سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 19

 

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي

 

سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ نماڻو ۽ خاموش طبع محقق ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي پوني جي مشھور ۽ معروف ڊيڪن ڪاليج ۾ سنڌي لسانيات جي شعبي ۾ ريڊر جي عھدي تي فائز آھي. گدواڻي صاحب پنهنجي سموري ڄمار سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر تي تحقيق ۾ گذاري آھي. ھو ھند ۽ سنڌ ۾ بحيثيت ھڪ بهترين ماھر لسانيات طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي ادب ۾ ھو ھڪ اھم ۽ عزت ڀريو مقام رکي ٿو.

پرسو گدواڻي ١٣ آگسٽ ١٩٣٧ع تي دادو سنڌ ۾ ڄائو. ورھاڱي وقت پرسو سنڌي چوٿون درجو دادوءَ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙھندو ھو. ان سمي ھن سنڌ ڇڏي ۽ ھندستان لڏي ويو. ھن دھلي يونيورسٽيءَ مان ١٩٦٢ع ۾ ھنديءَ ۾ ايم. اي ڪئي. ١٩٦٦ع ۾ ساگر يونيورسٽيءَ مان ھنديءَ ۾ پي ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن لاءِ سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ھو:

A Comparative study of Hindi and Sindhi safi Poets.

ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ پونا يونيورسٽيءَ مان ١٩٧١ع ۾ ايم اي لسانيات ۾ ڪئي. پوني جي مشھوري علمي مرڪز ڊيسڪن ڪاليج ۾ ١٩٧١ع کان ١٩٨٦ع تائين لسانيات جي ليڪچرار طور ڪم ڪيائين ۽ ساڳئي شعبي ۾ ١٩٨٦ع کان ريڊر جي عھدي تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي.

پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪندي، پرسي ھڪ خط ۾ لکيو آھي: ’مان دادو شھر جي مکي ماڻڪمل گھٽيءَ ۾ رھندو ھئس ۽ ان جي ڪنڊ تي ڪرڙ نالي شخص جو دڪان ھو، جنهن جي پٽ جو نالو ماڪوڙو ھو. منهنجي ڏاڏي جو نالو نانڪرام آھي ۽ اسان جو اصل ڳوٺ پپري ھو ۽ اسان کي گھڻو ڪري پپريءَ وارو ديوان ڪري سڃاڻيندا ھئا. جڏھن جڏھن ڳوٺ جي ياد ايندي آھي ته اکيون نير جون نيون وھائڻ شروع ڪنديون آھن.

ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جا ست کن ڪتاب ھن مھل تائين شايع ٿي چڪا آھن، جڏھن ته ٻھ چار ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ تيار اٿس. سندس تحقيقي مقالن جو تعداد چڱو خاصو آھي. ڊاڪٽر گدواڻيءَ ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ ورڪشاپن ۾ حصو ورتو آھي، پنهنجا تحقيقي مضمون پيش ڪيا آھن. ڊاڪتر پرسي گدواڻيءَ جو تعارف سندس ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي زيارت‘ ۾ ھن طرح ڏنل آھي:

”ڊيڪن ڪاليج پوني جي ڀاشا وياڳ جي سنڌي ڀاشا و گيان سيڪشن جو پر مک نون سالن کان ڪڇ جي خاص ڪري ٻني علائقي جي انيڪ ڳوٺن جا دورا ڪيا اٿس. ڪيترن ئي سنڌي جاتين جھڙوڪ: متوا، جت، سما، سومرا، ڀٽي، سھتا، لوڻائي وغيره جي ڳوٺن ۾ رھي، انهن جي ٻولي ۽ رھڻي ڪھڻيءَ جو اڀياس ڪيو اٿس. ڀارت جي وگيانن ۾ ھو پھريون ڀاشا و گياني آھي، جنهن انيڪ ڪشالا ڪڍي مٿي بيان ڪيل سنڌي جاتين کي روشنيءَ ۾ آندو آھي ۽ ڀارت ۾ سنڌي کوجنا جا نوان گس گھڙيا ۽ کوجنا کي نئون موڙ ڏنو.“(١)

ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي ڪتابن جو مختصر تعارف ھت پيش ڪجي ٿو:

(١) شاهه جو شعر:

سنڊي ٽائمس پاران ھيءُ ڪتاب ١٩٧٣ع ۾ ڇپيو. ھن ڪتاب ۾ لطيف سائين جي شاعريءَ جو مطالعو پيش ڪيو ويو آھي. خاص طور شاهه جو ٻولي، فلسفو، رس ۽ اھنڪار تي روشني وڌي وئي آھي. ھيءُ ڪتاب سنڌ ۾ ١٩٩٦ع ۾ ڇپيو، جنهن جو عنوان ’ڇپر ڇاٽون مڪيون‘ رکيو ويو.

(٢) سنڌيءَ جا ٽيهه سال:

ھيءُ ڪتاب ١٩٧٩ع ۾ ڇپيو ۽ سنڊي ٽائمس پبليڪيشن الھاس نگر پاران ڇپرايو ويو. ھن ڪتاب ۾ گدواڻيءَ جا ست تحقيقي مضمون سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ شامل ڪيل آھن.

ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو ڪتاب ’سنڌيءَ جا ٽيهه سال تازو مون کي ھٿ آيو‘ ڪتاب بابت نارائڻ ڀارتي لکي ٿو:

”ھيءُ ڪتاب سچ پچ ته، نه فقط ايندڙ پيڙھيءَ لاءِ ھڪ اتهاسڪ دستاويز ٿيندو ته ورھاڱي بعد سنڌيءَ تي ڪھڙا ڪھڙا اثر پئجي چڪا آھن ۽ پئجي رھيا آھن. موجوده پيڙھيءَ کي به ساوڌان ڪيو ويو آھي ته ھو ڪجهه ڪرڻ چاھين ته ڪري ٿا سگھن.

ھن ڪتاب ۾ ٧ مضمون آھن، جن جا عنوان ھن طرح آھن:

١- سنڌي ٻوليءَ جي اوسراڻ

٢- سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي نالن تي ٻوليائي اثر

٣- ورھاڱي جو سنڌي نالن تي اثر

٤- سنڌيءَ جا عزاز تي لفظ

٥- سنڌي لغت جو وڪاس

٦- سنڌي تهذيبي ڪيندر جي روپ رکيا

٧- ترجمو ۽ سڀيتڪ مشڪلاتون

پرسي گدواڻيءَ سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجي ڪيل تحقيق جا نتيجا ھن ريت بيان ڪيا آھن:

”ھندستان ۾ اچڻ کان پوءِ سنسڪرت ھندي، گجراتي، مرھٽي وغيره ٻولين جي ويجھو اچڻ جي ڪري، اسان تي انهن ۾ ڪيترو اثر پيو آھي ۽ اسان پنهنجي نالن کي سنسڪرت جي وڌيڪ ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مثال طور پڇاڙيءَ واري سر جي گھڻائي غائب مثلا ڪلان، ميران، راڌان، سيتان، ليلان، چندران وغيره ڪيترا نالا، جيڪي سنڌ ۾ تمام گھڻو عام جام ھئا، پر ورھاڱي کان پوءِ انهن نالن جي پڇاڙيءَ واري سر جي گھڻائپ گم ٿي وئي آھي ۽ ڪلا، سيرا، راڌا، سيتا، ليلا، چندرا ٿي پيون آھن.“(٢)

(٣) سنڌي ٻوليءَ جي زيارت:

گجرات ساھتيھ اڪيڊمي گانڌي نگر پاران ١٩٨٩ع ۾ ھيءُ ڪتاب ڇپيو. ھن ڪتاب ۾ ڪڇ جي علائقي ٻني ۾ رھندڙ ڪجهه جاتين جھڙوڪ: جتن، سمن، سومرن، سھتن جو اڀياس پيش ڪيو ويو آھي.

(٤) ڳجھارتون:

ھيءُ ڪتاب به گجرات ساھتيھ اڪيڊمي پاران ١٩٩٠ع ۾ ڇپرايو ويو. ھيءُ ڪتاب ڊاڪٽر پرسي گدواڻي ۽ لالجي ھسٿجي ٻنهي گڏجي لکيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٻھ سو ڳجھارتن جو تعارف ۽ تفصيل ڏنو ويو آھي. ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ لکيو آھي، جنهن ۾ ڳجھارتن جو لساني، معنوي ۽ صرف پھلوئن کان جائزو ورتو ويو آھي.

(٥) ڳيچ:

ڳيچ ھيءُ ڪتاب گجرات صوبي جي جتن جي لاڏن، سھرن ۽ ڳيچن تي مشمتل آھي. ھيءُ ڪتاب ١٩٩٠ع ۾ گجرات ساھتيھ اڪيڊميءَ پاران ڇپرايو ويو آھي. منڍ ۾ ڳيچن جو لساني جائزو پڻ ورتو ويو آھي.

(٦) سنڌي لوڪ ورثو:

ھيءُ ڪتاب به سنڌي ٽائمس الھاس نگر وارن ١٩٩٢ع ۾ ڇپايو. ھن ڪتاب ۾ سنڌي لوڪ گيتن جو لسانيات ۽ معنيات جي نقطھ نظر کان تحقيقي جائزو ورتو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ پرسي گدواڻيءَ جي تحقيق جو اوچو معيار نمايان نظر اچي ٿو.

(٧) سنڌي وياڪرڻ

اٺين، نائين ڏھين ڪلاس جي سنڌي شاگردن لاءِ لکيل ھيءُ سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ عمدو گرامر آھي، جو ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سترامداس سائل ۽ پرسي گدواڻيءَ گڏجي لکيو آھي. ھي گرامر نه صرف تمام سولو ۽ ٺھڪندڙ مثالن سان سمجھايل آھي، پر جديد سائنسي بنيادن تي لکيل آھي. ھن ڪتاب ۾ ٻوليءَ جي وصف ھن طرح ڏنل آھي:

”ٻولي اچاريل ۽ سماج جي رواج موجب اختيار ڪيل آوازن جو ھڪ اھڙو مقرر سرشتو آھي، جنهن جي ذريعي ساڳي ٻولي ڳالھائيندڙ ماڻھو ھڪ ٻئي سان وھنوار ڪن ٿا.“(٣)

(٨) Let us learn Sindhi

ھيءُ ڪتاب خاص طور سنڌي ڳالھائيندڙن لاءِ آھي، جيڪي انگريزيءَ ذريعي سنڌي لکڻ، پڙھڻ چاھين ٿا. ھي ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ تيار آھي.

(٩) Sindhi Self Tutor

ڊيڪن ڪاليج ۽ ڊيٽا سسٽم ريسرچ فائونڊيشن جو گڏيل پراجيڪٽ آھي. ھن پراجيڪٽ تحت ڪمپيوٽر ذريعي سنڌي سکڻ جو انتظام ڪيو ويو آھي.

ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جا انيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿيل آھن، تن مان ڪن جا نالا ھن طرح آھن.

سنڌي لغت جو وڪاس ھفتيوار سنڌي ٽائمس بمبئي ١٩٧١ع ترجمو ۽ ان جون مشڪلاتون ھفتيوار ھندواسي ١٩٧١ع، شاهه لطيف جي ٻولي، ھفتيوار ھندواسي ١٩٧٢، سنڌيءَ ۾ رنگن جا نالا ’ادبي چمن‘ ڪتاب ۾ تحقيقي مقالو ١٩٨٩ع.

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي ھڪ اعليٰ پايي جو محقق آھي. سنڌي لسانيات جي مختلف پھلوئن تي ھن خوب لکيو آھي. سندس دلچسپي نه صرف سنڌي ٻولي جي تاريخ سان آھي، پر سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لھجن ۽ محاورن (جنهن کي ھو اپڀاشا سڏي ٿو) سان پڻ آھي، ڪڇ ۾ ڪجهه سنڌي ڳالھائيندڙ قومون رھائش پذير آھن. ڪڇ جي دور دراز علائقن ۾ وڃي، ھن سنڌي ٻوليءَ جي مختلف اپڀاشائن جو اڀياس ڪيو آھي. ان جو تفصيل سان احوال ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي زيارت‘ ۾ ڪيو آھي. ٻوليءَ جي مختلف لھجن، محاورن، اپڀاشائن جي باري ۾ پرسو گدواڻي لکي ٿو:

”ٻوليائي لحاظ کان سڀ اپڀاشائون ھڪجھڙيون ھونديون آھن. يعني سڀني کي پنهنجي پنهنجي آواز سرشتو آھي، پد و گيان Mophology آھي ۽ پنهنجي پنهنجي نحوي بناوت آھي. پنهنجو پنهنجو شبد ڀنڊار آھي. جو ھر ان اپڀاشا جا ڳالھائيندڙ ھڪ ٻئي سان ڳالھائيندي چڱيءَ طرح سمجھي سگھندا آھن. مثال جت، جتن جي ٻولي سمجھي، سوڍو سوڍن جي ٻولي سمجھي ساڳيءَ طرح وچولي ڳالھائيندڙ ٿري سمجھي ٿو. پر ساڳي وقت ھو ھڪ ٻئي کي به سمجھي سگھندا آھن. سواءِ جيڪي ٿورا گھڻا تفاوت آھن. اھي تفاوت به ھو جلدئي سکي ويندا آھن... اھي فرق ئي آھن، جن جي ڪري ڪنهن به ٻوليءَ کي الڳ الڳ اپڀاشائن ۾ ورھايو ٿو وڃي، جيڪڏھن اھي فرق نه ھجن ته سڀ سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ ھڪجھڙي ۽ ھڪڙي ٻولي ڳالھائين ته پوءِ جيڪر اپڀاشائن جو سوال ئي نٿو اٿي؟“(٤) سنڌي ٻوليءَ ۾ ’در‘ ۽ ’تر‘ جي گڏيل آوازن جي باري ۾ پرسي گدواڻيءَ پنهنجي مشاھدي جو بيان ھن طرح ڪيو آھي:

”اڄ جا سوڍا، جت، واڍا، سما ۽ سومرا وغيره انيڪ جاتين جا سنڌي ڳالھائيندڙ ’در‘ ۽ ’تر، جي گڏيل اچار کي الڳ ڪري اچاريندا آھن. مثال ڪڇ ۾ ھڪ ڊيم آھي ردر ماتا ان کي ھو روڏر ماتا چون ۽ شھر جو نالو نکترڻا، ان کي نکٽاڻو چون. ٻنهي مثالن ۾ ڏسبو ته جتي به د ۽ ر جو ۽ ت ۽ ر جو اچار آيو آھي، ان کي ھٽائي ڇڏيائون. اھو بلڪل ائين آھي، جيئن اسان جي وڏن سنسڪرت ڪرڻ کي ڪن ڪيو ۽ چندر کي چنڊ ڪيو. مطلب ته اھڙا انيڪ لفظ ٻڌڻ ۾ ٻيا اچن، جيڪي سوڍڪي ڳالھائيندڙن پنهنجي آوازي سرشتي ۾ ڦھڪائي ان اڌاري ورتل لفظ کي بلڪل پنهنجو بڻائي ڇڏيو ۽ پنهنجي ٻوليءَ جو ھڪ اڻونڊڻو حصو ڪري ڇڏيو آھي. بلڪل ائين جيئن اسان جي معياري سنڌي ٻوليءَ ھزارين لفظ سنسڪرت، عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جا ھضم ڪري ڇڏيا آھن.“ (٥)

شاهه جي ڪلام ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قديم لفظن جي باري ۾ پرسو گدواڻي چوي ٿو:

”شاهه لطيف جا بيان ڪيل لفظ اڄ به زنده آھن. ڪڇ جو دورو سچ پچ سنڌي ٻوليءَ جي زيارت ثابت ٿيو. اڄ جڏھن شاهه لطيف جو اڀياس ڪيون ٿا ته اسان کي ڪيترائي لفظ ملن ٿا، جيڪي اسان روزاني زندگيءَ ۾ ڪتب ڪونه ٿا آڻيون، پر شاهه جي رسالي جا ڪيترائي (٦) لفظ اڄ به ٻني جون ڪيتريون جاتيون روزاني زندگيءَ ۾ ڪتب آڻين ٿيون. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر پرسو گدواڻي پنهنجي ھڪ مضمون ۾ لکي ٿو:

”منهنجي ويچار موجب سنڌي ٻولي اھا آھي، جنهن ۾ يگن کان نانين ۽ ڏاڏين پنهنجن ڏوھٽن، پوٽن ۽ پوٽين کي آسيسون ڏنيون ۽ رات جو سمھڻ کان اڳ ۾ پرين ۽ ديون جون آکاڻيون ٻڌايون. سنڌي ٻولي اھا آھي، جنهن ۾ ايامن کان مائرن پنهنجن پٽڙن ۽ ڌيئرن کي ۽ ڀينرن پنهنجن ڀائرن کي جنڊيءَ جي سھڻن ھندورن ۾ لوليون ڏئي سمھاريو. سنڌي ٻولي اھا آھي، جنهن ۾ سھاڳڻين دريا شاهه تي ور جي واپسيءَ کان، مائرن ۽ ڀينرن ڀنڀرڪي جو اٿي جنڊ تي اٽو پيھندي، پنهنجن مڌر گيتن سان سنڌ جي فضا کي وڌيڪ موھيندڙ بڻايو. سنڌي ٻولي اھا آھي، جنهن ۾ مڻين، جڻين ۽ وھانو تي ٿالهه جي لئھ ۽ تان تي ھنبوڇون ھڻي، سنڌي ڀينرن ۽ مائرن پنهنجين جيڏين سرتيون ساڻ نوان سر ۽ نوان لاڏا رچيا. سنڌي ٻولي اھا آھي، جنهن ۾ شڪارپور جي سيٺن سنڌ جي ھن ننڍڙي شھر ۾ دنيا جي بئنڪنگ طريقي جو بنياد وڌو ۽ ان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ھنڊيون ھزارن ميلن جي مفاصلي تي مٽيون. سنڌي ٻولي اھا آھي، جنهن ۾ يگن کان ھارين جھارڀ ھڪليندي سنڌ جي خوشبودار ھوا ۾ لرزش پيدا ڪئي. سنڌي ٻولي اھا آھي، جنهن ۾ نار جي گاڏيءَ تي ويھي لوڪ گيتن جون لڙيون اچاريون. سنڌي ٻولي اھا آھي، جنهن ۾ گھاڻي جي کاڌيءَ تي ويھي چاڪيءَ مڌر گيت جھونگاريا. سنڌي ٻولي اھا آھي، جنهن ۾ وڏن پاون جي کٽن تي ويھي طولن کي ٽيڪ ڏئي، وڏين مڇين ۾ شاندار پڳن وارن سيٺين نڙ جا بڙڪا ڪڍندي دنيا جي لاھن چاڙھن تي ويچارن جي ڏي وٺ ڪئي. سنڌي ٻولي اھا آھي، جنهن ۾ غريب ھارين واھڻن ۾ اونهاري جي ٻوساٽيل فضا ۾ ڇنل کٽولن تي ويھي يا وري سياري جي پاري واري ڪنبائيندڙ ٿڌين ۾ باهه جي بنڊن جي چوڌاي ويھي ڪچھرين ۾ ڳجھارتن جا بند ڀڳا. اھي ڊائلاگ ۽ ناٽڪي انداز ۽ اھي آواز ججا لاهه ۽ چاڙهه سچ پچ سنڌيءَ جي وڪاس جا سرچشما ھئا.“(٧)

سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جي باري ۾ پرسي گدواڻيءَ جو خيال آھي ته: ”سنڌي ٻوليءَ جا مصريءَ مثل ٻول سنڌ ۾ ڪڏھن کان گونجڻ شروع ٿيا ۽ ڪيئن گونججڻ شروع ٿيا. اھو چوڻ ڏکيو آھي، پر حقيقت اھا آھي ته اھي گونجيا سنڌ جي ان پوتر ڀوميءَ ۾ ۽ سنڌونديءَ جي پوتر ڪناري تي، جنهن جي ھنج ۾ دنيا جي جھوني ۾ جھوني پر مھان ۽ ترقي ڪيل سڀيتا وسيل ھئي. ان سنڌوءَ جو پوتر جل پي ئي رشين منين ويدن جي رچنا ڪئي ۽ دنيا جي مھان ۽ جھوني ۾ جھوني Linguist پاڻنيءَ مھان گرنٽ مھاڀاشيھ جي رچنا ڪئي. جنهن ڪري اڄ به سوين نه پر ھزارين ودوان ھن جي اڳيان سيس نوائين ٿا. سنڌو سڀيتا جي سھڻي ۽ وڻندڙ لپي اڄ به دنيا جي سندر لپين ۾ اوچي آسڻ تي براجمان آھي. ان ڪري اھو سمجھڻ ضروري آھي ته سنڌي ٻولي به دنيا جي مھان ٻولين مان آھي.(٨)

ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل جي باري ۾ پرسي ھڪ واقعي جو بيان ڪيو آھي.

”رات جڏھن حاجي جھلڻ صاحب جي اوتاري تي ڪچھري پئي ھلي، تڏھن حاجي جھلڻ صاحب جو پنجن سالن جو پٽڙو ان وقت سندس ھنج ۾ ويٺو ھو، جڏھن ڪچھري پوري ٿيڻ تي ھئي، تڏھن مون حاجي صاحب کان پڇيو ته ”حاجي صاحب جيستائين وڏي پيڙھي آھي، تيستائين ته ٺيڪ آھي. پر ھنن ڪچھرين جو آئيندو اوھين ڪيئن ٿا ڀانيو روشن آھن؟ حاجي صاحب منهنجي جواب ڏيڻ بدران ھنج ۾ ويٺل پنهنجي پٽ کي ھڪل ڪندي چيو ته ٻچا ديوان کي ڪافي سڻاءِ بس ھڪل ڪرڻ جي دير ھئي ۽ ھن ننڍڙي جت جنهن ھن مھل تائين بلڪل صبر سان سڀ ڪجهه ويٺي ٻڌو، ان ڪافي جھونگارڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي ٻاتي ٻوليءَ ۾ ڳچ ڪافي جھونگاري ويو. جيئن ئي ڪافي پوري ٿي، تيئن حاجي صاحب چيو ته، ”ديوان سنڌيءَ کي اسين ساهه سان سانڍينداسين. سنڌيءَ جا اھي وارث ويٺا آھن. مون کي پڪ ٿي ته ڀارت جي ڀونءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻنيءَ جي ھن علائقي ۾ ۽ ھن پوتر ڀونءِ تي جتان چون ٿا ته ڪڏھن سنڌونديءَ جو پوتر جل وھندو ھو ۽ ھن ئي علائقي مان چون ٿا ته شاهه صاحب پڻ لنگھيو ھو، ان ڀونءَ ۾ سنڌي ضرور زندهه رھندي.“(٩)

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي ھند جي ڪيترين ئي ادبي ۽ علمي سنٿائن جو ميمبر ۽ عھديدار پڻ رھيو آھي، جن ۾ خاص طور لنگئسٽڪ سوسائٽي آف انڊيا جو ٥ سال کن جوائنٽ سيڪريٽري طور عھدو ماڻيو اٿس ۽ ليڪسيڪو گرافيڪل سوسائٽي آف انڊيا (لغت سازيءَ واري سوسائٽيءَ) جو ٽن سالن لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪيترن سالن لاءِ ميمبر پڻ رھيو آھي.

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ اھڙو محقق آھي. جنهن لسانيات، لغت سازي، انٿراپالاجي ۽ ٻين جديد علمن وسيلي پنهنجون انيڪ ڪاوشون پنهنجن پڙھندڙن کي پيش ڪيون آھن، جنهن لاءِ ھو ھر طرح جس لھڻي.

 

حوالا:

١- پرسو گدواڻي، سنڌي ٻوليءَ جي زيارت، گانڌي نگر، ١٩٨٩ع

٢- پرسو گدواڻي، سنڌيءَ جا ٽيهه سال، ١٩٤٧ع، صفحو ٢٤

٣- سترام داس سائل، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ پرسو گدواڻي، سنڌي وياڪرڻ، گانڌي نگر، ١٩٨٥ع، صفحو١

٤- پرسو گدواڻي، سنڌي ٻوليءَ جي زيارت، صفحو ١٢ ۽ ١٣

٥- پرسو گدواڻي، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٦ ۽ ٧

٦- پرسو گدواڻي، حوالو، ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٥

٧- پرسو گدواڻي، مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جو وڪاس“ ڪتاب ”شبد ۽ سنسڪرتي“، مرتب ھريش وسواڻي، بمبئي ١٩٧٢ع، صفحو ١٤٣ ۽ ١٤٤

٨- پرسو گدواڻي، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو ١٤٤- ١٤٥

٩- پرسو گدواڻي، ”سنڌي ٻوليءَ جي زيارت“، صفحو ٥٨

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org