مدرسي ۾ وھاريو ويو، جتان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. جنهن بعد شڪارپور جي ھڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ انگريزي پڙھيو. سن ١٩٤٨ع ۾ وري سندن خاندان لاڙڪاڻي لڏي آيو. ميمڻ صاحب مئٽرڪ ١٩٥٢ع ۾ پاس ڪئي. ١٩٥٤ع ۾ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما سکر مان ڪئي. ميمڻ صاحب ايم اي (اسلاميات) ايم اي (تقابل اديان عالم) ايم اي (سنڌي) ايل ايل بي ۽ پي ايڇ. ڊيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيون. ٦١- ١٩٦٢ع ۾ اسلاميھ ڪاليج سکر ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ١٩٧٢ع ۾ اسلاميھ ڪاليج نئشنلائيز ٿيو ته ميمڻ صاحب اپر سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏنيون. انهن ڪاليجن جا نالا ھي آھن: گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج، شڪارپور، گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر علي خان، گورنمينٽ ڪاليج خيرپورميرس، گورنمينٽ ڪاليج رتوديرو، گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لارڪاڻو. ميمڻ صاحب ١٩٩١ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ڪيو. پاڻ فيبروري ١٩٩٦ع تي ھي جھان ڇڏي ويو.

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب گھڻ پھلو شخصيت جو حامل ھو نه رڳو تحقيقي ڪم ۾ ڀڙ ھو، پر تخليقي ڪم ۾ به گھڻو مٿاھون ھو. سندس مضمونن ۽ ڪتابن ۾ گوناگون موضوع موجود آھن... عالم ھو ۽ علم جو قدردان پڻ. پڇا ڪرڻ تي علم ۽ ادب جي سلسلي ۾ صلاح به سٺي ڏيندو ھو. سندس رايو بنا رد ۽ رعايت جو ھوندو ھو. حق ۽ سچ چوڻ ۾ ڪيٻائيندو ڪين ھو. بعد ۾ وزنائتا مشورا ڏئي، مواد کي وڻندڙ بنائڻ ۾ مدد ڪندو ھو. ٻئي جي چڱي چيز جي دل کولي تعريف ڪندو ھو.(١)

ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جا ٤٧ کن ڪتاب ڇپيل آھن ۽ ويھارو کن اڻڇپيل به آھن. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ميمڻ صاحب گھڻو ئي ذڪر ڪيو آھي. ڪيترائي مقالا ۽ مضمون پڻ ھن ڏس ۾ لکيا اٿائين. ادبي تاريخن ۽ تنقيدي مضمونن ۾ پڻ جا بجا سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ جديد لسانيات جي بنيادي اصولن کان واقف ھو، تنهن ڪري ھن سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ پراڻي انداز ۾ لکڻ بدران جديد انداز اپنايو ۽ تمام ڪارائتا ڪتاب ۽ مضمون لکيا. سندس ٻه ڪتاب خاص طور وڏي اھميت رکن ٿا.(١) شڪارپور جي ٻولي، (٢) پاڪستاني لسانيات.

’شڪارپور جي ٻولي‘ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. شڪارپور لھجي تي ھيءُ ھڪ شاھڪار ڪتاب آھي. سنڌي ٻوليءَ سان سندس محبت ۽ الفت ھن ڪتاب مان عيان آھي، جنهن کي پيار جي پورھيي سان لکي پيش ڪيو اٿس. ميمڻ صاحب لسانيات جي علم جي باري ۾ لکي ٿو:

”جديد علم لسان جو وڏو ڪارنامو ھي آھي ته ھن تحريري زبان کي ڇڏي فقط گفتگو واري ٻولي Speaker language کي ئي سڀ ڪجهه سمجھي، ان جي کنا کيڙ ڪئي آھي. علم لسان جي ماھرن جو چوڻ آھي ته اصل ٻولي گفتگو واري ٻولي آھي ۽ ان جي لکت واري شڪل، گفتگو واري ٻولي آوازن جي ميلاپ مان جڙي ٿي، يعني ته اھائي اصل زبان آھي.(٢)

سنڌي زبان جي وسرگ آوازن لاءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکيو آھي ته اھي آواز جن ۾ ’هه‘ ملي وئي آھي، جھڙوڪ: ڦ، گهه، جهه، لهه، مهه، نهھ، ڙهه وغيره ۽ اوسرگ اھي آواز جن ۾ ’هه‘ نه آھي. جھڙوڪ: ب، پ، گ، ڪ، م، ن، ڙ، ر وغيره.(٣)

سنڌي ٻوليءَ جي حدن جي باري ۾ ميمڻ صاحب لکي ٿو ته: ”سنڌي زبان موجوده سنڌ صوبي کان سواءِ بلوچستان جي مختلف علائقن، جھڙوڪ: لس ٻيلو، سبي وغيره ۾ به ڳالھائي وڃي ٿي. ان کان سواءِ ھندستان جي علائقن، راجستان، گجرات ۽ ڪڇ جي ڪن ڀاڱن ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. نه فقط ايترو پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪي ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ سنڌي ھندو رھن ٿا، اھي به گھرن ۾ ھڪ ٻئي سان سنڌي زبان ڳالھائين ٿا، البت انهن جي سنڌي زبان جو پنهنجو پنهنجو لھجو ٿئي ٿو.“(٤)

شڪارپور شھر جي لھجي جي باري ۾ چوي ٿو:

”شڪارپور شھر جي ٻولي ميٺاج واري اھي ۽ شھر جو محاورو پنهنجي ئي علائقي کان وڌيڪ صحيح آھي.“

شڪارپور جي ٻهراڙي ۽ شھر جي محاوري ۾ لفظن جي استعمال ۽ ڳالھائڻ جي انداز ۾ ڪجهه قدر فرق آھي. شھر جي لھجي ۾ غير فصيح، غيرمانوس ۽ ٻهراڙيءَ جي ٺيٺ سنڌي لفظ گھڻي قدر ته ڪتب ڪونه ايندا آھن. ڳالھائڻ جي ڍار ۾ به ميٺاج ھوندو آھي. ھو ڳالھائڻ ۾ ميٺاج پيدا ڪرڻ لاءِ ’من‘، ’دل‘، ’مٺڙا‘ ۽ اھڙي قسم جا ٻيا لفظ ڪتب آڻيندا آھن. ھو س، ڇ، غ، ق ۽ خ جو اچار به گھڻي قدر صحيح ڪڍندا آھن. اھوئي سبب آھي جو شڪارپوري لھجو ائين آھي، جيئن مصريءَ جون تڙون.(٥)

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ھڪ ٻيو ڪتاب ’لسانيات پاڪستان‘ مقتدره قومي زبان اسلام آباد پاران ١٩٩٢ع ۾ ڇپيو. ھن ڪتاب جا ٻه ڀاڱا آھن. پھرين ڀاڱي ۾ اردو زبان جي اصل نسل ۽ تاريخي اعتبار سان، دکن، سنڌ پنجاب، بلوچستان، سرحد ۽ ڪشمير ۾ اردوءَ جي اوسر ۽ صورتحال تي روشني وڌل آھي ته ٻئي ڀاڱي ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن جي ٻولين جي باري ۾ ڪافي معلومات ڏنل آھي. ان سان گڏ انهن ٻولين جو اردوءَ سان تعلق پڻ ڏيکاريل آھي. ھن ڪتاب ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن جي ٻولين يعني علائقائي ادب جي قديم ۽ جديد صورتحال تي پڻ روشني وڌي وئي آھي. جميل جالبيءَ جي خيال ۾ ھيءُ ڪتاب دراصل پاڪستان ۾ اردوءَ جي فروغ ۽ نشو نما جو ھڪ خاص زاويھ کان مطالعو آھي ۽ ھي زاويھ ايتري ته سگهه سان سامھون آيو آھي جو اردوءَ جي لسانياتي تحقيق ۾ ھن ڪتاب کي ھميشھ ياد رکيو ويندو.(٦)

ھن ڪتاب ۾ جن ٻولين جي باري ۾ معلومات مھيا ڪئي وئي آھي، سي ھن ريت آھن، سنڌي ميمڻ، سرائڪي، پنجابي، ھندڪو، بلوچي، براھوي، پشتو، ڪشميري شنا، کو وار ۽ بروشسڪي.

ڪتاب ۾ دراوڙي زبانن ھتان جي ٻولين سان ڀيٽ ڪئي وئي آھي. براھوي زبان سان اھڙي ڀيٽ ڪندي، براھويءَ کي دراوڙي زبان قرار ڏنو اٿائين. ڪتاب ۾ تمام گھڻا تفصيل ۽ لفظي توڙي اصطلاحي ھڪجھڙايون ڳولھي پيش ڪيون اٿائين. ھيءُ ڪم تمام وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان ڪيل آھي، جنهن جو ميمڻ صاحب ھرطرح جس لھڻي.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران ١٩٨٨ع ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ھئي، جنهن ۾ ميمڻ صاحب پنهنجو ھڪ پرمغز مقالو پيش ڪيو ھو، جيڪو ڪتاب ’مقالا‘ ۾ ڇپيو. عنوان ھئس:  ’ڪاٺياواڙي/ميمڻي محاوري جو لساني جائزو‘. ھن مقالي تي ميمڻ صاحب جي پاران ڪيل محنت داد طلب آھي. ميمڻي/ ڪاٺياواڙي محاوري جي باري ۾ لکي ٿو:

”ڪاٺياواڙي يا ميمڻي پاڻ ۾ جيڪا ٻولي ڳالھائيندا آھن، ان کي ڪاٺياواڙي يا ميمڻي سڏيو ويندو آھي. ھيءَ ڪا جدا ٻولي نه آھي، پر اصل ۾ سنڌي زبان جو ھڪ محاورو آھي، جنهن تي گجراتي زبان ۽ ڪن ٻين ٻولين جو گھرو اثر آھي.

حقيقت اھا آھي ته ڪاٺياواڙي ميمڻن جو پنهنجي اصلوڪي ٻولي ۽ ثقافت سان پيار جو جذبو تعريف جي قابل آھي، ھنن پنهنجي اصلوڪي زبان کي ھرحال ۾ محفوظ رکيو آھي. صدين تائين پنهنجي اصلوڪي وطن کان ٻاھر ٻين ٻولين ڳالھائيندڙن جي وچ ۾ رھڻ جي باوجود پنهنجي ٻوليءَ کي نه ڇڏيو اٿن. ھو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ويا، پر پنهنجي گھر، پنهنجي سماج ۽ برادريءَ ۾ پنهنجي زبان کي ئي رائج رکيائون. نه فقط ايترو پر صديون گذرڻ کان پوءِ به ان جي ساخت، لفظن، صوتيات ۽ صرف نحو ۾ ڪو نمايان فرق اچڻ نه ڏنائون.... ميمڻي محاوري ۾ قديم سنڌي زبان جا قديم آثار ۽ اھڃاڻ ملن ٿا، جيڪي اسان کي سنڌي زبان جي مطالعي ۾ مدد ڏئي سگھن ٿا.“(٧)

مضمون جي آخر ۾ ميمڻ صاحب لکيو آھي ته، ”ميمڻيءَ ۾ گيت، لاڏا، لوڪ ڪھاڻيون، پھاڪا، چوڻيون، قديم ۽ جديد شعر موجود آھن. اسان کي گھرجي ته ميمڻي محاوري وارو سمورو ادب گڏ ڪريون ۽ سوڌي سنواري ۽ سھيڙي سنڌي صورتخطيءَ ۾ شايع ڪريون، ڇاڪاڻ ته اھو به سنڌي زبان جو ئي سرمايو آھي. جيئن ٻيلاين جا ٻول ۽ ٿري لوڪ گيت منظر تي آيا آھن، تيئن ميمڻي محاوري جو ادب نکٽ نروار ڪرڻ گھرجي.“(٨)

ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي صاحب سنڌي علم ادب ۽ لسانيات ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ ڀيرومل جھڙن وڏن عالمن جيان ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پڻ پنهنجي قلم کي تيز کان تيز تر ھلايو، اٽڪل ستر کن لاجواب ڪتاب لکيا، سوين مقالا تحرير ڪيا. اھڙيءَ طرح ادب جا گھڙا ڀريا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بي مثال خدمت ڪئي.

 

 

حوالا:

١- انيس انصاري، مضمون ’مثالي شخص/ مثالي عالم‘، سھ ماھي مھراڻ-٢، ١٩٩٦ع، صفحو ١٨٩- ١٩٠

٢- ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، شڪارپور جي ٻولي، ١٩٩٢ع، صفحو ٧

٣- ميمڻ، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو٩

٤- ميمڻ، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو١٨

٥- ميمڻ، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو٣١

٦- جميل جالبي، پيش لفظ ڪتاب، ’پاڪستاني لسانيات‘، ليکڪ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ١٩٩٢ع، صفحو٤

٧- ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، مضمون ڪاٺياواڙي/ميمڻ محاوري جو لساني جائزو، ڪتاب. مقالا، مرتب، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ قاسم ٻگھيو. ١٩٨٨ع، صفحو ١١

٨- ميمڻ حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو ٣٢

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org