سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: -

صفحو : 20

 

منهنجي شادي

 

منهنجي ذاتي زندگيءَ ۾، 29 جولاءِ 1987ع تي تنهن وقت ڊرامائي ڦيرو آيو، جڏهن مون پنهنجي گهراڻي جي زور تي سندن پسند جي شاديءَ لاءِ راضپو ڏيکاريو هو. پنهنجي پسند سان سياست جي راهه تي هلڻ جي قيمت، مائٽن جي راضپي واريءَ شاديءَ ۾ ڏيڻي پئي هئي. پاڪستان ۾ منهنجي شخصيت جي گهڻي اهميت سبب منهنجي لاءِ اهو ممڪن ئي نه هو، جو آئون عام حالتن هيٺ ڪنهن شخص سان ملاقات ڪري، هن بابت ڄاڻ وٺان ها ۽ پوءِ ساڻس شادي ڪريان ها. گهڻيءَ ڏاهپ ۽ سوچ جا لاڳاپا به مون بابت اڳواٽ پکڙيل افواهن ۽ اجاين ڳالهين کي وڌائي ڇڏين ها.

اوڀرندي ملڪن ۾ رهندڙ انيڪ ماڻهن جو ويچار آهي، ته شادي ڪا نرالي ڳالهه نه، پر رواج آهي. منهنجن والدين ته پيار جي شادي ڪئي هئي ۽ آئون پڻ اُن ڀروسي هيٺ وڏي ٿيس، ته نيٺ اهو ڏينهن به ايندو، جو آئون پنهنجيءَ پسند جي ڪنهن شخص سان پيار ڪري ساڻس شادي ڪنديس. پوءِ به آئون اڃا ريڊڪلف ۾ پڙهندي هيس، ته منهنجي شاديءَ بابت پُڇائن جو رِينگٽ شروع ٿي ويو هو. آئون پاڪستان جي آڳاٽي ۽ مشهور گهراڻي مان هيس ۽ تنهن وقت آئون ملڪ جي وزيراعظم جي ڌيءَ هيس.

آمريڪا ۾ عورت هلچل جي اؤج وارن ڏينهن ۾ آئون اتي بي اي جي شاگردياڻي هيس ۽ مونکي پورو ويساهه هو، ته شادي ۽ ڪِرت ۾ سرچاءُ هُجي ٿو ۽ منجهانئن ڪا به هڪ ٻئي جي راهه ۾ نٿي اچي. مونکي تڏهن به ڀروسو هو ۽ هينئر به آهي، ته هڪ عورت ڪوشش ڪري اهي مقصد ماڻي سگهي ٿي: وڻندڙ جيون، سڪون واريءَ شادي ۽ ٻارن جو سُک. مونکي آسُ هئي ته آئون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪنديس، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ماڻڻ ۾ ايئن رُڌل هوندو، جيئن آئون هونديس.

پر فوجي بغاوت سبب اُهي ڳالهيون اڌوريون رهجي ويون. مارشل لا جي ڪجهه اوائلي ورهين ۾ جيتوڻيڪ اُن بابت پڇاڳاڇا ٿيندي رهي، پر مون تڏهن شاديءَ بابت سوچڻ کان به انڪار ڪيو هو. آئون ڀلا پاڻ کي شاديءَ جي خوشين ماڻڻ لاءِ ڪيئن ٿي ريجهائي سگهيس، جڏهن بابا جيل ۾ قيد هو ۽ سندس زندگي جوکي ۾ ڦاٿل هئي؟

بابا جي قتل کان پوءِ ته شادي ڪوهين ڏُور ٿي وئي هئي. اسان وٽ اها رسم آهي، ته جڏهن به ڀٽي گهراڻي جو ڪو بزرگ يا ڪو ڀاتي وفات ڪري ٿو، ته هڪ سال تائين ڪوبه شادي نٿو ڪري. پر مون تي بابا جي وفات جو ايڏو ته گهڻو اثر ٿيو هو ۽ هُو منهنجي لاءِ ايڏو ته مهانَ انسان هو، جو 1980ع ۾ جڏهن امان هڪ ڀيرو وري شاديءَ تي ڳالهايو هو، ته مون هڪدم انڪار ڪيو هو. مون ٻن ورهين تائين اوسيئڙو پئي چاهيو. اهڙيءَ ريت مون نه رڳو بابا لاءِ پنهنجيءَ مڃتا ڏيکارڻ پئي گهُري، پر اَٿاهه ڏُک سبب آئون سرهائيءَ سان شاديءَ بابت ويچاري به نٿي سگهيس.

بابا اسان کي ننڍپڻ ۾ جيڪي ڪيئي ڳالهيون ٻُڌائيندو هو، تن جو مستقبل ۾ اسان جي شادين تي اثر به ٿيو هو. ”منهنجي مرضي ڪانهي ته اوهين شادي ڪريو، پر اوهان کي شادي ڪرڻي پوندي.“ بابا مونکي ۽ صنم کي چوندو هو. ”پوءِ آئون اُن ڏينهن جي اوسيئڙي ۾ هوندس جڏهن تون واپس ايندينءَ ۽ جيڪڏهن تنهنجي اک ۾ هڪ به ڳوڙهو هوندو يا آواز ۾ هڪڙو به سُڏڪو هوندو، ته آئون تنهنجي مُڙس وٽ وڃي کيس مار ڏيئي، توکي پنهنجي گهر وٺي ايندس.“ هو اُهي ڳالهيون بيشڪ اسان کي ڇيڙڻ لاءِ ڪندو هو. پر شاديءَ جو ٻُڌي مونکي پنهنجو ننڍپڻ ياد ايندو هو ۽ آئون ويڳاڻي ٿي پوندي هيس. مون پنهنجي ڏُک سان سرچاءُ نه ڪيو هو.

آئون اڃا جيل ۾ هيس، ته تيستائين ٻه ورهيه ٿي ويا هئا. ان حالت ۾ شاديءَ جي ڳالهه ئي اجائي هئي. ٽن ورهين کان پوءِ 1984ع ۾ جڏهن آئون جيل مان آزاد ٿيس ۽ جلاوطن ٿيڻ لاءِ انگلينڊ وئي هيس. تڏهن هڪ ڀيرو وري شاديءَ جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. پر مون وري به امان سان انڪار ڪيو هو. هيڪلائپ جي قيد ۾ ڪيترائي ورهيه رهڻ کان پوءِ مُڙس ته ڇڏيو، پر ٻين ماڻهن وچ ۾ مونکي ڏڪڻي ٿيندي هئي ۽ آئون ڊَپُ ۾ سِيٽجي ويندي هيس. پنهنجي گهرڀاتين سان به ڪچهريءَ وقت منهنجي دل تيز ڌڙڪندي هئي ۽ ساهه ٻوساٽبو هو. ننڍڙي آواز تي به آئون ڇرڪي اُڀي ٿي ويندي هيس. ”شاديءَ لاءِ سنبرڻ کان اڳ مونکي پاڻ کي ڳولڻو آهي.“ مون امان کي ٻڌايو. ”مونکي اهڙي سانت جي ڳولا آهي. مونکي پاڻ سنڀالڻ لاءِ وقت گهرجي.“

ٻئي سال انگلينڊ ۾ هوريان، پر سُٺي نموني منهنجي صحت سُڌرڻ لڳي. انهيءَ وچ ۾ شاديءَ جون ڳالهيون ڪڏهن به بند ڪونه ٿيون. خاندان جي ڌار ڌار ڀاتين وٽ منهنجي لاءِ ڌار ڌار اميدوار هئا ۽ اُن بابت منهنجين ساهيڙين جون پڻ تجويزون هيون. تُرت جولاءِ 1988ع ۾ ڪينس ۾ خانداني گڏجاڻيءَ کان اڳ پُڦي مانا هڪ زميندار زرداري گهراڻي طرفان سندن پُٽ آصف سان منهنجو سڱ ڪرائڻ لاءِ مون وٽ آئي. مونکي مليل ڄاڻ پٽاندر پڦي مانا، امان سان ان ڏس ۾ ڳالهائڻ کان پهرين گهوٽ بابت ڪيترائي سوال پڇيا هئا ۽ کيس پتو پيو هو ته، پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ۽ لنڊن ۾ اقتصاديات ۽ سياسيات جي سينٽر مان پڙهيل هو. ڌنڌو زمينداري ۽ رهائشي عمارتون ٺهرائڻ ۽ شُغل تَرڻ. اسڪواش راند رهڻ ۽ پولو کيڏڻ هو. هن جي پنهنجي زرداري فور پولو ٽيم هئي. ڀلا هن کي ڪتاب به پسند آهن!

”ٺيڪ، اُن بابت هو بينظير سان مقابلو ته نٿو ڪري سگهي، پر هو ڪتاب پڙهي ٿو.“ هُن جي پيءُ حاڪم علي ٻُڌايو، جيڪو قومي اسيمبليءَ جو اڳوڻو ميمبر، هاڻ عوامي نيشنل پارٽيءَ جو نائب صدر ۽ ايم آر ڊيءَ جو ميمبر هو. پڦي سان آصف زرداري گهراڻي جي پراڻي ڄاڻ سڃاڻ هوندي هئي ۽ هن پاڻ ٿيندڙ گهوٽ کي ذاتي طرح ڏسڻ چاهيو هو. آصف کي پُڦيءَ جي گهر ۾ گهرايو ويو، جتي هو پڦيءَ کي بُت جو سنهو ۽ پولو جي لباس ۾ ڏاڍو چُست ڏسڻ ۾ آيو هو. جنهن سبب پڦيءَ کي سُڪون مليو هو. پوءِ پُڦي مانا، امان سان انگليند ۾ ڳالهايو. پر هڪ ڀيرو وري هڪ الميي سبب اُن مامري ۾ رنڊڪ پئجي وئي.

هڪ مهيني اندر ئي منهنجو ڀاءُ شاهنواز قتل ٿي ويو. ان صدمي کان آئون ۽ ٻيا سڀيئي ڇيهون ڇيهون ٿي وياسين. مون امان ۽ پڦيءَ کي چئي ڇڏيو، ته جيڪڏهن ٻن ورهين تائين نه، ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ورهيه تائين آئون شاديءَ لاءِ سوچي به نه سگهنديس. مون ته زرداري قبيلي مان ٿيندڙ گهوٽ جو نالو به ڪونه پُڇيو هو.

پوءِ به پُڦي مانا پنهنجي پسند جي اميدوار لاءِ لاڳيتي ڪوشش ڪندي رهي. اپريل 1986ع ۾ جڏهن آئون پاڪستان موٽي آيس، ته هن مونکي اهو چئي گهڻو پريشان ڪيو، ته آئون زرداري ڇوڪري بابت سوچيان، جيڪو هڪ لک زردارين جي سگهاري قبيلي جي سردار جو وارث  آهي. زرداري قبيلي بابت چيو وڃي ٿو ته، اُهو ايراني بلوچستان مان ڪيئي صديون اڳ لڏي سنڌ جي نوابشاهه ضلعي ۾ اچي رهيو هو، جتي هينئر آصف پنهنجي خانداني ٻنين جي سنڀال ڪندو هو. ”هو سلڇڻو آهي ۽ تنهنجي ڄمار جيڏو آهي. هو زميندار طبقي جو آهي. هن جو خاندان سياست ۾ به حصو وٺي ٿو. لاهور ۽ پشاور جي واپاري گهراڻن مان به ڪي مون وٽ آيا هئا. پر آئون ڀانئيان ٿي ته انهن سان مائٽي مناسب ڪانهي. تنهنجي لاءِ چڱو ٿيندو، ته تون سنڌ جي ڪنهن ماڻهو سان شادي ڪر، جيڪو هتي جي ريتن رسمن کي ڄاڻي سڃاڻي…“ هوءَ مون سان اُهي ڳالهيون ڪندي رهي، پر مونکي انهن ۾ ڪو چاهه نه هو. نَون ورهين ۾ پهريون ڀيرو آئون پنهنجي ملڪ ۾ سُرهي هيس. جتي مون آزاديءَ سان پنهنجين ساهيڙين سان ملاقات پئي ڪئي. سير سفر ۽ ڪيترو ئي ڪم پئي ڪيو. ”ٿوري وقت لاءِ مون کي ڇڏيو، ته آئون آزاديءَ سان رهان.“ آئون کيس چوندي هيس.

پر پُڦي مانا منهنجي پٺيان هٿ ڌوئي لڳل هئي. پاڪستان واپس اچڻ کان ست مهينا پوءِ نومبر 1986ع ۾ مونکي ٻُڌائڻ کانسواءِ هن منهنجيءَ سئوٽ فخريءَ طرفان آصف کي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏيڻ جو انتظام ڪيو. هن آصف کي ڪوٽ پتلون پائي اچڻ لاءِ چيو، ته جيئن مون تي اُن جو سٺو اثر پوي. آصف کي ته ٻروچڪا ڳوٺاڻا جُبا وڌيڪ وڻندا هئا، جيڪي هو پايو لنڊن جي رستن تي پيو گهمندو هو. رات جي مانيءَ تي پُڦي مانا اوسيئڙي ۾ هئي ۽ جڏهن منهنجي چؤڌاري ٻٽي مهمان ميڙو ڪيو بيٺا هئا، تڏهن مون سان سندس سُڃاڻپ ڪرائي ويئي. مون جڏهن آصف جو نالو ٻُڌو، ته مون ڏانهس ڪابه ڇِڪ نه ڀانئي. منهنجي ويچار ۾ به نه آيو، ته هو ڪير آهي مونکي رڳو ايترو ياد آهي، ته اسين هڪدم ڪنهن مامري تي هڪ ٻئي سان بحث ۾ اُلجهي پيا هئاسين. پُڦي مانا کي اُن ڳالهه جي ڳڻتي ٿي، ته هو منهنجي ڀرسان گهڻي دير تائين ويٺو هو ۽ شايد اُن سبب ڪا غلط راءِ جُڙي ها، تنهنڪري هن ڪنهن کي موڪلي آصف کي ٻئي هنڌ گهرايو ۽ مون سُک جو ساهه کنيو هو. سڄو ڏينهن پارٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ بحث کانپوءِ شام جو ڪچهريءَ تي منهنجي دل بلڪل نه هئي.

ساڳئي وقت مونکي اُن ڳالهه تي به اچرج هو، ته منهنجو ٿيندڙ مڙس منهنجي زندگيءَ جي مصروفيتن کي سَهي به سگهندو يا نه. آئون جڏهن گهر ۾ هوندي هيس، ته اڪثر رات جو گهڻي وقت تائين سياسي گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون هيون ۽ آئون اڪثر گهر کان ٻاهر سڄي پاڪستان ۾ هڪڙي ڪُنڊ کان ٻئي ڪُنڊ تائين سفر پئي ڪندي هيس. ڪهڙو مُڙس اها ڳالهه مڃيندو، ته جيڪو وقت منهنجو پنهنجو ڪونه هو، سو سندس ڪيئن ٿي سگهندو. ڇا ڪنهن اهڙي شخص جو وجود به هو، جيڪو ريتن رسمن جي ٻَنڌڻ کي ٽوڙي اِها سچائي مڃي سگهي، ته هُو منهنجي پهرين ذميداري نه، پر پاڪستان جو عوام هو.

مونکي اِها به ڳڻتي هئي، ته جيڪڏهن مون شادي ڪئي ته عوام ڇا ڀائيندو، ڇو ته آئون جوان هيس. مون ڪيترائي ورهيه قيد ۾ گهاريا هئا ۽ مون سان زندگيءَ ۾ ڪيترائي دردناڪ حادثا ٿيا هئا. مونکي اهو به ٻڌايو ويو هو، ته عوام سمجهي ٿو، ته آئون ڪا پهتل شخصيت آهيان. جمهوري پاڪستان لاءِ منهنجي خاندان طرفان ڏنل قربانين، بابا، پنهنجن ڀائرن جي ڇانوَ ۾ رهڻ بجاءِ اڪيلائيءَ ۾ رهڻ تي مجبور ڪندڙ ڳالهين عوام جي ذهن ۾ اها سوچ ويهاري هئي، ته اهي پاڻ منهنجو خاندان آهن.

ٻئي طرف مون پنهنجو پاڻ به ويچاريو، ته اڪيلائپ پاڪستان ۾ ۽ پاڪستان کان ٻاهر سياسي ويچار پٽاندر منهنجي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. اسين جنهن گهُٽيل مرداڻي سماج ۾ رهون ٿا، تنهن ۾ هڪ اَڻپرڻيل شخص ڏانهن ڪو ڌيان ئي ڪونه ٿو ڏيئي، پر اڪيلي عورت تي شڪ ڪيو وڃي ٿو. ”تنهنجي شادي ڇو نه ٿي آهي؟“ صحافي اڪثر مونکان اهو سوال پڇندا هئا. آئون ڪاوڙجي پهچڻ گهرندي هيس، ته اهو سوال اوهين ڪنهن ڇَڙي مرد کان ڇو نٿا پُڇو. پر آئون پاڻ کي جهليندي هيس. اهي صحافي روايتي مسلمان سماج ۾ اڪيلي رهندڙ عورت کان اهڙي سوال پڇڻ جا هيراڪ هئڻ سبب انوکين حالتن هيٺ اهڙا انوکا سوال پڇندا هئا.

اُن فطري ۽ سموري مرداني سوچ جي نمائندگي ڪندڙ سوال پٺيان اهو ساڙ لڪل هو ته، جيڪا عورت سَگهري ڪانهي، تنهن سان ضرور ڪا گڙٻڙ هوندي. الاءِ اها عورت ڀروسي جوڳي اڳواڻ ثابت ٿيندي يا نه؟ ڪم جي گهڻائيءَ مهل هوءَ ڇا ڪندي؟ منهنجين تعليمي لياقتن ۽ پارٽيءَ جي اهميت تي ڌيان ڏيڻ بدران ماٺ ميٺ ۾ اهوئي سمجهيو ويندو هو، ته ملڪ جي اڳواڻي ڪندڙ ڪا اڻپڙهيل عورت گهڻي ذهني بيمار ٿي سگهي ٿي. اُها گهڻي جهيڙاڪ هوندي يا ڏاڍي شرميلي. اها ڳالهه مسلم سماج ۾ خاص ڪري صحيح هئي. شاديءَ کي مرد ۽ عورت جي زندگيءَ جي پُورڻتا ليکيو وڃي ٿو ۽ ٻارن کي اُن جو فطري نتيجو.

 

آصف زرداري. آصف زرداري. آصف زرداري. هن جي خاندان وارن جي اوائلي پڇا ڳاڇا کان ٻه ورهيه پوءِ به. هُن ۽ سندس خاندان اُن ڳالهه تان هٿ نه کنيو هو. ماضيءَ ۾ ٻين اهڙين تجويزن بابت منهنجي چالَ اها هوندي هئي، جو معاملي کي ايترو ته اينگهائيندي هيس، جو ٻين جو مون ۾ چاهه ئي ختم ٿي ويندو هو. يا وري ٻيا سمجهندا هئا ته اسان کي منجهن ڪو چاهه ڪانهي. پر زرداري منجهانئن نه هئا. فيبروري 1987ع ۾ آئون افغانستان تي هڪ ٽيليويزن ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لنڊن وئي هيس. تڏهن آصف جي ماٽيجي ماءُ به اوچتو لنڊن ۾ آئي هئي ۽ پنهنجي پراڻي اسڪولي ساهيڙي منهنجي ماسي بهجت سان ملڻ آئي. ”آصف گهڻو رحمدل آهي. ڏاڍو سلڇڻو آهي. نهٺو ۽ سٻاجهو به آهي.“ هنن پاڻ ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيو هيون، سي ماسي بهجت مونکي ٻڌايون. ”تون بينظير کي ساڻس ملاقات لاءِ راضي ڪر.“ پُڦي مانا به سڀني سان شامل ٿي ويئي. ”هُن توکي ڏٺو آهي. تون هن لاءِ اصلي ۽ حقيقي فرد آهين، نه ڪي رڳو خيالي. هو سچ پچ توسان شادي ڪرڻ گهري ٿو.“

امان وري پنهنجو دٻاءُ وڌايو. ”اسين اُن گهراڻي کي سڃاڻون ٿا.“ هن مونکي ٻڌايو. ”هو چوٽيهن ورهين جي ڄمار جو آهي، بلڪل تو جيڏو هو سنڌي آهي، ۽ هن کي پنهنجين ريتن رسمن جي ڀليءَ ڄاڻ آهي. هو ڌنڌو ڌاڙي ڪندڙ شهري آهي ۽ رُڳو واپاري لؤنٺين جهڙو ڪونهي، جيڪي پنهنجي سامان سَڙي سميت جيڏانهن مُنهن ٿئي، اوڏاهن ڀڳو وڃي. هُو ڳوٺاڻو آهي ۽ مٿس پنهنجي گهراڻي ۽ قبيلي جي ذميداري به آهي، تنهنڪري هو تنهنجين ذميدارين کي پڻ سمجهندو.“

هُن مونکي ريجهائڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ڪئي هئي، تنهن ويتر مونکي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو. هوءَ ته سدائيم ڦِڪن ۽ رُکن ڪردارن جو پاسو کڻندي هئي، جو سندس ويچار موجب اهڙا ماڻهو فرمانبردار ۽ جان نڇاور ڪندڙ ۽ ارپيندڙ مُڙس ٿين ٿا. پر اُهي ماڻهو جيڪي وڌيڪ لاپرواهه ۽ کِلمُک ٿين ٿا، تن پٺيان سدائين ٻيون عورتون هُجن ٿيون. تنهنڪري اِها ڳالهه پڌري آهي ته اُن حالت ۾ منهنجي شادي ڪڏهن به سُکي نه رهندي. مونکي سُڌ هئي ته رُکو ۽ کُهرو ماڻهو مونکي ايترو ته ورچائيندو، جو آئون روئي ڏينديس.

ماسي بهجت مونکي منٿون ڪيون، ته آئون ساڻس ۽ آصف جي ماٽيجي ماءُ سان گڏ چانهه پيان. اهڙي گڏجاڻيءَ کي به هڪ قسم جي منظوري سمجهيو ويندو. ۽ مون جيتوڻيڪ شاديءَ جي سوچ کي پنهنجي ذهن ۾ جاءِ ٻئي ڏني، پر اُن جي سچائي مونکي ڇرڪائي وڌو هو. ”جون مهيني تائين مونکي ڇڏيو. آئون اڃا تيار نه آهيان.“ مون پنهنجن مائٽن سان حجت ڪئي.

”ڇا تون ڪنهن بلڪل اوپري ماڻهوءَ سان شادي ڪندينءِ.“ جڏهن آئون پاڪستان موٽي آيس، ته مون لاهور ۾ هڪ ساهيڙي کان پڇيو. ”شاديءَ کان پوءِ تون اهڙي شخص کي ٻيءَ نگاهه سان ڏسندينءِ.“ هن وراڻيو. مون اهو ساڳيو سوال هڪ ٻيءَ ساهيڙيءَ کان پڇيو. ”جيڪڏهن تون هُن سان اڳ ڪڏهن به نه ملي آهين. تڏهن به تون کيس پيار جي اکين سان ڏسندينءِ، ڇو ته هو تنهنجي مُڙس هوندو.“ هن جواب ڏنو. ”تو اها چوڻي ٻُڌي هوندي: پهرين شادي، پوءِ پيار.“

مون پنهنجي طور به ٿوري پُڇاڳاڇا ڪئي هئي مونکي ڪنهن ٻڌايو ته، آصف گهوڙو ڊوڙائيندي اُن تان ڪري پيو هو، جنهن سبب سڄي ڄمار مَنڊڪائي هلندو. پوءِ ڄاڻ پئي ته اُها ڳالهه ڪُوڙي هئي. پر جيڪڏهن سچي هجي ها، تڏهن به منهنجي لاءِ پريشانيءَ جو ڪارڻ نه بڻجي ها. پير جو مَنڊ، ڪو ڪردار جي وڏُ ڪونهي. مون آصف جي هڪڙي ويجهي دوست سان پڻ ڳالهايو هو، جنهن ٻڌايو ته هُو ڏاڍو سٻاجهو ۽ نهٺو آهي ۽ پنهنجن دوستن جي مالي گهُرج مهل گهڻي مدد ڪري ٿو. سخاوت مونکي به پسند آهي. اسان ٻنهي جي هڪ ٻئي دوست، آصف جي قوتِ ارادي ۽ وفاداريءَ جو مثال ڏيندي ٻڌايو ته، ”هو دوستن جو دوست ۽ دشمنن جو دشمن آهي.“ اِها ڳالهه ٻُڌي مونکي پنهنجا ڀائر ياد اچي ويا هئا ۽ مون تي سندس اثر ٿيو هو.

آئون جيتوڻيڪ ڏاڍي رُڌل هوندي هيس، تڏهن به ورلي پاڻ کي اڪيلي ڀانئيندي هيس. 70 ڪلفٽن وڏو گهر آهي. جيڪو هڪ ئي وقت خاندان جي ڪيئي ڀاتين جي رهڻ لاءِ جوڙايو ويو هو. المرتضيٰ پڻ وڏو گهر آهي پوءِ به گهڻو ڪري رات جو رُڳو منهنجي ڪمري ۾ روشني هوندي هئي. آئون انهن گهرن جي بچاءُ بابت به ٿوري ڳڻتيءَ ۾ هيس. اهي ٻئي گهر منهنجي ملڪيت ڪونه هئا. جڏهن به ممڪن ٿيو ته، مير ٻيءَ شادي ڪري تُرت پاڪستان ۾ موٽي ايندو. پوءِ ڀلا منهنجي ڀاءُ سندس زال جي گهر ۾ منهنجي حيثيت ڪهڙي هوندي؟ مونکي پنهنجي گهر جي گهُرج هئي. مون اهوئي فيصلو ڪيو.

مونکي پنهنجي ڪُٽنب جي پڻ گهُرج هئي. منهنجي ڀيڻ پرڻيل هئي ۽ کيس هڪ ٻار به هو. منهنجن ڀائرن کي پڻ ٻار ٿيا هئا. اسين گهراڻي جو مرڪز هئاسين ۽ اسان ٻين مرڪزي گهراڻن لاءِ راهه کولي هئي. انهن سڀني نَون ڪُٽنبن جي چڪر ۾ آئون ڪٿي هونديس؟ منهنجي ذهن تي موت جو به ٻوجهه هو. شاهه جي قتل کان پهرين مونکي لڳندو هو، ته اسان جو هڪ وڏو ڪُٽنب آهي، پر جڏهن اسين رڳو ٽي ڀاتي وڃي رهياسين، تڏهن مون ڀانئيو ته اسان جو ڪُٽنب بلڪل ننڍڙو ڪُٽنب آهي رُڳو هڪ ڀاءُ سبب توازن ٽُٽي پيو هو. مونکي اُهو ويچار وڌيڪ وڻندو پئي ويو، ته ڪاش منهنجا به ٻار هجن.

مون پنهنجن مائٽن سان واعدو ڪيو هو، ته  آئون آصف سان جون مهيني ۾ انگلينڊ ۾ ملاقات ڪنديس. پر اسلام آباد ۾ پارليامينٽ جي مخالف ڌر جي گڏجاڻيءَ سبب اُن ۾ دير ٿي وئي هئي. پوءِ اسلام آباد کان ڪراچيءَ پهچڻ تي مونکي هٿ سان لکيل هڪ نياپو مليو، جنهن ۾ چيل هو، ته آصف جي ماٽيجي ماءُ سان ملان. ”فخري، فخري. آئون ڇا ڪريان؟“ مون پنهنجيءَ سئوٽ کي فون ڪيو. ”تون هن سان ملاقات ڪر.“ هن زور رکيو. ”جيڪڏهن تون چاهين، ته آئون توسان گڏ هلان. ٻي ڳالهه اها ته تون هن کان پنهنجن انهن شڪن بابت سڀيئي ڳالهيون پڇجانءِ، جيڪي تون اسان سان ڳالهائيندي رهين ٿي.“

”اسان لاءِ اها وڏيءَ عزت جي ڳالهه ٿيندي، جيڪڏهن تون آصف جو سنڱ منظور ڪندينءِ.“ 70 ڪلفٽن جي ملاقات واري ڪمري ۾ اُجرو سُٿرو لباس پاتل ڪئمبرج جي گريجوئيٽ مونکي چيو. ”شادي تنهنجي ڪردار جي لِڪل پاسي کي پڌرو ڪندي.“ مون اُن جواب ڏيڻ کان لنوائيو،ته ڪردار جي ڪنهن لڪل پاسي جي پڌرائيءَ لاءِ عورت کي شاديءَ جي ڪا گهُرج ڪانهي. پر مون آصف جي ماٽيجي ماءُ کي اُهو سبب ٻُڌايو، ته ڪنهن مرد سان منهنجي شاديءَ سبب هُن جي عزت نه وڌندي، پر اُٽلندو سندس راتين جي نِنڊ ڦِٽي ويندي.

”سياست ۾ منهنجي زندگي ڪا رواجي ڪانهي.“ مون هن کي سمجهايو. ”هر پنجن ورهين کان پوءِ مونکي آرام سان چونڊن جو اوسيئڙو ڪونه ٿو ڪرڻو پوي. منهنجي سياست جو مقصد، آزاديءَ جي ذميداري کڻڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ کي معنيٰ ڏيڻ آهي. اهو شخص ڇا سوچيندو، جڏهن کيس ڄاڻ پوندي ته هُن جي زال سندس زندگيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ناهي؟“

”منهنجي مٺڙي! آصف پُر اعتماد نؤجوان آهي هن کي انهن سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي.“ آصف جي ماٽيجي ماءُ منهنجي خاطري ڪرائيندي چيو.

پر آئون چوندي رهيس. ”مونکي ڪيترائي سفر ڪرڻا پون ٿا ۽ هر سفر ۾ آئون پنهنجي مُڙس کي پاڻ سان وٺي ڪونه وينديس.“

”پر مٺڙي! آصف کي پنهنجا به ڪيترائي ڪم آهن، تنهنڪري هو سدائين توسان سفر به ڪري نه سگهندو.“ هُن جواب ڏنو.

”مون ٻُڌو آهي ته هُو پارٽين ۾ ويندو رهي ٿو ۽ پنهنجو وقت دوستن يارن سان گذاري ٿو.“ مون کيس چيو. ”مون وٽ جيڪو ٿورو وقت آهي، سو ته آئون ٿورين ساهيڙين سان گڏ گهر ۾ گهاريان ٿي.“

”اهو ڪو مسئلو ڪونهي.“ هن سادگيءَ سان وراڻيو. ”جڏهن ڪنهن مرد جو گهر جُڙي وَسي ٿئي ٿو، تڏهن هو پنهنجي زال ۽ ڪُٽنب سان گڏ گهر ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو.“

اُهو جواب ٻُڌي مون ۾ ساهُس ٿيو. مون شوڪارو ڀريو ۽ هڪ ڏکئي سوال تي ڳالهائڻ لڳم. ”جيتوڻيڪ اها رسم آهي، پر آئون ساهراڻي گهر ۾ رهي ڪونه سگهنديس. هن گهر ۾ سياسي ڪارڪن اچن ٿا ۽ رات ڏينهن هتي جي ڪمرن ۾ سياسي گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون. مونکي پنهنجي هڪ ڌار گهر جي گهُرج ٿيندي.“

”آئون مڃان ٿي ۽ آصف کي به اُهو شرط قبول آهي. آصف جي ماءُ ۽ ڀيڻ کي پڻ نويڪلائيءَ جي گهُرج ٿيندي.“ هن مونکي اچرج ۾ وجهندي چيو.

’اُهو نِرالو شخص ڪير آهي؟‘ مون ويچاريو ۽ مون ضياءَ حڪومت جي چتائيندڙ اکين ۽ جاسوسن سان ڀريل گاڏين کان پري لنڊن ۾ ساڻس ملاقات لاءِ پنهنجي سفر جي رٿا ٻيهر ٺاهي.

 

الله جو شڪر جو 22 جولاءِ 1987ع واري ڏينهن لنڊن ۾ منهنجو ڌيان سياسي ملاقاتن ۾ رُڌل هو. پر شام ٿيڻ سان مون جڏهن ڀانئيو، ته آصف سان ملاقات کان پاڻ بچائڻ ممڪن ڪونهي، ته اُن ڳڻتيءَ وچان منهنجي ذهن ۾ اُڻتڻ ٿيڻ لڳي.

پُڦي مانا ڏڪندي اڃا ڪافيءَ جو ڍُڪ مس پيتو هو، ته آصف ۽ سندس ماٽيجي ماءُ منهنجي سئوٽ طارق جي فليٽ جي گهنٽي وڄائي. مون ملاقات واري ڪمري ۾ آرام ڪرسيءَ تي سانت ويهي، لاپرواهيءَ جو ڏيکاءُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر آصف جي ويجهو ايندڙ هر وِکُ جو آواز ٻُڌي، منهنجي دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي. هُو پڻ ڏاڍي ڏُکيائيءَ سان وِک کڻندي ويجهو پئي آيو، جيتوڻيڪ هُو نِهارڻ سان مونکي سانتيڪو ڏسڻ ۾ آيو هو. اتي موجود سڀني ڏاڍي سڀاويڪ نموني غير ذاتي مامرن تي ڳالهايو هو. هنن مان ڪنهن هڪڙي به شاديءَ جي ڳالهه نه ڪئي هئي.

اُن شام آصف ۽ مون پاڻ ۾ ڪجهه به نه ڳالهايو هو. هن کي عينڪ پاتل هئي، تنهنڪري آئون سندس اکين مان ڪجهه به پروڙي نه سگهي. اُها گڏجاڻي پوري ٿيڻ ۽ وري ٻئي ڏينهن هُن طرفان مون ڏانهن هڪ درجن گلاب جا گل موڪلڻ کان پوءِ به مونکي سندس ڀاءُ بابت ٿورڙي به پرک نه هئي. پوءِ به هُن طرفان فورٽنم ائنڊ ميسن جي دڪان تان موڪليل انبَ ۽ منهنجي وڻندڙ مٺائي واقعي سوادي هيون. هن صنيءَ ڏانهن به وڻندڙ ۽ مزيدار چيريءَ جو هڪ ڪريٽ موڪليو هو.

”تنهنجو ڪهڙو جواب آهي، پِنڪي؟“ امان، ماسي بهجت ۽ پُڦي مانا ٽن ڏينهن تائين روزانو مون کان پڇنديون رهيون. ”مونکي ڪو پتو ناهي.“ آئون وراڻي ڏيندي هيس.

مون ڀانئيو هو ته آئون ٻن ڀاڱن ۾ ورهاجي وئي هيس. مون ڄاتو ٿي، ته مغربي ملڪن ۾ منهنجين ساهيڙين کي انهن خاص ثقافتي ۽ سياسي حالتن کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، جن مونکي پنهنجن مائٽن جي پسند جي شاديءَ لاءِ لاچار پئي ڪيو. اولهندي مُلڪن ۾ عورتن جي مساوات، اوڀرندي ملڪن جي عورتن جي مساوات کان بلڪل نرالي هئي، جتي مذهبي ۽ خانداني ذميدارين کي مرڪزي حيثيت هجي ٿي. پر اُن معاملي جي ذاتي اهميت پڻ هئي. پاڪستان ۾ وڏي مخالف سياسي جماعت جي اڳواڻ هجڻ سبب آئون اُن خواريءَ جو جوکو کڻڻ لاءِ تيار ٿي نه پئي سگهيس، ته ڪجهه سخت حالتن سبب منهنجي مڱڻي ٽُٽي وڃي يا ڪڏهن مونکي طلاق ملي. مون کان رُڳو اهو پڇيو پئي ويو،ته آئون پنهنجي باقي حياتيءَ اُن شخص سان گڏ گهارڻ جو فيصلو ڪريان، جنهن سان رُڳو ٽي ڏينهن اڳ آئون پنهنجن گهر ڀاتين جي موجودگيءَ ۾ ملي هيس.

مون آڪسفورڊ جي پنهنجين ڪجه ساهيڙين سان هُن کي ملايو، جن کيس پسند ڪيو هو. مون هُن جي پنهنجي هڪ پاڪستاني اسڪولي ساهيڙيءَ سان پڻ سڃاڻپ ڪرائي. هن کي هُو ڏاڍو وڻندڙ لڳو، ۽ هن مونکي ساڻس شاديءَ جو مشورو ڏنو. هڪ ڏينهن آصف اسان سڀني گهر ڀاتين کي رات جي مانيءَ کائڻ لاءِ دعوت ڏني ۽ اتي مونکي سندس ڀرسان ويهڻو پيو هو. مون پنهنجي گهڻ ڳالهائو ڀائٽي فتحيءَ کي بچاءُ لاءِ پنهنجي ٻئي پاسي کان ويهاريو.

ٻئي ڏينهن منهنجي سئوٽ طارق ۽ آصف وچ ۾ ڪچهريءَ ٿي. ”جيڪڏهن تو بينظير سان شادي ڪئي، ته تون هر هڪ جي نظر ۾ اچي ويندين.“ طارق هن کي ٻڌايو. ”تنهنجيءَ هر ڳالهه ۽ پنهنجن دوستن سان رات جو گهڻيءَ دير تائين گهر کان ٻاهر رهڻ سان به مٿس ٽِڪو لڳي سگهي ٿو.“ آصف جي جواب طارق کي آٿت ڏنو. ”آئون اُن صورتحال کي چڱيءَ  طرح سمجهان ٿو.“ آصف وراڻيو هو. منهنجي سئوٽ پوءِ مونکي خاطري ڏياري هئي. ”هو ڪيترن ورهين کان توسان شاديءَ لاءِ ڪوششن ۾ رُڌل رهيو آهي. هن کي پوريءَ ڄاڻُ آهي ته انهن ڳالهين جو ڇا مطلب آهي.“

”ڇا ٿي چوين، پِنڪي؟“ ياسمين مون تي دٻاءُ وڌو. روزانو صبح جو امان ۽ صنيءَ منهنجي بستري ڀرسان اچي مون ڏانهن گهورينديون هيون. ”نيٺ مامرو ڇا آهي؟ فيصلي لاءِ ايترو وقت ڇو ورتو اٿئي؟“ آئون وراڻيءَ ۾ چوندي هيس. ”مونکي اڃا به سُڌ ڪانهي.“

 

پوءِ تقدير ماکيءَ جي مَک جي روُپ ۾ اچي سامهون ٿي. زرداري سان ملاقات جي چوٿين ڏينهن آئون فتحيءَ کي ونڊسر پارڪ گهمائڻ لاءِ وٺِي وئي هيس ۽ آصف پولو مئچ ۾ ويو هو. اُتي ماکيءَ جي مَک مهنجي هَٿ تي ڏنگ هنيو هو. رات جي مانيءَ کان اڳ منهنجو هٿ گهڻو سُڄي ويو هو. ٻيءَ صبح جو ته اهو ويتر گهڻو سُڄيل هو. ”آئون توکي اسپتال وٺي هلان ٿو.“ جڏهن آصف فليٽ تي آيو، ته هن مونکي چيو. مون گهڻو نٽايو، پر هن منهنجي هڪ به نه ٻُڌي ۽ ڪار گهرائي. ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ کان پوءِ هُو منهنجي لاءِ دوائون وٺي آيو.

”هينئر آئون پنهنجي ذميدار نه آهيان.“ مون سوچيو.”هينئر ڪو ٻيو منهنجي سار لهي ٿو.“ اهو وڻندڙ ۽ انوکو ويچار هو.

ٻيءَ رات هڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ ڳوليندي هڪ ڀيرو وري مقدر جو چَڪر ٿيو. امان، صنم، آصف ۽ آئون ڪجهه ٻين پاڪستاني دوستن سان گڏ ڪار ۾ چڙهي رات جي مانيءَ کائڻ لاءِ شهر پئي وياسين، ته ايتري ۾ اسان رستو ڀُلجي وياسين. پر ڪاوڙجڻ يا اُتاولو ٿيڻ بدران آصف سڀني کي پئي کِلايو.مون خاص ڪري ڀانئيو، ته هو ڏاڍو سٻاجهو، نهٺو ۽ چَئيتو هو. پر ساڳيءَ وقت سارسنڀال لهندڙ پڻ هو.

”تنهنجو ڪهڙو جواب آهي، پِنڪي؟“ ٻيءَ صبح امان مونکان پڇيو.

مون شُوڪارو ڀريو. ”ٺيڪ آهي، امان.“ آصف سان ملاقات جي ستن ڏينهن کان پوءِ اسان جو مڱڻو ٿيو هو.

”پنهنجين مذهبي ذميدارين ۽ خاندان طرفان مون تي رکيل فرض بابت سوچيندي، امان بيگم نصرت ڀٽي طرفان منهنجي شاديءَ جي قبوليت جو آئون خوشيءَ سان اعلان ڪريان ٿي.“ مون پنهنجي اخباري بيان ۾ چيو. ”اُن شاديءَ جو منهنجي سياسي ذميدارين تي ڪوبه اثر نه پوندو … پاڪستان جو عوام سُٺي ۽ وڌيڪ ڀلوڙ مستقبل جو حقدار آهي.، جنهن جي سڦلتا ۽ پُوراڻتا لاءِ آئون جيونَ جي پڇاڙڪي تَند تائين ساڻن گڏ هونديس.“

 

پاڪستان ۾ اُن جو ردعمل گاڏڙ ساڏڙ هو. منهنجي بيان هوندي به، حڪومتي ڇاڙتن اُهو افواهه پکيڙڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ته، ائون سياست تان هٿ کڻي ويئي آهيان. شاهي رستن تي منظم ٽولين بسن کي روڪي مٿن لڳل منجهن پوسٽرن کي ايئن چئي لاهي ڦِٽو ٿي ڪيو، ڄڻ منهنجي شاديءَ سبب هاڻي سندس ڪابه گهرُج ڪانهي. ”اوهان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا جهنڊا اڃا ڇو چاڙهي رکيا آهن؟“ پارٽيءَ ڪارڪنن کي مِهڻا ڏنا ويا. ”بينظير سياست تان هٿ کڻي اوهان کي هيڪلو ڇڏي وئي آهي.“ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حامين جا اُلڪا تڏهن ويتر وڌي ويا، جڏهن سرڪاري اخبارن ۾ آصف جي ماءُ جو ڪُوڙو انٽرويو ڇپيو. ”آئون شاديءَ جي دعوت جنرل ضياءَ کي به ڏينديس.“ مٿس تُهمت هنئي وئي ته هن اُهو چيو هو.

پر ملڪ جي گهڻن ماڻهن اُن ڳالهه تي سرهائي ڏيکاري هئي، ته آئون وڌيڪ معمول پٽاندر زندگي گذارينديس. ان موقعي تي شهرن ۾ عوام ٽي ڏينهن مٺايون ورهائي جشن ڪيو هو. ”اسين ڏهن ورهين تائين ماتم ڪندا رهيا آهيون. هاڻي اسان کي خوشي به ملهائڻ گهرجي.“ عوام چيو. زرداري قبيلي جا ماڻهو به ايترو ئي سرها هئا. آصف جڏهن نوابشاهه ۾ پنهنجين زمينن تي ويو، ته سندس قبيلي جي پندرهن هزار ماڻهن، ڳائيندي نچندي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا جهنڊا جهولائيندي سندس آڌرڀاءُ ڪيو هو.

آئون جڏهن پاڪستان موٽي آيس، ته مون سڄي ملڪ جو دؤرو ڪندي عوام کي خاطري ڪرائي، ته آئون سندن ڀيڻ آهيان ۽ سدائين سندن ڀيڻ ٿي رهنديس ۽ شاديءَ جو منهنجي سياسي سرگرميءَ تي ڪوبه اثر نه ٿيندو. آئون جتي به هوندي هيس، ته اُتي آصف روزانو رات جو مونکي فون ڪندو هو. پوءِ هوريان فون ذريعي آئون هُن کي سڃاڻڻ لڳيس. منهنجيءَ سوچ برخلاف اسين انيڪ ڳالهين ۾ هڪجهڙا هئاسين. هن جي خاندان به مارشل لا ۾ تڪليفون سَٺيون هيون. فوجي عدالت هُن جي والد حاڪم عليءَ کي ستن ورهين تائين سياست کان پري رهڻ جو حُڪم ڏنو هو ۽ جڏهن حڪومت سندس زمينن جو پاڻيءَ بند ڪيو، ته حيدرآباد ضلعي ۾ 1800 ايڪڙ خانداني زمين ڦِٽي بَنجر ٿيڻ لڳي. منهنجي مڱڻي کانپوءِ ته هُن کي وڌيڪ تڪليفون ڏنيون ويون هيون. قومي ملڪيت ۾ ورتل بئنڪن اوچتو هن جا اڏاوتي قرض بند ڪري ڇڏيا هئا. ”تون وڏي غلطي پيو ڪرين.“ جڏهن اسن جي سڱاوتيءَ جو اعلان ٿيو هو، ته ماڻهن کيس چيو. ”تنهنجو اڪيلو پُٽ بينظير ڀُٽي سان شادي ڪري پيو. هاڻي ته سموري ڪامورا شاهي ۽ فوج تنهنجي خلاف ٿي ويندي.“ موٽ ۾ حاڪم علي رُڳو ايترو چيو ته، ”منهنجي لاءِ پُٽ جي سرهائيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابه ڳالهه ڪانهي.“

منهنجي ڄاڻ پٽاندر آصف کي سياست سان ڪوبه چاهه نه هو. ”ڪُٽنب ۾ هڪڙو سياستدان ٺيڪ آهي.“ هن لنڊن ۾ صحافين کي چيو هو. پر جاگيردار پسمنظر رکندڙ انيڪ خاندانن جيان هن مڪاني سياست ۾ حصو ورتو هو ۽ 1985ع جي چونڊن ۾ حصي وٺڻ لاءِ نامزدگيءَ جا ڪاغذ ڀريا هئا. پر ايم آر ڊيءَ جي سَڏ تي هن انهن چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو، تنهنڪري کيس به مارشل لا جو ڏَنگ لڳو هو.

هُن کي پنهنجي گهر مان آڌيءَ رات جو جهَليو ويو هو ۽ فوج دعويٰ ڪئي هئي ته، هن ليسن کانسواءِ هٿيار کڻي رات جو سفر ڪيو هو. آصف جو سڀاڳُ هو، جو اها تُهمت فوجي عدالت ۾ ثابت ٿي ڪونه سگهي. ”مون رڳو ٻه راتيون جيل ۾ گهاريون هيون ۽ اهو ئي گهڻو هو.“ آصف منهنجي هڪ دوست کي ٻڌايو. ”بينظير جيڪي تڪليفون سَٺيون آهن، تن بابت آئون رُڳو سوچي سگهان ٿو.“

هن مونکي نيلم ۽ هيرن جَڙيل دل جهڙي مُنڊي ڏني. هو روزانو مون ڏانهن گلاب جا گُل موڪليندو هو. اسان ڪچهريون ڪيون ۽ گهڻيون ڪچهريون ڪيون. اصل ۾ اسان جي شادي ٻن اوپرن فردن وچ ۾ نه ٿي هئي. هن مونکي ٻڌايو، ته اسين جڏهن اڃا ٻاراڻي وهيءَ ۾ هئاسين، ته هن مونکي پنهنجيءَ سئنيما گهر ۾ ايندي ويندي ڏٺو هو. ويهن ورهين کانپوءِ سندس مائٽ جو نه، پر هُن جو پنهنجو ويچار هو ته هُو پاڻ مون سان ئي شادي ڪندو.“ جيڪڏهن اوهين منهنجي شادي ڪرائڻ گهرو ٿا، ته پوءِ منهنجي لاءِ بينظير جو سڱ گهرو.“ هن پنج ورهيه اڳ پنهنجي پيءُ کي چيو هو. هُو تڏهن کان ڌيرج سان اوسيئڙو ڪندو رهيو. ”ڇا توکي هُن سان پيار آهي؟“ هڪ صحافي کانئس پڇيو. ”هُن سان سڀيئي پيار ڪن ٿا.“ هن وراڻيو.

پر اڃا به اسان هڪٻئي کي پيار جي نگاهه سان ڪونه ڏٺو هو. امان جيتوڻيڪ مونکي ٻڌايو هو ته، پيار شاديءَ کان پوءِ ٿئي ٿو. پر اسان وچ ۾ ذهني ذميداري جُڙي هئي. تنهنڪري ڀانئيو هوسين ته اسين هڪٻئي کي قطعي ۽ سدائين واسطي زال مڙس طور مڃڻ لاءِ تيار هئاسين. مون ڀانئيو هو ته پيار کان وڌيڪ سچائيءَ سان ڀرپور ذهني ٻَنڌڻ سگهارو ٿئي ٿو. مون جيتوڻيڪ اُن ويچار جي پٺڀرائي نه ڪئي هئي ۽ نه ئي ڪريان ٿي ته مونکي مائٽن جي راضپي واري شاديءَ جي پٺُڀرائي ڪندڙ سمجهيو وڃي. مون ڀانئيو هو، ته پسند جي مائٽيءَ ۾ اؤس ڪا چڱائي هئي. اسين اها شادي سوچ ويچار ۽ هڪٻئي ۾ ڪنهن لوڀُ رکڻ کانسواءِ رُڳو سچائي ۽ مريادا توڙي ڀَرم رکڻ پٽاندر ڪرڻ وارا هئاسين. منهنجو ويچار هو ته، پريمي شادين پٺيان ايتريون ته وڏيون آسُون هجن ٿيون، جو اُهي ڪٿي نه ڪٿي ڀڄِي ڀُري پون ٿيون. ساڳئي وقت اهو به اُلڪو رهي ٿو ته، متان پيار جو پيچ ٽُٽي نه پوي ۽ اُن سان گڏ شادي به. پر اسان جو پيار ته پڪ سان وڌندو ويندو.

 

ڊسمبر 1987ع ۾ شاديءَ کان هڪ هفتو اڳ 70 ڪلفٽن ٻاهران عوام جا انبوهه گڏ ٿيڻ لڳا هئا. وڏي دروازي تي سوکڙيون اچڻ شروع ٿيون. سنڌ مان هَٿ جي سِبيل شلوار قميص، پنجاب مان ڀَرت ڀريل رَوا، مٺائيون ۽ ميوا توڙي آصف ۽ منهنجي رُوپ جا شاديءَ لاءِ سينگاريل گُڏيون ۽ گُڏا. منهنجا مائٽ ورلي گهر مان ٻاهر نڪري ماڻهن سان گڏ نچندا ۽ سرها ٿيندا هئا. عورتون ۽ ٻار اندر باغ ۾ اچي ويهندا هئا.

روايت پٽاندر شاديءَ کان هڪ ٻه هفتا اڳ ڪُنوار کي پيلي رنگ جا ڪپڙا پارائي هار سينگار کانسواءِ، نويڪلائپ ۾ ويهاريو وڃي ٿو، ته جيئن هُو کوٽِي نگاهه کان بچيل رهي. پر ونواهه جي اُن آڳاٽي رسم لاءِ مون وٽ وقت ڪونه هو. آئون پنهنجو ڪم ٻن هفتن تائين سيڙائي نه پئي سگهيس. اسان جو هني مون ملهائڻ جو به ڪو ارادو نه هو.

اسان ٻيون به انيڪ روايتي رسمون پُوريون نه ڪيون. جو اسان پنهنجي ملڪ لاءِ هڪ مثال جوڙڻ ٿي گهريو. اها شادي مانائتي نموني، پر سادگيءَ سان ٿيڻي هئي ۽ نه سڄو هفتو ڦَڪڙپائيءَ ۾ وقت وڃائڻ سان. جيئن پاڪستان ۾ ڪيترائي خاندان اهي رسمون نڀائڻ لا ءِمجبور آهن: جنهن سبب اُهي سڄِيءَ ڄمار جي ڪمائي وڃائي ويهن ٿا يا وري قرضن ۾ ڪارا ٿي وڃن ٿا. رسم پٽاندر گهوٽيتن طرفان ڏاڍيءَ محنت سان سِبرايل لباس جا ايڪيهين کان ايڪونجاهه تائين جوڙا ڪنوار کي ڏنا وڃن ٿا. مون رُڳو ٻه جوڙا گهريا: هڪ شاديءَ، ۽ ٻيو زردارين طرفان شاديءَ کان ٻه ڏينهن پوءِ ٿيندڙ دعوت جي موقعي لاءِ. ڪنوار جي ڪپڙن تي گهڻو ڪري مٿي کان هيٺ تائين سوني ڌاڳي سان ٽِڪن وارو سهڻو ڀرت ڀريل هُجي ٿو، پر مون چاهيو پئي، ته اهڙو ڀَرت رڳو مٿئين حصي تي هجي يا رڳو اڳنڌ ۽ پائنچن تي هجي ۽ ٻنهي پاسن تي به نه هجي.

رسمن پٽاندر جواهرَ جڙيل زيور به ڏنا وڃن ٿا. ڪنوار ڳچيءَ کان ڇاتيءَ تائين سَت سِري دُهري به پائي ٿي، جنهن ۾ جواهرَ جڙيل هجن ٿا. مون آصف کي چيو ته مونکي رُڳو ٻه سادا سيٽ ڏنا وڃن: هڪ شاديءَ ۽ ٻيو دعوت جي موقعي لاءِ. منهنجي زندگيءَ ۾ جواهرن لاءِ جاءِ ڪانهي. ”مونکي جواهر ڏيڻ لاءِ تو وٽ سڄي ڄمار پئي آهي.“ مون آصف کي آٿت ڏني، جنهن مونکي پر قيمتي سيٽ ڏيڻ چاهيا ٿي. مون اُهي سونيون چوڙيون وٺڻ کان به نٽايو، جيڪي هر ڪنوار ٻانهن ۾ ڪَرائيءَ کان ٺُونٺ تائين پائي ٿي. مون رُڳو ٻٽي سونين چوڙين ۽ باقي ڪانچ جي چوڙين پائڻ جو ارادو ڪيو هو. مون اهو ٿي چاهيو، ته ماڻهو منهنجو مثال ڏئي ٻڌائين، ته بينظير جيڪڏهن پنهنجي شاديءَ تي شيشي جون چوڙيون پائي سگهي ٿي، ته پوءِ منهنجي ڌيءُ به اهي پائي سگهي ٿي. مون پنهنجي نالي جي چونڊ به پاڻ ڪئي. چوٽيهن ورهين تائين مونکي بينظير ڀُٽو سڏيو ويندو هو، تنهنڪري مونکي پنهنجي اُها سڃاڻپ ڦيرائڻ جي خواهش نه هئي.

 

”منهنجي لاڏليءَ جي پيشانيءَ تي وار چمڪن ٿا. هن لاءِ ميندي آڻيو. ميندي آڻيو، جيڪا سندس هٿُ ڳوڙها ڪندي.“ 17 ڊسمبر تي مينديءَ جي رسم کان ٽي ڏينهن اڳ 70 ڪلفٽن جي هڪ پاسيري ڪمري ۾، جيڪو پارٽيءَ جو دفتر هو ۽ جتي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، اُتي منهنجي ڀيڻ، منهنجيون سوئٽون ۽ ساهيڙيون گڏجي مينديءَ جي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائڻ لڳيون ۽ گهوٽيتن سان گڏجي ناچ جي چٽاڀيٽي ڪرڻ لڳيون. اتي سلما، سميعا، پشي ۽ امينا هيون. ياسمين به لنڊن مان آئي هئي. روزانو انگلينڊ مان ڪيتريون ئي ساهيڙيون پُهتيون پئي: ڪوني سيفرٽ، جنهن جي سخت ڪوشش سبب امان کي علاج لاءِ ضياءَ پاڪستان مان وڃڻ جي اجازت ڏني هئي؛ سوسن ڊيوڊ، ڪيٽ گريگوري، جيڪي آڪسفورڊ جي ڏينهن کان منهنجيون ساهيڙيون هيون ۽ وڪوٽوريا شوفيلڊ، جنهن جي ويزا حڪومت پڇاڙيءَ گهڙيءَ تائين روڪي ڇڏي هئي. آمريڪا مان ايني فيڊيمين ۽ اتي منهنجي ڪمري ۾ رهندڙ ساهيڙي يولينڊا ڪورزڪي آيون هيون. ايني هن ڀيري ’لائيف‘ مخزن لاءِ منهنجي شاديءَ تي مضمون لکڻ لاءِ آئي هئي. ”تون 1986ع ۾ هتي ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۾ ڦاسڻ لاءِ آئي هئي.“ مون کِلندي اينيءَ کي چيو. ”شڪر آهي جو هينئر تون هتي خوشيون ملهائڻ لاءِ آئي آهين.“

اُهي اچرج ۾ وجهندڙ ٻيهر گڏجاڻيون هيون. اسان جا پاڻ ۾ لاڳاپا اهڙا جُڙيل هئا، جيڪي مارشل لا جي سموري پيڙا ۾ نه رڳو اَٽل هئا، پر ويتر سگهارا پڻ ٿي ويا هئا. اُن موقعي تي بابا جا وڪيل ۽ ڪيترائي سياسي قيدي به آيا هئا. اوچتو 70 ڪلفٽن ۾ ڊاڪٽر نيازيءَ جي پهچڻ تي چؤڌاري ڦڙڦوٽ پئجي وئي هئي. جيتوڻيڪ بابا جي ڏندن واري ڊاڪٽر تي اسلام آباد ۾ سخت الزام لڳل هئا، پر هو اڪيلائپ جا ڇهه ورهيه جلاوطن رهي، منهنجي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ موٽي آيو هو. هو ڪراچيءَ ۾ بلڪل محفوظ هو، پر ڪنهن کي به پتو نه هو، ته هو جڏهن اسلام آباد واپس وڃي پنهنجي ڌنڌو ٻيهر شروع ڪندو ڪندو، ته کيس ڪهڙن مامرن سان مُنهن ڏيڻو پوندو. اُن سموري موقعي تي امان هر ڪنوار جي ماءُ جيان هوشياريءَ سان هر ڪم جي نگراني ڪندي رهي. 1982ع کان هوءَ به پاڪستان ۾ نه هئي ۽ حقيقت ۾ سندس نِنڊ ڦٽل هئي.

70 ڪلفٽن ۾ ساهيڙيون ۽ مِٽ مائٽ موجود هئا، ته ٻاهر وري لکين ماڻهو ڪراچيءَ جي مرڪزي علائقي لياريءَ ڏانهن پئي ويا. اسان جي شادي ٻن جاين تي ٿيڻ واري هئي: هڪڙي گهر ۾ ساهيڙين ۽ گهر ڀاتين جي موجودگيءَ ۾ ۽ ٻيءَ عوام اڳيان. مارشل لا وارن ورهين جي قيد جي سزا ڀوڳيندڙ پارٽيءَ جي پندرهن هزار حامين ۽ شهيد ٿيندڙن جي مائٽن آڏو عوامي دعوت وري لياري ۾ راندين جي شاهي ميدان ڪڪري گرائونڊ ۾ ٿيڻي هئي. اُن گرائونڊ ۾ بابا پهريون سياستدان هو، جنهن اتي جي مسڪين ۽ ڏتڙيل عوام کي خطاب ڪيو هو ۽ سندن پاران آواز اُٿاريو هو. اُن ئي ميدان تي 14 آگسٽ 1986ع تي پوليس ڇهن ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو ۽ مٿن ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا اڇلايا هئا. ڪڪري گرائونڊ جا ڪجهه حصا عام ماڻهن لاءِ به رکيا ويا هئا.

مينديءَ کان هڪ رات اڳ آئون برقعو پائي اتي انتظامن جي نظرداريءَ لاءِ وئي هيس. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ يونين ۽ ٻين يونينن جي ڪارڪنن ڪڪري گرائونڊ تي پنجاهه- چاليهه فوٽ وڏي اسٽيج ٺاهي، اُن جي آخري چڪاس پئي ڪئي. اُهو اسي ٽن لوهه ۽ ڪاٺ جو مضبوط ٿلهو ٺاهيو ويو هو. اوچتي گهُرج تي ويچاريندي جنريٽر به رکيا ويا هئا، ته متان حڪومت بجلي ڪَٽڻ جو فيصلو ڪري، ته پوءِ انهن ذريعي ميدان ۾ روشني ڪئي ويندي. ميدان چؤڌاري ويهه وڏي اسڪرين جا ٽيليويزن سيٽ رکيا ويا هئا، ته جيئن ماڻهو شاديءَ جون رسمون ڏسي سگهن. غاليچن وڇايل اسٽيج تي اسان جي ٻن خاندانن لاءِ رکيل ڪُرسين جي ٻنهي پاسن کان ياسمين، گونٽي ۽ گلاب جي گلن جون لَڙهيون ٺاهيون ۽ سندن وچ ۾ آصف ۽ منهنجي لاءِ ڪُرسيون رکيون پئي ويون.

گرائونڊ چؤڌاري پنج ماڙ عمارتن تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڳاڙهن، ساون  اڇن رنگن ۾ هزارين بلبن جون جهالرون لڳل هيون ۽ بابا جي هٿ سان چِٽيل اُها وڏي تصوير تيز روشنيءَ ۾ چمڪي پئي، جنهن دعا پئي گهري اسان کي اميد هئي ته ڪڪري گرائونڊ ۾ هڪ لک کن ماڻهو گڏ ٿيندا. پر اتي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار ماڻهو ته اڳواٽ ئي اچي ويا هئا. انهن مان ڪجهه سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين مان پنڌ ڪري يا سائيڪلن تي چڙهي اتي آيا هئا. اهي منهنجا ڀائر هئا ۽ ڀينرون هيون ۽ کين دعوتنامن جي ڪابه گهُرج نه هئي. اهي پنهنجي خانداني شاديءَ ۾ آيا هئا.

دُهلن ۽ ڏونڪن جا آواز. عورتن جا ڳيچ. منهنجن مائٽن طرفان شاديءَ جي مبارڪن جو هُل. 17 ڊسمبر تي مينديءَ جي رسم لاءِ گهوٽيتن جو جلوس 70 ڪلفٽن تي پهتو. آصف جي مائٽن ميندي جا ٿالهه آندا جيڪي مور جي نموني ٺهيل هئا ۽ سندن پُڇن ۾ مور جا سَچا کنڀ لڳل هئا. زردارين جو جلوس جڏهن باغ ۾ پهتو، ته منهنجي خاندان جي عورتن کين گلاب جي گلن جا هار پارائي، سندن آڌرڀاءُ ڪيو. آصف کي پيرين پيادو ڏسي مونکي آٿت ملي، ڇو ته هن پنهنجي گهوڙي تي چڙهي اچڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.

اسين ٻئي 70 ڪلفٽن جي ڏاڪڻ جي ٿَلهي تي آرسين جَڙيل ۽ سِپ جي ڪمانگري بئنچ تي ٿي ويٺاسين. مون پنهنجي گهونگهٽ مان پنهنجي خاندان ۽ ساهيڙين ڏانهن نهاريو، جيڪي هيٺ هڪ پاسي غاليچي واري ڏاڪڻ ڀرسان ميڙ ڪيو بيٺا هئا ۽ ٻئي پاسي آصف جا مائٽ هئا. راڳ شروع ٿيو ۽ ان ۾ اسان طرفان اهڙا ڳيچ ڳايا ويا، جيڪي شايد ئي ڪنهن ٻُڌا هوندا: ’جڏهن آئون سياست جي ڪم سان گهر کان ٻاهر وينديس، ته آصف کي ٻار سنڀالڻا پوندا. هو مونکي جيل وڃڻ کان پڻ ڪونه جهليندو.‘ ياسمين، صنم، لالي ۽ ٻين ساهيڙين گيت ڳايا: ’توکي وڃڻو پوندو ته، بينظير ڀلي قوم جي خدمت ڪري.‘ هنن اردوءَ ۾ ڳايو ۽ آصف طرفان اُن جو جواب پڻ ڏنو: ’اهو مون کي قبول آهي. ڇو ته  آئون پنهنجيءَ زال جي خدمت ڪري قوم جي خدمت ڪندس.‘

باغ ۾ لڳل رنگارنگي شامياني هيٺان اسان جي ويجهن ٻه سؤ دوستن دعوت جي ماني کائڻ کان اڳ تاڙيون وڄايون ۽ خوشيءَ جون ڳالهيون ڪيون. مون امان جي چهري تي ڳوڙها ڏٺا. مونکي سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿي آيو ته، اهي ڳوڙها خوشيءَ جا هئا يا اُن مايوسيءَ سبب، جيڪا کيس انهن پرڏيهي فوٽوگرافرن کي ڏسي ٿي هئي، جيڪي حفاظتي ماڻهن کان لِڪي، اِندر گهڙي آيا هئا ۽ منهنجي ۽ آصف چؤڌاري ميڙو ڪيو بيٺا هئا. مينديءَ جي رسم بلڪل خانداني رسم هئي. پر ننڍي کنڊ ۾ صديءَ جي اُن شاديءَ جي ٻن ڏينهن واري جشن جون خبرون موڪلڻ لاءِ صحافي عرب رياستن، جرمني، فرانس، هندستان، آمريڪا ۽ انگلينڊ مان به آيا هئا. هنن کانسواءِ ريڊيي جا عيوضي پڻ موجود هئا.

ٻيءَ رات جڏهن اسين نڪاح جي رسم لاءِ باغ ۾ گڏ ٿياسين، ته منهنجيءَ دل ۾ سَٽون اڀريون، ته جيڪر اُن موقعي تي منهنجو ڀاءُ مير به اُتي موجود هجي ها. هو ته صنم جي شاديءَ ۾ به نه اچي سگهيو هو ۽ نه وري اسان مان ڪو هُن جي شاديءَ ۾ افغانستان ۾ ويو هو. حڪومت طرفان گرفتاريءَ جي جوکي هوندي به مير ڌمڪي ڏني هئي، ته هُو منهنجي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لِڪي پاڪستان ايندو. پر امان هن کي اهڙي جوکي کڻڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

 

”تڪڙو نه هل. تون عام جلسي ۾ ڪونه پئي وڃين، جو توکي دير ٿئي.“ صني ۽ امان جيئن مونکي باغ ۾ شاديءَ جي ٿَلهي ڏانهن وٺي پئي ويون، ته صني منهنجي کُهنبي گهونگهٽ جو پلاند ٿورو مٿي ڪندي مونکي هوريان چيو.

”ڪنوار ڌيرج سان هلي ٿي.“ ماسي بهجت قرآن شريف جو مون تي ڇانوَ ڪندي سمجهايو.

شاديءَ جي ٿلهي تي پنهنجي جاءِ تي ويهندي ڳڻتيءَ وچان مون هيٺ زمين ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي سئوٽ شاد کلندي مون وٽ آئي.

”هنن ماڻهن کي ايتري دير ڇو ٿي آهي.“ مون هن کان پڇيو ۽ مونکي اُلڪو هو، ته الاءِ آصف وارن وٽ ڇا پئي ٿيو، جتي اسان جي خانداني مولوي شاديءَ جون دعائون پئي پڙهيون.

”منظور آهي؟“ شاد مون کان پڇيو. مون سمجهيو ته هن مون کان چرچي وچان پڇيو آهي ته، آئون تيار به آهيان يا نه.

”آهي.“ مون ورندي ڏني. ”پر اُهي ڪٿي آهن؟“

هُن رڳو مُرڪيو ۽ اُهو ساڳيو سوال ٻه ڀيرا وري پڇيو. ”آهي. آهي.“ مون ورجايو. ڀانئيم ته مون اُها رواجي هائوڪار منهنجي شاهد سان ڪئي ۽ ائين آئون پرڻيل عورت بڻجي ويس.

منهنجي چؤڌاري ’ش‘ حرف سان نالا شروع ٿيندڙ ست شيون رکيل هئڻ سبب مٺائين ۽ سونا روپا ورق چڙهيل خشڪ ميوي جا ٿالهه ۽ چاندي جا ڏيئا، چاندي جي شمعدانن ۾ هئا. سڄي باغ ۾ هزارين ننڍڙا بجليءَ جا بلب هئا، جن جي روشني ٿلهي جي چؤڌاري لڳل چانديءَ جهڙي پني تي جهرمر پئي ڪئي. جڏهن آصف اچي منهنجي ويجهو ويٺو، ته منهنجين مائٽ عورتن هڪ سونهري ۽ سائي رنگ جي شفاف شال منهنجي مٿان جهلي. اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجي وچ ۾ رکيل آئيني ۾ پهريون ڀيرو هڪ ٻئي کي ساٿيءَ طور ڏٺو. امان ۽ ماسين وري مصريءَ جون تَڙون اسان جي مٿن مٿان ڀَڳيون، ته جيئن اسان ٻنهي جي زندگي مصريءَ جهڙي مِٺي گذري ۽ پوءِ هنن اسان کي لانئون ڏنيون. اُن موقعي تي چؤطرف واڌاين جو گوڙ ٿيو.

اُن رات ڪراچيءَ ۾ چؤڌاري سُرهائيون ۽ جشن هئا. جڏهن اسين هڪ بلاڪ پرتي ڪلفٽن باغ ۾ هڪ نجي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ 70 ڪلفٽن مان نڪتاسين، ته مونکي ۽ آصف کي ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي ڳاهٽ ٿيا هئا. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي رضاڪار محافظن ڏاڍي ڪوشش سان سندن وچ مان رستو ٺاهيو، ته جيئن اسان جا مهمان باغ ۾ پهچي سگهن. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ عوامي جشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لياريءَ ڏانهن وڃڻ وقت رستن تي سڄڻن ۽ همدردن جا هجوم ڏسڻ ۾ ٿي آيا. جيپن مان شاديءَ جي ڳيچن جا آواز پئي ٻُڌا، جيڪي اسان جي شاديءَ جي ياد ۾ سڄي پاڪستان ۾ پکڙجي ويا هئا. اُن چؤنڪ چؤڌاري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ  جي رنگن جي بلبن جون جهالرون لڳل هيون، جتي هڪ سال اڳ ڪيترن ئي ماڻهن تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا اڇلايا ويا هئا.

ڪڪري گرائونڊ ۾ ٻن لکن کان به مٿي ماڻهن جا ميڙ هئا، جيڪي پاسي وارين گهٽين تائين پکڙيل هئا. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ عوام جو اهو پيار ۽ پُٺڀرائي آصف جي پهرين پرک هئي ۽ هن جي مُنهن مان تنهن وقت ڳڻتيءَ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جڏهن رضاڪار محافطن عوامي هجوم کي پري هٽائيندي پجيرو لاءِ رستو پئي ٺاهيو. راندين جي اُن ميدان تي انچ جيتري به جاءِ خالي نه هئي ۽ نه وري چؤڌاري عمارتن جي بالڪونين تي. ڪيترن ڏينهن کان پاڪستان پيپلز پارتيءَ جي ڪارڪن عورتن پيپلز پارٽيءَ جي رنگدار دٻن ۾ شاديءَ جي مٺائي پئي ٺاهي رکي، ته جيئن اهي دَٻا لياريءَ ۾ آيل ماڻهن کي ڏنا وڃن. رڳو هڪ ڪلاڪ اندر چاليهه هزار دٻا ورهايا ويا.

”جيئي ڀٽو! جيئي ڀٽو!“ هر طرف لوڪ گيتن جا واڄٽ هئا. ماڻهن خوشيون پئي ملهايون ۽ ناچ پئي ڪيا. هوا ۾ ننڍا ڦوڪڻا اُڏايا ويا، جن پويان گولين جا ڌَڌڪا  هئا. رات جي اونداهه ۾ آتشبازيءَ جا رنگ پکڙجڻ لڳا. جڏهن ته پَٽ تان چانديءَ ۽ سوني رنگ جا چشما پئي ڦُٽيا. مون هٿ لوڏي عوام جو آڌرڀاءُ ڪيو. هنن پڻ جواب ۾ هٿ لوڏيا. هنن جي اميدن ۽ سَپنن ۾ ڪوبه فرق نه آيو هو: ڀلي آئون اڪيلي هجان يا پرڻيل.

مون کي پڪ هئي ته، لياريءَ ۾ عوامي ميڙاڪي ۾ ضياءَ جا جاسوس به موجود هئا، جن کي اُميد هئي ته اُهي ضياءَ کي اها ڳالهه ٻڌائڻ ۾ سوڀارا ٿيندا، ته شاديءَ سبب منهنجي پُٺڀرائي گهٽجي وئي آهي. پر حڪومت جون اُميدون مِٽيءَ ۾ ڌُوڙ ٿي ويون هيون. ”بينظير کي پهرين ٻار نه ڄمڻ تائين ضياءَ چونڊون نه ڪرائيندو.“ اسين جڏهن رات جو دير سان 70 ڪلفٽن موٽياسين ، ته سميعا منهنجي مائٽن سان چرچو ڪندي چيو. اُهو ٻُڌي سڀئي ٽهڪ ڏئي کِلڻ لڳا. آصف جيتوڻيڪ گهڻي اولاد هجڻ جي خواهش ڏيکاري هئي، پر اسان وڇوٽيءَ جو فيصلو ڪيو هو. اسان کي سَگهري زندگيءَ جو هيراڪ ٿيڻ ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ وقت جي گهُرج هئي ۽ منهنجيون اهم سياسي گهُرجون اُهي ساڳيون ئي هيون.

”اڄ گهڻي ذاتي ۽ سڳوري ڏڻ تي. آئون پاڪستاني عوام سان پنهنجو اُهو وچن ٻيهر ورجائڻ گهران ٿي ۽ پنهنجي اُن بنهه ڳنڀير وچن کي ورجايان ٿي، ته منهنجي حياتي هر شهريءَ جي ڀلائي ۽ اسان جي مهان قوم کي آمريتي چنبي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ارپيل رهندي.“ مون پنهنجي بيان ۾ چيو، جيڪو شاديءَ جي ٻئي ڏينهن ڪڍيو هو. ”ماضيءَ جيان آئون ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان پُٺتي نه هٽنديس، کڻي اُها وڏي هجي يا ننڍي. آئون پنهنجن ڀائرن۽ ڀينرن سان، پاڪستاني عوام سان، ڪُلهوڪُلهي ۾ ملائي گڏجي ڪم ڪنديس، ته جيئن اهڙو سماج جُڙي، جنهن ۾ ڀَؤ ۽ ڇڪتاڻ جو نالو نشان به نه هجي. ڪالهه به منهنجي منزل اها ئي هئي. اها اسان سڀني جي ڀرپور سوچ آهي ۽ سدائين اسان جي اٽل ذميداري هوندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org