سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو :4

 

جھمٽمل نارومل وسڻاڻي

 

جھمٽمل نارومل وسڻاڻي سنڌ جو اھو عالم آھي، جنهن سڀ کان پھريائين سنڌي ٻوليءَ جو گرامر سنڌيءَ ۾ لکيو، جنهن جو نالو رکيائين ’نئون سنڌي وياڪرڻ‘، جيڪو ١٨٩٢ع ۾ ڇپيو. ھن نه صرف سنڌي گرامر جو ھيءَ ڪتاب لکيو، پر ان کان اڳ ١٨٨٦ع ۾ ’وئتپتي ڪوش‘ نالي سان ھڪڙي لغت به ڇپرائي، جنهن ۾ ھن سنڌي لفظن جا بنياد ڏسيا آھن، جيڪي سنسڪرت مان نڪتل آھن. ھيءُ ڪتاب سنڌ ۾ آزاديءَ کان پوءِ ٻه دفعا ڇپيو آھي.

جھمٽمل وسڻاڻي ھڪ وڏو سنڌي ودوان ٿي گذريو آھي. ھو سنسڪرت توڙي پارسيءَ جو چڱو ڄاڻو ھو. پھريائين سرڪاري ھاءِ اسڪول شڪارپور ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ماستر ھو.

نوڪريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سرڪاري بوڪ ڊيپو جو ڪوريٽر (Chapter) ٿيو، جنهن عھدي تان ١٩٠٢ع ۾ پينشن تي ويو.

ھن صاحب پنج عالماڻا ۽ ڪارائتا ڪتاب لکيا، سندس سڀ کان اھم ڪتاب آھي، سنڌي وياڪرڻ، جو سرڪار ١٨٩٢ع ۾ ڇپائي، حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن ۽ ھاءِ اسڪول جي مٿين درجن لاءِ منظور ڪيو ھو. ھن ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ ھن صاحب سنسڪرت وياڪرڻ جي اڀياس مان حاصل ڪيل گيان ۽ ٽرمپ جي گرامر جون خوبيون گرھڻ ڪيون آھن. ان جي ھڪڙي خاص خوبي اھا آھي جو وياڪرڻي شبندن جا عربي نالن سان گڏوگڏ سنسڪرت نالا به ڏنا اٿس، ھن جو چوڻ آھي ته سنڌي ٻولي جنهن جو مول سنسڪرت آھي، تنهن وياڪرڻي حرفن لاءِ عربي نالا ڪم آڻڻ آھي. گويا ’ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري‘ افسوس جو ھن ڪتاب جو ھڪڙو ئي ڇاپو نڪتو. اڄ به جيڪڏھن اھو پستڪ ڇپايو وڃي ته جيڪر سنڌي وياڪرڻن ۾ صدر جاءِ حاصل ڪري.

جھمٽمل جو ٻيو ملھائتو ڪتاب ھو  ’وئتپتي ڪوش‘. يعني ته اشتقاقي لغت Etynological Dictionary سنڌيءَ ۾ جيڪي لفظ سنسڪرت مان نڪتل آھن، تن جا منجھس بنياد ڏنل آھن. ھيءُ ڪتاب پھريون ڀيرو ليٿو ۾ ڇپيو ۽ منجھس سنسڪرت جو تلفظ گرمکيءَ ۾ به پيش ڪيل ھو. (١)

ھيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ١٩٩٤ع ۾ ٻيهر ڇاپيو ته ناشر پاران لکيو ويو: جيڪي مفيد ۽ معياري ڪتاب ٻيهر ڇپائيءَ ھيٺ نه اچي سگھيا آھن، يا جن جي ڪتابي صورت ۾ اشاعت جو ڪو ترت ذريعو نظر نٿو اچي، تن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح زندهه رکيو وڃي ته جيئن اسان جا اديب ۽ طلباءُ اھڙن ڪتابن کي ھن دور جي ادبي ۽ فني ترقيءَ جي روشنيءَ ۾ پڙھن. پنهنجي ٻوليءَ جي ارتقا کي ڏسن ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪن. انهيءَ مقصد سان ھيءُ ڪتاب شايع ڪيو پيو وڃي.

فاضل مصنف جھمٽمل وسڻاڻيءَ سنڌي ٻوليءَ جي ترڪيب ۽ تشڪيل متعلق ھڪ اھم علمي باب کي بحث ھيٺ آندو آھي. سنڌي زبان جي تاريخ ۽ ھندستاني لسانيات جي ڄاڻن جو اھو متفقھ فيصلو آھي ته سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو ذخيرو ۽ صرف- نحو جا مصطلحات سنسڪرت سان گھڻي ڀاڱي تعلق رکن ٿا. ھن علمي بحث جي پڙھڻ ۽ پرجھڻ سان نه فقط ٻوليءَ جي اصل ماخذات جي خبر پوي ٿي، پر ان سان گڏ انهن جي صوتي اثرات، صرفي ۽ نحوي بدل سدل اعرابن جي مٽ سٽ ۽ اچارن ۽ ورجيسن جي صحيح استعمال ۽ غلط استعمال جي خبر پئجي سگھي ٿي. سنسڪرت جي مول شبدن مان ڪھڙا صوتي ۽ صرفي- نحوي اثرن ھيٺ لفظ نڪتا آھن، انهن جا حرف ۽ صوتي انداز ڪيئن بدليا آھن ۽ ھينئر سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن جا صحيح اچار ڪھڙا آھن، اھي سڀ علمي ۽ گرامر سان تعلق رکندڙ مسئلا ’مشتقات‘ جي فن مان حل ٿي سگھن ٿا. ھن ڪتاب کي تيار ڪرڻ ۾ فاضل مصنف کي پنج سال ساندهه سنسڪرت گرامرن ۽ ڪوشن جي ورق گرداني ڪرڻي پئي آھي. ان مان صاف ظاھر آھي ته ڪيتري نه اخلاص ۽ محنت سان علمي ڪم کي تڪميل تي پھچايو ويو آھي.(٢)

جھمٽمل پاڻ به لکيو آھي ته، ’جڏھن خبر پئي ته فلاڻو لفظ فلاڻيءَ ٻوليءَ ۽ فلاڻي مول مان نڪتو آھي تڏھن سڌ لکڻ ۽ سڌ پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ جي واٽ اچي ويندي ۽ سڌارٿ جي به خبر پوندي. ڪيترن لفظن جو غلط لکڻ ۽ غلط اچار مون گھڻا ڀيرا ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، اھڙيءَ حالت ۾ اھڙي ڪتاب جي اڻھوند ۾ ھن ڪتاب جي تيار ڪرڻ جو آءُ ٻيو ڪھڙو سبب ڏيان؟ ان جو احتياج ئي ڪافي آھي. (٣)

وئتپتي ڪوش ۾ لفظن جا مول ڌاتو ۽ معنيٰ ڏيکارڻ لاءِ داخلائون ھن ريت ڪيل آھن:

انڪ (ڳڻڻ- نشاني ڪرڻ)، انگڻ، انگ، انگارڻ، انگڙو

اٽ (اوچو ڪرڻ)= اڏڻ= اڏائڻ.

اڏاوٽ- اڏت، اڏپ- ھٽڙي.

’وئتپتي ڪوش‘ تي سنڌ جي نامور ماھر لسانيات ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي راءِ جو اظھار ھن طرح ڪيو آھي:

”سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي پوريءَ ريت پروڙڻ لاءِ جيڪي ڪتاب شايع ٿيا آھن، تن مان ’وئتپتي ڪوش‘ به ھڪ تحقيقي ڪتاب آھي. جيتوڻيڪ ساڳئي موضوع تي ١٨٦٦ع ۾ پادري شرٽ جو ننڍڙو ڪتاب ’اکر ڌاتو‘ (٤٤ صفحن جو) به شايع ٿيل آھي. پر وئتپتي ڪوش جو ادبي ۽ تحقيقي رتبو مٿي آھي. فاضل مصنف جھمٽمل نارومل وسناڻي نائب ماستر شڪارپور ھاءِ اسڪول، سنسڪرت جو ڄاڻو ھو. جنهن ڪري سنسڪرت جي ڌاتن (Rootao) ۽ لفظن جو اونهو اڀياس ڪري منجھائن نڪتل سنڌي لفظ نهايت چٽائيءَ سان پنهنجي تصنيف ۾ ڏيکاريا آھن. اھڙا ڪتاب ايندا رھن ھا ته سنڌي لفظن جي بُڻ بنياد کي سمجھڻ ۾ سولائي ٿئي ھا! ’وئتپتي ڪوش‘ جھڙو ڪارائتو ڪتاب شايد ئي وري شايع ٿئي، ڇاڪاڻ ته ان تر ۾ تحقيق ڪرڻ وارا گھڻي ڀاڱي اٿي ويا آھن....، وئتپتي ڪوش گويا سنڌي لفظن جي مستند لغت آھي، جنهن ۾ ھي ٽي ڳالھيون نظر اچن ٿيون:

١- لفظن جا ماخذ

٢- درست لفظ

٣- لغت لکڻ جو اھڃاڻ.“ (٥)

وسڻاڻيءَ جو ٽيون ڪتاب ھو ’ھتو اپيش‘ جيڪو سنسڪرت مان ترجمو ڪيل اخلاقي اکاڻين جو پستڪ ھو. ھي ڪتاب آڳاٽي سنسڪرت پستڪ ’پنج تنتر‘ جي نموني جو ھو، جنهن جو سراسر ترجمو پروفيسر نارائڻداس بنيجا بمبئيءَ مان ڇپايو آھي.

ماستر جھمٽمل جي سنڌي ڀاشا جي باري ۾ ڪيل خدمتن جو سنڌي جنتا ڪجهه قدر ڪونه ڪيو ۽ ھن جي قابليت ۽ محنتن کي وساري ڇڏيو.(٦)

جھمٽمل جو چوٿون ڪتاب آھي ’شاهه جا بيت‘ جو ١٨٩٥ع ۾ ڇپيو. ھيءُ ڪتاب مئٽرڪ تي رکيل ھو. ٦٧ صفحن جو متن اٿس ۽ ٦٩ صفحي کان ١٩١ تائين لفظن جي معنيٰ ۽ تشريح ڏنل اٿس.

جھمٽمل جو پنجون ڪتاب ھڪ درسي ڪتاب آھي، جنهن جو نالو آھي ’ديسي حسابن جو ڪتاب‘. ھن ڪتاب کي تعليم کاتي پاران ڪراچيءَ مان ١٨٩٠ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جا صفحا ١٧٤ ھئا.

پروفيسر علي نواز جتوئي وسڻاڻيءَ جي ڪتابن تي تبصرو ڪندي لکيو آھي: جھمٽمل وساڻي ١٨٩٢ع ۾ نئون وياڪرڻ لکيو. ھن وياڪرڻ لکندي سري وسڻاڻي اٽڪل ويهارو کن ڪتابن مان مدد ورتي، مگر گھڻي مدد وري به ٽرمپ جي گرامر تان ورتي اٿس. سندس ڪتاب جي خوبي ھيءَ آھي ته سنڌيءَ ۾ لکيل ھي ھڪ گرامر آھي، جنهن ۾ سنسڪرت گرامر جا مخصوص اصطلاح عربي گرامر جي اصطلاحن سان گڏ ڪم آندا ويا آھن. جا ڳالهه سنڌي ٻوليءَ تي کوجنا ڪندڙن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندي. ھن ڪتاب لکڻ سان شري وسڻاڻيءَ جو اصل مقصد ھيءُ ھو ته جيئن جيئن سنڌيءَ جا ڄاڻو سنسڪرتي اصطلاحن سان وقف ٿيندا ويندا، تيئن تيئن عربي اصطلاح مري سنڌيءَ ٻوليءَ مان نڪري ويندا. (٧)

اھا سندس خوشفھمي ھئي، کيس اھا ڄاڻ نه ھئي ته ٻولين جا لفظ ڇو مرندا آھن ۽ ڪيئن ڄمندا آھن. سنسڪرت وياڪرڻ جي ڪن اصولن کي سنڌي گرامر سان لڳائيندي شري وسڻاڻيءَ ڪي غلطيون به ڪيون آھن. مثلا، پر  ڪرڻ پنجين ۾ سنڌي (Sindhi)  اصولن موجب جيڪي لکيو اٿس (ص ٢٤ کان ٢٩ تائين) سو جديد لسانيات جي اصولن موجب سراسر غلط آھي. انهيءَ سڄي باب کي مسٽر الانا ٿوري تبديليءَ سان پنهنجي مقالي ’سنڌي‘ (سھ ماھي مھراڻ ٣-٤/ ١٩٦٦ع) ۾ درج ڪيو آھي. مسٽر الانا کي کپندو ھو ته جديد لسانيات جي اصولن موجب انهيءَ مقالي کي نباھي ھا ته شري وسڻاڻيءَ جي ڪيل غلطين کان بچي وڃي ھا. شري وسڻاڻيءَ جو اصل مقصد ھيءُ ھو ته سنسڪرت وياڪرڻ جا سنڌي اصول سنڌي وياڪرڻ سان به لڳن ٿا.

شري وسڻاڻي انهيءَ وياڪرڻ لکڻ کان اڳ وئتپتي ڪوش به لکيو ھو. جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪن لفظن جا ڌاتو سنسڪرتي ڌاتن سان لاڳاپو ڏيکاريو اٿس. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سنسڪرت جا ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ۾ موجود آھن، جن جو ڌاتو سنسڪرتي ٿي سگھي ٿو ۽ نه ٻيو، پر انهيءَ جو مطلب اھو نٿو نڪري ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آھي، جيئن شري وسڻاڻي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.(٨)

جھمٽمل نارومل وسڻاڻيءَ جو جوڙيل ”سنڌي ٻوليءَ جو نئون وياڪرڻ“ گھڻي تلاش بعد ھٿ آيو. ڪتاب ڏسي شري جھمٽمل جي علميت کان گھڻو متاثر ٿيس. شابس ھجيس گذريل صديءَ ۾ اھڙا عالم ھئا، جن کي ٻوليءَ جي علم جي ايڏي وڏي ڄاڻ ھئي! ھن ڪتاب ۾ ٣٣ پر ڪرڻ (باب) آھن ۽ تمام تفصيل سان سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پاڙ، تاريخ ۽ ھاڻوڪي حالت تي ڏاڍي سٺي معلومات ڏني اٿائين. ’منڍ‘ نالي مھاڳ ۾ جھمٽمل لکي ٿو:

سڀني آرين ٻولين ۾ سنڌي تمام پٺتي آھي. ھن جو سبب ڪو بري نه آھي. سندين پنهنجي زبان تي پورو ڌيان نه ڏنو آھي. ھندستاني، مراٺي، گجراتي ۽ بنگالي، اھي ٻوليون سڀ وڌي ويون آھن، پر سنڌي اوھڙي جو اوھڙي. جڏھن ٻوليءَ جو اھڙو حال آھي، تڏھن ان جي وياڪرڻ جو ڪھڙو حال ھوندو؟ ھيءُ صورت ڏسي ارمان ٿو لڳي ته پنهنجي ٻوليءَ کي وڌائڻ ۽ ان جي وياڪرڻ کي سڌارڻ لاءِ سنڌين پاڻ ڪوشش ڪانه ڪئي. سڀ مدد ٻاھران آئي. وياڪرڻ جي نسبت جيڪي ڪجهه ٿيو آھي، سو ڌارين ماڻھن ڪيو آھي.(٩)

سنڌي ٻوليءَ جي پاڙ لاءِ جھمٽمل لکي ٿو:

”سڄي جھان ۾ جيڪي به ٻوليون ھلن ٿيون سي سڀ ٽن وڏن ڪلن مان نڪتيون آھن. انهن کي مول ڀاشائون چوندا آھن ۽ اھي آھن: (١) توراني مول ڀاشا، (٢) شامي (سامي) مول ڀاشا، (٣) آريه مولو ڀاشا.

آريا مول ڀاشا جون مکيه ڀاشائون آھن: (١) سنسڪرت، (٢) زند، (٣) يوناني، (٤) سلواني، (٥) لئٽن، (٦) ٽوٽاني، (٧) ڪيلسٽڪ. سنسڪرت مکيه پاشا جون شاخون آھن: (١) پالي، (٢) مراٺي، (٣) گجراتي، (٤) سنڌي، (٥) پنجابي، (٦) مارواڙي، (٧) ھندي، (٨) بنگالي.“(١٠)

’وئتپتي ڪوش‘ ۽ ’نئون سنڌي وياڪرڻ‘ جھڙا ڪتاب لکي، شري جھمٽمل نارومل وسڻاڻي سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ماھرين لسانيات ۾ ھڪ نهايت ئي اھم مقام حاصل ڪيو. سندس ٻوليءَ تي ٿيل اوائلي کوجنا جو ڏس ڏين ٿا.

 

حوالا:

١- ڏيارام وسڻمل، مھاڳ سنڌي نثر جي تاريخ، منگھارام ملڪاڻي ١٩٧٧ع، صفحو ١٨٢.

٢- جويو، محمد ابراھيم (ناشر)، ٻه اکر وئتپتي ڪوش، جھمٽمل وسڻاڻي، ١٩٦٤ع، صفحو ٢٠.

٣- وسڻاڻي، جھمٽمل، وئتپتي ڪوش، ١٩٤٦ع، صفحو٣.

٤- وسڻاڻي، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٧.

٥- سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، مضمون ’سنڌي وئتپتي ڪوش‘ سھ ماھي مھراڻ، ٢/١٨٨٧ع، صفحو ٥٢- ٥٣.

٦- ڏيارام وسڻمل، حوالو ساڳيو، ڪتاب صفحو ١٩.

٧- وسڻاڻي، جھمٽمل، سنڌي وياڪرڻ، ١٨٩٢ع، صفحو ٢٢.

٨- جتوئي، علي نواز، ويرون ۽ وھڪرا، ١٩٩٣ع، صفحو ٥٩-٦٠.

٩- وسڻاڻي، جھمٽمل، نئون سنڌي وياڪرڻ، ١٨٩٢ع، صفحو

١٠- وسڻاڻي، حوالو ساڳيو، ڪتاب صفحو ٥.


 

 

مرزا قليچ بيگ

 

سنڌي ادب جي نشيلي نار جي نٿ ’مرزا قليچ بيگ‘ لاءِ ھي لفظ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيا آھن: (١) بزرگ ’شاعر سنڌي ٻوليءَ جو استاد ۽ سنڌي ادب جو بهترين خدمتگار‘ اھي رايا مرزا صاحب لاءِ منگھارام ملڪاڻي جا آھن. (٢) ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکيو آھي ته ائين چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ننديرام ۽ اڌارام جي سنڌي ھڪ خاص نموني جي ھئي، جنهن کي ڪوڙي مل ۽ مرزا صادق علي بيگ سڌاري متاخرين نثر نويسن لاءِ دڳ گھڙيو ۽ انهيءَ دڳ کي شاھراه بڻائڻ وارو آفتاب ادب مرزا قليچ بيگ ھو.(٣)

سنڌي ادب جي سدا چمڪندڙ ستاري مرزا قليچ بيگ جون سنڌي نثر جي ھر شعبي ۾ ڪيل خدمتون تمام نمايان ۽ يادگار آھن. ھن ڪافي ڪتاب پاڻ تصنيف ڪيا ۽ ڪيترائي ترجمو پڻ ڪيا. مرزا صاحب انگريزي، عربي، فارسي، اردو ۽ ڪيترين ٻين ٻولين مان بهترين چونڊ ڪري ڪتاب ترجمو ڪيا. مرزا صاحب کي سنڌي ٻوليءَ تي ته مڪمل دسترس ھئي، پر ٻين ٻولين ۾ به سندس لياقت قابل رشڪ ھئي. ديوان قليچ جي مقدمي ۾ مرزا اجمل بيگ لکي ٿو:

”مرزا صاحب بمبئيءَ ۾ پارسي قوم جي شاگردن مرھٽن ۽ گجراتين جي سنگت ۾ گجراتي، سنسڪرت ۽ مرھٽي زبانون به سکيون. ايتري قدر جو چڱيءَ طرح لکي پڙھي ويندو ھو، ۽ پڇاڙيءَ تائين انهن ٻولين جي لکڻ پڙھڻ جو استعمال باقاعدي ڪندو آيو. (٤) بمبئيءَ ۾ رھڻ دوران مرزا قليچ بيگ کي ھند جي مختلف ٻولين ڄاڻڻ جو بهترين موقعو ھٿ آيو. عربي ۽ فارسيءَ سان طبعي مناسبت ته مرزا صاحب کي اڳي ئي ورثي ۾ ملي ھئي. انهيءَ تي مرزا حيرت مرحوم جھڙي عالم جو ساٿ، گويا ھڪ اڃايل ۽ سمنڊ جي يڪجائيءَ وارو معاملو ھو. مرزا حيرت عربي، فارسي ۽ ترڪيءَ جو ھڪ جديد عالم ھو. مرزا حيرت کيس نه فقط شاگرد وانگي، پر پنهنجي اولاد وانگي سمجھندو ھو، پڙھندي ئي ھن کي اھا پروڙ پئجي وئي ته قليچ عربي ۽ فارسيءَ ۾ زياده ھوشيار آھي. لھذا وقت بوقت امتحانن ۾ ھو قليچ بيگ کي فارسيءَ جي پيپر ۾ سؤ مان سؤ مارڪون ڏيندو ھو. قليچ بيگ صاحب کي ترڪي سکڻ جو به شوق پروفيسر مرزا حيرت ئي ڏياريو. کيس ترڪي زبان ۾ اھڙو ڀڙ ڪري ڇڏيائين، جو ھو ترڪيءَ ۾ شعر جوڙي کيس ڏيکارڻ ۽ اصلاح وٺڻ لڳو.(٥)

لسانيات جي ڏس ۾ مرزا صاحب به چڱائي ڪتاب لکيا آھن، تن مان مکيه ھي آھن:

(١) لغات لطيفي ١٩١٣ع

(٢) سنڌي وياڪرڻ چار ڀاڱا ١٩١٦ع، ١٩٢٠ع، ١٩٢١ع

(٣) Philological Curiosition 1921

(٤) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ١٩٠٠ع

(٥) سنڌي لغات قديمي

(٦) پھاڪن جي حڪمت ١٩٢٥ع

(٧) پارسي زبان جي تاريخ

(٨) Persion etymology

مرزا اجمل بيگ لکي ٿو: ”قليچ پنهنجي دور جو ھڪ ماھر لسانيات ھو، ھن سمجھيو ٿي ته ڪنهن به زبان جي مستحڪم بنيادن تي محڪم رھڻ ۽ سياسي توڙي معاشرتي شڪست وريخت نشيب و فراز جي اثرات کان محفوظ رھڻ لاءِ ان جو شعر و ادب سان گڏ زندگيءَ جي تمام شعبن ۾ بروئي ڪار اچڻ ۽ علمي اظھار خيال جي سانچن ۽ پلٽجڻ نهايت ئي ضروري آھي. سندس مسيحا نفسي سنڌي شعر و ادب علم و فن ۾ نئين جان وڌي.“(٦)

مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي زماني ۾ سنڌ ۾ رائج ٻولين ۽ پنهنجي خاندان جي ٻولين جي باري ۾ لکي ٿو: ”اسان جا مائٽ جڏھن سنڌ ۾ آيا، تڏھن ترڪي ٻولي ڳالھائيندا ھئا ۽ پارسي به. پر پارسي ۽ عربي ھتي سنڌ ۾ زياده پڙھيا. ڪي آخوندن کان ڪي پاڻ پڙھڻ ۽ صحبت ڪرڻ کان سنڌ ۾ رھڻ ڪري ۽ شادين ڪرڻ سبب سنڌي به سکيا. اگرچھ پڇاڙيءَ تائين سنڌي  صرف نحو ۽ اصطلاحن جون چڪون ڪندا رھندا ھئا. جيئن ته بعضي مذڪر کي مؤنث ۽ مونث کي مذڪر ڪري ڳالھائيندا ھئا. ميرصاحب اصل سرائڪي ڳالھائيندا ھئا جو ھو ڪلھوڙن جا مريد ھئا ۽ ڪلھوڙا سرائي ھئا ۽ سرائيڪي ٻولي ڳالھائيندا ھئا. پوءِ ٿورو ٿورو ڪري سرائيڪي ڇڏي ڏنائون ۽ سنڌي ڳالھائڻ لڳا. خيرپور جي پاسي جا ميرصاحب اڃا به سرائيڪي ڳالھائيندا آھن. گھڻا ٻروچ يا بلوچ سنڌ ۾ پھرين بلوچڪي ڳالھائيندا ھئا جي پوءِ سرائيڪي ڳالھائڻ لڳا ۽ آخر سنڌي زبان ڪم آڻڻ لڳا. ميرصاحب ٽالپر بلوچ ھئا، تن جو به اھڙوئي حال ھو. ڪي ميرصاحب ته پوءِ پارسي پڙھي تمام ھوشيار ٿيا، بلڪھ حڪومت جي لکپڙهه پارسيءَ ۾ ھلندي ھئي، جنهن ڪري پارسي جي تعليم زياده ٿيڻ لڳي. گھڻا ايراني به سنڌ ۾ آيا، تن به آڻي پارسي وڌي.

سنڌي ٻوليءَ جي گرامر لکڻ وارن شروعاتي عالمن مان مرزا قليچ به ھڪ اھم عالم آھي، جنهن سنڌيءَ جو گرامر تفصيلي طور تي لکيو. سنڌيءَ جو گرامر مرزا صاحب ’سنڌي وياڪرڻ‘ جي عنوان سان لکيو آھي، جيڪو چئن ڀاڱن تي مشتمل آھي. پھريون ڀاڱو سنڌي چوٿين درجي لاءِ لکيو اٿائين. ٻئي ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ سنڌي صرف ۽ نحو تي روشني وڌي اٿائين. چوٿين ڀاڱي جو تعلق سنڌي شعر و شاعري، فصاحت ۽ بلاغت وغيره سان آھي. مرزا صاحب ارنيسٽ ٽرمپ جي اڳ ڏنل نظريي (سنڌي ٻولي سنسڪرت ۽ پراڪرت مان نڪتل آھي). جيئن جو تيئن قبول ڪيو آھي. سنڌي گرامر کي عربي گرامر جي سانچي ۾ ئي پيش ڪيو آھي. ساڳئي وقت / ٻ ڏ ڄ ڳ/ يعني چوسڻن آوازن جي باري ۾ گريئرسن جي فيصلي تي تحقيق نه ڪئي وئي ۽ ائين جو ائين قبول ڪيائين.(٧)

’سنڌي وياڪرڻ‘ ڪتاب مرزا صاحب جي ھڪ اھم تصنيف آھي. علم نحو جي باري ۾ مرزا صاحب لکي ٿو: ’علم نحو ۾ گھڻي ڪي داخل آھي، جيئن ته لفظن جي بناوت، جملن جي بناوت، انهن جي تقسيم ۽ ترتيب، تقريض اشتقاق، اصطلاح، عروض، علمي صنعتون جي سڀ خوش بياني، خوش ڪلامي، عبارت آرائي، مضمون نويسي، فصاحت بلاغت ۽ حجت دليل لاءِ نهايت ضروري آھن. ھڪڙو عربي پھاڪو آھي ته ’النحوفي الڪلام ڪالملح في الطعام‘ يعني ته ڪلام ۾ نحو اھڙو آھي، جھڙو طعام ۾ لوڻ. يعني انهيءَ کان سواءِ ڪلام ڦڪو ۽ بيسواد آھي ۽ نحو ساڻ سلوڻو ۽ لذيذ آھي.‘(٨)

نحو جي باري ۾ ٻي ھنڌ وصف ڏيندي چيو اٿس، نحو لفظ جي اصلي معنيٰ آھي، پاسو ۽ اصطلاحي معنيٰ اٿس حرف ھڪ ٻئي جي پاسي ۾ بيهاري جملا جوڙڻ ۽ جملا ھڪ ٻئي جي پاسي ۾ بيهاري بيان يا تقرير يا دليل جوڙڻ. انهيءَ ڪري نحو جي رواجي معنيٰ ٿي دستور يا طرز يا قانون، جن موجب حرف، لفظ ۽ جملا پاڻ ۾ گڏجن ٿا ۽ موافقت رکن ٿا ۽ ھڪ ٻئي تي عمل ھلائين ٿا. (٩)

علم صرف لاءِ مرزا قليچ بيگ لکيو آھي ’صرف‘ لفظ جي عربي لغت ۾ معنيٰ آھي ڦيرائڻ يعني ڦيرو يا گردان. انهيءَ موجب لفظ جدا جدا صورتن ۾ ڦرن ٿا، جيئن اسم، جنس ۽ عدد ۽ حالتن موجب ڦرن ٿا ۽ فعل ۽ زمانن موجب ڦرن ٿا ۽ سڀني قسمن جي لفظن جون جدا جدا صورتون ۽ صيخا صرف ۾ داخل آھن. (١٠)

مرزا قليچ بيگ کي لسانيات جي علم جي بنيادي ڄاڻ ھئي، ان ڪري ئي ھن علم صرف ۽ علم نحو جي باري ۾ پنهنجا رايا اھڙيءَ طرح ڏنا آھن جو انهن جي اڄ به اھميت ساڳي برقرار آھي. حالانڪھ لسانيات جي علم ۾ گھڻو ئي واڌارو ۽ سڌارو آيو آھي. مرزا صاحب ’لفظ‘ جي تشريح ڪندي لکيو آھي: ’معلوم ھجي ته ’لفظ‘ کي لفظ تڏھن چئبو، جڏھن زبان مان ظاھر ٿيندو يا وات مان نڪرندو، جيسين اھو دل ۾ ھوندو تيسين انهيءَ کي خيال چئبو. خيال ظاھر ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو ھئڻ ضروري آھي، تنهن ڪري صحيح ٻولي ڳالھائڻ برابر سبب ڏيڻ ۽ بيان ڪرڻ ھڪڙو ضروري علم ۽ ھنر آھي. ٻوليءَ ۾ اھو فائدو آھي ته ماڻھو پنهنجو خيال ظاھر ڪري، ٻئي کي سمجھائي سگھي ٿو ۽ انهيءَ خيال جي نتيجي تي آئينده وري ڪم اچڻ ۽ وسرڻ کان بچائي سگھي ٿو.(١١)

مرزا قليچ بيگ سنڌي گرامر جي گھڻن ئي پھلوئن تي لکيو آھي ۽ ڪوشش ڪئي آھي ته ڪو پاسو رھجي نه وڃي. مرزا صاحب ھن ڏس ۾ لکيو آھي: ’علم بيان، عم منطق، علم عروض، علم بديع ۽ علم مناظره مان ھرھڪ جو جدا جدا قانون ۽ اصول آھن، جي پڙھڻ ۾ معلوم ڪرڻ گھرجن. انهن علمن سان علم نحو جو جيڪو واسطو رھي ٿو، سو ڏيکاري ٿو ته انهن جي وچ ۾ مشابهت، موافقت ۽ تفاوت ڪھڙا آھن. عربي توڙي انگريزي ٻوليءَ ۾ اھو رستو ورتل آھي، تنهن ڪري اسين انهن علمن ڏانهن اشاري ڏيڻ کان سواءِ نحو جو ڪتاب پورو نه ڪري سگھنداسين. (١٢)

سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل جي باري ۾ پنهنجي پختي راءِ جو اظھار ڪيو اٿائين، ھو لکي ٿو: ’ٻولين جي شجري موجب سنڌي آرين جي قديم ۽ شريف ٻوليءَ جي ڪٽنب مان آھي، جنهن مان نڪتل ٻولين ڳالھائڻ وارا اڪثر جھان جي تاريخ ۾ ماڻھن جا مھندار ۽ سڌاري جا باني ٿي گذريا آھن. انهيءَ ٻوليءَ جي ايشيائي ٿڙ يا ڏار مان جن ٻين نڪتل ٻولين جو واسطو سنڌي ٻوليءَ سان رھيو آھي، سي آھن ھندي ۽ ايراني (فارسي).‘(١٣)

مرزا قليچ بيگ صاحب جون خدمتون نه صرف گرامر جي سلسلي ۾ ڪيل آھن، پر ھن صاحب لغت نويسيءَ جي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملھايو آھي. ھن ڏس ۾ سندس ٻه لغتون قابل ذڪر آھن، ھڪ آھي لغات لطيفي ٻي آھي سنڌي لغات قديمي.

لغات لطيفي ١٩١٣ع ۾ تصنيف ڪيائين. ھن ڪتاب جي باري ۾ پاڻ مرزا صاحب لکي ٿو ته، شاهه جا رسالا جيڪي ڇاپ ڪيا ويا آھن، يا جيڪي قلمي ھٿ لڳا آھن، تن جي مقابلي ڪرڻ سان گھڻي گھٽ وڌ ڦير ڦار ڏسڻ ۾ آئي. تعليم کاتي جو جيڪو پويون رسالو ڇپايل آھي، تنهن ۾ به گھڻيون ئي غلطيون آھن ۽ ڪيترائي بيت ۽ وايون ڏنل آھن، تنهن ڪري ھڪ تازو رسالو ڇپايو ويو آھي، جنهن ۾ اھي سڀ ڏنل آھن ۽ جدا جدا پڙھڻيون به ڏنيون ويون آھن، انهن سڀني جا ڏکيا ڏکيا لفظ معنيٰ سميت ھن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آھن. تن لفظن جون ڪي بزرگن جدا جدا معنائون ڪيون آھن، انهن جون سڀ معنائون به ڏنيون ويون آھن ته ڀلي پڙھندڙ سمجهه ۽ ويچار موجب اھي لاڳو ڪري ڏسن، اھي معنائون اڪثر ميان احمد وائي واري ڀٽ جي رھاڪو ۽ ميان محمد واصل درس ۽ آخوند عبدالرحيم ۽ ڪن ٻين صاحبن جون آھن. (١٤) ’لغات لطيفيءَ‘ ۾ شاهه جي رسالي جي سرن وار ترتيب ڏني وئي، جنهن ۾ شاهه جا ٣٧ سر شامل ڪيا ويا آھن.

’سنڌي لغات قديمي‘ مرزا صاحب جو ھڪ نادر ۽ ناياب ڪتاب آھي. ٣٦٨ صفحن تي ڦھليل ھيءَ اوائلي لغت ڏاڍي ڪارائتي آھي، ان ۾ نه صرف سنڌيءَ جا اڳوڻا الفاظ ۽ انهن جي معنيٰ ڏنل آھي، پر ڪيترائي عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ توڙي محاورا ڏنا ويا آھن، جيڪي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ عام جام ملن ٿا. (١٥) سنڌي لغات قديميءَ ۾ ڪوشش ته اھائي ڪيل آھي ته جيئن ان ۾ قديمي الفاظ شامل ھجن، پر اتفاق سان ڪي اھڙا لفظ به داخل آھن، جيڪي اڃا تائين رائج آھن. ڪتاب ڀرپور نهايت قيمتي ۽ قدر لائق آھي.

مرزا قليچ بيگ صاحب گرامر ۽ لغتن کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ پارسي زبان جي تاريخ نالي ڪتابن ۾ سنڌي، پارسي ٻولين جي تاريخ پڻ قلمبند ڪئي آھي. مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ Philogical curiosities لاءِ مشھور ماھر لسانيات ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ لکيو آھي:

The first history of Sindhi Language is attributed to Qallech bag (around 1900). This work and his Philological curiosities (1921) Contain many spendative etymologic and are weighted in the favour of Arabic as Sindhi (16).

فلاجيڪل ڪيوراسٽيز لاءِ عبدالڪريم سنديلي صاحب لکيو آھي ته ھيءُ ڪتاب مرزا صاحب ڪافي دماغي ڪاوش بعد ٻن ڀاڱن ۾ تيار ڪيو. مرحوم جيڪا محنت ڪئي آھي، سا قابل تحسين آھي. ھندستاني، عربي، فارسي وغيره لغتون ڏسي، جدا جدا ٻولين جا ھم معنيٰ الفاظ ڏنا اٿس. ڪتاب گويا ’ڏھس نامھ‘ آھي، جيتوڻيڪ ڪتاب ڳچ وقت زنده رھڻ جي قابل آھي. ائين پيو معلوم ٿئي ته جان شيڪسپيئر واري ’ھندستاني- انگلش، ڊڪشنريءَ جو نچوڙ آھي. جان شيڪسپيئر لفظن جا بنياد بلڪل ٺيڪ ڪڍيا آھن، ليڪن مرزا صاحب انهن جا تلفظ سنڌي صورتخطيءَ ۾ پوري طرح ادا ڪري نه سگھيو آھي، مثال طور ’اک‘ سنسڪرت جي ’اخش‘ مان نڪتل ڄاڻائي ٿو، جيڪڏھن ’اخش‘ جي صورتخطي اھائي قائم ڪبي ته لفظ عربي ۽ فارسيءَ سان پنهنجو ناتو ڄاڻائيندو، ڇاڪاڻ ته ’خ‘ سنسڪرت جو حرف نه آھي. مرزا صاحب پنهنجي معنيٰ ۾ بلڪل درست آھي، ليڪن تلفظ جي پوري ادائگي نه ھئڻ سبب ڪيترائي لفظ عربي ۽ فارسي معلوم پيا ٿين. ’اخش‘ بدران ’اڪس‘ ٿيڻ کپي. بهرحال نئين قسم جو ڪتاب لکي مرزا صاحب سنڌي زبان تي احسان عظيم ڪيو اٿس. (١٧)

مرزا قليچ بيگ صاحب جتي سنڌي ادب جي سڀني مکيه صفنن ۾ شاھڪار تخليق ڪيا آھن، اتي سندس ڪاوشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، لغت نويسي ۽ گرامر نويسيءَ جو پڻ ھڪ اھم حصو آھي، جنهن تي سنڌ واسي سدائين فخر ڪندا رھندا.

 

حوالا:

١- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘، ١٩٩٤ع، صفحو ١٤٩.

٢- منگھارام ملڪاڻي، ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، صفحو ٤٠٩.

٣- ڊاڪٽر غلام علي الانا ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، صفحو ١٢

٤- مرزا اجمل بيگ، ’مقدمھ‘، ديوان قليچ سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٥٦ع، صفحو٧.

٥- مرزا اجمل بيگ، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو٧

٦- مرزا اجمل بيگ، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو ١٢٩

٧- علي نواز جتوئي، مضمون، ’سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق‘، سھ ماھي مھراڻ، ١/١٩٨١ع، صفحو ١٢٩

٨- مرزا قليچ بيگ، ’سنڌي وياڪرڻ‘، ڀاڱو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٦٠ع، ديباچو.

٩- مرزا قليچ بيگ، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٢٥

١٠- مرزا قليچ بيگ، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٤

١١- مرزا قليچ بيگ، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٤٣

١٢- مرزا قليچ بيگ، سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٦٠ع، صفحو ١٥

١٣- مرزا قليچ بيگ، سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٦٠ع، صفحو ١٥

١٤- مرزا قليچ بيگ، ’لغات لطيفي‘، ديباچو، صفحو-ب

١٥- مرزا قليچ بيگ، سنڌي قديمي لغات، صفحو ٢٧٨

16- Khubchandani, Lachhomon, Current trends in Linguistics- Sindhi- P-216.

١٧- عبدالڪريم، سنديلو، تحقيق سنڌي لغات، ١٩٨٠ع، صفحو ١٦ ۽ ١٧

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org