سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: موڪلاڻي

باب: --

صفحو :2

موڪلاڻي

گفتگو ڪندڙ ماڻهو:

فيڊو

ايڪيڪرئٽيز

سقراط

ڪيبيز

سمئس

اپالو ڊورس

ڪريٽو

يارنهن عملدارن جو سپاهي

مقام: پهريائين فليس جو شهر، پوءِ سقراط جو ترنگ (قيد خانو).

 

1

ايڪيڪرئٽيز: فيڊو، تون سقراط سان گڏ هئين انهيءَ ڏينهن، جنهن ڏينهن هن ترنگ (قيد خاني) ۾ زهر پيتو، يا تو اها ڳالهه ڪنهن ٻئي کان ٻڌي هئي؟

فيڊو: ايڪيڪٽرئٽيز، آءٌ پاڻ اتي حاضر هئس.

ايڪيڪٽرئٽيز: تڏهين اسان جي آقا مماتيءَ کان اڳ ڇا چيو ۽ هو ڪيئن موت سان ملاقاتي ٿيو؟ تنهنجي مهرباني ٿيندي جيڪڏهن تون مون کي هيءَ ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائيندين. اسان جي شهر جا باشندا هاڻي اٿينس ڏي گهڻو ڪونه ايندا ويندا آهن، ۽ ڳچ وقت کان وٺي ڪو اٿينس واسي به هيڏي ڪونه آيو آهي، جو اسان کي انهيءَ ڳالهه جي پوري خبر ڏئي سگهي. اسان ته ان کان وڌيڪ ڪجهه به ڪين ٻڌو آهي ته هن زهر پيتو ۽ مري ويو.

فيڊو: تڏهن اوهان اهو به ڪين ٻڌو آهي ته ڪيئن ڪيس ٿيو ۽ ڪيئن هليو؟ ايڪيڪٽرئٽيز: هائو، اسان انهيءَ بابت ٻڌو هو. اسان کي ڪجهه عجب لڳو ته سقراط ڪيس ختم ٿيڻ کان ايترو پوءِ فوت ٿيو. فيڊو، ائين ڇو ٿيو؟

فيڊو: انهيءَ لاءِ ته ڪو اتفاقي سبب بنجي پيو. جيڪو جهاز اٿينس واسي ڊيلاس (ٻيٽ) ڏي موڪليندا آهن، سو ڪيس کان هڪ ڏينهن اڳ سينگاريو ويو هو.

ايڪيڪٽرئٽيز: اهو ڪهڙو جهاز آهي؟

فيڊو: اٿينس واسين موجب اهو جهاز آهي جنهن ”ٿيسيوس“ (اٿينس شهر جو پايو وجهندڙ پهلوان) ستن جوانن کي ۽ ستن ڇوڪرين کي جهاز ۾ چاڙهي ڪريٽ ڏي وٺي ويو ۽ هنن کي موت کان بچايائين ۽ پاڻ به بچي ويو. ۽ پوءِ اٿينس جي ماڻهن اپالو خدا سان انجام ڪيو ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ هر سال ڊيلاس (اپالو ديوتا جي رهڻ جو مڪان) ڏينهن هڪ پاڪ وفد موڪليندا رهندا، ۽ انهيءَ وقت کان اڄ ڏينهن تائين هو سڀ، هر سال ائين ڪندا رهيا آهن. هنن ۾ قاعدو آهي ته جيئن وفد جو ڪم شروع ٿئي، تيئن هو شهر کي پاڪ رکندا، ۽ ڪنهن کي به قتل نه ڪندا، جيسين جهاز ڊيلاس کان موٽي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن واءُ سڻائو نٿو لڳي ته پوءِ جهاز کي موٽڻ ۾ وقت لڳيو وڃي. هن پاڪ سفارت جو ڪم تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهين اپالو خدا جو پادري جهاز جي مهڙ تي گلن جا هار چاڙهيندو آهي، ۽، جيئن مون چيو ته، هي ڪم ڪيس واري ڏينهن کان اڳئين ڏينهن تي ٿي چڪو هو. اهوئي سبب هو جو سقراط ڪيس پوري ٿيڻ کانپوءِ ايترو عرصو زندان ۾ پيو هو ۽ پوءِ فوت ٿيو.

ايڪيڪٽرئٽيز: فيڊو، پر هن جي مماتيءَ جي خبر ته سڻاءِ. انهيءَ وقت ڇا وهيو واپريو ۽ اسان جا ڪهڙا ڪهڙا دوست آقا وٽ حاضر هئا؟ يا سرڪاري عملدارن ڪنهن کي به کيس وٽ اچڻ ڪين ڇڏيو؟ هو وفات وقت اڪيلو هو ڇا؟

فيڊو: نه نه، ڪيترائي دوست هن وٽ موجود هئا.

ايڪيڪٽرئٽيز: جيڪڏهن تون واندو هجين ته مهرباني ڪري اسان کي سربستي ڳالهه سڻاءِ.

فيڊو: مون کي ڪو ڪم ته ڪونهي ۽ آءٌ اوهان کي سڄي ڳالهه سربستي ڪري ٻڌائيندس- ڇو ته مون کي خود ڪنهن به ڳالهه مان ايتري فرحت نه ايندي آهي، جيتري سقراط کي ياد ڪرڻ سان، يا هن بابت ذڪر ڪرڻ سان يا ٻين جي واتان هن بابت ذڪر ٻڌڻ سان ايندي اٿم.

 

2

ايڪيڪٽرئٽيز: سچ ته، فيڊو، توکي ٻڌندڙ به اهڙائي ملندا جهڙو تون پاڻ آهين. پر مهرباني ڪري اسان کي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائجانءِ.

فيڊو: سچ پڇو ته انهيءَ ڏينهن منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي پئي هئي. مون ائين نٿي سمجهيو ته ڪو آءُ پنهنجي ڪنهن پياري دوست جي موت تي آيل آهيان. مون کي هن جي حال تي ذري جيترو به افسوس ڪونه ٿي ٿيو، ڇو ته، ايڪيڪٽرئٽيز، هو پنهنجي هلت ۽ ڳالهائڻ ۾ بلڪل خوش ٿي ڏسڻ ۾ آيو، ۽ هو بلڪل بي ڊپائي سان شاندار انداز ۾ موت سان ملاقاتي ٿيو. مون ائين ٿي سمجهيو ته جيئن هو ٻيءَ دنيا جو سفر شروع ڪندو، تيئن خدا هن جا نگهبان رهندا، ۽ جڏهن هو اُتي وڃي پهچندو، تڏهن خدا هن جي چڱي مرحبا ڪندا. تنهن ڪري اهڙي دردناڪ لمحي تي مون کي ڪنهن به قسم جو افسوس نه ٿيو. نڪا وري ڪا مونکي انهيءَ وقت اهڙي خوشي هئي جا آءُ سدائين هن جي ڏاهپ ڀرين ڳالهين مان حاصل ڪندو هوس. اسانجون ڳالهيون سدائين فيلسوفي نسبت ٿينديون هيون. منهنجي عجيب حالت هئي، منهنجي دل ۾ خوشي ۽ ڏک ٻئي گڏجي پيا هئا ڇو ته مون ڄاتو ٿي ته هو سگهوئي موڪلائي ويندو. اسان سڀني جو ساڳيوئي حال هو، ڪڏهين کلياسين ٿي، ڪڏهن رناسي ٿي. خاص ڪري اپالو ڊورس جو اهو حال هو. آءُ ڀانيان ٿو ته تون هن کي سڃاڻين ته سندس روش ڪهڙي آهي.

ايڪيڪٽرئٽيز: هائو، آءُ هن کان ڪافي واقف آهيان.

فيڊو: هن کي پاڻ تي ذري برابر به ضابطو ڪونه هو. آءُ ۽ ٻيا به بلڪل غم ۾ غلطان هئاسون.

ايڪيڪٽرئٽيز: فيڊو، اُتي ٻيا ڪهڙا ڪهڙا حاضر هئا؟

فيڊو: شهري اٿينين منجهان اهو اپالو ڊورس، ڪريٽو بيولس ۽ سندس پيءُ ڪريٽو، هر موجينيز، ايپيجينيز، ايسڪائنيز ۽ ائنٽسٿنيز حاض هئا. ٽيسيپس پينيان وارو مينيگزينس، ۽ ڪي ٻيا ماڻهو به اُتي موجود هئا. مان ڀانيان ٿو ته، افلاطون بيمار هو.

ايڪيڪٽرئٽيز: ڪي ڌاريا ماڻهو به حاضر هئا؟

فيڊو: هائو، ٿيبس وارو سمئس، ڪيبيز، فيڊنڊيز، يوڪلائوڊيز ۽ ٽرپسئن، ميگارا وارا به موجود هئا.

ايڪيڪٽرئٽيز: ائرسٽيپس ۽ ڪليومبروٽس اتي حاضر هئا؟

فيڊو: نه اهي ڪين هئا، اهي ايجنا ڏانهن ويل هئا.

ايڪيڪٽرئٽيز: ٻيو به ڪو هو؟

فيڊو: نه مان ڀانيان ٿو ته اهي ئي ماڻهو موجود هئا.

ايڪيڪٽرئٽيز: تڏهن ڀلا ٻڌاءِ پيرائتي ڳالهه.

 

3

فيڊو: اءُ ڪوشش ڪري منڍ کان پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائيندس.

اڳئين ڏينهن تي آءُ ۽ ٻيا صبح جو ڪيس هلڻ واري ڪورٽ وٽ گڏ ٿيندا هئاسون، جا ترنگ (قيد خاني) جي ويجهو آيه، ۽ پوءِ اسين سقراط وٽ ويندا هئاسون. جيسين ترنگ کلندو هو تيسين اسين بيهي ڳالهيون ڪندا هئاسون. جڏهين هو کندو هو تڏهين اسين سقراط وٽ ويندا هئاسون ۽ سارو ڏينهن هن وٽ گذاريندا هئاسون. پر انهيءَ ڏينهن اسين هميشه کان سويل آيا هئاسون، جو اڳئين ڏينهن شام جو جيل کان موٽڻ وقت اسان ٻڌو هو ته ڊيلاس ڏي ويل جهاز موٽي آيو آهي. انهيءَ ڪري سان سويل اچڻ جو فيصلو ڪيو هو. جڏهن اسين جيل وٽ پهتاسون تڏهن بوانب اسان کي چيو ته ڪجهه ترسو جو يارهن سرڪاري عملدار سقراط جا زنجير لاهي رهيا آهن ۽ اڄ هنن جي موت لاءِ وقت مقرر پيا ڪن. سگهوئي وري دربان اسان وٽ آيو ۽ اسان کي اندر هلڻ لاءِ چيائين. اسين ادنر وياسون ۽ ڏٺوسون ته سقراط جا زنجير لٿل هئا ۽ سندس زال، ”زنٿيپي“، ٻار کنيو وٽس ويٺي هئي. جڏهن ”زنٿيپي“ اسان کي ڏٺو تڏهن زناني فطرت موجب زار زار روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته، ”سقراط، توکي پنهنجن دوستن سان ۽ هنن کي توسان ڳالهائڻ لاءِ اڄ آخري ڏينهن آهي.“ انهيءَ تي سقراط ڪريٽو ڏانهن نهاريو ۽ چيائين ته، ”ڪريٽو، هن کي گهر اماڻ“ پوءِ ڪريٽو جا ڪي نوڪر هن کي دلاسا ڏيندا اُتان وٺي ويا ۽ هوءَ زار زار روئندي ۽ ڇاتي ڪٽيندي هلي ويئي. سقراط هنڌ تي اُٿي ويٺو ۽ ٽنگ ڊگهي ڪري انهيءَ کي مهٽڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته اها ڪهڙي نه عجيب شيءِ آيه، جنهن کي ماڻهو خوشي ٿا سڏين! درد سان انهيءَ جو ڪهڙو نه عجيب لاڳاپو آهي جو ڏسڻ ۾ انهيءَ جي ابتڙ آهي! هو ٻئي ڪنهن وٽ به گڏ نٿا اچن، پر جيڪڏهن ڪو انهن مان هڪ جي پٺيان پوي ٿو ۽ انهيءَ کي هٿ ڪري ٿو ته ٻيو به هن وٽ پاڻ اچي ڪڙڪي ٿو، ڄڻ ته ٻه نراليون شيون هڪ نوڪ تي پاڻ ۾ مليل آهن. ۽ هن چيو ته جيڪڏهن ايسپ هنن ڏانهن ڌيان ڏئي ها ته جيڪر هڪڙي آکاڻي ٺاهي وٺي ها ته: جڏهن خدا هنن جو جهيڙو ڏٺو، تڏهن هنن جي ٺاهڻ جو خيال ڪيائين، پر جڏهن سمجهيائين ته ٺهراءِ جو امڪان ڪونهي، تڏهن ٻنهي جون نوڪون کڻي ڳنڍيائين، ۽ انهيءَ ڪري جڏهن انهن مان هڪ ڪنهن وٽ اچي ٿي ته ٻي اڻ پڇيو انهيءَ جي پويان اچي ان وٽ حاضر ٿئي ٿي- مون سان به اهوئي حال آهي. زنجيرن جي ڪري منهنجي  ڄنگهه ۾ عذاب ٿي پيو هو، هاڻي ڏسجي ٿو ته عذاب پٺيان فرحت اچي پهتي آهي.

 

4

اتي ڪيبيز ڪڇيو ته چيائين ته، سقراط، چڱو جو تو مونکي يادگيري ڏياري. ڪيترا ماڻهو تنهنجي بيتن، ۽ تنهنجي اپالو خدا جي ثنا واري قصيدي، ۽ تو جيڪي ايسپ جون آکاڻيون نظم ۾ آنديون آهن، تن سڀني بابت پڇا پيا ڪن. رڳو ڏينهن ٻه مس ٿيندو ته مون کان ايوينس پڇيو ته، سقراط کي زندان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪهڙو سبب اڳيان آيو جو هن شعر لکڻ شروعڳ ڪيو، اڳي ته ڪڏهن سٽ به ڪانه لکي هئائين. تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته مونکي ٻڌاءِ ته آءُ هن کي ڇا چوان.

هن چيو ته، ڪيبيز، هن کي سچ ٻڌائجانءِ، چئجانس ته مون توسان يا تنهنجي شعر سان رقابت ڪرڻ جي خيال سان ائين ڪين ڪيو آهي. مونکي معلوم ٿيو آهي ته هن سان چٽاڀيٽي کائڻ سولي ڳالهه ڪانهي. فقط ڪن خوابن جي معنيَ جاچڻ لاءِ ۽ پنهنجي قلب کي راضي رکڻ لاءِ مون ائين ڪيو آهي.

ڳالهه هينءَ آهي: پنهنجي گذريل حياتي ۾ اءُ ڪيترائي ڀيرا ساڳيو خواب لهندو هوس، جو جدا جدا وقتن تي مختلف نمومنن ۾ نظر ايندو هو، ۽ خواب ۾ آءُ هميشه ساڳيائي لفظ ٻڌندو هوس ته، ”سقراط شاعريءَ جو ڪم هٿ ۾ کڻ ۽ نظم لک.“ اڳي آءُ ائين ڀائيندو هوس ته خواب مونکي همٿائي ٿو ۽ تسلي ٿو ڏياري ته آءُ پنهنجي حياتي جو ڪم ڪندو رهان، جيئن راندين وقت تماشبين ڊوڙ پڄائيندڙن کي همتائيندا آهن. مون ڀانيو ته خواب مون کي انهيءَ شاعريءَ لاءِ تسلي ٿو ڏياري ۽ همتائي ٿو، جنهن ۾ آءُ اڳي ئي مشغول هيس. مون سمجهو ته سڀ کان اعليَ سرود فيلسوفي آهي ۽ منهنجي حياتي به فيلسوفي ۾ صرف ٿي آهي؛ پر ڪيس پوري ٿئي کان پوءِ، جڏهن خدا جي جشن جي ڪري منهجي موت ۾ دير ٿي، تڏهن مونکي خيال آيو ته متان خواب جو مطلب هجي ته، آءُ رواجي نموني ۾ نظم جوڙيان، تنهنڪري مون اهڙيءَ طرح به پاڻ تي حڪم مڃڻ لازم سمجهيو، ۽پنهنجي دل جي سڪون لاءِ مرڻ کان اڳ شعر ٺاهيم. مون پهريائين جنهن خدا جو جشن هو تنهنجي تعريف ۾ قصيدو ٺاهيو، ۽ پوءِ مون ايسپ جي آکاڻين ڏانهن ڌيان ڌريو، ۽ جيئن اهي مون کي دل تي اينديون ويون، تيئن آءُ انهن کي نظم ۾ آڻيندو ويس، ڇو ته مون خيال ڪيو ته، شاعر کي پنهنجي ڪم لاءِ ضرور ڪنهن افساني جي گهر ٿي ٿئي ۽  نه حقيقت جي، ۽ افساني کي جنم ڏيڻ جو ڪم مون کان ٿي نٿي سگهيو.

 

5

ڪيبيز، منهنجي طرفان ايوينس کي ائين چئجانءِ ۽ الوداع به ڪجانس، ۽ وڌيڪ چئجانس ته جيڪڏهن سياڻو هجين ته جلد منهنجي پٺيان هليو اچجانءِ. آءُ ته اڄ روانو يٿندس جو اٿينس وارن جي به اهائي راءِ آهي.

سمئس چيو ته، سقراط، ايوينس کي هيءَ ڪهڙي عجيب صلاح ٿو ڏين. آءُ هن سان گهڻائي ڀيرا مليو آهيان، ۽ مون کي جيئن هو ڏسڻ ۾ آيو آهي، تنهن جي آڌار تي آءُ چئي سگهان ٿو ته، هن کان جيتري قدر ٿي سگهندو، هو ان صلاح کان پري ڀڄندو.

هن چيو ته، هان! ايوينس فيلسوف نه آهي ڇا؟

سمئس جواب ڏنو ته، هائو، آءُ ڀانيان ٿو ته هو فيلسوف آهي.

هن چيو ته، تڏهن ايوينس مرڻ جي خواهش رکندو ۽ ٻيو به هر اهو ماڻهو انهيءَ لاءِ شوق رکندو جو انهيءَ علم ۾ بهرو وٺڻ جو لائق آهي. پر هو پاڻ کي پاڻهي ڪين ماريندو، ڇو ته چون ٿا ته ائين ڪرڻ گناهه آهي. هن جيئن اها ڳالهه ڪئي، تيئن پنهنجا پير هنڌ کان هيٺ ڪيائين ۽ پوءِ گفتگو وارو سمورو وقت ائين پير لڙڪايو ويٺو رهيو.

پوءِ ڪيبيز هن کان پڇيو ته، ان مان تنهنجي معنيَ ڇا آهي، جڏهن تون چوين ٿو ته پاڻ کي پاڻهي مارڻ گناهه آهي، ليڪن فيلسوف مرندڙ ماڻهوءَ جي پٺيان وڃڻ جي خواهش ڪندو.

ڇا، ڪيبيز؟ تون ۽ سمئس، فلولاس جي صحبت ۾ آيا آهيو ۽ هي ڳالهيون نه ٻڌيون اٿوَ؟

سقراط، پوريءَ طرح نه ٻڌيون اٿئون.

ٺهيو، مون به اهي ڳالهيون ٻين جي واتان ٻڌيون آهن، پر انهيءَ ۾ ڪا خرابي ڪانهي، جيڪڏهين آءُ توکي اهي سربستيون ٻڌايان، سچ ته، جيئن آءُ ٻيءَ دنيا جي سفر تي وڃان ٿو، تيئن مون لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ڪا سهڻي ڳالهه ڪانه ٿيندي ته آءُ اوهان سان پنهنجي سفر بابت ذڪر ڪريان ۽ هن جي چڱاين کي ڌيان ۾ رکان. هينئر کان وٺي شام تائين پاڻ وٽ جو وقت آهي، سو ڀلا ٻيءَ ڪهڙيءَ بهتر مشغوليءَ ۾ صرف ڪري سگهبو؟

 

6

سقراط، تڏهن ڀلا ڪهڙو سبب آهي انهيءَ چوڻيءَ جو ته ”پاڻ“ کي پاڻهي مارڻ گناهه آهي؟ ائين برابر آهي ته جڏهن فلولاس ٿيبس ۾ رهندو هو، تڏهن مون هن کان ٻڌو هو ته ائين ڪرڻ روا نه آهي. مون اها ساڳي ڳالهه ٻين جي واتان به ٻڌي آهي، پر مون هن مسئلي نسبت ڪا پوري خاطريءَ جهڙي خبر هنن وٽان ڪانه ٻڌي آهي.

هن چيو ته، تون دلجاءِ ڪر، شايد ڪنهن ڏينهن تون اهي ڳالهيون ٻڌندين، پر توکي البت انهيءَ تي عجب لڳندو ته هي قاعدو ٻين انهن قاعدن وانگر نه آهي، جيڪي انسانن سان لاڳاپو رکن ٿا، ڇو ته هي بنا شرط قطعي سچو آهي، ۽ ائين نه آهي ته ڪو موت فقط ڪن ماڻهن لاءِ ۽ ڪن وقتن تي حياتي کان چڱو آهي. شايد توکي حيرت لڳندي جيڪڏهن آءُ توکي چوندس ته اهي ماڻهو به جن لاءِ مرڻ سڀ کان چڱو ٿيندو تن کي پڻ پنهنجي پاڻ ائين ڪرڻ نه کپي، پر کين ترسڻ کپي جيسين ڪو ٻاهران اهڙو نيڪوڪار اچي سندن لاءِ اهم ڪم سرانجام ڏئي.

ڪيبيز کلي آهستگي سان پنهنجي ملڪي زبان ۾ چيو ته، واهه.

سقراط چيو ته، هائو، هيءَ ڳالهه اهڙي طرح پيش ڪرڻ سان عجيب لڳندي، پر هن لاءِ سبب ڏئي سگهبو. جيڪو سبب مخفي علم هن ڳالهه لاءِ ڏئي ٿو، ته انسان هڪڙي قسم جي قيد ۾ آهي، پر کيس پاڻ کي پاڻ آزاد ڪرڻ يا ڀڄي وڃڻ نه کپي، سو منهنجي نظر ۾ ذرا عميق آهي ۽ انهيءَ جو تهه ڳولڻ سڀ ڪنهن لاءِ سولو نه آهي. ڪيبيز، پر مون کي پڪ آهي ته اها ڳالهه سچي آهي ته خدا اسان جا نگهبان آهن ۽ اسين انسان هنن جي ملڪيت آهيون. تون نه ٿو ڀائين ته اها ڳالهه سچي آهي؟

ڪيبيز چيو ته، هائو، منهنجو انهيءَ ڳالهه تي پختو اعتبار آهي.

هن چيو ته، چڱو، جيڪڏهن تنهنجي مال (جانورن) مان ڪو تنهنجي رضامندي کانسواءِ گهڻو چارو چري يا ڪنهن ٻئي سبب سان پاڻ کي ماري وجهي، ته جيڪر تون خفا ٿين؟ جيڪڏهن ائين ڪرڻ ممڪن هجي ته تون جيڪر انهيءَ کي سزا ڏين.

هن جواب ڏنو ته، ضرور.

تڏهين هن ريت ائين سمجهڻ شايد غير واجبي نه ٿيندو ته ڪنهن به ماڻهوءِ کي پنهنجي پاڻ حياتي وٺڻ جو حق ڪونهي، پر سڀ ڪنهن کي ترسڻ گهرجي جيسين خدا هن تي اها ضرورت موڪلي، جيئن اها هنيئر مون ڏي موڪلي وئي آهي.

 

7

ڪيبيز چيو ته، هائو، اها ڳالهه فطرت موجب صحيح آهي. پر تو هينئر چيو ته فيلسوف مرڻ جي خواهش رکندو. سقراط، اها هڪ مونجهاري جهڙي ڳالهه ڪين آهي ته خدا اسان جو نگهبان آهي ۽ اسين هن جي ملڪيت آهيون. ائين چوڻ واجب ڪين ٿيندو ته ڪو سياڻو ماڻهو انهيءَ نوڪري ڇڏڻ جي خواهش رکندو جا خدائن، جي سڀني کان وڌيڪ چڱا حاڪم آهن، هن تي مقرر ڪئي آهي. هو اهو ڪڏهن به  ڪين ڀائيندو ته جڏهن آءُ آزاد ٿيندس تڏهن آءُ پنهنجي سنڀال خدائن کان وڌيڪ بهتر ڪري سگهندس. ڪو بيوقوف شايدائين ڀائين ته پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي وڃڻ چڱو ٿيندو. هو شايد اهو خيال ڪين ڪندو ته ڪنهن چڱي مالڪ وٽان ڀڄي وڃڻ درست نه آهي، پر جيسين ٿي سگهي تيسين هن سان گڏ رهڻ جڳائي، ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي بيوقوفي جي ڪري شايد ڀڄي وڃي؛ پر سياڻو ماڻهو ضرور خواهش رکندو ته سدائين انهيءَ سان گڏ هجان جو پاڻ کان بهتر نگهبان آهي. پر سقراط، جيڪڏهن هيءَ ڳالهه سچي آهي ته ائين جيڪي تو چيو آهي، تنهن جي ابتڙ ٿيڻ گهرجي. سياڻي ماڻهوءَ کي مرڻ تي افسوس ٿيڻ کپي ۽ بيوقوف کي انهيءَ تي خوش ٿيڻ کپي.

مون ڏٺو ته ڪيبيز جي حجت تي سقراط خوش ٿيو. هن اسان ڏانهن نهاريو ۽ چيائين ته ڪيبيز هميشه مباحثي ۾ هر پهلوءَ تي چڱي نموني بحث ڪري ٿو ۽ ڪنهن جي به ڳالهه تي يڪدم اعتبار نٿو ڪري.

سمئس چيو ته، هائو، سقراط، پر آءُ ڀانيان ٿو ته جيڪي ڪيبيز چوي ٿو تنهن ۾ ڪجهه معنيَ آهي. عاقل انسان پنهنجن مالڪن وٽان ڇو ڀڄي وڃن، جي کانئن بهتر آهن، ۽ ڇو هو پنهنجي نوڪري تڪڙ سان ڇڏي وڃن؟ آءُ ڀانيان ٿو ته ڪيبيز جي حجت توڏانهن لاڳاپو رکي ٿو، جو تون اسان کي ۽ خدائن کي ڇڏي وڃڻ لاءِ ايترو تڪڙو تيار آهين، جيتوڻيڪ تون پاڻ قبول ڪرين ٿو ته خدا چڱا حاڪم آهن.

هن چيو ته واجبي ٿو چوين. آءُ ڀانيان ٿو ته تنهنجو مطلب آهي ته، آءُ هن تهمت لاءِ بچاءُ پيش ڪريان، ڄڻ ته قاعدي جي ڪورٽ ۾ آهيان.

سمئس چيو ته، اسان جي معنيَ اهائي آهي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org