سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 23

 

معمور يوسفاڻي

 

محترم معمور يوسفاڻي صاحب سنڌي ادب جو ھڪ نهايت ئي اعليٰ پائي جو شاعر، اديب، محقق، استاد ۽ ھڪ بهترين سگھڙ به ھو. سنڌي گرامر سان گھري دلچسپي ھئس. گرامر پڙھايائين به ۽ گرامر جي باري ۾ ڪافي مضمون به لکيائين. خاص طور شاهه لطيف جي ٻوليءَ جي باري ۾ سندس مضمون ھڪ وڏي اھميت جا حامل آھن. جن ۾ معمور صاحب شاهه جي مختلف سرن جي ٻوليءَ جي صرفي ۽ نحوي ترڪيبن تي تحقيقي انداز سان روشني وڌي آھي. ستر کان اسي واري ڏھاڪي ۾ ھر سال شاهه صاحب جي عرس جي موقعي تي ٿيندر ڪانفرنس ۾ مذڪوره مقالا پڙھيائين. سمورن مضمونن کي ڊاڪٽر نبي بخش پاران ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو آھي. سر کنڀات (١٩٧٥ع)، سر سسئي آبري (١٩٧٦ع) تي لکيل مضمون منهنجي نظر مان گذريا آھن.ا ھي مضمون تمام وڏي جفاڪشي ۽ محنت سان لکيل آھن. معمور يوسفاڻي صاحب جو شاهه سان عشق انهن مضمونن مان پڌرو آھي. شاهه جي ٻوليءَ تي سندس ڪيل ڪم يادگار جي حيثيت رکي ٿو.

معمور يوسفاڻي صاحب ٢٥ جنوري ١٩٢٩ع تي ڳوٺ پير محمد پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس اصلي نالو محمد عمر پلي آھي، سندس والد جو نالو حاجي محمد يوسف پلي آھي. سندس وڏا پنهنجو ڳوٺ حاجي نبي بخش پلي ٻڌي ويٺا، جتي يوسفاڻي صاحب جو آخرين آرامگاهه به آھي. پاڻ اتي ھڪڙو ننڍڙو شھر تعمير ڪرايائين، جنهن کي ’لطيف نگر‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سندس ابتدائي تعليم مدرسي ۾ عربي ۽ فارسيءَ سان ٿي. تنهن بعد ڪجهه عرصو ٻني ٻاري جي ڪرت ڪيائين، مگر علم جي پياس کيس ٻين تعليمي ادارن ڏانهن کڻي وئي ۽ ١٩٥٢ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. ١٩٦٣ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. بعد ۾ اديب فاضل سنڌي اديب فاضل اردو منشي فاضل فارسي ۽ ايم اي سنڌي (گولڊ ميڊلسٽ) جا امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ملازمت اختيار ڪيائين. ھاءِ اسڪول ٽيچر طور رٽائر ڪيائين. وچ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور به سال کن ڪم ڪيائين.

معمور يوسفاڻي سنڌي ادب ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. افسانا، ڊراما، مقالا، تنقيد نگاريءَ کان علاوه لوڪ ادب ۾ پڻ خوب لکيو. کيس آرڪيالاجيءَ سان پڻ گھري دلچسپي ھئي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور ھن ريت آھي:

ڇپيل ڪتاب:

١- آڏي ڍال م ڍار، ٢- پکن منجهه پساه، ٣- ستا اٿي جاڳ، ٤- ڏاھر، ٥- سومرن جو سردار، ٦- جديد مشاعرو

اڻ ڇپيل ڪتاب:

١- پنهوارن پچار، ٢- گل ۽ ڪنڊا، ٣- آزاديءَ جا انگور، ٤- وڏيرا ويا، ٥- دنيا دم گذر، ٦- ست سورھيھ ڏهه ڏاتار، ٧- تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جو حصو، ٨- مھراڻ جا مورو مکيءَ جا مٿير، ٩- ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، ١٠- ديوان معمور، ١١- ڪچڪول، ١٢- مجرا، ١٣- لطيف جا ٿر ٿان ڀيرا، ١٤- پلي قوم جي تاريخ، ١٥- ٿرپارڪر جي تاريخ، ١٦- ھي ڀونگا ھي ڀيڻيون، ١٧- ڀيڄ ماٽي، ١٨- وڏيرو ۽ ھاري، ١٩- ڪنگ ويچارو ڪير، ٢٠- ميون قاسم ڪالرو، ٢١- ٽاري ٽاري ڇانگ.

سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۽ کيس صدر پاڪستان پاران صدارتي ايوارڊ ۽ ھڪ لک روپيا انعام مليو. ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ کيس مليا. جھڙوڪ: لطيف ايوارڊ، رھبر ادبي ايوارڊ، محمد بن قاسم ايوارڊ، سندس علمي ۽ ادبي رھبرن ۾ سيد گل حسن شاهه مجذوب عمرڪوٽي، سيد سردار علي شاهه ذاڪر ۽ ڊاڪٽر محمد ابراھيم خليل شامل آھن. ھنن ٽنهي عالمن جي فڪر جي گھري ڇاپ معمور يوسفاڻي صاحب جي تحريرن تي نمايان طور تي موجود آھي. سنڌ جو ھيءَ نامور اديب شاعر ۽ سگھڙ ٢٤ ڊسمبر ١٩٩٣ع تي ھيءُ فاني جھان ڇڏي راھي عدم ٿيو. سندس آخري آرامگاهه پنهنجي ئي اڏايل شھر ’لطيف نگر‘ لڳ آھي.

معمور يوسفاڻيءَ جا خيال سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ نهايت پڪا پختا ۽ پڙھڻ وٽان آھن. ھن جا مقالا جيڪي شاهه جي ٻوليءَ جي صرفي ۽ نحوي ترڪيبن ۽ فعل جي صيفن جي باري ۾ تحقيق تي مشتمل آھن، سندس قابليت تي شاھد آھن، يوسفاڻي لکي ٿو:

”ٻوليءَ کي پرکڻ لاءِ گرامر جي ڄاڻ ضروري آھي، پر جنهن ٻوليءَ جو گرامر به اڃان اڻ ڦوليو، اڻ ڳوليو ۽ اسارو پيو آھي، تنهن جو ڄاڻڻ ۽ نه ڄاڻڻ ٻئي برابر آھن. ضرورت آھي ته انهيءَ ڏس ۾ ڪجهه ڪجي، پر ڪير ڪري؟ ڇوته چوڻ سولو آھي ۽ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.“(١)

شاهه جي ٻوليءَ جي باري ۾ يوسفاڻي لکيو آھي ته:

”(شاهه جي ٻوليءَ ۾) راڻو ريلڻ، ٿر ٿيلڻ ڀوڀيلڻ، پنڌ پارڻ لڪ لانچڻ، سڱ ساھڻ، ڏونگر ڏورڻ وغيره جا سھڻا ۽ سلوڻا محاورا ڏسي، چوڻو ٿو پوي ته، اھي ڄڻ سنڌوءَ جون لھرون آھن، جيڪي موتي کنيو پيون آڇين ۽ انهن سان ٻٽا لاڳاپيدار اسم جھڙوڪ: ڪٽارو ۽ ڪوس، پھڻ ۽ پيچرو، ججھڻ ۽ جھوري، ڏک ۽ ڏوراپو، ٽليون ۽ ٽونر، سڱ ۽ سياڪو، جيءُ ۽ جسو وغيره ڄڻڪ ھنجن جون جوڙيون آھن، جيڪي ڪنول جي گلن سان گڏ صاف ۽ سٿري تلاءُ ۾ پيون ترن.“(٢)

سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ سندس ويچار ھن ريت آھن:

”اسين جڏھن به پنهنجي مٺڙي زبان جو گھڻو غور سان اڀياس ٿا ڪريون ته اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جيڪا وسعت ۽ ڪشادگي اسان جي زبان ۾ آھي، اھا دنيا جي ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نه آھي. ھڪڙي لفظ جون گھڻيون معنائون ۽ ھڪڙي معنيٰ لاءِ گھڻا لفظ، ڌارين لفظن کي پنهنجو ڪرڻ ۽ پنهنجن لفظن ۾ واڌارا ۽ گھٽايون ڪري لفظن جو ذخيرو وڌائڻ سنڌي زبان جون عام خاصيتون آھن.“(٣)

شاهه جي ٻوليءَ تي معمور يوسفاڻي گھڻي غور ۽ فڪر بعد ھڪ راءِ قائم ڪئي آھي، سا ھن طرح آھي:

”شاهه جي سر سھڻيءَ ۾ لساني لحاظ کان جيڪي سٺايون سھڻايون ۽ ڪاريگريون آھن يا ان ۾ جيڪي نيون ۽ نراليون ڳالھيون ملن ٿيون، اھي سڀئي سنڌي ادب جي ساک ۽ سونهن لاءِ وڏو ثبوت آھن. اھڙيءَ طرح لفظي ۽ حرفي ڳانڍاپن ورجائن، واڌارن ۽ گھڙن، مٽاسٽا، ڪاٽ ڪوٽ ۽ آوازي اسمن وغيره جي ذريعي جيڪي شڪليون مليون آھن، اھي سنڌي زبان جي گرامر لاءِ ھڪ بنيادي پٿر جي حيثيت رکن ٿيون.“(٤)

معمور يوسفاڻيءَ جي تحرير ۾ اھڙي ته رواني آھي جو پڙھندڙ ازخود داد ڏيڻ کان سواءِ رھي نه ٿو سگھي. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ لکيو اٿس:

”اسان جي پياري مٺڙي سنڌي زبان جيڪا پنهنجي پاڙيسري ٻولين کان گھڻو آڳاٽي آھي، سا سٺاين سھڻاين، توڙي بيھڪ ۾ به سڀني کان نرالي ۽ اتاھين آھي، منجھس، جيڪو ميٺاج سلوڻائي، رنگيني، رس چس، سادگي، اتاھين ۽ نواڻ آھي، سا سڀ کان پھرين اسان کي شاعرن جي شھنشاهه ۽ سنڌ جي شاهه حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيتن مان ملي ٿي، سندس ڪلام رڳو فڪري ۽ معنوي منزل کان مٿاھون ۽ ممتاز آھي، پر بيھڪ جي لحاظ کان به منجھس جيڪي ڪاريگريون جوڙون، جڙاوتون، ڀيٽون، سڃون، چٽساليون، ڀڃ گھڙون، گھاڙيٽا، واڌارا ۽ گھٽايون وغيره آھن، سي سڀ لاجواب ۽ پنهنجو مٽ پاڻ آھن.“(٥)

معمور يوسفاڻي سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ بهترين اديب ۽ شاعر ھو، جنهن شاهه جي ٻوليءَ تي ھڪ اھڙو جامع ڪم ڪيو آھي، جنهن مان آئينده جا عالم ۽ اسڪالر گھڻوئي لاڀ حاصل ڪندا.

 

حوالا:

١- معمور يوسفاڻي، (مضمون)، ’سر سسئي آبريءَ جون صرفي ۽ نحوي ترڪيبون‘، ڪتاب سر سسئي آبريءَ جو مطالعو‘ مرتب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ١٩٧٦ع، صفحو ٥٩

٢- معمور يوسفاڻي، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو ٦١-٦٢

٣- معمور يوسفاڻي، مضمون ’سر سريراڳ جون صرفي ۽ نحوي ترڪبيون‘ ڪتاب ’سر سريراڳ جو مطالعو‘، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ١٩٧٣ع، صفحو ٥٤

٤- معمور يوسفاڻي، مضمون ’سر سھڻيءَ جون صرفي ۽ نحوي ترڪيبون‘ ڪتاب ’سر سھڻيءَ جو مطالعو‘، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ١٩٧٥ع، صفحو ٩٤

٥- معمور يوسفاڻي، مضمون ’سر سامونڊي جون صرفي ۽ نحوي ترڪيبون‘ ڪتاب ’سر سامونڊيءَ جو مطالعو‘، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ١٩٧٤ع، صفحو ٤٦- ٤٧

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org