سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: موڪلاڻي

باب: --

صفحو :11

53

هن چيو ته، ڪريون فيصلو جي ٿي سگهي ته انهن جي فطرت ڪهڙي هوندي؟

ضرور.

ڪيبيز، اُهي اهڙيون شيون ڪين هونديون جي جنهن به شيءِ ۾ موجود آهن ته انهيءَ تي بار آڻين ٿيون ته، اها نه فقط پنهنجو خيال پاڻ وٽ حاضر رکي، پر ڪنهن مخالف شيءِ جو به خيال موجود رکي؟

ڇا آهي تنهنجو مطلب؟

فقط ايترو جيڪي اسان هنيئر پئي چيو. آءُ ڀانيان ٿو ته، توکي خبر آهي ته، جتي به ٽن جو خيال موجود آهي، سو ضرور نه فقط ٽي هوندو، پر اڪي به هوندو.

ضرور.

چڱو، اسين چئون ٿا ته جيڪا صورت هي نتيجو پيدا ڪري ٿي، تنهن جي ابتڙ خيال ڪڏهن به انهيءَ شيءِ ۾ نه ايندو.

تحقيق، نه.

پر اڪي جو خيال انهيءَ کي پيدا ڪري ٿو.

هائو.

پر ٻڌي جو خيال مخالف آهي اڪي جي خيال جي؟

هائو.

تڏهن ٽن وٽ ڪڏهن به ٻڌي جو خيال نه ايندو؟

بلڪل نه.

تڏهن ٽن جو ٻڌي ۾ ڪوبه حصو نه آهي؟

ڪوبه نه.

تڏهن عدد ٽي ٻڌي نه آهي؟

هائو.

هي بيان بس آهي انهن شين جي وصفن بابت جيڪي مخالف نه آهن، ۽ وري مخالف خيالن کي پاڻ وٽ اچڻ نٿا ڏين؛ اهڙيءَ طرح اسان ڏٺو آهي ته عدد ٽي ٻڌيءَ کي پاڻ وٽ اچڻ نٿو ڏئي، جيتوڻيڪ هو ٻڌيءَ جي ابتڙ نه آهي، ڇو ته هو سدائين پاڻ سان ٻڌيءَ جو ابتڙ خيال آڻي ٿو؛ ۽ عدد ٻه اڪي جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ نٿو ڏئي، نڪي باهه ٿڌ جي خيال کي، ۽ ائين وڃ هليو. هن چوڻ ۾ تون مون سان متفق راءِ آهين ته مخالف شيون نه رڳو مخالف شين کي پاڻ وٽ اچڻ نٿيون ڏين. پر پڻ ڪابه شيءِ جا پاڻ اسان آڻي ٿي ڪو خيال جو مخالف آهي انهيءَ شيءِ جي، جيڏانهن هوءَ وڃي ٿي، سا به ڪڏهن انهيءَ جي مخالف کي پاڻ وٽ اچڻ نٿي ڏئي جيڪي هوءَ پاڻ سان آڻي ٿي؟ بيهه ته توکي هن ڳالهه جي وري يادگيري ڏياريان، ورجائڻ ۾ ڪا حرڪت ڪانهي. پنج ٻڌيءَ جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏيندا، نڪي وري پنجن جي ٻيڻ- اڪي جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ ڏيندا. هو عدد پاڻ مخالف نه آهي، تنهن هوندي به اڪي جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ نٿو ڏئي. وري ڏيڍ، ۽ اڌ، ۽ ٻيا اهڙي قسم جا عدد سڄي جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏيندا، ۽ نه ئي وري اهڙا عدد جي ٽيائي وارا آهن. تون هيءَ ڳالهه سمجهين ٿو ۽ قبول ڪرين ٿو.

هن چيو ته، آءُ اها ڳالهه سمجهان ٿو ۽ توسان بلڪل متفق راءِ آهيان.

 

54

هن چيو ته، هاڻي وري شروع ڪر، ۽ مون کي جواب ڏي. ۽ مون کي نقل ڪجانءِ؛ منهنجي سوال وارن جملن ۾ مون کي جواب نه ڏجانءِ. منهنجو مطلب آهي ته، جهونو سلامتيءَ وارو جواب نه ڏجانءِ جنهن جو مون اڳي ئي ذڪر ڪيو آهي، ڇو ته مون کي ٻيو سلامتيءَ وارو رستو ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جو نتيجو آهي انهيءَ جو جيڪي اسان پئي چيو آهي. جيڪڏهن تون مون کان پڇندين ته، جسم ۾ اندر اها ڪهڙي شيءِ آهي جا هن کي گرم ڪري ٿي. ته آءُ پاڻ وارو اڳوڻو سلامتيءَ وارو ۽ بيوقوفي جو جواب ڪين ڏيندس، ته اها گرمي آهي؛ آءُ وڌيڪ سهڻو جواب، جيڪي هاڻي    آهيون، تنهن مان نڪتل ڏيندس، ۽ چوندس ته، باهه. جيڪڏهن تون مون کان پڇندين ته، جسم ۾ اها ڪهڙي شيءِ آهي جا هن کي بيمار ڪري ٿي، آءُ اهو نه چوندس ته بيماري، پر چوندس تپ، ۽ وري اهو سوال ته عدد ۾ اها ڪهڙي شيءِ آهي جا انهيءَ کي ايڪو ڪري ٿي، اهڙي سوال جي جواب ۾ آءُ اهو نه چوندس ته ايڪائي، پر چوندس ته اتحاد، ۽ ائين وڃ هليو........ تون منهنجو مطلب هاڻي چڱي طرح سمجهين ٿو؟

هن چيو ته، هائو، بلڪل چڱي طرح.

هن چيو ته، تڏهن مون کي ٻڌاءِ ته، جسم ۾ اها ڪهڙي شيءِ آهي جا هن کي حيات رکي ٿي؟

هن ورندي ڏني ته، روح.

۽ سدائين ائين آهي؟

هن چيو ته، ضرور.

تڏهن جيڪا به شيءِ پاڻ وٽ روح رکي ٿي، تنهن وٽ هو ئي حياتي آڻي ٿو.

هن جواب ڏنو ته، بلاشڪ.

۽ حياتيءَ جي مخالف به ڪجهه آهي، يا نه؟

هائو.

اهو ڇا آهي؟

موت.

۽ اسين اڳيئي قبول ڪري چڪا آهيون ته، روح ڪڏهين به پاڻ وٽ انهيءَ کي اچڻ نه ڏيندو جو مخالف آهي انهيءَ جي جيڪي هو پاڻ سان آڻي ٿو؟

ڪيبيز چيو ته، هائو، تحقيق اسان اها ڳالهه قبول ڪئي آهي.

 

55

چڱو؛ اسان ڪهڙو نالو ڏنو هو انهيءَ کي جو ٻڌيءَ جي خيال کي پاڻ وٽ اچڻ نه ڏئي؟

هن ورندي ڏني ته، اڪي.

۽ اسين ڇا چوندا آهيون انهيءَ کي جو انصاف يا راڳ کي پاڻ وٽ اچڻ نٿو ڏئي؟

بي انصاف، ۽ بي سرو.

چڱو؛ ۽ اسين انهيءَ شيءِ کي ڇا چوندا آهيون جا موت کي پاڻ وٽ اچڻ نٿي ڏئي؟

هن چيو ته، لايموت.

هائو.

هن چيو ته، چڱو ڪيبيز، جيڪڏهن ته هيءَ ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي؟ تون ڇا ٿو ڀائين؟

هائو، سقراط، بلڪل پوري طرح.

هن چيو ته، چڱو ڪيبيز، جيڪڏهن ايڪا ضرور لازوال هجن ها، ته جيڪر ٽي ڪين لازوال ٿين ها؟

ضرور.

۽ جيڪڏهين سردي ضرور لازوال هجي ها ته جيڪر گرمي لڳڻ تي برف سلامتيءَ سان بنان ڀرڻ ۽ پگهرڻ جي هٽي پاسو ڪري ها. هوءَ جيڪر ناس ٿي ڪين وڃي ها، ۽ ماٺ ڪري بيهي گرميءَ کي پاڻ وٽ ڪين ڏئي ها.

هن چيو ته، سچ.

آءُ ڀانيان ٿو ته، ساڳيئي دستور موجب، جيڪڏهن گرمي لازوال هجي ها، ته جيڪر ٿڌ لڳڻ تي باهه هرگز ڪين وسامي وڃي ها يا ناس ٿي وڃي ها. هوءَ جيڪر سلامتيءَ سان ڪاڏي هلي وڃي ها.

هن ورندي ڏني ته، ضرور.

هن چيو ته، ساڳي ڳالهه اسين لايموت بابت چئي نٿا سگهون ڇا؟ جيڪڏهن لايموت لازوال آهي ته، روح موت اچڻ تي ناس ٿي ڪين سگهندو. جيڪي اسين چئي رهيا آهيون، تنهن مان نتيجو نڪري ٿو ته هو ڪڏهن به موت کي پاڻ وٽ اچڻ ڪين ڏيندو، ۽ نڪي موت جي حالت ۾ رهي سگهندو، جيئن ته ٽي يا ايڪا هرگز ٻڪا ٿي ڪين سگهندا، يا جيئن باهه، يا گرمي جا باهه ۾ آهي، سا هرگز سرد ٿي ڪين سگهندي. پر ائين ڪو کڻي چوي ته، قبول آهي ته اڪا ٻڪن جي اوڏي اچڻ تي ٻڪا نٿا ٿين، پر ڇو نه جڏهن ايڪو ناس ٿي وڃي تڏهن سندس جاءِ ٻڪو اچي والاري؟ اسين جواب ۾ ائين چئي ڪين سگهنداسون ته هو ڪو ناس نٿو ٿئي، ڇو ته اڻ ٻڪو لازوال نه آهي. جيڪڏهن اسين قبول ڪريون ها ته اڻ ٻڪو لازوال آهي، ته اسين سولائي سان جواب ڏئي سگهون ها ته ٻڪي جي اوڏي اچڻ تي ايڪو ۽ ٽي ڀڄي پاسو ڪن ٿا؛ ۽ اسين ساڳيو دليل باهه ۽ گرميءَ ۽ ٻين شين لاءِ پيش ڪري سگهون ها، برابر؟

هائو، تحقيق.

۽ هاڻي، جيڪڏهن اسين قبول ڪريون ٿا ته لايموت لازوال آهي، ته پوءَ روح نه رڳو لايموت ٿيندو، پر لازوال پڻ ٿيندو؛ نه ته وري اسان کي ٻيو دليل کپندو.

هن چيو ته، نه، هن ڳالهه نسبت انهي جي ضرورت ڪانهي؛ ڇو ته جيڪڏهن لايموت، جو دائمي آهي، سو نابوديءَ کي اوڏو اچڻ ڏيندو، ته پوءِ ٻيو ڪير نه ڏيندو؟

 

56

سقراط چيو ته، سڀ ماڻهو قبول ڪندا ته خدا، ۽ هستيءَ جي جوهري صورت، ۽ ٻيو سڀ جيڪي لايموت آهي، ڪڏهن به ناس نٿو ٿئي.

هن چيو ته، تحقيق، سڀ ماڻهو، ۽ انهيءَ کان وڌيڪ، آءُ ڀانيان ٿو ته، سڀ خدا اها ڳالهه قبول ڪندا.

تڏهن جيڪڏهن لايموت لازوال آهي، ته پوءِ روح، جيڪڏهين اهو به لايموت آهي، ته ضرور لازوال ڪين هوندو؟

تحقيق هو ضرور هوندو.

تڏهن، ڏسجي ٿو ته، جڏهن موت ڪنهن ماڻهوءَ تي حملو ڪري ٿو، ته هن جو فاني ڀاڱو مري ٿو، پر هن جو لايموت ڀاڱو موت جي اوڏي اچڻ تي هٽي پاسو ڪري ٿو، ۽ سلامتيءَ سان بنان ڪنهن نقصان جي هليو وڃي ٿو.

ائين ٿو ڏسجي.

هن چيو ته، ڪيبيز، تڏهن، بنان ڪنهن شڪ جي روح لايموت ۽ لازوال آهي؛ ۽ اسان جا روح سچ پچ ٻيءَ دنيا ۾ حيات رهندا.

هن ورندي ڏني ته، سقراط، مون کي ڪوبه وڌيڪ اعتراض اٿارڻو نه آهي؛ تنهنجي دليلن مون کي بلڪل خاطري ڏياري ڇڏي آهي. جيڪڏهن سمئس، يا ڪنهن ٻئي کي ڪجهه چوڻو آهي، ته چڱو ٿيندو ته هينئر ڪڇي؛ ڇو ته آءُ سمجهي نٿو سگهان ته هو ڪهڙي ٻئي وقت موقعي لاءِ اهو مباحثو ترسائي سگهندو، جيڪڏهن هن کي هن مسئلي نسبت ڪجهه چوڻو يا ٻڌڻو آهي.

سمئس چيو ته، تحقيق، نه؛ جيڪي اوهين چئي رهيا آهيو تنهن کانپوءِ مون کي وڌيڪ شڪ جو سبب ڪونهي. تنهن هوندي به مون کي دل ۾ ڪي گمان اڃا رهيل آهن؛ ڇو ته اسان جي گفتگو جو موضوع وسيع آهي، ۽ مون کي انسان جي ضعيفي ڪري خاطري نٿي ٿئي.

سقراط چيو ته، سمئس، تون صحيح آهين؛ ۽ تنهن کانسواءِ، توکي اسان جا شروع وارا تصور وري جاچڻ کپن، پوءِ کڻي اهي توکي ڪهڙا به سچا نظر اچن؛ آءُ ڀانيان ٿو ته، جڏهن تون انهن کي چڱي طرح اک کولي ڏسندين، تڏهن تون مباحثي کي سمجهي سگهندين، جيتري قدر اهو سمجهڻ انسان لاءِ ممڪن آهي؛ ۽ جڏهن اهو تنهنجي نظر ۾ صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ ايندو، تڏهين تون وڌيڪ جاچ ڪانه ڪندين.

هن چيو ته اها ڳالهه برابر آهي.

 

57

هن چيو ته، پر تڏهن، منهنجا دوستو، اسان کي هيترو خيال رکڻ کپي؛ جيڪڏهين سچ ائين آهي ته روح لايموت ۽ لازوال آهي، ته اسان کي هن جي خبرداري رکڻ کپي، نه رڳو انهيءَ وقت لاءِ جنهن کي اسين حياتي ٿا سڏيون، پر پڻ سموري وقت لاءِ. هاڻي اسين ڏسي سگهون ٿا ته انهيءَ غفلت جو خطرو ڪيڏو نه خوفناڪ آهي. ڇو ته جيڪڏهن موت جي معنيَ هجي ها سڀني ڳالهين کان رهائي، نه جيڪر هو جسمن لاءِ ته خدائي غنيمت ٿئي ها؛ ڇو ته هو جڏهن مرن ها تڏهين پنهنجن روحن سميت جسم مان آزاد ٿين ها ۽ پنهنجي بدڪاريءَ کان به ڇٽن ها. پر هاڻي اسان ڏٺو آهي ته روح لايموت آهي، ۽ تنهنڪري هن جو جسم کان ڇوٽڪارو ۽ سلامتي انهيءَ ۾ آهي ته هو جيتري قدر ٿي سگهي تيتري قدر عاقل ۽ ڪامل ٿئي. ڇو ته هو پنهنجي تعليم ۽ ترتيب کان سواءِ ٻيو ڪي به پاڻ سان ٻيءَ دنيا ڏي کڻي نٿو وڃي؛ ۽، چون ٿا ته، فوت ٿيل ماڻهوءَ لاءِ سندس اوڏاهون جي سفر جي شروعات کان وٺي، سڀ کان وڌيڪ فائديمند يا نقصانڪار اهي شيون آهن. ڇو ته چون ٿا ته جيڪو ملائڪ هر هڪ انسان تي سندس حياتيءَ ۾نظرداري ڪري ٿو، سو سندس مئي پڄاڻان، هن کي هڪڙي هنڌ وٺي وڃي ٿو. جتي مرهيات گڏ ٿين ٿا ۽ فتويَ وٺن ٿا، ۽ پوءِ هيٺين دنيان ڏي پنهنجي رهبر سان وڃن ٿا جو کين اوڏاهين وٺي وڃڻ لاءِ مقرر ٿيل آهي ۽ جڏهن هنن کي اتي سندن حق ملي ٿو ۽ هو اتي مقرر ٿيل وقت گذاري وٺن ٿا، تڏهن ٻيو رهنما هنن کي صدين جي گهڻن وڏن دورن بعد موٽائي وٺي اچي ٿو. تنهنڪري هيءَ مسافري اهڙي نه آهي جهڙي طرح ايسڪائيلس شاعر هن کي پنهنجي ناٽڪ ٽيليفس ۾ بيان ٿو ڪري، جتي هو چوي ٿو ته هڪڙو سولو رستو مئلن جي مڪان ڏانهن نئين ٿو. پر آءُ ڀانيان ٿو ته رستو نڪي سولو آهي ۽ نڪي هڪڙو آهي؛ جي ائين هجي ها ته رهبرن جي ڪابه ضرورت ڪانه ٿئي ها. ڌرتيءَ تي دفن ڪرڻ وقت جيڪي روشون اختيار ڪيون وينديون آهن، تن مان آءُ سمجهان ٿو ته، انهيءَ رستي کي گهڻيون واٽون ۽ پيچرا آهن. سڌريل ۽ سياڻو روح پنهنجي رهبر جي پٺيان هلي ٿو، ۽ ٻيءَ دنيا جي ڳالهين کان غير واقف نه آهي؛ پر جيڪو روح جسمن جي هوائن ۾ مبتلا آهي، سو گهڻي وقت تائين ظاهري دنيا ۾ جسم جي چوگرد پريشان ٿي رلندو رهي ٿو، جيئن مون چيو آهي، ۽ سخت تڪليفون ۽ درد ڀوڳيندو رهي ٿو، ۽ نيٺ زبردستي سان لاچار ٿي پنهنجي مقرر ٿيل ملائڪ هٿان گهلجي وڃي ٿو. ۽ جڏهن هو انهيءَ هنڌ اچي ٿو جتي ٻيا روح آهن، تڏهن جيڪڏهن هو بدڪاريءَ سبب پليد ۽ گندو ٿيل آهي، ۽ بڇڙن خونن ۾ شامل ٿيل آهي، يا جيڪڏهن هن انهن ڏوهن سان لاڳاپيل ڪي ٻيا ڏوهه ڪيا آهن، ۽ جيڪڏهن ٻين اهڙن روحن جهڙيون بڇڙايون ڪيون اٿس، ته پوءِ هر ڪو هن کان پاسو ڪندو ۽ هن سان ملڻ کان موشو ڪندو، ۽ نه هن جو رفيق ٿيندو ۽ نه هن جو رهبر ٿيندو، ۽ هو پنهنجي سر سخت اندوهه  ۾ ڀٽڪندو رهندو، جيستائين مقرر ٿيل وقت پورو ٿيندو، ۽ پوءِ هو زبردستيءَ اهڙيءَ حياتي گهليو ويندو، جهڙيءَ جو هو لائق هوندو. پر جنهن روح پنهنجي حياتي پاڪائيءَ ۽ پرهيزگاريءَ سان گذاري آهي تنهن جا خدائون رفيق ۽ رهبر ٿين ٿا، ۽ هو اهڙي مڪان ۾ رهندو جو سندس شان وٽان هوندو. ڌرتيءَ تي ڪيترا عجيب مڪان آهن، ۽ هڪڙي دوست مون کي يقين ڏياريو آهي ته، ڌرتيءَ جو وجود ۽ سندس وسعت اهڙا نه آهن جيئن جيڪي انهن جو ذڪر ڪندا آهن سمجهن ٿا.

سمئس چيو ته، سقراط، تنهنجي معنيَ ڇا آهي؟

 

58

مون پاڻ ڌرتيءَ بابت گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌيون آهن، پر جنهن راءِ نسبت توکي يقين آيل آهي سو مون ڪڏهن به ڪونه ٻڌو آهي. منهنجو تمام گهڻي خواهش آهي انهيءَ جي ٻڌڻ جي.

چڱو، سمئس، آءُ نٿو ڀانيان ته انهيءَ جي بيان ڪرڻ لاءِ ڪو گلاڪس سخن آور جي هوشياري کپي، پر آءُ ڀانيان ٿو ته انهيءَ جو ثابت ڪرڻ گلاڪس جي قابليت کان به ٻاهر آهي. مون کي پڪ آهي ته آءُ ائين ڪري ڪين سگهندس، ۽ تنهن کانسواءِ، سمئس کڻي جيڪڏهن مون کي انهيءَ جي خبر هجي، ته به آءُ ڀانيان ٿو ته مباحثي جي ختم ٿيڻ کان اڳ منهنجي حياتي پوري ٿي ويندي. پر انهيءَ ۾ ڪابه روڪ ڪانهي ته آءُ توکي ٻڌايان ته منهنجي يقين موجب ڌرتيءَ جي صورت ڪهڙي آهي، ۽ هن جا ڀاڱا ڪهڙا آهن.

سمئس چيو ته، چڱو ائين ئي ٺهيو.

هن چيو ته، چڱو، پهريائين ته منهنجو اعتقاد آهي ته ڌرتي هڪ گول شيءِ آهي جا عرش جي وچ تي بيٺل آهي، ۽ تنهن ڪري هن کي هوا يا ڪنهن ٻئي زور جي آڌار جي ضرورت ڪانهي. عرش جي سڀني ڀاڱن جي هڪجهڙائي ۽ ڌرتيءَ جي پنهنجي پوري بيهڪ، هن کي مٿي جهلي بيهڻ لاءِ ڪافي آهن. ڪابه پوري بيهڪ واري شيءِ، جا بيٺل آهي ڪنهن اهڙي شيءِ جي وچ تي، جا چوگرد هڪ جهڙي آهي، سا ڪنهن به طرف، ٿورو يا گهڻو نمي نٿي سگهي. هوءَ بنان لوڏي جي پوري ميزان ۾ رهندي. هن چيو ته اها آهي پهرين ڳالهه جنهن تي مون کي ويساهه آهي.

سمئس چيو ته، تنهنجو اعتقاد واجبي آهي.

هن چيو ته، پڻ آءُ ڀانيان ٿو ته ڌرتي وسيع پکيڙ واري آهي، ۽ اسين جي فئسس (ٻيٽ) ۽ هرئڪليز پهلوان جي ٿنڀن (يعني جبرالٽر جي پهاڙن) جي وچ تي رهون ٿا، سي هن جو فقط ٿورو حصو والاريون ٿا، ۽ سمنڊ جي چوگرد ائين رهون ٿا، جيئن ماڪوڙيون يا ڏيڏر ڪنهن ڌٻڻ جي چوگرد رهندا آهن، ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته ٻيا ڪيترائي ماڻهو ٻين هنڌ ساڳئي قسم جي جاين تي رهندا هوندا. ڇو ته ڌرتيءَ تي جتي ڪٿي گهڻا ئي هيٺاهان هنڌ هر قسم جي صورت ۽ مقدار وارا آهن، جن ۾ پاڻي، اُٻ ۽ هوا گڏ ٿين ٿا؛ پر ڌرتي پاڻ عرش جي پاڪائي اندر پاڪ رهيٿي، جتي تارا آهن، ۽ جنهن کي اهي ماڻهو جيڪي انهن ڳالهين جو ذڪر ڪندا آهن، عام طرح سڏيندا آهن اَثير (آسماني جسم: Ither ايٿر). پاڻي، اُٻ ۽ هوا جي ڌرتيءَ جي هيٺاهن مقامن ۾ گڏ ٿينٿا، سي آهن سندس مير. جيتوڻيڪ اسين انهن هيٺاهان مقامن ۾ رهون ٿا، تنهن هوندي به ڀانيون ٿا ته اسين ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي رهون ٿا. اسين ڪنهن اهڙي ماڻهو وانگر آهيون جو سمنڊ جي تري ۾ رهي ٿو، ۽ سمجهي ٿو ته آءُ انهيءَ جي مٿاڇري تي رهان ٿو، ۽ ڀانئي ٿو ته سمنڊ عرش آهي، ڇو ته هن پاڻي منجهان سج ۽ تارا ڏٺا آهن؛ پر جو سستي ۽ ڍرائي سببان پاڻيءَ جي مٿاڇري تائين اچي نٿو سگهي، ۽ سمنڊ منجهان پنهنجو سر مٿي کڻي نٿو سگهي، ۽ پنهنجن غارن مان نڪري اسان جي دنيا ۾ اچي نٿو سگهي، نڪي انهيءَ کي ڏسي سگهي ٿو، ۽ نڪي ڪنهن اهڙي کان جنهن هنن کي ڏٺو آهي، انهيءَ جو احوال ٻڌي سگهي ٿو، ته هوءَ سندس رهڻ واري جاءِ کان ڪيترو وڌيڪ صاف ۽ سهڻي آهي. اسين اهڙيءَ ساڳي حالت ۾ آهيون؛ اسين ڌرتيءَ جي هڪڙي هيٺاهين مقام ۾ رهون ٿا، ۽ ڀانيون ٿا ته اسين انهيءَ جي مٿاڇري تي رهون ٿا؛ ۽ اسين هوا کي عرش سڏيون ٿا، ۽ ڀانيون ٿا ته اهو آڪاس آهي، جنهن ۾ تارا پنهنجو سفر ڪن ٿا. پر حقيقت هيئن آهي ته اسين پنهنجي ضعيفي ۽ ڍرائي سبب هوا جي مٿاڇري تائين پهچي نٿا سگهون. ڇو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو مٿاڇري تائين پهچي سگهي، يا کنڀ ڪري مٿي اڏامي سگهي، ته هو مٿي نهارڻ سان هڪ ٻي دنيا پريان ڏسي سگهندو، جيئن مڇيون سمنڊ مان مٿي نهارينديون آهن، ۽ اسان واري دنيا ڏسنديون آهن. ۽ پوِءِ هن کي پروڙ پوندي ته اهو آهي سچو بهشت، ۽ سچي روشنائي، ۽ سچي ڌرتي، پر سو تڏهن جيڪڏهن هن جو وجود انهي نظاري جو ديدار سهي سگهندو. ڇو ته هيِءَ ڌرتي، ۽ انهيءَ جا پٿر، ۽ انهيءَ جا سڀ ڀاڱا خراب ۽ زبون ٿي پيا آهن، جيئن سمنڊ واريون شيون کاري پاڻيءَ سبب خراب ٿي پونديون آهن. ڪابه قدر واري شيءِ سمنڊ ۾ نٿي اڀري، نڪي اتي ڪا بي عيبي شيءِ آهي. پر جيڪڏهن انهيءِ ۾ ڪٿي زمين آهي، ته اتي رڳو غار، واري ۽ ويڪرا پٽ گپ ۽ ڪلر وارا آهن، جي اسان واري دنيا جي سهڻين شين سان ڀيٽي ڪين سگهبا. پر تون سمجهي سگهين ٿو ته ٻيءَ دنيا جون شيون اسان واريءَ دنيا جي شين کان اڃا به گهڻو اعليَ آهن. سمئس، آءُ توکي هڪڙي آکاڻي ٻڌائي سگهندس ته ڇا آهي انهيءَ ڌرتي تي، جا عرش هيٺان آهي، ۽ اها تنهنجي ٻڌڻ جهڙي آهي.

سمئس چيو ته، تحقيق، سقراط، اسين تنهنجي آکاڻي گهڻي شوق سان ٻڌنداسون.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org