سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڌرتيءَ ڌيءَ

باب: -

صفحو : 4

 

جمهوريت ۽ منهنجي پهرين آزمائش

المرتضيٰ ۾ نظربند رهندي امان ۽ مونکي جيئن ٻيو مهينو شروع ٿئي ٿو، ته اسان جي باغ کي ڄڻ سرءُ وڪوڙي وڃي ٿو. بابا جي قيد واري زماني ۾ ۽ سندس وفات کان پوءِ، انهيءَ باغ جي سنڀال ۽ زمين جي صفائيءَ لاءِ اسان وٽ ڏهن ماڻهن جي گهُرج هوندي هئي. پر جڏهن کان المرتضيٰ کي امان ۽ منهنجي لاءِ سب جيل جو درجو ڏنو ويو آهي، ضياءَ جي فوجي حڪومت رڳو ٽن باغائين کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني آهي. باغ کي سلامت رکڻ لاءِ آئون به هنن سان گڏجي ڪوشش ڪريان ٿي.

مون کان گُلن جو ڪُومائجڻ اصل ڏٺو ڪونه ٿو ٿئي، خاص ڪري اهي گل جيڪي بابا جا پوکيل هئا. هو جڏهن به ڪنهن ٻاهرئين ملڪ جي سفر تان موٽندو هو. تڏهن پاڻ سان گڏ پنهنجي باغ لاءِ اتان جا ٻوٽا کڻي ايندو هو: واڱڻائي رنگ جا گلاب، ڳاڙهاڻ مائل نارنگي رنگ جا گلاب، گلاب جا گل جيڪي ڏسڻ ۾ گلاب جا گل نه ٿي لڳا، پر اهي ايترا ته پوريءَ طرح ڇانٽيل هئا، ڄڻ اهي چيڪي مٽيءَ مان ٺاهيا ويا هُجن. هن جي پسند جو گلاب، نيري رنگ جو هوندو هو، جنهن کي ’امن جو گل‘ چوندا هئا. گلن جي سنڀال نه لهڻ سبب هاڻي انهن ٻوٽن ڪومائڻ شروع ڪيو هو ۽ سندن پَن پيلا ٿي ويا هئا.

آرهڙ جي چيچلائيندڙ گرميءَ ۾ آئون روزانو صبح جو ستين بجي کان باغ ۾ وڃان ٿي ۽ ولايتي ٽاٽ جا ڳرا نڙا ڇِڪي، هڪڙي ٻاري کان ٻي ٻاريءَ تائين پاڻي ڏيڻ لاءِ باغائين جي مدد ڪريان ٿي. گهر جي ڪُنڊن وٽان فرنٽيئر فورس جا سپاهي مونکي ڏسن ٿا. باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ٽي ڏينهن لڳي ويندا هئا، پر اسين اهو ڪم اَٺن ڏينهن ۾ ڪريون ٿا. جيستائين اسين گلن جي آخري ٻوٽن تائين پهچون ٿا، تيستائين پهريان ٻوٽا ڪومائجڻ شروع ٿين ٿا. آئون انهن گلن کي سُڪڻ کان بچائڻ گهران ٿي، ڇو ته مناسب پاڻي ۽ سنڀال نه هجڻ سبب انهن جيئڻ جي جيڪا ڪوشش ٿي ڪئي، تن ۾ مونکي آزادي ڦرجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي جياپي جي جدوجهد ٿي نظر آئي.

منهنجي زندگيءَ جو گهڻو سُٺو وقت المرتضيٰ جي گلاب جي گلن ۽ ميويدار وڻن جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ گذريو آهي. ڏينهن جو سڄي گهر ۾ ’ڏينهن جو راجا‘ گلن جي هُٻڪار هوندي هئي. اهي سهڻا ۽ اڇا گل ڪيترن ئي ٻين پاڪستاني عورتن جيان امان به پنهنجن وارن ۾ هڻندي هئي. سج لهندي ئي سموري هوا رات- راڻيءَ جي خوشبوءَ سان واسجي ويندي هئي، ۽ اسين انهن خوشبودار شامن ۾ گڏجي گهر جي ٿَلهن تي ويهندا هئاسين.

نَڙا وڌيڪ آندا ويا. پاڻي وڌيڪ ڏنو ويو. آئون باغ ۾ گهر جي وچ واري حصي مان وڻن جا ڪَک پَن ٻُهاريان ٿي ۽ ڏانداريءَ سان لان صاف ڪريان ٿي. جو نيٺ منهنجيون ٻانهون سُور ۾ وٺجي وڃن ٿيون. هٿن جو تَريون ٺوٺ ٿي وڃن ٿيون ۽ مٿن ڦلوڪڻا ٿي پون ٿا. ”تون اهو ڪم پاڻ ڇو ٿي ڪرين؟“ آئون ٻنپهرن ڌاري جڏهن ڏاڍو ٿڪجي، اُمالڪ ڪِري پوان ٿي ته، امان ڳڻتيءَ وچان مونکان پُڇي ٿي. ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ته آهي نه، آئون هن کي چوان ٿي. پر اهو ٿورڙو وڌيڪ آهي. جيڪڏهن مون ايتري گهڻي محنت ڪئي، جو منهنجي بدن جو هر حصو ٿڪجي پيو، ته پوءِ ٿورو به سوچڻ تي آئون سخت ٿڪجي پونديس. ۽ آئون فوجي راڄ ۾ پنهنجي زندگي وڃائڻ بابت سوچڻ نه ٿي گهران.

آئون گلن جا ڪجهه نوان ٻارا پاڻ ٺاهيان ٿي ۽ گلاب جي گلن جا قلم هڻان ٿي، پر اُهي لڳن نٿا. امان ڀينڊين، مرچن ۽ ڦودني جي ٻوٽن تي جيڪا محنت ڪئي، تنهن ۾ کيس سوڀُ ٿئي ٿي. روز شام جو آئون سِيٽي وڄائي پاليل ٻگهه پکيءَ جي جوڙي کي سڏيان ٿي ۽ جڏهن اهي پرڙا ڦڙڪائيندا روٽيءَ جا ٽڪر وٺڻ لاءِ مون ڏانهن ڊوڙي ٿا اچن، ته مونکي سرهائي ٿئي ٿي. ڪنهن جانور کي سَڏڻ تي ان جو اچڻ، ڪنهن شيءَ جو پوکڻ کانپوءِ ڦُٽڻ، اهي ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته آئون موجود آهيان.

آئون جڏهن باغ ۾ ڪم نه ٿي ڪريان، تڏهن رڳو وقت کي گذارڻو پوي ٿو. آئون پنهنجي ڏاڏي جي ڪتابن مان ارل اسٽينلي گارڊنر جا ڪتاب ور ور ڏئي پڙهان ٿي، جيتوڻيڪ اڪثر بجلي هلي وڃي ٿي. ۽ امان ۽ آئون ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون اوندهه ۾ گذاريون ٿا. اسان وٽ ٽيليويزن به آهي، پر جڏهن بجلي اچي ٿي ته ان تي به ڏسڻ لاءِ ڪجهه نٿو ملي. بابا جي وقت ٽيليوزن تي ڊراما ڏسبا هئا، فلمون هلنديون هيون ۽ سلسليوار ناٽڪ ٿيندا هئا، انهن سان گڏ ماڻهن کي پڙهڻ سيکارڻ لاءِ تقريرون ۽ ٻيا ادبي پروگرام هلندا هئا. هاڻي جڏهن آئون ٽيليويزن کوليان ٿي، ته ان ۾ ڪي به نظر نه ٿو اچي، رڳو ضياءَ ٿو ڏسجي: ضياءَ ٻي تقرير پيو ڪري، ضياءَ جي تقريرن تي مذاڪرا پيا ٿين، خبرن جا سينسر ٿيل پروگرام، جن ۾ ٻڌائين ٿا ته ضياءِ ڪنهن ڪنهن سان مليو آهي.

رات جو سوائين اَٺين وڳي امان ۽ آئون روزانو بي بي سي ريڊيي تان اردو خبرون ٻُڌون ٿا. نومبر ۾ رڳو بي بي سيءَ ذريعي اسان کي خبر پوي ٿي، ته ڪاوڙيل ماڻهن اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخانو سڄو ساڙي رک ڪري ڇڏيو، ڇو ته هنن سمجهيو هو ته، مڪي شريف ۾ خانه ڪعبه تي قبضي پٺيان آمريڪا جو هٿ هو. سموري خبر ٻڌڻ کان پوءِ امان ۽ مونکي حيرت لڳي ٿي، ته اسلام آباد ۾ بچاءَ جي سخت انتظام ۽ فوجي قانون هوندي به، بسن ۽ لارين کي اجازت ڏني وئي، ته بنياد پرست شاگردن کي کڻي آمريڪي سفارتخاني تائين پهچائين، جيڪي پوءِ هنن ساڙي ڇڏيو. اهو سفارتخانو اختياري وارن جي اکين اڳيان ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي سڙيو، جيڪي پيپلز پارٽيءَ  جي احتجاجي جلوسن تي سدائين اک ڇنڀ ۾ اچي ڪڙڪندا  هئا. آمريڪي سفارتخانو سڙي ويو ۽ ان ۾ هڪ ماڻهو مري ويو. پشيمان ضياءَ هڪدم ٽيليويزن تي اچي آمريڪن کان کليل معافي ورتي ۽ نقصان ڀري ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر هو ڪهڙيءَ راند ۾ رُڌل هو؟ اهو اڄ ڏينهن تائين هڪڙو راز آهي.

هڪ مهينو پوءِ بي بي سيءَ وارن جيڪي خبرون ٻُڌايون، سي وڌيڪ ڀڙڪائيندڙ آهن.

27 ڊسمبر 1979ع تي روسي فوجون افغانستان ۾ ڪاهي پون ٿيون. بي بي سيءَ تي جڏهن امان ۽ آئون اها خبر ٻُڌون ٿا، تڏهن اهو ڄاڻندي ته ان سبب گهڻا سياسي مونجهارا ٿيندا، اسين هڪ ٻئي ڏانهن چتائي ڏسون ٿا. وڏين طاقتن جي جنگ هاڻي بنهه پاڪستان جي در تائين اچي پهتي آهي. جيڪڏهن آمريڪا گهري ٿو، ته روس جي موجودگيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو ملڪ اندروني طرح مضبوط هجي، ته پوءِ هنن کي هڪدم پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن هو اوسيئڙي جو فيصلو ڪن ٿا ۽ ڏسڻ گهرن ٿا ته افغانستان ۾ ڇا ٿو ٿئي، ته پوءِ ضياءَ جي آمريت کي پختي هٿي ملي ويندي.

مونکي آمريڪا ۾ لوڪشاهيءَ جو پهريون تجربو ٿيو هو ۽ جتي مون پنهنجي زندگيءَ جا خوشيءَ ڀريا چار ورهيه گذاريا هئا. آئون هينئر به اکيون پوري هارورڊ- ريڊڪلف ڪئمپس جي تصوير ذهن ۾ آڻي سگهان ٿي. سرءُ ۾ پِيلا ۽ هئڊي رنگ جا وڻ، سياري ۾ برف جو نرم تهه، بهار ۾ ساون سلن جي ڦٽڻ سبب اسان سڀني ۾ تحرڪ جاڳي اٿندو هو. ريڊڪلف ۾ ئي شاگرد طور مونکي وڏين طاقتن جي خودغرضي ۽ ٽين دنيا جي بيوسيءَ جي ڄاڻ ملي هئي.

پاڪ- ا-ستان؟ ڪٿي آهي. پاڪ-ا-ستان؟“ آئون جڏهن پهرين ريڊڪلف ۾ پهتيس، ته منهنجي ڪلاس جي ساٿين مونکان پڇيو. ان وقت جواب ڏاڍو سولو هو.

”پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ آهي.“ مون وراڻيو. ”پاڪستان جا ٻه حصا آهن، جن جي وچ ۾ هندستان آهي.“

”هون، هندستان.“ اطمينان ڀريو جواب مليو. ”اوهان جو ملڪ هندستان ڀرسان آهي.“ هندستان جو جڏهن به حوالو ايندو هو ته مونکي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي، جو ساڻس اسان جون ٻه سخت جنگيون ٿيون هيون. پاڪستان کي آمريڪا جو مضبوط ساٿي سمجهيو وندو هو، جيڪو هندستان ۽ ٻين سرحدي ملڪن – ڪميونسٽ چين، افغانستان ۽ ايران ۾ روس جي اثر رسوخ کي روڪڻ لاءِ هڪ سرحدي ملڪ هو. آمريڪا پنهنجي يو -2 جاسوسي اڏامن لاءِ اتر پاڪستان ۾ اسان جا هوائي اڏا ڪَتب آندا هئا، جڏهن 1960ع ۾ گئري پاورس جو جهاز ڪيرايو ويو هو. 1971ع ۾ هينري ڪيسنجر جي اسلام آباد کان چين تائين ڳجهي اڏام وڌيڪ ڪامياب ٿي هئي، جنهن سبب ٻئي سال صدر نڪسن چين جو تاريخي سفر ڪيو هو. ان هوندي به ائين ٿي لڳو ته آمريڪين کي منهنجي ملڪ جي بلڪل ڄاڻ ڪين هئي.

اهي ڀٽي خاندان کان پڻ اڻڄاڻ هئا ۽ ان اڻڄاڻائيءَ سبب مونکي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اُن سچائيءَ تي کِل آئي هئي. پاڪستان ۾ ڀٽي جو نالو سدائين سڃاڻپ هوندو هو ۽ ان سان گڏ مونکي هڪ حجاب جو احساس ڏياريندو هو. مونکي اها خبر ئي ڪين هوندي هئي، ته ماڻهو مون سان منهنجي لياقت سبب ملندا هئا يا منهنجي خانداني نالي سبب ، هارورڊ ۾ آئون پهريون ڀيرو اڪيلي هيس.

اتي پهريان ٻٽي هفتا امان مون سان گڏ رهي هئي. هن ايليٽ هال ۾ منهنجي رهڻ لاءِ ڪمري کي ٺاهيو ۽ حساب ڪري مونکي ڪعبي جو طرف ٻڌايو، ته جيئن آئون ان طرف رخ ڪري نماز پڙهان. هوءَ جڏهن هلي وئي، ته منهنجي لاءِ اوني شلوار ۽ قميص ڇڏي وئي. هن اهي ڪپڙا منهنجي لاءِ ڏاڍي محنت سان ٺهرايا هئا، جن جي پاسن کان ريشم لڳل هو، ته جيئن جسم تي اوني ڪپڙي جي رهڙ نه لڳي.

هن مونکي عبادت لاءِ جيڪي هدايتون ڏنيون هيون، تن جي مون ڏاڍي پابندي ڪئي هئي، پر سندس ڏنل ڪپڙن ڏانهن بنهه ڌيان ڪونه ڏنم، جيڪي اُتي جي مينهن ۽ برفباريءَ ۾ پائڻ جهڙا ڪين هئا. ٻيو ته انهن ڪپڙن ۾ آئون شاگردن ۾ اوپري ٿي لڳيس. مون هڪدم قميص شلوار پائڻ ڇڏي وري هارورڊ مان ورتل جينز ۽ سوويٽ شرٽ پائڻ شروع ڪيا. مون پنهنجا وارَ به ڇڏي ڏنا هئا، ته ڀلي وڏا ٿين. ايليٽ هال ۾ منهنجي ساٿين چاپلوسي ڪري مونکي ٻڌايو ته آئون ’جون بيز‘ جهڙي لڳان ٿي. اتي مون ڪيترائي گيلن صوفن جو رس پيتو هو، برگهام جي آئيسڪريم دڪان تان بيشمار ڪَونَ وٺي کاڌا هئا، بوسٽن ۾ موسيقيءَ جي محفل ۾ وئي هيس ۽ پروفيسر ۽ بيگم گئلبرائٿ جي دعوتن ۾ شريڪ ٿي هيس، جيڪي اتي منهنجي والدين جيان هوندا هئا. آمريڪا جي نواڻ سان مونکي پيار هو.

اُن وقت جنگ مخالف هلچل اؤج تي هئي ۽ آئون عارضي بندش واري ڏينهن تي بوسٽن ڪامن ۾ هزارين شاگردن سان گڏ وک وک ۾ ملائي هلي هيس ۽ واشنگٽن ڊي سيءَ جي وڏن جلسن ۾ حصو ورتو هئم، جتي مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته مون پهريون ڀيرو ڳوڙها آڻيندڙ گئس ڏٺو هو. آئون اُن وقت ڏڪڻ لڳيس، جڏهن مون پاڻ تي پهريون ڀيرو ”هاڻي ڇوڪرن کي واپس گهر آڻيو.“ جو نشان هنيو هو. جيڪڏهن آئون ڪنهن سياسي جلوس ۾ بهرو وٺندي جهلجي پوان ها، ته پرڏيهي هجڻ سبب مونکي ملڪ نيڪالي ملي ها. پر مون پنهنجي ملڪ ۾ ويٽنام جي جنگ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ آمريڪا ۾ ان جنگ مخالفت سرگرميءَ ۾ وڌيڪ جوشيلي ٿي پئي هيس. جلوس ۾ مون سان گڏ هلڻ وارن جا ۽ منهنجا ارادا ساڳيا ئي هئا. ايشيائي گهرو جنگ ۾ آمريڪين کي شامل ٿيڻ نه گهرجي.

پاڪستان ۾ چئن اسڪولن جي ڇهن شاخن ۾ پڙهڻ کان پوءِ، هارورڊ ۾ چئن ورهين جو اهو عرصو مونکي ڏاڍو وڻيو هو. اتي ڏاڍي مشغوليت هوندي هئي. اُن وقت عورتن جي هلچل زور پئي ورتو ۽ هارورڊ جي ڪتاب گهر ۾ عورتن بابت ڪتابن ۽ مخزنن جا ڍير لڳا پيا هئا، جن ۾ ’ڪئمپس بائيبل‘، ڪيٽ مليٽ جو ’سيڪسيوئل پاليٽڪس‘ ۽ Ms مخزن جا پهريان پرچا به هئا. هر رات جو منهنجيون ساهيڙيون ۽ آئون گڏجي مستقبل لاءِ پنهنجين انهن خواهشن تي بحث ڪنديون هيونسين، ته جيڪڏهن اسان شاديون ڪرڻ تي راضي ٿي ويونسين، ته جن ماڻهن سان اسان جون شاديون ٿينديون، انهن سان اسانجن لاڳاپن تي ڪهڙا نوان قاعدا اثر انداز ٿيندا. پاڪستان ۾ منهنجو تعلق ان ٿورائيءَ سان هو، جيڪي شادي ۽ خاندانن کي پنهنجو بنيادي مقصد ڪونه سمجهن. هارورڊ ۾ آئون انهن عورتن جي سمنڊ جي وچ ۾ هيس، جن جي راهه ۾ پنهنجي جنس رُڪاوٽ ڪونه هوندي هئي ۽ مون به اهو ٿي ڀائنيو. تنهنڪري منهنجو اعتماد وڌيو ۽ مون پنهنجي اوائلي ورهين واري حياءُ تي ضابطو آندو.

پاڪستان ۾ منهنجي ڀيڻ، ڀائر ۽ آئون دوستن ۽ مائٽن جي هڪ ننڍڙي حلقي ۾ رهندا هئاسين، نتيجي ۾ آئون جن ماڻهن کي ڪونه سڃاڻيندي هيس، تن اڳيان ڏاڍي پريشان ٿيندي هيس. هارورڊ ۾ آئون پيٽر گئبلريٿ کانسواءِ ڪنهن کي به ڪونه سڃاڻيندي هيس، جنهن سان ڪاليج جي شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ سندس والدين جي گهر ۾ سڃاڻپ ٿي هئي. منهنجي حياءُ واري دقيانوسي سوچ ۾ هو ڏاڍو خوفناڪ ٿي ڏٺو. هن جا وار ڊگها هئا، هن کي پراڻا ۽ ميرا ڪپڙا پاتل هئا ۽ هن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ اڳيان سگريٽ پئي پيتا. هڪ وڏي سفارتڪار ۽ معزز پروفيسر جو پُٽ هجڻ بجاءِ هو لفنگو پئي ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کي هندستان ۾ اڳوڻو سفير پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر وٺي آيو هو. ان وقت مونکي اها ڄاڻ نه هئي، ته پندرهن ورهين کان پوءِ پاڪستان ۾ منهنجي نظربنديءَ مان مونکي آزاد ڪرائڻ لاءِ پيٽر ڪهڙو ڪردار نڀائيندو.

پر پيٽر ته هارورڊ ۾ هزارن شاگردن مان هڪ هو. اتي مونکي اڻڄاڻ ماڻهن وٽ وڃي لائبريري جو، ليڪچر هال جو ۽ ڊمانسٽريشن هال جو رستو پڇڻو ٿي پيو. آئون مُنهن ٻڌي ويهي نه ٿي سگهيس. آئون هڪ عجيب ۽ اوپري کڏي ۾ بنهه تري ۾ اڇلائي وئي هيس. مونکي مٿاڇري تائين اچڻ لاءِ پاڻ ڪوشش ڪرڻي هئي.

آئون تُرت ئي آرام سان رهڻ لڳيس ۽ پنهنجي پهرئين سال ۾ ئي ايليٽ هال جي سوشل سيڪريٽري ٿيس ۽ پوءِ هارورڊ اخبار ”دي ڪرمسن“ لاءِ مقابلو ڪيم ۽ ڪرمسن ڪي سوسائٽي طرفان نون شاگردن کي يونيورسٽيءَ جا سير ڪرايم. ”هن عمارت جو سرڪاري نالو ’سينٽر آف انٽرنيشنل افيئرس‘ آهي. پر اسان سڀني کي خبر آهي ته سي آءِ اي جو مطلب ڪهڙو آهي.“ آئون نون شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سازشي انداز ۾ چوندي هيس. ان موقعي تي مونکي يونيورسٽي ۾ پنهنجا اوائلي ڏينهن ياد ايندا هئا. جڏهن اتي پهريون ڀيرو سير ڪندي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. هارورڊ جي وزيوئل – آرٽس جي تڪراري عمارت، جنهن جو نقشو فرانسيسي معمار لي ڪوربوزيئر ٺاهيو هو، اهو سٺو ڪونه هو. ان لاءِ هيءُ چرچو مشهور هوندو هو ته ”جڏهن رازن عمارت جوڙي ٿي، تڏهن سندن اڳيان اهو نقشو ابتو رکيل هو.“

البت ڪي ثقافتي ڦَڏا ٿي پوندا هئا، جن کان پاڻ بچائڻ ڏُکيو هوندو هو. پهرئين سال جڏهن ايليٽ هال ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏيل پڙهائي ٿي، تڏهن نوجوان ڇوڪرن جي بلڪل ويجهو رهڻ سبب مون کان بنهه سَٺو نه ٿيو هو. جيڪڏهن ڌوٻيخاني ۾ ڪو شاگرد ڏسندي هيس، ته آئون ڪپڙا ڌوئڻ ملتوي ڪري ڇڏيندي هيس. اهو مسئلو ان وقت حل ٿيو هو، جڏهن هارورڊ ڪئمپس جي ايليٽ هائوس ۾ وڃي رهيس، جتي منهنجي ڪمري جي ٻي شاگردياڻي يولنڊا ڪوڊرزيڪي هئي ۽ منهنجا پنهنجا ڪمرا ۽ غسل خانو هو ۽ جتي ڌوٻيخانو ٿورڙو وڏو هو.

مون سوچيو هو، ته آئون نفسيات پڙهندس. پر جڏهن مونکي خبر پئي ته اُن جي سبقن ۾ حڪمت پڙهڻ ۽ جانورن جي وڍڪٽ ضروري هئي، ته مونکي ڏڪڻي ۽ ڌِڪار ٿيو ۽ مون ان بدران تقابلي حڪومت پڙهڻ قبوليو. بابا ڏاڍو سرهو ٿيو هو. هن ريڊ ڪلف جي صدر ميري بنٽنگ کي هڪ ڳجهي خط ۾ لکيو هو، ته هوءَ ڪوشش ڪري مونکي علم سياست ڏانهن مائل ڪري. پر مسز بنٽنگ مهرباني ڪندي مون کان پڇيو هو، ته آئون زندگي ۾ ڇا ٿي ڪرڻ گهران. هن مونکي اهو ڪڏهن به ڪين ٻڌايو، ته کيس بابا وٽان خط مليو آهي. تقابلي حڪومت پڙهڻ عقلمنديءَ جو فيصلو ثابت ٿيو.

هارورڊ ۾ حڪومت جي اڀياس سبب مون پاڪستان کي وڌيڪ سمجهڻ شروع ڪيو. ”جڏهن ڪو پوليس وارو رستي تي هٿ مٿي کڻي چوي ٿو ته ”ترسو“، ته هر ڪو بيهي رهي ٿو. پر جڏهن اوهين يا آئون هٿ مٿي کڻي چئون ٿا ته ترسو، ته ڪوبه نه ٿو بيهي. ڇو؟“ فريشمين سيمينار ۾ ”انقلاب“ جي موضوع تي پڙهائيندي پروفيسر جان ووميڪ اسان جي ننڍي گروهه کان پُڇيو. ”ڇاڪاڻ ته پوليس واري کي آئين ۽ حڪومت اختيار ڏنو آهي، ته قانون تي عمل ڪرائي.. هن وٽ ’ترسو‘ چوڻ جو اختيار ۽ حق آهي، جيڪو اوهان وٽ ۽ مون وٽ ڪونهي.

مونکي ياد آهي ته آئون پروفيسر ووميڪ جي پڙهائڻ واري ڪمري ۾ حيران ويٺي هيس، جتي آئون اڪيلي شاگرد هيس، جنهن آمريت ۾ زندگي گهاري هئي. پروفيسر ووميڪ هڪڙو مثال ڏئي پاڪستان ۾ ايوب ۽ يحيٰ خان جي ڏينهن واري افراتفريءَ ۽ ڪاوڙ تي روشني وڌي. انهن آمرن وٽ حڪومت لاءِ اختيار پنهنجو ڏنل هو. کين اهو حق عوام ڪونه ڏنو هو. مونکي پهريون ڀيرو اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي، ته پاڪستان ۾ عوام اهڙي حڪومت کي قبولڻ کان انڪار ڇو نه ڪيو، ان کي ڇو نه روڪيو ويو. جتي به جائز حڪومت نه هوندي، اتي ڏاڍ، انياءُ ۽ وڳوڙ هوندو.

آئون پنهنجي پڙهائيءَ جي ٻئي سال جي اڌ ۾ هيس، ته پاڪستان ۾ جائز حڪومت جُڙڻ جا آثار ڏسڻ ۾ آيا. 7 ڊسمبر 1970ع تي يحيٰ خان نيٺ چونڊون ڪرايون، جيڪي تيرهن ورهين ۾ پهريون ڀيرو ٿيون. دنيا جي ٻئي طرف ڪئمبرج ۾ آئون ٽيليفون ڀرسان سڄيءَ رات پڙهندي رهيس. جڏهن امان فون تي مونکي ٻڌايو، ته بابا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي، اولهه پاڪستان ۾ اتفاق سان چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي 138 نشستن مان 82 نشستون کٽي ڪاميابي ماڻي آهي، ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جو اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان بنا مقابلي بيٺو هو ۽ هن وڏيءَ اڪثريت ۾ ڪاميابي ماڻي هئي. ٻئي ڏينهن ”نيويارڪ ٽائمز“ اخبار ۾ بابا جي سوڀ جي خبر پڙهي. انهن ماڻهن جن سان اڳ آئون ڪڏهن به نه ملي هيس، مونکي واڌايون ڏنيون هيون.

پر منهنجي اها خوشي عارضي هئي. مجيب، بابا ۽ اولهه پاڪستان جي نمائندن سان ملي، هڪ نئون آئين ٺاهڻ بدران، جيڪو پاڪستان جي ٻنهي حصن کي قبول هجي ها، آزاديءَ جي هلچل ڀڙڪائي، ته جيئن اوڀر پاڪستان يا اوڀر بنگال کي وفاق کان ڇني ڌار ڪري. پاڪستان کي متحد رکڻ لاءِ، هڪ شهريءَ طور گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ يحييٰ جي فوجي حڪومت ڊاهڻ لاءِ بابا ڪيترائي ڀيرا شيخ مجيب کي منٿون ڪيون. پر نرمي ڏيکارڻ ۽ سياسي گهُرج کي قبولڻ بدران مجيب اهڙي ضد ڏيکاري، جنهن جو منطق اڄ ڏينهن تائين منهنجي سمجهه کان مٿي آهي. اوڀر بنگال جي باغين هوائي اڏن تي قبضو ڪري، هن جي آزاديءَ جي سڏ جو جواب ڏنو. بنگالي شهرين پنهنجن ٽئڪسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مرڪزي حڪومت جي بنگالي ملازمن هڙتال ڪئي. مارچ تائين گهرو جنگ مٿان اچي ڪَڙڪي.

بابا سرچاءُ لاءِ اُن اميد تي مجيب سان ڳالهائيندو رهيو، ته پاڪستان متحد رهندو ۽ اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ تي فوجي حڪومت کي ان جو پلاند وٺڻ سولو ٿي پوندو. 27 مارچ 1971ع تي هو اوڀر پاڪستان جي گاديءَ واري شهر ڍاڪا ۾ مجيب سان ڳالهين لاءِ موجود هو، ته کيس جنهن ڳالهه جو ڊَپُ هو، اها ئي ڳالهه ٿي. يحييٰ خان فوج کي حڪم ڏنو هو، ته فساد کي ختم ڪيو وڃي. بابا هوٽل ۾ پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو هو، جڏهن هن ڍاڪا کي باهه جي ڀَڙڪن ۾ ٻرندي ڏٺو. جنرلن طاقت جي جيڪو اڻٽڙ حل ڳولي لڌو هو، تنهن تي هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. ڇهه هزار ميل پري ڪئمبرج ۾ مونکي هڪ ڏکيو سبق سِکڻو پيو هو.

ڦرلٽ، لڄالُٽ، اغوا، قتل. آئون جڏهن هارورڊ آئي هيس، تڏهن پاڪستان بابت ڪنهن کي به پرواهه نه هئي، پر هاڻي ته هر ڪنهن جي زبان تي اهو نالو هو. سڄيءَ دنيا ۾ منهنجي ملڪ تي ڦِٽڪار پئي ٿي. اوڀر پاڪستان ۾، جنهن کي باغين هاڻي بنگلاديش پئي سڏيو. اسان جي فوج جيڪي ظلم ۽ ڏاڍايون پئي ڪيون، تن جا تفصيل هتي اخبارن ۾ پڙهي، پهرين ته مونکي انهن تي ويساهه ئي ڪونه ٿي آيو. منهنجا والدين هر هفتي پاڪستان مان سرڪاري اثر هيٺ نڪرندڙ اخبارون موڪليندا هئا، جن مطابق ان ننڍڙي بغاوت کي ٻُنجو ڏنو ويو هو. ته پوءِ اهي ڪهڙا الزام هئا، ته ڍاڪا کي ساڙي رک ڪيو ويو  آهي ۽ فوجي جٿن کي يونيورسٽي ۾ موڪلي اتي شاگردن، استادن، شاعرن، ناول نويسن، ڊاڪٽرن ۽ وڪيلن کي گوليون هڻي ماريو ويو آهي؟ مون اَويساهيءَ وچان پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. اهي به خبرون هيون ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن ملڪ مان ڀڄڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڪيترن کي پاڪستاني جهازن ويجهڙائي تان گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو، جن جا لاش رستا روڪ لاءِ رکيا ويا هئا.

اهي ڳالهيون ايتريون ته ڀوائتيون هيون، جو آئون ڪجهه به سوچي نه ٿي سگهيس. ريڊڪلف ۾ پهرئين سال عورتن جي لڄالُٽ تي اسان کي جيڪو ليڪچر ڏنو ويو هو، تنهن تي پهرين ته ويساهه ڪونه آيو هو. آمريڪا اچڻ کان پهرين مون  ڪڏهن به عورتن جي لڄالُٽ بابت ڪي به نه ٻڌو هو ۽ ان جي امڪاني ڀَؤ سبب ايندڙ چئن ورهين ۾ آئون ڪڏهن به رات جو اڪيلي ٻاهر نه نڪتيس. ليڪچر کان پوءِ منهنجي لاءِ هارورڊ ۾ لڄالُٽ جو امڪان حقيقي ٿي پيو هو. اوڀر بنگال ۾ لڄالُٽ جو امڪان حقيقي ڪونه هو. مونکي پنهنجي ملڪ جي سرڪاري بيان ۾ سُڪون نظر آيو، ته مغربي ملڪن جي اخبارن ۾ جيڪي خبرون ڇپجن ٿيون تن ۾ وڌاءُ آهي ۽ هڪ اسلامي رياست خلاف اها ’يهودي سازش‘ آهي.

هارورڊ ۾ هم ڪلاسين کي مڃائڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ”اوهان جي فوج وحشي آهي.“ الزام لڳندا هئا. ”اوهين بنگالين جو ڪوس پيا ڪريو.“ ”اوهين بنگالين کي قتل پيا ڪريو.“ آئون ان جو جواب ڏيندي ڪاوڙ ۾ بيوس ٿي پوندي هيس. ”اوهين اخبارن ۾ جيڪي پڙهو ٿا، ان تي اوهان کي ويساهه اچي ٿو؟“ هر ڪو اولهه پاڪستان خلاف هو. انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا، جن سان ان سال جي شروع ۾ دَر در وڃي اسان اوڀر پاڪستان جي ٻوڏ جي ستايلن لاءِ چندو گڏ ڪيو هو. الزام ڏينهون ڏينهن وڌندا ٿي ويا. ”اوهين فاشي آمر آهيو.“ مون کان ڳالهائڻ جي ڪوشش به نه ٿي هئي، جڏهن مون خاص ڪري اهو پڙهيو هو، ته هندستان هزارين پناهگير بنگالين کي گوريلا جنگ جي سِکيا ڏئي، سرحد ٽپائي، واپس ملڪ پيو موڪلي. ”اسين اهڙي بغاوت خلاف پيا وڙهون، جنهن ۾ هندستان جو هٿ آهي.“ آئون سختيءَ سان چوندي هيس. ”اسين پنهنجي ملڪ کي متحد رکڻ گهرون ٿا، جيئن اوهان پنهنجي گهرو جنگ ۾ ڪيو هو.“

پر ملامت کان بچڻ ڏاڍو ڏُکيو ٿي پيو هو، پوءِ کڻي اها اجائي هئي. ”پاڪستان بنگلاديش جي عوام کي سندن راءِ جي حق کان محروم رکيو آهي.“ منهنجي پهرئين سال جي سرءُ ۾ پروفيسر والزر ”جنگ ۽ اخلاقيات“ جي موضوع تي عام ليڪچر ۾ گجگوڙ ڪندي چيو هو. اهو ٻڌي سياسي تقرير ڪئي. ”اهو سمورو بيان غلط آهي پروفيسر.“ مون هن جي اصلاح ڪندي چيو. آئون ڏڪيس پئي. ”بنگال جي عوام پنهنجي راءِ جو حق 1947ع ۾ استعمال ڪيو، جڏهن هنن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.“ سڄي هال ۾ ماٺ ٿي وئي. تاريخي طرح منهنجي ڳالهه صحيح هئي. پر وڌيڪ ڏکائتو سچ اوڀر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ جي مايوسي هئي، جنهن کان مون پاڻ نٽايو هو.

ان وقت کان مون الاءِ ڪيترا ڀيرا الله کان پنهنجي اُن اڻڄاڻائيءَ لاءِ معافيءَ جي دعا گهري آهي؟ اُن وقت منهنجو اوڏانهن ڌيان ڪونه ويو هو، ته پاڪستان ۾ جمهوري حقن جي سخت ڀڃڪڙي ٿي هئي. بنيادي طرح اولهه پاڪستان جي اقليتي صوبي، اوڀر پاڪستان جي اڪثريتي صوبي کي پنهنجي بيٺڪيت پئي سمجهيو هو. اوڀر پاڪستان جي برآمد جي ايڪٽيهن بلين روپين کان به وڌيڪ محصولن مان، اولهه پاڪستان جي اقليت پنهنجي لاءِ رستا، اسڪول، يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ٺهرايون هيون، پر اوڀر پاڪستان ۾ اهڙا ترقياتي ڪم تمام گهٽ ٿيا هئا. اسان جي بيحد غريب ملڪ ۾ نوڪريون ڏيندڙ وڏي ۾ وڏي اداري فوج، پنهنجا نوي سيڪڙو سپاهي اولهه پاڪستان مان ٿي کنيا. سرڪاري نوڪرين ۾ اَسي سيڪڙو ملازم اولهه پاڪستان جا هئا. مرڪزي حڪومت ته مورڳو اردو ٻوليءَ کي اسان جي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ٻوليءَ کي اوڀر پاڪستان ۾ تمام ٿورا ماڻهو سمجهندا هئا. انهيءَ ڪري سرڪاري ۽ تعليمي نوڪرين وٺڻ لاءِ بنگالين کي مقابلي ۾ وڌيڪ رنڊڪون پيدا ٿيون هيون. جنهنڪري هنن پاڻ کي جدا ۽ مظلوم پئي سمجهيو.

هارورڊ ۾ ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ آئون ننڍڙي ۽ ڀَورڙي هيس، ته پاڪستاني فوج به ٻيءَ ڪنهن فوج جيان شهري آبادين ۾ ظلم، ڏاڍ ۽ لڄالُٽ ڪري سگهندي. اها نفسيات اهڙي موتمار ٿي سگهي ٿي، جهڙي 1968ع ۾ هئي، جڏهن آمريڪي فوجن مائيلا جي معصوم شهرين کي قتل ڪيو هو. ڪيترائي سال پوءِ منهنجي اباڻي صوبي سنڌ ۾ به ضياءَ اهڙو ئي ظلم ڪيو هو. هٿياربند فوجن جا سپاهي آپي مان ٻاهر نڪري، شهرين ۾ تباهي پکيڙي سگهن ٿا. اهي شهرين کي ”دشمن“ سمجهي هنن کي گولي هڻي مارين ٿا، کين لُٽين ڦرين ٿا يا هنن جي بيحرمتي ڪن ٿا. ان هوندي به 1971ع جي ان ڏڪائيندڙ بهار جي مُند ۾ منهنجي ذهن ۾ پاڪستاني سپاهين جي ان بهادريءَ جو ٻاراڻو خيال ويٺل هو، جن 1965ع واريءَ جنگ ۾ هندستان جي فوجن جو ڏاڍي دليريءَ سان مقابلو ڪيو هو. اهو هڪ اهڙو خيال هو، جيڪو ڏاڍو آهستي ۽ ڏکائتي نموني سان ختم پئي ٿيو.

”پاڪستان لاءِ هن وقت سخت آزمائش آهي.“ بابا مونکي هڪ ڊگهي خط ۾ لکيو، جيڪو پوءِ ڪتابي صورت ۾ ”عظيم الميو“ جي نالي سان ڇپيو هو. ”پاڪستانين جو پاڪستانين کي مارڻ وارو خوفناڪ خواب اڃا تائين ختم نه ٿيو آهي. خون اڃا تائين به وهايو پيو وڃي. هندستان جي اڳرائيءَ سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ جي افراتفريءَ مان جند آزاد ڪرائي، ته پاڪستان بامقصد سلامت رهندو، ٻيءَ صورت ۾ اهي فتني فساد وارا ٿرٿلا اسان کي پوري تباهيءَ ڏانهن گهِلي ويندا.“

ڦَڏي ۽ گهوٽالي جا اُهي ٿرٿلا نيٺ 3 ڊسمبر 1971ع تي ٿيا، ”نه!“ ايليٿ هال ۾ مون اخبار هيٺ اڇلائيندي رڙ ڪئي. امن قائم ڪرڻ لاءِ پناهگيرن کي هندستان مان واپس گهرائڻ لاءِ، جيڪا ڀارتي فوج آئي هئي، ان اوڀر پاڪسان تي حملو ڪري ڏنو هو ۽ پڻ اولهه پاڪستان تي بم وسايا هئا. ڪراچي بندرگاهه جي لنگر گاهه تي اسان جي سامونڊي جنگي جهازن تي، روس جي ٺاهيل جديد ميزائيلن سان حملا ڪيا پئي ويا. هندستاني جهازن شهر جي اهم تنصيبات تي هيٺاهين تان گولا پئي وسايا. اسان جا هٿيار ايترا ته مُدي خارج هئا، جو اسين جوابي جنگ به نه وڙهي ٿي سگهياسين. هاڻي ته مورڳو منهنجي ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو هو.

”تون سڀاڳي آهين، جو هتي نه آهين.“ ڪراچيءَ مان سميعا مون ڏانهن لکيو. ”روزانو رات جو هوائي حملا ٿين ٿا ۽ روشنيءَ کي لڪائڻ لاءِ اسان درين تي ڪارا ڪاغذ هڻي ڇڏيا آهن. اسڪولَ ۽ يونيورسٽيون بند آهن، جنهنڪري سڄو ڏينهن ڳڻتيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونهي. سدائين جيان اخبارن ۾ اسان کي ڪي به ٻڌايو نٿو وڃي. اسان کي ته اوڀر پاڪستان تي هندستان جي حملي جي خبر به ڪين هئي. اها خبر ان وقت پئي جڏهن ڪنهن ماڻهو اسان جو دروازو کڙڪائي رڙ ڪئي ته ”جنگ شروع ٿي وئي آهي!“ جنگ شروع ٿي وئي آهي!“هاڻي ستين وڳي وارين خبرن ۾ ٻُڌايو ويو هو، ته اسان جي فتح پئي ٿي، پر بي بي سيءَ نشريات ۾ چيو ويو، ته اسان کي چيڀاٽيو پيو وڃي. بي بي سي ته انهن ڏڪائيندڙ ڏوهن جون خبرون پڻ نشر ڪيون آهن، جيڪي اوڀر پاڪستان ۾ فوجَ ڪيا آهن. انهن بابت تو ڪجهه ٻڌو؟

”ڪراچيءَ ۾ تنهنجو تيرهن ورهين جو ڀاءُ شاهنواز ڏاڍو جوش ۾ آهي. هن شهري دفاع جي تنظيم ۾ حصو ورتو  آهي ۽ روز رات جو موٽر سائيڪل تي چڙهي پاڙي ۾ وڃي، سڀني کي چوي ٿو ته بتيون وسائي ڇڏيو. باقي اسين سڀئي ڏاڍا ڊنل آهيون. هڪڙي حملي وقت آئون تنهنجي گهر ۾ صنم وٽ هيس، جتي تنهنجي ماءُ اسان کي هيٺ کاڌي واري ڪمري ۾ وٺي وئي، جنهن ۾ دريون ڪونهن. گهر ۾ آئون پنهنجي ماءُ سان گڏ سمهان ٿي. اسين ٻئي ڏاڍو پريشان آهيون. اسان جي گهر پريان جيڪا گهٽي آهي، اتي ٽي بم ڪريا آهن، پر خوشقسمتيءَ سان اهي ڪونه ڦاٽا. اسان جي باغ ۾ هر طرف شيشن جا ٽڪرا پکڙيا پيا آهن.

”هندستان جا جهاز ايترو ته هيٺ اُڏامن ٿا، جو درين مان سندن پائليٽ ڏسي سگهجن ٿا! پر اسان جي هوائي فوج جو ڪوبه جهاز انهن تي حملو نٿو ڪري، ٽي راتيون اڳ ٺڪاءُ ايڏا زوردار ٿيا هئا، جو مون سمجهيو ته هنن اسان جي پاڙيسريءَ جي گهر تي بم هنيو آهي. آئون گهر جي ڇت تي چڙهي ويس ته ڏٺم ته سڄو آسمان ڳاڙهو ٿيو پيو آهي. ٻئي صبح جو خبر پئي ته ڪراچي بندر ۾ تيل جي ٽانڪين کي ميزائيل هنيا ويا هئا. اتي اڃا تائين باهه لڳي پئي آهي. اسين اوسيئڙي ۾ آهيون، ته ڪڏهن ٿا آمريڪي مدد ڪن.“

آمريڪا مان فوجي امداد ڪڏهن به نه پهتي. پاڪستان جو جيتوڻيڪ آمريڪا سان دفاعي ٺاهه ٿيل هو، پر ڪنهن غلطيءَ سب اهڙو انتظام ٿي نه سگهيو. آمريڪي اسان کي سندن دشمنن، سوويت يونين جي حملي کان بچائڻ لاءِ تيار هئا، پر پاڪستان جو حقيقي خطرو ته سدائين هندستان رهيو هو. هاڻي به روسين خلاف افغان باغين کي جيڪا امداد ڏني وڃي ٿي، تنهن جو وڏو حصو پاڪستاني فوج جي اسلحي خاني ۾ وڃي ٿو، ته جيئن هندستان جو سخت مقابلو ڪري سگهجي.

1971ع جي گهوٽالي ۾ صدر نڪسن ڄاڻي ٻجهي فوجي مداخلت کان پاسو ڪندي، سفارتي ڪوششن جي پُٺڀرائي ڪئي ۽ اهڙو حڪم ڪيو، جنهن کي پاڪستان جي پُٺڀرائي سمجهيو ويو. 4 ڊسمبر تي، تيرهن ڏينهن جي جنگ جي ٻئي ڏينهن تي آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اڳرائين جو سمورو الزام هندستان تي هنيو. 5 ڊسمبر تي گڏيل قومن جي اداري جي سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بنديءَ جي قرارداد آڻڻ جو ان ذمو کنيو. 6 ڊسمبر تي نڪسن انتظاميا هندستان لاءِ واعدو ڪيل پنجاسي ملين ڊالرن جي ترقياتي قرض روڪي ڇڏيو. پر انهن حرفتن مان ڪوبه کڙتيل ڪونه نڪتو. اسان جو آخري مضبوط قلعو ڍاڪا هٿن مان وڃڻ تي هو. هندستاني فوجون سرحد اڪري اولهه پاڪستان ۾ داخل ٿي ويون هيون. جنگ جي ميدان ۾ هارائيندي ۽ ملڪ کي هٿان نڪرندي ڏسي، يحييٰ خان پاڪستان جي اهڙي چونڊيل اڳواڻ کي مدد لاءِ سڏ ڪيو، جنهن وٽ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ اختيار ۽ اعتماد هو: اهو هو بابا.

”آئون گڏيل قومن جي اداري ۾ اچان پيو. تون مون سان 9 ڊسمبر تي پيري هوٽل نيويارڪ ۾ مل. ”بابا وٽان مون لاءِ نياپي ۾ لکيل هو. ”ڇا تون سمجهين ٿي ته گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان کي ڌيان سان ٻڌو ويندو؟“ آئون جڏهن بابا سان نيويارڪ ۾ مليس، ته هن مون کان پڇيو.

”ضرور بابا.“ مون ارڙهين ورهين جي ڄمار واري يقين سان وراڻيو. ”اُن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي، ته هندستان عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي، هڪ ٻئي ملڪ تي حملو ڪري، مٿس قبضو ڪيو آهي.“

”ڇا تون اُهو به سمجهين ٿي ته سلامتي ڪائونسل هندستان جي نِندا ڪندي ۽ مٿس زور رکندي ته پنهنجيون فوجون ڪڍي وڃي؟“

”اهي ڇو نه ڪندا؟“ مون اُمالڪ جواب ڏنو.“ امن آڻيندڙ عالمي اداري طور اها سندن اختيار جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته اهي ڪوبه قدم نه کڻن، جڏهن ته هزارين ماڻهو قتل پيا ٿين ۽ هڪ ملڪ ٽڪرا ٽڪرا پيو ٿئي.“

”تون عالمي قانون جي سٺي شاگرد ته ٿي سگهين ٿي پِنڪي، پر آئون هارورڊ ۾ پڙهندڙن شاگردياڻيءَ سان اتفاق نٿو ڪريان.“ هن نرميءَ سان چيو. ”توکي اقتداري سياست جي ڪابه ڄاڻ ڪانهي.“ گڏيل پاڪستان کي بچائڻ لاءِ بابا چئن ڏينهن تائين جيڪي اجايون ڪوششون ڪيون هيون، تن جا اولڙا اڃا تائين منهنجي ذهن ۾ سمايل آهن.

سلامتي ڪائونسل ۾ هن جي پٺيان ٽين قطار ۾ آئون ويٺي آهيان. جنرل اسيمبليءَ ۾ 104 ملڪن ۽ آمريڪا ۽ چين به ووٽ ڏئي هندستان جي نِندا ڪئي آهي. پر روس طرفان ويٽو جي ڌمڪيءَ سبب سلامتي ڪائونسل جا پنج مستقل رُڪن جنگبنديءَ تي به اتفاق نٿا ڪري سگهن. هندستان – پاڪستان جي گهوٽالي تي ستن گڏجاڻين ۽ ڪيئي قراردادن جوڙڻ کان پوءِ به سلامتي ڪائونسل هڪ قرارداد به منظور نه ڪئي. بابا مونکي ٽين دنيا جي ملڪن بابت وڏين طاقن جي حرفتن بابت جيڪي به سيکاريو، سي سڀئي ڳالهيون ان هڪڙي ڪمري ۾ ٿين پيون. وڏين طاقتن جي خودغرضيءَ اڳيان پاڪستان بيوس آهي.

”11 ڊسمبر 40-5. اسان جي فوج وڏي دليريءَ سان پئي وڙهي. پر هوائي ۽ سامونڊي فوج جي امداد کانسواءِ ۽ تناسب 6:1 آهي. ڪالهه کان وٺي اها فوج رُڳو 36 ڪلاڪ وڙهي سگهي ٿي.“ آئون هوٽل پيري جي ڪاغذ تي پنهنجا لکيل نوٽ پڙهان ٿي. ٻئي ڏينهن منهنجا لکيل نوٽ بربادي ۽ تباهيءَ جو آئينو آهن. ”6:30 صبح جو سفير شاهنواز فون تي ٻڌائي ٿو، ته صورتحال تمام خراب آهي. ان جو جواب اهو ئي آهي ته آمريڪا کي چين لاچار ڪري ته روس کي ٻنجو ڏي، ته ان ڦڏي ۾ مداخلت نه ڪري. بابا اسلام آباد تار موڪلي چوي ٿو، ته ڇٽيهن ڪلاڪن تائين نه بلڪ ٻاهتر ڪلاڪن تائين جنگ جاري رکو. جنرل نيازي (اوڀر پاڪستان ۾ اسان جي فوج جو ڪمانڊر) چوي ٿو ته آئون آخري سپاهيءَ تائين وڙهندس.“

12 ڊسمبر تي بابا سلامتي ڪائونسل کي جنگبنديءَ، پاڪستاني ڌرتيءَ تان هندستاني فوجن جي واپسي، گڏيل قومن جي اداري جو فوجن جي قيام ۽ ٻيون اهڙيون تجويزون واپرائڻ لاءِ چوي ٿو، ته جيئن اوڀر پاڪستان ۾ ڪابه انتقامي ڪارروائي ٿي نه سگهي. پر هن جي دليل بازيءَ جو ڪنهن تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو ٿئي. اُٽلندو مونکي بي اعتماديءَ سان ڪلاڪ کن ڊگهو بحث ٻڌڻو پوي ٿو، ته سلامتي ڪائونسل پنهنجي ايندڙ گڏجاڻي ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍي نائين بجي ڪري يا آرام سان يارهين بجي ڌاري ڪري. انهي وچ ۾ جيئن اسان کي خبر آهي. پاڪستان ٽُٽي پيو.

”هاڻي اسين يحييٰ کي چئون ته اولهه جو محاذ کولي.“ اسان جي هوٽل جي ڪمري ۾ بابا پاڪستاني وفد کي چوي ٿو. ”اولهه مان اڳرائيءَ وارو حملو، اوڀر پاڪستان تي هندستاني فوجن جي زور کي ٽوڙي ڇڏيندو. ٻيءَ صورت ۾ سڄي پاڪستان ٽُٽڻ جو گهڻو خطرو آهي. آئون يحييٰ سان بابا جي ڳالهه ٻولهه لاءِ پاڪستان ۾ فون ڪريان ٿي، پر يحييٰ جو مليٽري سيڪريٽري ٻڌائي ٿو، ته صدر ستو پيو آهي ۽هن کي اُٿاري نه ٿو سگهجي. بابا فون مون کان ڦُري وٺي ٿو. ”ملڪ ۾ جنگ لڳي پئي  آهي! صدر کي اٿار!“ هو رڙ ڪري چوي ٿو. ”هن کي الهندو محاذ هڪدم کولڻ گهرجي. اسان کي اوڀر ۾ زور ٽوڙڻو آهي.“

هڪ مغربي صحافي لکي ٿو، ته اوڀر پاڪستان ۾ جنرل نيازي هندستاني فوجن اڳيان آڻ مڃي آهي. بابا فون تي پاڪستان ۾ يحييٰ جي مليٽري سيڪريٽريءَ کي رڙ ڪندي چوي ٿو، ڇو ته اڃا تائين يحييٰ ڪونه ٿو ملي. ”جيڪڏهن مون وٽ سوديبازيءَ لاءِ ڪجهه به ڪونهي، ته پوءِ پنهنجي حق ۾ فيصلي لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري سگهندس.“

پيري هوٽل ۾ ٽيليفون جون گهنڊڻيون وڄنديون رهن ٿيون. هڪ ٻپهريءَ جو هڪ پاسي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽس هينري ڪيسنجر جو فون اچي ٿو، ته ٻئي پاسي ٻئي فون تي عوامي جمهوري ملڪ چين جي وفد جو اڳواڻ هئانگ هئا ڳالهائي ٿو. هينري ڪسينجر کي اها ڳڻتي آهي،ته چين پاڪستان جي طرفداري ڪندي فوجي مداخلت ڪندو. بابا کي فڪر آهي ته چيني اهو نه ڪندا. جڏهن بابا يحييٰ کي آخري لاچار طور بيجنگ وڃڻ لاءِ چوڻ جو منصوبو پئي ٺاهيو، تڏهن جيئن مون پڙهيو، هينري ڪسينجر نيويارڪ ۾ سي آءِ اي جي محفوظ گهرن ۾ چينين سان مزيدار گڏجاڻيون پئي ڪيون.

بابا جي ڪمري ۾ روسي وفد اچي ٿو ۽ وڃي ٿو. چيني اچن ٿا ۽ وڃن ٿا. ساڳيءَ ريت آمريڪا جو وفد جارج بش جي اڳواڻيءَ ۾ اچي ٿو. ”منهنجو پٽ به هارورڊ ۾ پِڙهي ٿو. توکي ڪا گهُرج ٿئي ته مونکي فون ڪجانءِ.“ سفير بُش پنهنجي نالي وارو ڪارڊ مونکي ڏيندي چوي ٿو. انهن سڀني موقعن تي آئون سمهڻ واري ڪمري ۾ فون ڀرسان ويٺي سچا نياپا نوٽ ڪريان ۽ ڪُوڙن کي ڇڏي ڏيان ٿي.

”گڏجاڻين هلندي تون مون سان ڳالهاءِ.“ بابا مونکي چوي ٿو. ”جيڪڏهن روسي اچن، ته مونکي ٻڌاءِ ته چيني آيا آهن. جيڪڏهن آمريڪي اچن ته ٻڌاءِ ته فون تي روسي آهن يا هندستاني آهن ۽ ڪنهن کي به نه ٻڌاءِ ته هتي ڪير موجود آهي. شڪ اُڀارڻ حڪمت عمليءَ جو بنيادي سبق آهي؛ پنهنجا سڀئي ارادا ڪڏهن به ظاهر نه ڪجن.“ آئون هن جي هدايتن تي عمل ڪريان ٿي پر هن جو سبق وساري ڇڏيان ٿي. آئون سدائين پنهنجا ارادا ظاهر ڪريو ڇڏيان.

پوءِ به نيويارڪ ۾ سفارش چالبازيون هڪدم رڪجي وڃن ٿيون. يحييٰ الهندو محاذ ڪونه ٿو کولي. فوجي حڪومت اڳواٽ ئي نفسياتي طرح اوڀر پاڪستان کي هٿن مان نڪرڻ قبوليو آهي ۽ مايوس ٿيل آهي. فوجي حمايت جو بيان ڏيڻ کان پوءِ به چيني مداخلت ڪونه ٿا ڪن. ۽ وقت کان اڳ اسان جي آڻ مڃڻ جي افواهه سخت نقصان رسايو آهي. اُن غلطيءَ جي درستگيءَ کانپوءِ به، هندستانين کي هاڻي ڄاڻ آهي، ته اوڀر پاڪستان ۾ اسان جا فوجي ڪمانڊر جنگ ختم ڪرڻ گهرن ٿا. سلامتي ڪائونسل جا مستقل ارڪان به اهوئي سمجهن ٿا. ڍاڪا تي قبضو ٿيڻ وارو آهي.

15 ڊسمبر تي سلامتي ڪائونسل ۾ آئون بابا پٺيان پنهنجي مقرر ڪيل ڪرسيءَ تي ويهان ٿي، ته ڪائونسل جي رُڪنن طرفان ڪجهه به نه ڪرڻ سبب، هُن جي صبر جو پئمانو ڀرجي اچي ٿو. ”غير جانبدار جانور جو ڪو وجود ئي ڪونهي. اوهين پنهنجن مفادن جي طرفداري ڪريو ٿا.“ هن خاص ڪري برطانيا ۽ فرانس جي عيوضين ڏانهن آڱر سان اشارو ڪندي چيو، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ پنهنجن فائدن سبب ووٽ ڏيڻ وقت غائب هئا. ”اوهان کي حق جو پاسو وٺڻو آهي يا وري ناحق جو. اوهان کي ظالم جي طرفداري ڪرڻي آهي يا وري مظلوم جي. غير جانبداريءَ جو ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اٿي.“

جيئن اهي جوشيلا لفظ ڪمري ۾ ٻُرن ٿا ته، آئون لاپرواهيءَ بدران راضپي جو سبق سِکان ٿي. وڏيون طاقتون پاڪستان خلاف پاڻ ۾ متحد ٿي ويون آهن. ڏاهپ اُن ۾ آهي، ته راضپي جي راهه ورتي وڃي. پر وڏين طاقتن جي حق ۾ هٿُ کڻڻ جو مطلب اهو آهي، ته سندس عمل جي پٺڀرائي ڪجي. ”اوهان ڪهڙو به فيصلو ڪريو، ورسليز جي ٺاهه کان به بدتر ٺاهه ڪريو، ظلم کي جائز ڪوٺيو، قبضي کي جائز چئو، ان هر شيءَ کي جائز ڪوٺيو جيڪا 15 ڊسمبر 1971ع تائين ناجائز هئي، پر آئون ان ۾ ڌُر نه ٿيندس.“ بابا گجگوڙ ڪندي چوي ٿو. ”… اوهان پنهنجي سلامتي ڪائونسل پاڻ وٽ رکو. آئون وڃان ٿو.“ ائين چئي ٿو اُٿي کڙو ٿئي ٿو ۽ وڏيون ٻرانگهون ڀريندو ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. چؤڌاري خاموشي پکڙجي وڃي ٿي ۽ آئون تڪڙ تڪڙ ۾ پنهنجا ڪاغذ ميڙي، پاڪستاني ميمبرن جي ٻين ميمبرن سان گڏ سندس پٺيان وڃان ٿي.

بابا سلامتي ڪائونسل ۾ جيڪي ڳالهايو. تنهن کي ’واشنگٽن پوسٽ‘ اخبار ”جيئرو جاڳندو تماشو“ لکيو. پر اسان لاءِ اهو حقيقي مونجهارو هو،جنهن جو اثر اسان جي ملڪ تي پوندو، جنهن کي جيڪڏهن پاڪستان جي نالي سان سڏيو وڃي. ”اسين کڻي ڍاڪا ۾ فوج ذريعي پيش پئون، پر سياسي شڪست ۾ ڪڏهن به اسان کي ڌر نه ٿيڻ گهرجي.“ هن پوءِ مونکي اُن وقت ٻڌايو جڏهن اسين نيويارڪ جي گهٽين ۾ پئي گهمياسون. ”مون اجلاس مان اٿي اچڻ مان اهو ڏيکارڻ ٿي گهريو، ته جيتوڻيڪ جسماني طور اسان کي چيڀاٽي سگهجي ٿو، پر اسان جي قومي ارادي ۽ فخر کي نٿو جهُڪائي سگهجي.“

اسين ڪيترو ئي وقت پئي هلياسين ۽ بابا پاڪستان لاءِ ايندڙ تباهيءَ وارن خطرن کي سمجهندي ڏاڍو پريشان پئي ٿيو.

”جيڪڏهن ڪو سياسي فيصلو ٿئي ها ۽ گڏيل قومن جي اداري جي نظرداريءَ هيٺ سياسي ريفرينڊم ٿئي ها، ته اوڀر پاڪستان جو عوام، پاڪستان يا ڌار ملڪ بنگلاديش ۾ رهڻ لاءِ پنهنجو ووٽ ڏيئي سگهي ها. هاڻي پاڪستان کي هندستان کان هارائڻ جي خواريءَ کي منهن ڏيڻو پوندو. ان کي خوفناڪ قيمت چُڪائڻي پوندي.“

ٻئي ڏينهن صبح جو بابا پاڪستان واپس موٽڻ جو سفر شروع ڪري ٿو. آئون ڪيمبرج موٽي ويس. ۽ ڍاڪا تي قبضو ٿي ويو.

اوڀر پاڪستان جي وڃڻ سبب پاڪستان کي ڪيترن ئي سطحن تي سخت نقصان سَهڻا پيا هئا. اسان جو ساڳيو مذهب اسلام، جنهن لاءِ سدائين اسان جو عقيدو هو، ته اهو هندستان جي هڪ هزار ميلن کان، جيڪي اوڀر ۽ اولهه پاڪستان کي جدا ڪن ٿا، مٿانهون آهي. اهو پڻ اسان کي گڏ رکي نه سگهيو. هڪ ملڪ طور اسان جي جياپي جو عقيدو ڪونه رهيو هو. اولهه پاڪستان جي چئن صوبن جا ٻنڌڻ ڇڪجي ذري گهٽ ٽٽڻ وارا هئا. پر هندستان کان حقيقي مات ملڻ کان پوءِ به اسان جو حوصلو ڪڏهن به ڪونه گهٽيو هو.

ٽيليويزن ڪئميرائون جيئن هلڻ شروع ٿيون، ته ڍاڪا جي ريس ڪورس ميدان تي جنرل نيازي پنهنجي هندستاني هم منصب جنرل اروڙا ڀرسان ويو. مونکي پنهنجين اکين تي ويساهه ئي نه پئي آيو، جڏهن مون ڏٺو ته جنرل نيازيءَ ڍاڪا جي فاتح اڳيان تلوار رکي. (اهي ٻئي سينڊهر سٽ ۾ گڏ رهيا هئا) ۽ هن کي ڀاڪر پاتو! جرمن نازين به اهڙي شرمناڪ نموني ۾ آڻ ڪونه مڃي هئي. هڪ هارايل فوج جي ڪمانڊر هجڻ طور جيڪڏهن پاڻ کي گولي هڻي ماري ها، ته سندس وڏي عزت ٿئي ها.

جڏهن بابا اسلام آباد پهتو، ته سڄي شهر ۾ باهه پئي ٻري. ڪاوڙيل ماڻهن شراب جي انهن دڪانن کي به پئي ساڙيو، جتان يحييٰ خان ۽ حڪومت جي ٻين اهلڪارن ڏانهن شراب ويندو هو. حڪومت جي اُن دعويٰ کان ته ’سندن فتح پئي ٿئي‘ ڪيترائي هفتا پوءِ ٽيليويزن تي پاڪستان جي هندستان اڳيان شڪست کي ڏسڻ سان، عوام جا انبوهه ڪراچي ۾ ٽيليويزن اسٽيشن کي ساڙڻ لاءِ وڃي گڏ ٿيا هئا. هندستاني اخبارن ۾ فسادي ايڊيٽوريل ڇپجڻ سبب پاڪستان جي ويتر تباهيءَ جو خوف پيدا ٿي ويو هو، جن ۾ دعويٰ ڪيل هئي، ته اسان جو پاڪستان ”جُڙتو ملڪ آهي، جنهن کي هرگز وجود ۾ اچڻ نه کپندو هو.“

ڍاڪا جي زوال جي چئن ڏينهن کان پوءِ 20 ڊسمبر 1971ع تي زبردست عوامي احتجاج کان مجبور ٿي، يحييٰ حڪومت تان لٿو ۽ پاڪستان ۾ پارليامينٽ جي اڪثريتي پارٽيءَ جو اڳواڻ بابا ملڪ جو نئون صدر ٿيو. افسوس اهو ته آئين نه هجڻ سبب هن کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوجي حڪومت جي اڳواڻ طور قسم کڻڻو پيو هو.

هارورڊ ۾ هاڻي آئون پاڪستان واري پِنڪي ڪين سڏبي هيس، پر پِنڪي ڀٽو، پاڪستان جي صدر جي ڌيءَ، بابا جي لياقتن تي پنهنجي فخر ۽ پنهنجي شڪست ۽ پاڪستان جي چُڪايل قيمت وچ ۾ مون ٺاهه ڪيو هو. ٻن هفتن واريءَ جنگ ۾ اسان جي هوائي فوج جو چوٿون حصو تباهه ڪيو ويو هو. اسان جي اڌ سامونڊي فوج غرق ٿي وئي هئي. اسان جو خزانو خالي هو. نه رڳو اوڀر پاڪستان هٿان نڪري ويو هو، پر هندستاني فوج اولهه پاڪستان ۾ اسان جي پنج هزار چورس ميل علائقي تي قبضو ڪيو هو ۽ اسان جي ٽيانوي هزار جوانن کي جنگي قيدي ڪيو هو. ڪيترن ئي اڳڪٿي ڪئي هئي، ته پاڪستان سلامت نه رهي سگهندو. 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ محمد علي جناح جنهن گڏيل پاڪستان جو بنياد رکيو هو، اهو بنگلاديش ٺهڻ سان ختم ٿي ويو.

شملا، 28 جون 1972ع: بابا پاڪستان جي صدر ۽ هندستان جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ وچ ۾ سربراهي گڏجاڻي. اُن گڏجاڻي جي نتيجي تي سڄي ننڍي کنڊ جي آئيندي جو آڌار هو. بابا جي وري اها مرضي هئي، ته ان گڏجاڻي ۾ آئون به ساڻس گڏ هجان. ”نتيجو کڻي ڪهڙو به نڪري، پر پاڪستان جي تاريخ تي ان جا خاص اثر پوندا.“ آئون جڏهن هارورڊ مان آرهڙ جي موڪلن ۾ آيس، ته هڪ هفتو پوءِ هن مونکي چيو. ”منهنجي مرضي آهي ته تون پاڻ به اتي هج.“

ڇهه مهينا اڳ گڏيل قومن جي اداري ۾ ماحول ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هئي، سا شملا ۾ چوٽ تي چڙهيل هئي. بابا، اندرا گانڌيءَ سان ڳالهين لاءِ خالي هٿين پئي هليو. سوديبازيءَ جا سڀئي پتا هندستان جي هٿ ۾ هئا. اسان جا جنگي قيدي، مٿن مقدمي هلائڻ جي ڌمڪي ۽ اسان جي علائقي جا پنج هزار چورس ميل. صدر جي هوائي جهاز ۾ جيڪو هندستان رياست چندي ڳڙهه ڏانهن پئي اڏاڻو، بابا ۽ پاڪستاني وفد جا خاص ارڪان ڏاڍا گنڀير هئا. ڇا شملا ۾ اسان جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اها ڇڪتاڻ گهٽجي ويندي؟ ڇا اسين هندستان سان امن جو ٺاهه ڪري سگهنداسين؟ يا اسان جو ملڪ تباهه ٿيندو؟

”هر مُلڪ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته اسان جون گڏجاڻيون ڪيئن پيون اڳتي وڌن، تنهنڪري گهڻي خبرداريءَ جي گهُرج آهي.“ بابا مونکي جهاز ۾ هدايت ڪئي. ”تون پنهنجي مُنهن تي مُرڪ نه آڻجانءِ ۽ اهو تاثر نه ڏجانءِ ته تون ڪو خوش آهين، ڇو ته اسان جا سپاهي اڃا تائين هندستان جي ڪئمپن ۾ جنگي قيدي آهن. تون هرگز گنڀير به ڏسڻ ۾ نه اچجانءِ، ڇو ته ماڻهو اُن کي مايوسيءَ جو اُهڃاڻ سمجهندا. تون ڪوبه اهڙو ڏيکاءُ نه ڏجانءِ، جو ڪنهن کي چوڻو پوي ته ’هن جو مُنهن ته ڏسو، گڏجاڻين ۾ ڪابه سوڀُ نه ٿي آهي. پاڪستاني پنهنجا حوصلا هارائي ويٺا آهن. هنن جي ڪاميابيءَ جو ڪوبه اهڃاڻ نه ٿو ڏسجي ۽ لڳي ٿو ته اهي پاڻ ئي رعايتن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا!“

”ته پوءِ آئون ڪهڙو ڏيکاءُ ڏيان؟“ آئون کانئس پُڇان ٿي.

”مون توکي چيو ته، مايوس نظر نه اچجانءِ ۽ نه ئي خوش.“ بابا وراڻيو.

”اهو ته ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.“

”بلڪل ڏکيو ڪم ڪونهي.“

اُن موقعي لاءِ سندس اهو چوڻ درست نه هو، تنهن وقت مُنهن مان اهڙو غير جانبدار تاثر ڏيکارڻ ڏاڍو ڏُکيو هو جڏهن اسين چندي ڳڙهه ۾ جهاز مان لهي ان هيلي ڪاپٽر ۾ ويٺاسون، جيڪو هماليا جبل جي هيٺين ٽڪرين ۾ شملا ڏانهن اڏاڻو، جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ اونهاري ۾ گاديءَ وارو شهر هوندو هو. جڏهن اسان جو هيلي ڪاپٽر اتي فٽ بال جي ميدان تي لٿو ۽ ٽيليويزن ڪئميرائن جي اڳيان مسز اندرا گانڌي پاڻ اسان جو آڌر ڀاءَ ڪيو هو. هوءَ ڪيتري نه ننڍڙي هئي قد جي. مون جيڪي هن جا ڪيترائي فوٽا ڏٺا هئا، انهن ۾ هوءَ جيڏي ڏٺي ٿي ان کان به ننڍڙي ۽ ڪيڏي نه نفيس ان برساتي ڪوٽ ۾ به، جيڪو هن مِينهن کان بچڻ لاءِ پنهنجي ساڙيءَ مٿان پاتو هو. ”السلام عليڪم“ مون هن کي پنهنجي اسلامي طريقي تي کيڪاريو ”نمستي.“ هن مُرڪندي چيو. مون هن کي اُن جو اڌ مُرڪ ڀريل جواب ڏنو.

ايندڙ پنج ڏينهن بابا ۽ پاڪستاني وفد جي ٻين ميمبرن لاءِ ڏاڍا جذباتي ڏينهن هئا. ”ڳالهيون ٺيڪ ٺاڪ پيون ٿين.“ هڪ ميمبر پهرئين گڏجاڻيءَ جي اڌ ۾ ٻڌايو. ”ڳالهيون ٺيڪ نه ٿيون.“ ٻئي ميمبر اُن ڏينهن شام جو ٻڌايو. ٻئي ڏينهن صورتحال وڌيڪ مونجهاري واري هئي. مسز گانڌيءَ جي اهم حيثيت هجڻ سبب هن هڪ يڪي فيصلي تي زور پئي ڏنو، جنهن ۾ ڪشمير جي تڪراري رياست تي هندستان جي دعويٰ به شامل هئي. پاڪستاني وفد جي مرضي هئي ته علائقي، فوجي قيدين ۽ ڪشمير جي جهيڙي جهڙن مسئلن تي جدا جدا ڳالهيون ڪجن. ڪنهن به زور زبردستيءَ سبب پاڪستان جي نرمي خود پاڪستاني عوام کي نامنظور ٿيندي ۽ هڪ نئين جنگ جا امڪان پيدا ٿي پوندا.

پر جڏهن انهن ڳالهين ۾ ڪنهن به نقطي تي اتفاق نه پئي ٿيو، تڏهن اُتي جي گهٽين ۾ هڪ عجيب منظر پئي اڀريو. آئون جڏهن به هماچل ڀَون مان، جيڪو پنجاب جي گورنرن جي رهڻ جو اڳوڻو گهر هو ۽ جتي اسين رهيل هئاسين، ٻاهر ٿي نڪتيس تڏهن ماڻهو گهٽين ۾ مِڙي ٿي آيا ۽ مونکي گهورڻ ٿي لڳا. آئون جنهن پاسي کان به ٿي ويس، ته ماڻهن جا انبوهه خوشيءَ وچان آڌرڀاءَ ڪندا منهنجي پٺيان ٿي آيا. پراڻن گهرن ۽ ڳوٺاڻن باغن وٽان لنگهندي، جيڪي ڪيئي سال اڳ پنهنجي وطن کان پري انگريزن اتي پوکيا هئا، گڏين جي ميوزيم، دستڪاريءَ جي مرڪز، دٻن ۾ ميوا بند ڪرڻ جي ڪارخانن ۾ ويندي ۽ هڪ عيسائي مرڪز ۾ ناچ جو پروگرام ڏسندي، جتي آئون پنهنجي مريءَ جي اسڪول جي ڪيترين ئي استاد ماسترياڻين سان مليس. جڏهن آئون مال روڊ تان لنگهيس، جتي انگريز حڪومت جا بالا عملدار پنهنجين زالن سان سير ڪندا هئا، تڏهن اتي ماڻهن جو ميڙ ايترو ته وڌي ويو، جو رستو بند ٿي ويو. ان سبب مونکي ڏاڍي بيچيني ٿي. مون ڇا ڪيو هو جو مون ڏانهن ايترن ماڻهن ٿي ڏٺو؟

مون وٽ خطن ۽ تارن جا ڍير لڳي ويا، جن ۾ هندستان ۾ اچڻ لاءِ مونکي واڌايون ڏنل هيون. هڪڙي خط ۾ اها تجويز به ڏنل هئي، ته بابا مونکي هندستان جو سفير مقرر ڪري! صحافي ۽ ليکڪ مون کان انٽرويو وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا ۽ مونکي هندستاني ريڊيو تان تقرير جي دعوت ڏني وئي. مونکي چِڙ ان وقت لڳي جڏهن ڏٺم ته منهنجي لباس جو اتي فيشن ٿي ويو، ڇو ته اهو نه رڳو سميعا جي ڀيڻ کان اڌارو ورتل هو ۽ منهنجن ڪپڙن ۾ رڳو قميصون، جينز ۽ سوويٽ شرٽس هيون، پر ڇو ته آئون لباس کي غير متعلق سمجهندي هيس. منهنجو خيال هوندو هو ته، آئون هارورڊ جي پڙهيل روشن ضمير فرد آهيان، جنهن جي ذهن ۾ جنگ ۽ امن جا گنڀير سوال ڀريل آهن. پر اخبار وارا ضد ڪري منهنجي لباس بابت هر هر سوال پڇڻ لڳا. ”فيشن دولتمند ۽ شوقينن جي وندر جو ذريعو هجي ٿو.“ مون نيٺ هڪ انٽرويو وٺندڙ کي ڪاوڙ ۾ چيو. پر ٻئي ڏينهن جيڪا خبر ڇپي، تنهن فيشن جي نئين راهه روشن ڪري ڇڏي.

بابا ۽ پاڪستاني وفد جي ٻين ميمبرن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، ته نيٺ مون ڏانهن ايترو ڌيان ڇو پئي ڏنو ويو. ”هتي جيڪي ڳنڀير معاملا ويچار هيٺ آهن، تنهنجي سبب سندن اوڏانهن ڌيان هٽي ويو آهي.“ بابا هڪڙي ڏينهن صبح جو اخبارن جي پهرين صفحي تي منهنجيون تصويرون ڏسي، جن ۾ مون ماڻهن جي ميڙن کي هٿ لوڏي پئي کيڪاريو، مونکي چيو. ”ٿوري خبرداري ڪر.“ هن مونکي چيو. ”تون مسوليني جهڙي لڳين ٿي.“

هن جي اها ڌيان هٽائڻ واريءَ ڳالهه شايد صحيح هئي. ڳالهيون سخت رازداريءَ ۾ پئي ٿيون، جنهن ڪري شملا ۾ سڄي دنيا مان آيل صحافين اڳيان مون کانسواءِ ٻي ڪا خبر ئي ڪين هئي، جنهن تي اهي پنهنجو ڌيان ڏين ها. پر منهنجو جيڪو تمام گهڻو آڌرڀاءَ ڪيو ويو هو، ان جو هڪ ٻيو به سبب هو.

آئون نئين نسل جي اُهڃاڻ هيس. آئون ڪڏهن به هندستاني نه هيس. منهنجو جنم ته آزاد پاڪستان ۾ ٿيو هو. مون وٽ اهي مونجهارا ۽ بدگمانيون ڪين هيون، جن سبب ورهاڱي جي اوچتي خوني صدمي هندستانين ۽ پاڪستانين کي هڪ ٻئي کان ڇني ڌار ڪيو هو. شايد ماڻهن اها اميد پئي ڪئي، ته نئون نسل اُن دشمنيءَ کان پاسو ڪندو، جنهن سبب ٽي جنگيون لڳيون هيون ۽ پنهنجي وڏن جي ڏکائتي ماضيءَ کي وساري دوستن وانگر گڏجي رهندو. شملا ۾ انهن رستن ۽ گهٽين مان لنگهندي، جتي منهنجي مرحبا ۽ کيڪار پئي ٿي، مون سوچيو پئي، ته ڇا اسان کي نفرت جون ديوارون ٺاهي جدا جدا رهڻو آهي يا اسان جي مرضي آهي، ته يورپ جي پاڻ ۾ وڙهندڙ ملڪن وانگر هڪ ٻئي سان ٺهي وڃون؟

ان سوال جو جواب انگريزي راڄ جي عمارت جي انهن ڪمرن جي گهرائين ۾ لِڪل هو، جتي ڳالهين جي ڊگهن ۽ بيزار ڪندڙ ڪلاڪن جو ڪوبه نتيجو ڪونه ٿي نڪتو. بابا ان اميد تي اتي وڌيڪ ترسڻ جو فيصلو ڪيو، ته ڪونه ڪو حل نڪري ايندو. پر هو مايوس هو. هندستانين ته مورڳو ڪشمير جي سلسلي ۾ پاڪستان جي ان مطالبي کي به مڃڻ کان انڪار ڪيو، ته ريفرينڊم ڪرائي ڪشميرين کي اجازت ڏجي. ته اهي پاڻ ڪهڙي ملڪ ۾ رهڻ گهُرن ٿا. مسز گانڌي ته هن کي ڏاڍي ڏکي پئي هئي. جيتوڻيڪ هو سنديس بابا وزيراعظم جواهر لال نهرو جووڏو مداح هو، پر بابا جو ويچار هو ته مسز گانڌيءَ وٽ پنهنجي پيءُ جا اُهي آدرش ۽ مشاهدا ڪونهن، جن سبب هن ملڪ کي اهڙو ٺاهيو هو، جو کيس عالمي عزت ملي هئي.

مسز گانڌيءَ بابت مونکي ڪابه خاطري نه هئي. 30 جون تي هن اسان جي وفد کي رات جي مانيءَ جي جيڪا دعوت ڏني هئي، تنهن ۾ هوءَ مون ڏانهن ڏسندي رهي، جنهنڪري آئون بيچيني ڀانئڻ لڳي هيس.مون هن جي سياسي زندگيءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو ۽ آئون سندس اورچائيءَ جي مداح هيس. 1966ع ۾ هن جي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ ڪانگريس پارٽيءَ جي جهيڙاڪ ميمبرن سمجهيو هو، ته هنن هڪ سٻاجهي، نهٺي ۽ اُهڃاڻ طور اڳواڻ چونڊي آهي. اهي هن کي پرپٺ ”گونگي گُڏي“ سڏيندا هئا. پر هيءَ ريشم ۽ فولاد جي ٺهيل عورت هنن سڀني کان گوءِ کڻي ويئي. پنهنجي بيچينيءَ کي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ مون هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هوءَ ڏاڍي ماٺ ۾ هئي. هوءَ هڪ سانت، نويڪلائي ۽ ڇڪتاڻ ۾ ويڙهيل هئي، جيڪا ان وقت ختم ٿي هئي جڏهن هن مُرڪيو هو. منهنجا حوصلا پڻ هڪ جاءِ تي ڪونه هئا، ڇو ته مون اها ساڙي پاتي هئي جيڪا مونکي امان اڌاري ڏني هئي. هن جيتوڻيڪ ان کي پائڻ لاءِ مونکي سٺي طرح سمجهايو هو، پر مونکي رکي رکي ڊَپُ پئي ٿيو، ته اها اوچتو کلي پوندي. ان وقت مونکي رڳو جرمنيءَ جي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ چاچي ممتاز جي ساڙيءَ جي ڳالهه ياد پئي آئي. هن جي ساڙيءَ جو دامن ڏاڪڻ ۾ اچي ڇڪجڻ لڳو هو،ته ڪنهن اهو ڏسي بجليءَ واريءَ هلندڙ ڏاڪڻ بند ڪري ڇڏي. ان يادداشت به منهنجي ڪا مدد نه ڪئي ۽ مسز گانڌي مون ڏانهن ڏسندي رهي.

شايد هن کي اهي سفارتي وفد ياد آيا هوندا، جن ۾ هوءَ پنهنجي پيءَ سان گڏ وئي هئي. مون پنهنجي پاڻ سوچيو. هوءَ مون ۾ هڪ ٻئي سياستدان جو ڌيءَ طور پاڻ کي ته نه پئي ڏسي. ڇا هوءَ پيءُ لاءِ ڌيءَ يا ڌيءَ لاءِ پيءَ جي پيار کي ته ياد ڪين پئي ڪري؟ هوءَ ڪيتري نه ننڍڙي ۽ ڪمزور هئي؟ سنديس مشهور بيرحمي ۽ سختي ڪٿان آئي هئي؟ هن پنهنجي پيءُ جي به پرواهه نه ڪندي هڪ پارسي سياستدان سان شادي ڪئي هئي، جنهن تي هو ڪاوڙيو هو. هنن جي شادي سوڀاري نه ٿي هئي ۽ ٻئي ڌار ڌر زندگي گذارڻ لڳا هئا. هينئر هن جو پيءُ ۽ سندس مڙس ٻئي هن جهان ۾ ڪونه هئا. ڇا هوءَ اڪيلي هئي؟

مونکي ان تي به اچرج ٿيو، ته شملا ۾ پاڪستاني وفد جي موجودگيءَ سبب هن جي ذهن ۾ شايد ٻيون ڪيتريون ئي يادگيريون اڀري آيون هيون. ان شهر ۾ ئي محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان سان هن جي پيءُ ملاقات ڪئي هئي ۽ هنن مسلمانن جي پاڪستان ۽ هندن جي هندستان جي سرحدن بابت فيصلو ڪيو هو. هاڻي وزيراعظم طور هوءَ پاڻ ان جدا مسلمان رياست جي وجود جي خاطري ڏئي پئي سگهي. يا هوءَ ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. هوءَ ڪهڙي راهه وٺندي؟ ان جو جواب چئن ڏينهن کانپوءِ آيو.

”سامان بند ڪر.“ 2 جولاءِ تي بابا مونکي چيو. ”سڀاڻي اسين گهر هلنداسين.“

”ٺاهه کانسواءِ؟“ مون پڇيو.

”ها، ٺاهه کانسواءِ.“ هن وراڻيو. ”آئون پاڪستان ۾ هندستان جو مڙهيل ٺاهه کڻي وڃڻ بدران خالي هٿين وڃڻ گهران ٿو. هندستان وارا سمجهن ٿا ته ٺاهه کانسواءِ آئون پنهنجي گهر وڃي نه سگهندس ۽ هنن جي مطالبن اڳيان جهُڪي پوندس. اهي جيئن ڪندا آئون به اهو ئي ڪندس. آئون پاڪستان ۾ اهڙي نااميديءَ کي مُنهن ڏئي ويندس، پر اهڙي ٺاهه کي نه قبوليندس، جنهن ۾ اسان جو ملڪ وڪامي وڃي.“

هماچل ڀَون ۾ ٿڪل ٽٽل وفد تي مايوسي پکڙجي وئي. رڳو ڪاغذن کي هڪ هنڌ سهيڙڻ جو آواز پئي ٻُڌم. هاڻي رڳو اهو ڪم رهيل هو، ته بابا کي مسز گانڌيءَ کان موڪلائڻ لاءِ وٽس ساڍي چئين وڳي وڃڻو هو ۽ رات جو مانيءَ جي دعوت هئي، جيڪا اسان جو وفد ان رات هندستاني وفد جي مانُ ۾ ڏيڻ وارو هو. پوءِ اسين اسلام آباد روانا ٿي وينداسين.

آئون پنهنجي سُمهڻ واري ڪمري جي فرش تي ويٺي هيس، ته اوچتو بابا دروازي مان نروار ٿيو.”ڪنهن کي به نه ٻڌاءِ.“ هن اکين ۾ هڪ نئون چمڪ آڻيندي چيو. ”آئون هن آخري گڏجاڻي ۾ هڪ ڀيرو وري مسز گانڌيءَ کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪندس. منهنجي ذهن ۾ هڪڙو خيال آهي. پر ان جا ڪي نتيجا نه نڪرن، ته دل نه لاهجانءِ“ ائين چئي هو روانو ٿي ويو.

آئون هر هر دريءَ تي وڃي ڏسڻ لڳس، ته هو ڪڏهن ٿو موٽي. اتان مونکي ڪوهيڙو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ٽڪرين تي ديال جي وڻن، ورن وڪڙن وارن جابلو رستن ۽ ڪاٺ جي گهرن کي وڪوڙيو بيٺو هو. شملا بلڪل مريءَ جهڙو آهي، پر سرحد جي ٻنهي طرفن جيڪي ماڻهو رهن ٿا، اهي هڪ ٻئي سان ملاقات به نٿا ڪري سگهن. اوچتو بابا واپس آيو.

”اُميد ٿي آهي.“ هن مُرڪندي چيو. ”ٺاهه ٿي ويندو. انشاءَ الله!“

”اهو ڪيئن ٿيو، بابا؟“ مون کانئس پڇيو. ڪمرن ۾ پکڙيل ويڳاڻپ جي جاءِ تي هاڻي وفد جي ميمبرن جا ڀُڻڪا ٻُرڻ لڳا.هنن هڪٻئي کي اُها خبر پئي ٻُڌائي.

”مون ڏٺو ته اسان جي پهچڻ مهل هوءَ ڪنهن ڇڪتاڻ ۾ هئي.“ بابا مونکي ٻڌايو. ”نيٺ اها ناڪامي رڳو اسان لاءِ هيڃاڪار ته ناهي، پر پاڻُ هن لاءِ به آهي. اسان ٻنهي جا سياسي دشمن اِها ڳالهه اسان خلاف ڪَتب آڻيندا. هن پنهنجي هئنڊبئگ تي هٿ پئي ڦيريو ۽ اهڙو ڏيکاءُ پئي ڏنو، ڄڻ سنديس ڪوپ جي گرم چانهه بيسوادي هجي. اهو ڏسي مون ٿڌو ساهه کنيو ۽ ساڻس اڌ ڪلاڪ تائين لاڳيتو ڳالهائيندو رهيس.“

اسين ٻئي لوڪشاهي اڳواڻ آهيون ۽ پنهنجي عوام وٽان اختيار مليل آهن. بابا هن کي ٻڌايو. اسين هن خطي ۾ امن آڻي سگهون ٿا، جيڪو ملڪ جي ورهاڱي کانپوءِ هتي ڪونه ٿو ڏسجي، يا اسين ناڪام ٿي پُراڻن گهاون تي لوڻ ٻُرڪينداسين. فوجي ڪاميابيون تاريخ جو حصو آهن، پر اها سياست آهي جنهن کي اُن ۾ دائمي حيثيت مليل آهي. سياست جو مقصد ئي اهو آهي ته، مستقبل تي نظر رکي وڃي ۽ وقت تي اهڙيون رعايتون ڏنيون وڃن جيڪي اڳتي هلي فائديمند ثابت ٿين. فاتح بيشڪ هندستان آهي ۽ نه پاڪستان ۽ امن جي فائدي خاطر ان کي ئي رعايتون ڏيڻ گهرجن.

”ڇا هن اها ڳالهه مڃي؟“ مون بابا کان اُتساهه وچان پڇيو.

”هن ان کان انڪار نه ڪيو.“ بابا سگار دکائيندي وراڻيو. ”هن چيو ته آهي ته آئون پنهنجن ذاتي صلاحڪارن سان مشورو ڪري اوهان کي رات جي مانيءَ تي جواب ڏيندس.“

ان دعوت ۾ جام تجويز ڪرڻ، تقريرن ڪرڻ ۽ خوش خير آفيت پُڇڻ وقت اسان سڀني ڇا ڪيو. ان بابت آئون ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهنديس. ان ڀيري آئون ئي هيس جنهن مسز گانڌيءَ کي پئي چتايو، پر هن جي چهري مان آئون ڪي به پڙهي نه سگهيس. ماني کائڻ کانپوءِ بابا ۽ مسز گانڌيءَ ڀر واري هڪ ننڍي ڪمري ۾ وڃي ويٺا. جڏهن ته وفدن جا باقي ارڪان اتي هڪ وڏي ڪمري بليرڊ روم ۾ بليرڊ ٽيبل جي چؤڌاري ٿي ويٺا. هنن جڏهن به ڪنهن نقطي تي اتفاق ٿي ڪيو يا اتفاق نه ٿي ڪيو، ته وفد مان ڪوهڪ اهي ڪاغذ ننڍي ڪمري ۾ ٻن اڳواڻن جي منظوريءَ يا نامنظوري لاءِ کڻي ٿي ويو.

اهڙيءَ ريت ٺاهه جو متن ڪَچو ٺهيو، پڪو ٺهيو، ان ۾ درستيون ۽ سُڌارا ٿيا، جن ۾ ڪلاڪ لڳي ويا. اتي ڏسندي ئي ڏسندي صحافين، ٽيليويزن وارن ۽ ٻنهي ملڪن جي عيوضين جو ميِڙ ڪَٺو ٿي ويو. آئون هيٺ انهيءَ ميڙ ۾ ۽ مٿي پنهنجي ڪمري ۾ پئي آيس ۽ ويس. ”ڪو فيصلو ٿيو؟“ مون ڪڏهن ڪڏهن ڏاڪڻ تان ٿي پڇيو. ڇو ته سرڪاري طرح ڪنهن پڌرائيءَ کان پهرين ڪوبه اعلان ڪونه ڪرڻو هو، تنهنڪري پاڪستاني وفد انهن ڳالهين جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ ڪي ڳجها لفظ مقرر ڪيا. ”جيڪڏهن ٺاهه ٿي ويو ته چئبو ته پُٽ ڄائو آهي، پر جيڪڏهن ٺاهه نٿو ٿئي ته، چونداسين ته ڌيءَ ڄائي آهي.“ ڪيڏو نه عجيب عقيدو آهي.“ مون راءِ ڏني، جيڪا ڪنهن به نه ٻُڌي.

”جڏهن ٺاهه تي صحيحون ٿين، تڏهن تون اُتي ضرور موجود رهجانءِ.“ بابا ننڍي ڪمري ۾ وڃڻ کان اڳ مونکي چيو هو، ”اهو تاريخي موقعو هوندو.“ آئون مٿي پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ هيس، جڏهن رات جو 40-12 بجي ”پُٽ ڄائو آهي! پُٽ ڄائو آهي.“ جا لفظ سڄي گهر ۾ ٻُرڻ لڳا. آئون ڊوڙندي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿيس، پر صحافين ۽ ٽيليويزن ڪئميرائن جي گوڙ ۽ پيهه پيهان ۾ آئون وقت تي ان ڪمري ۾ پهچي نه سگهيس، جتي بابا ۽ مسز گانڌي ان ٺاهه تي صحيحون ڪيون هيون، جيڪو پوءِ ”شملا ٺاهه“ جي نالي سان مشهور ٿيو. پر اُن جو ڇا مطلب هو؟ ننڍي کنڊ ۾ هڪ ڊگهو ۽ جٽادار امن شروع ٿيو هو.

شملا ٺاهه سبب اسان کي پنج هزار چورس ميل علائقو موٽي مليو، جيڪو اسان کان هندستان کَسيو هو. اُن سبب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اچ وڃ ۽ واپار جي بحاليءَ جو بنياد پيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار ۾ پاڪستان يا هندستان جي حيثيت تي ڪوبه اثر نه پيو. ان ٺاهه سبب جنگي قيدين کي جنگي مقدمي جي خواريءَ کان بچڻو پيو، جنهن جا بنگلاديش مان مجيب الرحمان دڙڪا پئي ڏنا ۽ هنن جي واپسيءَ جي راهه کلي وئي. پر ان سبب هنن جي تڪڙي واپسي ڪين ٿي هئي.

”مسز گانڌي جنگي قيدي ڇڏڻ يا وري علائقي کي موٽائي ڏيڻ قبوليو.“ بابا پوءِ مٿي آيو ته هن مونکي ٻڌايو.“ توکي خبر آهي ته مون علائقي جي واپسيءَ کي ڇو قبوليو؟“

”مونکي سچ ته ڪابه سُڌ ڪانهي، بابا.“ مون اچرج مان چيو. ”جيڪڏهن قيدي آزاد ٿين ها، ته پاڪستان ۾ ماڻهن کي ڏاڍي سرهائي ٿئي ها.“

”اهي ته آزاد ٿيندا.“ هن خاطري ڪرائيندي چيو. ”قيدي انساني مسئلو آهي ۽ ٽيانوي هزار قيدي هجڻ سبب اُن جي اهميت ويتر وڌي وڃي ٿي. هندستان جي اها بيرحمي ٿيندي جيڪڏهن انهن فوجين کي وڏي عرصي تائين پاڻ وٽ رکندو. ٻيو ته هنن کي کارائڻ ۽ رهائڻ جو به هنن لاءِ وڏومسئلو پيدا ٿيندو. ٻئي پاسي علائقو انساني مسئلو ڪونهي. علائقو ملڪ ۾ ملائي سگهجي ٿو. قيدين کي ملڪ ۾ نٿو ملائي سگهجي. 1967ع ۾ عربن جيڪو علائقو وڃايو هو، اهو اڃا تائين واپس وٺڻ ۾ سوڀارا نه ٿيا آهن. زمين جي قبضي تي دنيا جي قومن جو ڌيان ڇڪائڻ ممڪن ڪونهي پر قيدين جي مسئلي تي ممڪن آهي.“

قيدين کي ڇڏائڻ جي ٺاهه کانسواءِ واپس موٽڻ جو جيڪو فيصلو بابا ڪيو هو، سو ڏاڍو ڏکيو هو، ڇو ته مخالف پاڪستاني سياستدانن ۽ قيدين جي خاندانن طرفان احتجاج جو امڪان هو. شايد ڀارتين هن لاءِ هڪ اڻٽر هنگامو اُڀارڻ ٿي گهريو، ته جيئن هو شرط مڃڻ تي مجبور ٿئي. پر هن اهو قبول نه ڪيو ۽ پوءِ 1974ع ۾ بنگلاديش جي منظوريءَ کان پوءِ اهي ٽيانوي هزار قيدي آزاد ڪيا ويا هئا.

3 جولاءِ تي اسين جڏهن راولپنڊي واپس ورياسين تڏهن سڀيئي ڏاڍا خوش هئا ۽ اها مايوسي ڪانه هئي، جيڪا هندستان وڃڻ وقت نظر آئي هئي. اسين جڏهن جهاز مان لٿاسين ته هوائي اڏي تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن بابا جو آڌر ڀاءُ ڪيو. ”اڄوڪو ڏينهن عظيم آهي.“ بابا ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو. ”وڏي سوڀ ٿي آهي. اها منهنجي سوڀُ ڪانهي، ۽ نه وري اها مسز اندرا گانڌيءَ جي سوڀُ آهي. اها سوڀُ پاڪستان ۽ هندستان جي عوام جي آهي، جن ٽن جنگين کان پوءِ امن ماڻيو آهي.“

4 جولاءِ 1972ع تي شملا ٺاهه کي قومي اسيمبليءَ يڪراءِ منظور ڪيو. مخالف ڌر پڻ اُن جي ساراهه ڪئي. شملا ٺاهه اڄ به قائم آهي. بدقسمتيءَ سان 1973ع وارو آئين، پاڪستان جو پهريون جمهوري آئين، جيڪو عوام جي حقيقي چونڊيل عيوضين ٺاهيو هو، اهو قائم ڪونهي. هڪ سال پوءِ 14 آگسٽ 1973ع تي اسان جي گهر جي سڀني ڀاتين وزيراعظم جي ويهڻ واري ڪمري مان اهو منظر ڏٺو، جڏهن قومي اسيمبليءَ يڪراءِ اسلامي منشور منظور ڪيو هو، جنهن کي عجب آهي ته سڄي قوم،  اسان جي علائقائي ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ بابا جي مخالفن جي پُٺڀرائي هئي.قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت واري جماعت جي اڳواڻ هئڻ سبب بابا پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو.

چار ورهيه پوءِ جڏهن ضياءَ اهو آئين معطل ڪيو، ته اُن وقت تائين پاڪستان جي تاريخ جي پهرئين آئين هيٺ ماڻهن سُک جي زندگي گهاري هئي، ڇو ته اُن ۾ بنيادي انساني حقن جي ضمانت ۽ سندن بچاءُ جي خاطري ڏنل هئي. 1973ع جي آئين ۾ نسل، جنس يا مذهب پٽاندر متڀيد جي روڪَ هئي. ان ۾ عدليا جي آزاديءَ ۽ ان جي انتظاميا کان جدا ٿيڻ جي ضمانت ڏنل هئي. پاڪستان جي پهرين نمائنده حڪومت کي نيٺ حڪومت جو قانوني سرشتو ملي ويو هو: هڪ منظور ٿيل اختيار، جنهن جي چٽيءَ ۽ سُٺي سمجهاڻي پروفيسر ووميڪ مونکي سندس سيمينار ۾ ڏني هئي.

1973ع جي بهار جي مُند ۾ جڏهن مون هارورڊ ڇڏڻ جون تياريون پئي ڪيون، تڏهن آمريڪي آئين جي طاقت جو مظاهرو پوريءَ شدت سان ٿيو پئي. هارورڊ يارڊ ۾ راندين ۾ خوشبودار موسم جي هوندي به اسان مان ڪيترائي شاگرد شاگردياڻيون ٽيليويزن تي واٽر گيٽ جي شنوائيءَ بابت پروگرام ڏسڻ لاءِ ويهي رهندا هئاسين. مونکي ته سچ پچ حيرت لڳندي هئي. آمريڪي عوام پنهنجي صدر کي جمهوري ۽ آئيني طريقي سان پيا لاهين. رچرڊ نڪسن جهڙو طاقتور صدر به، جنهن ويٽنام جي جنگ کي ختم ڪيو ۽ چين جو رستو کوليو هو، سو پنهنجي ملڪ جي قانون کان بچي نه ٿي سگهيو. مون سماج ۽ رياست جي خاصيت ۽ ماڻهن جي حقن جي بچاءُ جي گهُرج تي لاڪ، روسو ۽ جان اسٽوئرٽ مِل جا خيال پڙهيا هئا. پر نظريو هڪ جدا ڳالهه آهي. ان کي عمل ۾ ايندو ڏسڻ هڪ بلڪل ٻيءَ ڳالهه آهي.

واٽر گيٽ جي ڪارروائيءَ سبب مونکي فردن جي مڙهيل خيالي يا آپيشاهي قانون بجاءِ پوريءَ قوم طرفان منظور ٿيل قانونن جي اهميت جو ڳوڙهو احساس ٿيو. هڪ سال پوءِ آگسٽ 1974ع ۾ جڏهن صدر نڪسن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني، تڏهن اقتدار جي منتقلي تمام سانتيڪي ۽ پر امن ٿي هئي. آمريڪا جهڙي جمهوريت ۾ اڳواڻ اقتدار ماڻين ٿا ۽ ڇڏي وڃن ٿا، پر آمريڪا جو آئين قائم آهي. اسين پاڪستان ۾ اهڙا سڀاڳا ڪونه آهيون.

هارورڊ ۾ گريجوئيشن جا امتحان جيئن ويجهو آيا، ته آئون ڪئمبرج ڇڏڻ ۽ آمريڪا مان وڃڻ جي سوچ کان ڏاڍي اداس ٿيس. مونکي پنهنجن ٻين ڪيترن ئي هم ڪلاسين ۽ پيٽر گئلبريٿ سميت، آڪسفورڊ ۾ داخلا ملي هئي. پر مون وڃڻ ڪونه ٿي گهريو. ڪئمبرج ۽ بوسٽن ۾ آئون هر رستي کان واقف ٿي وئي هيس. اتي جي زمين هيٺان ريلوي رستن جي مونکي ڄاڻ ٿي وئي هئي. آئون ماڻهن کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ لڳي هيس. مون بابا سان حُجت ڪئي ته پاڪستان موٽي اچڻ کان اڳ مونکي ٽفٽس ۾ قانون ۽ سفارتڪاريءَ جي فليچر اسڪول ۾ داخلا وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي. پر هن سختي ڏيکاريندي چيو ته، آئون آڪسفورڊ وڃان. ڪنهن هڪ هنڌ چار ورهيه رهڻ وڏو عرصو آهي. هن مون ڏانهن لکيو.جيڪڏهن تون آمريڪا ۾ وڌيڪ وقت رهندينءِ، ته پوءِ اتي تنهنجون جڙون مضبوط ٿيڻ شروع ٿينديون. هاڻي وقت آيو آهي ته تون اتان رواني ٿي.

مون پهريون ڀيرو ڀانئيو، ته بابا مون تي زور پيو رکي. پر آئون ڪري به ڇا ٿي سگهيس؟ منهنجي پڙهائيءَ ۽ رهائش جو سمورو خرچ هن پئي ڏنو. مونکي فيصلي جو ڪوبه اختيار ڪونه هو ۽ آئون ته هڪ عملي فرد هيس.

امان گريجوئيشن جي جلسي ۾ آئي هئي، ۽ هن ۽ ادا مير، جنهن تازو هارورڊ ۾ پهريون سال پورو ڪيو هو. منهنجي سامان ٻَڌڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. منهنجي ڪمري ۾ مون سان گڏ رهندڙ ساهيڙي يولينڊا ڪوڊرزيڪي ۽ مون ڪمري جو سامان ڏئي ڇڏيو ۽ ان ۾ لڳل پوسٽر لاهي ڇڏيا. اسان جا ڪمرا خالي پئي لڳا، جيئن هارورڊ يارڊ ۽ ڪتاب گهر جا جارا خالي ٿي ڏٺا. ممڪن هو ته اتان رواني ٿيڻ جو وقت اچي ويو هو.

لوگن هوائي اڏي تان جيئن ئي جهاز مٿي اڏاڻو، ته آسمان جي پس منظر ۾ بوسٽن جي اوچين عمارتن کي پڇاڙڪو ڀيرو ڏسڻ لاءِ منهنجيءَ دل سَٽ ڏني. فليني جي هيٺين دڪانن ۾ خريداري، ڊيورجن پارڪ ۾ سڀني سان گڏجي کاڌو کائڻ، بوسٽن يونيورسٽيءَ کان هاڪي راند هارائڻ جي غم کي وسارڻ لاءِ ڪاسابلانڪا وڃڻ، اهي سڀئي ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. انسان چنڊ تي پهچي ويو هو ۽ مون ميساچوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ ۾ چنڊ جي مٽي ڏٺي هئي. منهنجي ذهن ۾ پال ۽ ميريءَ جي گيت جي هن بَند جو پڙاڏو پئي ٿيو: ’آئون جيٽ جهاز ۾ پئي وڃان، ڪابه خبر ڪانهي ته ڪڏهن واپس اينديس.‘

آئون پنهنجي گهر پاڪستان ڏانهن پئي ويس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org