سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :12

رهندو هو، پر جڏهن ترجمو پهچندو هو ته ان کي ادبي معيار ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندو هو. مون کي ذاتي طرح سان اُن جو تجربو ۽ مشاهدو آهي، ڇا ڪاڻ ته 1955ع کان 1957ع تائين آءُ بورڊ جي اسٽنٽ سيڪريٽريءَ طور هن سان ڪراچيءَ واري آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندو رهيو آهيان. ڪي ڪي ترجما اهڙا معيار کان ڪريل هوندا هئا، جو انهن کي سڌاريندي، هو بلڪل نئون ترجمو ڪري وڃي پار پوندو هو. ان سٺي ترجمي جو ’ڪريڊٽ‘ به ترجمي ڪندڙ کي ملندو هو. ائين سوين ڪتاب ترجمو ٿيا، ۽ ابراهيم جي قلم انهن جي نوڪ پلڪ کي درست  ڪيو يا ماڳهين نئين سر ترجمو ڪيو. اسان جي هڪ دوست ( مرحوم تي الله جي مغفرت هجي) رِسڪن جي هڪ ڪتاب جو ترجمو ڪيو. ان جو مسودو اڄ به بورڊ جي رڪارڊ ۾ هوندو. اهو ترجمو اهڙو لفظي ترجمو هو، جو جيڪڏهن ائين ڇپجي ها ته رسڪن جو روح ريهون ڪري ها. ابراهيم جويي جي قلم ان ڪتاب کي شاهڪار بنائي ڇڏيو- ۽ اهو مثال اُڪيلو نه آهي، پر سوين ترجمن سان لاڳو آهي. ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل آهي، ۽ اهو فڪر هو ته جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو سنڌي ادب ۾ اضافو آڻين، پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾، ٻه قدم اڳتي نين. ادبي بورڊ جا ڪرايل ترجما ان جو وڏو ثبوت آهن. ان ۾ اوهان کي ڪو به اهڙو ڪتاب نه ملندو. جنهن ۾ محض ۽ صرف ادب جي چاشني هجي. ڪتاب اهڙو چونڊيندو، جنهن ۾ ڪنهن ماڳ، ڪنهن منزل جا نشان چٽا ملندا هجن. اها مقصديت (Motivation) رڳو بورڊ جي ڪتابن تائين محدود نه هئي. پنهنجي سنگتين ساٿين کي، ڳالهين ڪندي ڪندي، اهڙن ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ لاءِ چوندو، جيڪي پاڻ ۽ هنن گڏجي پڙهيا هجن، ۽ جن جي مقصديت لاءِ ڪنهن کي به شڪ شبهو نه هوندو. سندس رغبت ڏيارڻ جو انداز به اهڙو دل لُڀائيندڙ هوندو آهي، جو ماڻهو سوچيندو ته هن کي جواب ڏيڻ سان هن جي دل ٽُٽي پوندي. ڪن حالتن ۾ وري کيس اِهو احساس ٿيندو هو ته سندس ڪن دوستن ۾ لکڻ جي صلاحيت آهي ۽ محض سُستيءَ ڪري نه ٿا لکن ته انهن سان حجت ڪري کانئن لکائيندو يا ڪتاب ترجما ڪرائيندو. ڳالهين ڳالهين ۾ اهڙي حجت ڪري ويهندو، جنهن کي ٽارڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو. اسان جي دوست سرڪيءَ کان لکائڻ ۽ ترجما ڪرائڻ لاءِ هن اِها ئي کيڏ استعمال ڪئي. ’نيٺ ڇا ڪجي؟‘ ائين ترجمو ٿيو. ساڳي کيڏ سرڪيءَ جي گهر واريءَ ڀيڻ شمس تي آزمايائين ۽ ڪامياب ٿيو.

ڪن حالتن ۾ وري ضرورتمند اديبن کان ترجما ڪرائي، سندن مالي مدد ڪرڻ جي اهڙي روايت قائم ڪيائين، جو آءُ اڄ به ان ڳالهه جو قائل آهيان ته سنڌي ادب ۾ صحيح اُجوري جي روايت به ابراهيم جويي شروع ڪئي، جيڪا اڳتي هلي اُن منزل تي پهتي، جو ڪو اهڙو به وقت آيو، جڏهن سنڌي اديبن اهو فيصلو ڪيو ته اجورو (پوءِ ٿورو يا گهڻو) نه ملندو ته ڪنهن  جي لاءِ به نه لکندا. جڳ مشهور ڪتاب ‘Golden Bough’ جو ترجمو ’جادو  ۽ سائنس‘ ائين ٿيو. هتي وري به هڪ ذاتي واقعو ياد ٿو پويم. 1957ع ۾ سي. ايس. ايس. جو امتحان (جنهن کي عام طرح سي.ايس.پي آفيسرن جو امتحان سڏيو ويندو آهي) پاس ڪيم ۽ بورڊ جي نوڪري ڇڏي، ٽريننگ لاءِ لاهور ويس. ان زماني ۾ منهنجي ڀاءُ کي ٽي. بي ٿي پئي. ان ئي زماني ۾ ٽي. بي.ءَ جي علاج لاءِ نيون دوائون ميدان تي آيون هيون، جن مان هن موذي مرض جو مڪمل علاج ٿي ٿي سگهيو، پر دائون ڏاڍيون مهانگيون هيون ۽ گهڻي مقدار ۾ کائڻيون هيون. ابراهيم کي منهنجي مالي حالتن جي خبر هئي، سو بورڊ طرف ڪجهه ڪتابن جي ترت ترجمي لاءِ ليٽر ڏياري موڪليائين. ڏينهن رات هڪ ڪري ٽي ڪتاب ترجمو ڪري ڏنامانس. انهن مان هڪڙو ڪتاب شايد آمريڪي آکاڻين جو هو، ۽ ٻيو، “She Stoops to Conquer” ۽ ٽيون شايد “School Scandal”  هو. انهن ڪتابن جي پئسن، مون کي ڀاءُ جي علاج ڪرائڻ ۾ وڏي مدد ڏني. ان واقعي منهنجي ذهن تي ڪي پائدار اثر ڇڏيا، ۽ اُهي ئي اثر هئا، جن تحت مون ’هلال پاڪستان‘ ۾ لکندڙن کي معاوضي ڏيڻ جي روايت قائم ڪئي. سنڌ جو اديب گهڻو تڻو ڏتڙيل طبقي سان تعلق رکي ٿو، ۽ جيڪڏهن ادبي ڪم جي عيوض کيس مناسب اجورو ملي ته ڪهڙي اربعا خطا ٿيندي؟

جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته 1955ع کان 1957ع تائين بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ مون هن سان گڏجي، ۽ هن جو زيردست ٿي، ڪم ڪيو آهي. ان کان اڳ به ٻه سال بورڊ جي بُڪ اسٽال تي مئنيجر طور رهي، سندس ريردستي ڪئي اٿم. انهن چئن سالن ۾ مون هن شخص جي بنهه ويجهو رهي، سندس شخصيت جي مختلف پهلوئن کي ڏٺو ۽ جاچيو آهي. سندس محنتون، سندس پورهيا، ۽ سندس مقصد سان چُهٽي رهڻ جا ڪرشما ڏٺا اٿم، ۽ نتيجي طور هڪ اهڙو انسان سامهون ڏٺو اٿم، جيڪو حد درجي جو وطن پرست آهي، پر جنهن جي وطن پرستي هڪ عجيب ۽ نئين وطن پرستي آهي. ان کي هيئن سمجهو ته ان وطن پرستيءَ کي پنهنجو هڪ جسم آهي، هڪ روح آهي،  هڪ اخلاق آهي، ۽ جيڪا ساهواري آهي، جنهن کي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي هٿ لائي محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيڪا هٿ ڊگهيري اوهان کي ڇهي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڇهاءُ نه به ٿئي، تڏهن به پنهنجي موجودگي محسوس ڪرائي ٿي. هڪ انگريز وطن پرست جي ’پئٽرياٽزم‘ لاءِ چيو ويندو آهي ته ’انگلنڊ، منهنجو انگلنڊ، برو يا ڀلو، منهنجو انگلنڊ!‘ پر ابراهيم جويي جي وطن پرستي پنهنجي وطن لاءِ ’بري‘ يا ’ڀلي‘ جي چونڊ نه ٿي ڪري. هن کي يقين آهي ته منهنجو وطن، منهنجي سنڌ ’بري‘ ته ٿي ئي نه ٿي سگهي. برائيءَ جي امڪان جو به تصور نه ٿي ڪري. ٻيءَ دنيا کي سنڌ ۾ ڪا برائي نظر اچي ته اهو هنن جي اکين جو ڦيرو آهي، پنهنجي Prejudice آهي. نه ته سنڌ ۾ ڪا برائي نه آهي، ڪا منفي شيءِ نه آهي. ان کي ائين به چئي سگهجي ٿو ته جيئن محبوب کي چنڊ جي مشابهت ڏجي، پوءِ ڀلي سائنسدان جي نگاهه ۾ چنڊ تي غارن ۽ جبلن جي ڪري داغ ڇو نه هجن. سنڌ اُن وطن پرستيءَ جو محبوب آهي، جنهن محبوب جي مڪمل حسن هجڻ  ۾ ٻه رايا ٿي نه ٿا سگهن . ان ڪري اُٿندي ويهندي، سُمهندي جاڳندي ان محبوب جو خيال دل ۾ وسندو رهي. اها وطن پرستي ابراهيم جويي جو مذهب آهي، ۽ مذهبن ۾ ’شرڪ‘ ڪبيرو گناهه آهي.

پوءِ ان مذهب جا ڪي ضروري فرض آهن، ڪي سنتون آهن. ڪي ارڪان آهن، جن جو محور اهو آهي ته ماڻهو پاڻ کي ان محبوب جو اهل ثابت ڪري؛ ۽ اهليت تڏهن ثابت ٿيندي، جڏهن ان محبوب جي ذات ۽ صفات لاءِ وحدت الوجود جي فلسفي ۽ فڪر تي عمل ڪندو رهجي، ۽ ’فنا في الوطن‘ جي معراج ماڻجي. ان جي عملي شڪل اها آهي ته وطن جون روايتون پنهنجون روايتون بڻجن، وطن جا خدوخال پنهنجا خدوخال بڻجن، وطن جو اخلاق پنهنجو اخلاق بڻجي ان جي معنيٰ ۾ سوچيو ته سنڌ ڇا آهي؟ سنڌ جي روايت آهي ماڻهپو، ڪنهن کي نه رنجائڻ، پنهنجن کي پيار ڏيڻ، ڪنهن سان به نفرت نه ڪرڻ، نهٺائي ۽ خود سپردگي. اهي سموريون خصلتون ۽ وصفون اوهان کي ابراهيم جويي ۾ ملنديون. انساني سطح تي هو پنهنجي اولاد جو نهايت محبت ڪندڙ پيءُ آهي (۽ هاڻي ڏاڏو ۽ نانو پڻ)، دوستن جو نهايت پيارو ۽ پيار ڪندڙ دوست آهي. آءُ نٿو سمجهان ته هن ڪنهن کي، ارادي سان، رنجايو هوندو. نهٺو ايترو جو جبل هوندي به ترائيءَ جي ڏيکائي ڏي. سندس هڪ آمريڪي دوست، بارڊيءَ هن لاءِ چيو ته `Mr Joyo`s humility is out of this world` اها Humility يا نهٺائي، عظمتن جو استعارو آهي. ميوي سان جهنجهيل وڻ ئي جهڪيل هوندو آهي. مقصد ڏانهن خود سپردگي، ابراهيم جويي جي اهڙي خصلت آهي، جنهن ۾ مون کي سندس ثاني ٻيو ڪونه سجهي. ڪو مقصد مقرر ڪندو ته پوءِ اهوئي هن جو محور بڻجي ويندو، ۽ مجال آهي جو هيڏانهن هوڏانهن جون فروعي ڳالهيون، کيس لحظي لاءِ به ان کان بي پرواهه ٿيڻ ڏين. ٻيا جي بي پرواهه ٿين ته شڪايت جو اهڙو رخ ڪندو، جو ماڻهو پيو کِکو وِکو ٿيندو. جڏهن بورڊ جو سيڪريٽري هو، ۽ ’مهراڻ‘ جو مواد سهيڙيندو، صاف ڪندو هو، تڏهن جو هڪڙو واقعو ياد ٿو اچيم. هڪڙو ناٽڪ پڙهائين ‘A Day in Akbar`s life’  ناٽڪ اهڙو سٺو هو، جو مون کي چيائين ته ترجمو ڪر ته ’مهراڻ‘ ۾ هلايون. مون به ’هائو‘ ڪئي، پر پوءِ ڳالهه وسري ويم. مواد پريس ۾ ڏيڻ وقت ڏٺم ته ڏاڍو رنجيدو هو. پڇيو مانس ته چيائين: ’تو ناٽڪ ترجمو نه ڪيو، اجايو پرچي جي مواد کي ترسايم!‘ ۽ پوءِ سندس  اکين ۾ جيڪو ڏوراپو ڏٺم، تنهن کان ککو وِکو ٿي ويس، ۽ رات جاڳي ٻئي ڏينهن کيس ترجمو آڻي ڏنم ته کڻي ڀاڪر پاتائين.

سنڌ پنهنجي حيثيت ۾ هڪ مڪمل ترين وطن آهي. ان ۾ هر اها ڳالهه آهي، جيڪا ڪنهن وطن لاءِ تصور ۾ آڻي سگهجي ٿي. سمنڊ به آهن، ته دريا به آهن، ڪارونجهر ۽ هالا جهڙا جبل آهن ته ٿر جو ريگستان به منجهس موجود آهي. واديون آهن، ڇپر آهن، ڇانورا آهن، حسين صبح آهي ته سحرانگيز شامون به آهن. سنڌ جي اها همه گير شخصيت، سنڌ واسين کان ’همه گيريت ۽ مڪمليت‘ (Perfectionism) ٿي گهري. ابراهيم جويي جهڙو Perfectionist اوهان کي گهٽ ملندو. پوءِ سندس لکڻ هجي يا ڪنهن ڪتاب ڇپائڻ جو فن. سنڌي ادب کي بيهڪ جي نشانين سان سينگارڻ ۽ سيبتو بڻائڻ ۾ به هن جيPerfectionist کي دخل آهي. جيڪي ڪتاب سندس دور ۾ ادبي بورڊ طرفان ڇپيا، انهن جي ڇپائي، مواد جي بيهڪ، گيٽ-اپ ۾ اوهان کي ابراهيم جويو صاف نظير ايندو. ’مهراڻ‘ لاءِ ايندڙ مضمونن ۾ اسان جا اديب دوست بيهڪ جي نشانين جو خيال ڪونه رکندا هئا.  هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته بيهڪ جي نشانين جي اهميت تي مضمون لک. اهو مضمون مهراڻ ۾ ڇپيو ته اديب دوستن پنهنجين تحريرن ۾ بيهڪ جون نشانيون ڏيڻ شروع ڪيون. جيڪڏهن بيهڪ جي نشانين جي ڏانو، صحت ۽ ضرورت کي ڏسڻو هجيو ته ادبي بورڊ پاران ڇپايل لغت جو پهريون جلد ڏسو ته سندس محنت ۽ Perfectionism جو اندازو ٿي سگهندو. هي تمام ننڍا مثال آهن، پر هن جي شخصيت ڏانهن واضح اشارو ڪن ٿا.

ابراهيم جويو منهنجو ادبي استاد، منهنجو مربي ۽ منهنجو دوست آهي. ٿي سگهي ٿوته منهنجي هن مضمون مان هن جي  شخصيت مڪمل طرح اڀري نه سگهي هجي، ڇا ڪاڻ ته ابرهيم جويو هڪ دور آهي، هڪ تاريخ آهي، هڪ وهندڙ درياءُ آهي، جنهن کي مڪمل طرح بيان ڪرڻ لاءِ ڪي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هن سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي گهيري ۾ آڻڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. ان ڪري فقط ايترو چوندس ته ابراهيم جويي پنهنجي وطن جي سرپرستيءَ جو اُهو حق ادا ڪيو آهي، جيڪو منفرد آهي ۽ لازوال پڻ.

ڪنهن  ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي! (·)

پروفيسر محمد عمر ميمڻ

استاد محمد ابراهيم جويو

هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته استاد محترم محمد ابراهيم جويي ڳالهين ڳالهين ۾ چيو ته ”منهنجي زندگيءَ جي هڪڙي حسرت اها به آهي ته هڪ اهڙي اخبار يا رسالو شروع ڪجي، جيڪو ’اٽو ۽ تُهه‘ جدا ڪري عوام تائين پهچائي“. ان کي اتفاق چئجي، جو لڳ ڀڳ ساڳئي وقت ڪجهه اهل دل سرند دوستن خيال ظاهر ڪيو ته سنڌي عوام کي وڌيڪ پختو سياسي شعور ۽ سکيا ڏيڻ لاءِ ڪو اشاعتي سلسلو شروع ڪجي. هي دور هو ضيا شاهيءَ جو، جڏهن ايم. آر. ڊيءَ جي جڏيءَ ۽ ڦڏيءَ هلچل جي ردعمل ۾، سنڌ جي وسين ۽ واسين، مال ۽ مڏين تي فضا ۾ ڳجهن جا لامارا ۽ زمين تي مِرن جا وڄ وارو وار لايو ويٺا هئا، ۽ جڏهن زياده تر اخبارون ۽ رسالا ريڊيو ۽ ٽيليويزن مڪمل طور انسان دشمن ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. ان وقت جو ذڪر هيءُ مثال ڏيئي ڪجي ته شايد حقيقت کي قريب ٿي وڃجي. سمجهو ته هڪ دهشتگرد هٿيارن جي زور تي زبردستيءَ گهر ۾ گهڙي آيو آهي. داخل ٿيڻ کان پوءِ هو گهر ڀاتين کي پنهنجي مدح ۽ ساراهه لاءِ مجبور ٿو ڪري. هو گهر ڌڻيءَ ۽ ڌڃاڻي کي ڏهڪائي، ماني ٿو طلب ڪري. ماني کائي ڍؤ ڪري، ٽڪڻ جو ارادو ٿو ڏيکاري ۽ پوءِ سڄي گهر جي سڀني ڀاتين کي پنهنجي جنوني ۽ خوني ارادن سان خرفزده ٿو ڪري. بس اها هئي حالت سنڌ ۽ سنڌين جي.

سو اهڙي دور ۾ رسالو شورع ڪرڻ هو ته ’نانگ جي ٻر ۾ هٿ وجهڻ‘ برابر ۽ ان کان علاوه ڊڪلئريشن وٺڻ، رسالي ڇپائڻ لاءِ پريس واري جو تعاون حاصل ڪرڻ ۽ رسالي کي وڪڻڻ لاءِ ايجنٽن کي آماده ڪرڻ وغيره مشڪل مرحلا ۽ حل طلب مسئلا هئا. پر نيٺ هڪڙي ڪامريڊ کي پڳڙي (Goodwill) ڏيئي ڊڪلئريشن اُڌارو ورتوسين. پريس واري صاحب وٽ پهتس. ماجرا بيان ڪيم. ٺڙ ٺپ جواب مليو ته ”ڪو مون کي پنهنجي پريس بند ڪرائڻي آهي، جو توهان جو رسالو ڇپيان! جويي صاحب ۽ تو مان هڪ جو نالو ئي پريس بند ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهي، باقي جي ٻئي گڏ آهيو ته پريس سان گڏ مون کي به بند ڪرائيندا“. پريس واري جي جواب کان پوءِ ڊڪلئريشن واري به اسان کي سي.آءِ ڊيءَ جي نالي ۾ بلئڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو، ته ٻين پريس وارن لڪ ڇپ ۾ رسالي ڇپڻ جا معمول کان وڌيڪ پئسا طلب ڪيا ۽ ايجنٽن اضافي ڪميشن گُهري. پر اسان جو فيصلو اهو هو ته رسالو نڪرندو. اڃا اهي مرحلا وڃي مس پار ڪياسين ته آءُ بيمار ٿي وڃي بستري ڀيڙو ٿيس ۽ محترم جويو صاحب اڪيلي سر صبح شام ’هدايت‘ رسالي جي اشاعت کي عبادت سمجهي، سهو ۽ قضا کان اُن کي بچائيندو رهيو.

پوءِ هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو، جو هڪ ڦول وارو پوليس عملدار در تي پهتو ۽ مون کي چيائين ته ”توکي ميجر صاحب مارڪيٽ ٿاڻي تي گهرايو آهي ۽ هاڻي جو هاڻي مون سان گڏ هلو!“ ٻڌايومانس ته ”بيمار آهيان“. جواب مليو ته ”سرڪار کي توهان جي اگهائي سگهائيءَ سان ڪو به غرض ڪونهي. حڪم، حڪم آهي“. رڙهي سڙهي ٿاڻي تي پهتس . هڪدم رعب سان نالو پڇيو ويو ۽ چيو ويو ته ”رسالو بند ڪر، نه ته رسالو ته ٺهيو، توکي به بند ڪنداسين“. جواب ۾ چيم ته“ علم ۽ قلم جا ويري ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهن.!“ گستاخيءَ تي تنبيهه ٿي ۽ اصلاح جي هدايت ڪئي وئي. شايد مون جويي صاحب سان اُن جو ذڪر نه ڪيو.

اڳ عرض  ڪيم ته پريس ۽ ايجنٽن اسان کي زيربار ڪرڻ جا ڪيترائي حربا هلايا هئا، پر سڀ کان وڌيڪ ڪرتب ايجنٽن ڏيکاريو. جڏهن هنن رسالي جي قيمت ڪاٽو ڪميشن مان هڪ رپيو به واپس نه ڪيو. پنڌ ڪري، جُتيون گسي ويون، پر مجال آهي، جو ڪُپتيا ڪوڙ کان بس ڪن! اسان جا وسيلا محدود هئا، سو ڪُپتين جي سٽ جهلي نه سگهياسين ۽ رسالو بند ڪرڻو پيو. جيڪو ڪم ورديءَ وارا نه ڪري سگهيا، سو ڪُپتين ايجنٽن ۽ لالچي پريس وارن ڪري ڏيکاريو

رسالي جو بند ٿيڻ ڏکوئيندڙ ڳالهه هئي، پر مون کي ان دور ۾ جويي صاحب کي وڌيڪ ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو مليو.

اُڀرندڙ ۽ اُسرندڙ اديبن، شاعرن، استادن ۽ شاگردن جي سندن تحريري، تحقيقي ۽ علمي صحتمند سرگرمين ۾ دلچسپي وٺي، همت افزائي ۽ رهنمائي ائين ڪرڻ، جيئن والدين پنهنجي ٻارن جي ڪندا آهن، جويي صاحب جي مِشن آهي. ڏات ۽ ڏاهپ جي ورکا ۽ ورهاست ڪرڻ ۾ استاد محترم کي خوشي ٿيندي آهي.

حالانڪه جويو صاحب پنهنجي سوچ، نظريي ۽ عقيدي جي حوالي سان تمام سخت گير آهي ۽ انهن ۾ لچڪ محال آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت، علمي ۽ تحقيقي ميدانن ۾ سندس رهنمائيءَ جا طلبگار، باوجود مختلف ۽ متضاد سوچن جي، ڪڏهين به مايوس نه ٿيندا. جويو صاحب پنهنجي علم ۽ قلم جي دولت سان ته مالامال آهي، پر افسوس ته دوستن جي سلسلي ۾ غريب آهي؛ جن سندس ڄاڻ مان کنيو ۽ سکيو ضرور آهي، پر نه موٽايو آهي ۽ نه مڃيو آهي. پر استاد صاحب جي وسيع القلبي اها آهي ته سدائين يڪطرفي دوستي ملهائيندو ٿو اچي. ڪيڏو نه اعليٰ ظرف آهي اسان جو هي دانشور، ڪيترو نه شفاف شيشي وانگر اندر جو اُجرو آهي، هي اسان جو اُستاد محترم!

اخبارون ۽ رسالا قوم لاءِ روشني آڻيندڙ درين ۽ دروازن مثل آهن. اِهي قومي باغيچي وانگر آهن، جن ۾ طرح طرح جي ساوڪ ۽ خوشبوءِ، گل ۽ ڦل هوندا آهن، ۽ جيڪي سچ جو نياپو آڻيندا آهن؛ پر اهي خوبيون صرف مهذب ۽ منصف معاشري جون نشانيون آهن. ان جي برعڪس، جنهن معاشري ۾ ٻڪر ٻوساٽ، رياستي ڏهڪاءُ ۽ ڏاڍ، قانون جو لبادو ڍڪي، معاشري جو تاڃي پيٽو تار تار ڪن، ته اُتي ته اخبارون پهرئين ڌڪ ۾ ’ميان مِٺو‘ ٿي، اُهو ئي ٻولين، جيڪو سرڪار آکي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي رامجيءَ وارن ٺڳن جي ٻيگهي متل هوندي آهي. اِهي سڀ گڏجي رياءَ جي رسم پوري ڪندا رهندا آهن. ڪوڙيون خبرون ۽ بيهودا تبصرا، وقت ۽ پنن جو وِڻاهه بنبا آهن. صحافي سچ کي قيمتي شيءِ سمجهي لڪائي رکندا آهن ۽ ان جو استعمال ڪفايت سان ڪندا آهن، صحافت کي فائدي جو سودو، سٽي جو ڇڪو، مصلحت ۽ مطلب جي حرفت سمجهندا آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ’رڃ مان مورن جي رڙ‘ ايندي رهندي آهي.

’ماضيءَ جو مرسل‘ جنهن کي اسين تاريخ چئون ٿا، سا شاهدي ڏئي ٿي ته اڍائي هزار سالن کن اڳ يونان جي شهر اٿينس ۾ تنهن زماني جو ’گامو سچار‘ رهندو هو. سندس نالو ’سقراط‘ چون ٿا. هيءُ حق گو انسان پنهنجي محدود ماحول ۾، لامحدود ڪائنات متعلق سچ جا ٻول ۽ احترام آدميت جي صداقت جي اذان، عوام، خاص طرح نوجوانن ۾ بلند ڪندو رهندو هو؛ جيڪا ڳالهه عنان جي اُنا جي شريعت ۾ نه هئي. بس پوءِ جبر، ڏمر ۽ قهر جا نيش ۽ ننهن سچ جي چم ۽ ماس کي چيرڻ ۽ ڦاڙڻ لاءِ تکا ۽ تيز ڪيا ويا. سقراط ته زهر جو پيالو پي، جند ۽ جان جدا ۽ فدا ڪري ويو، پر هڪ طرف هوُ آزاديءَ جي اظهار ۽ سوچ جي اُڏام کي تاريخ ۾ دائمي مقام ڏئي ويو. ته ٻئي طرف زهر ۽ پيالي کي رياستي دهشت جو نشان ڏئي ويو. خدا ڄاڻي ته هي وقت جا  حاڪم جتي ڪٿي عقل جا انڌا ۽ اونڌا ڇو هوندا آهن، جو ائين سمجهندا آهن ته ماڻهوءَ جو ساهه قبض ڪرڻ سان سندس خيالن کي به قيد ڪري سگهبو. سقراط ته اڄ به زنده آهي. آباد آهي، آزاد آهي، پر بادشاهه ديماس ڪٿي آهي؟ اها تاريخ آهي، ماضيءَ جو مرسل آهي، ۽ مرسل ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن.

ها، البت اُهو ڏينهن ۽ اڄوڪو، نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، پرجا ۽ راجا، متصادم رخن ۽ روين جا راهي آهن. سو پاڪستان ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي  ته روشن خيال، مست ۽ ملنگ، مبلغ ۽ مصلح سقراط جي سنت تي هلندا ٿا رهن ۽ راجا ۽ راڻيون به پنهنجي بدعت کان بس نٿا ڪن.

جڳ مشهور فيلسوف روسي جو قول آهي ته’ آزاديءَ تان هٿ کڻڻ انسانيت تان دست بردار ٿيڻ جي برابر آهي. راءِ جي آزادي کسڻ معنيٰ ماڻهوءَ جي عملن مان اخلاق جي نيڪالي ڏيڻ. آزادي، ماڻهن ۽ قومن لاءِ‘ قدرت جو تاحيات تحفو آهي. اها فطرت جو مروج سِڪو آهي، جيڪو جاري ۽ ساري رهڻ گهرجي‘.

’مُٺ مُٺ موتين جي‘[ترتيب ڏنل ڪتاب] جناب جويي صاحب طرفان سقراط ۽ روسي جي شريعت لاءِ نذرانو آهي.(•)(·)

هي پيار ڪڻا ٿورا به گهڻا،

مون ڪئي پِني پورت لوڪو!

(اياز)

علي احمد بروهي

محمد ابراهيم جويو: محب وطن اديب

هڪ انگريز سيلاني خاتون، مائي اسٽيلا هولٽ، جيڪا موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ سنڌ ۾ آئي هئي، تنهن ڳالهيون ڪندي سوال ڪيو ته ”اوهان وٽ’پنهنجن سان پريت‘ جي ڪسوٽي يا تصور ڪهڙو آهي!“ سوال جي جواب ۾ مون کيس گوتم ٻُڌ جي هڪ پوئلڳ جي ڪهاڻي ٻڌائي ته هڪ ڀڪشوءَ کي جڏهن ٻوڌين جي بهشت ’نراوانا‘ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چيو ويو، ته هي چئي انڪار ڪيائين ته ”جيسين سڀئي ڀڪشو بهشت ۾ نه پهتا آهن ته مون اڪيلي لاءِ جنت ماڻڻ ڪهڙي ڪم جو“! مائي هولٽ اچرج ۾ اچي، ٻيهر سوال پڇيو ته ”ڀلا اوهان وٽ ڪو اهڙو سنڌي موجود آهي، جنهن کي ٻئي سنڌيءَ لاءِ ايتري سڪ هجي، جيڪا ٻوڌي ڀڪشوءَ واري ماڻ جي لڳ ڀڳ هجي!“ آءُ سوچ ۾ پئجي ويس، ڇا ڪاڻ ته سنڌين کي پنهنجي ٻوليءَ ۽ وطن جي حب ته بي حساب هئي، پر هڪٻئي سان سِڪ ، اهو چوڻ مشڪل هو. لاجواب ٿي، ماٺ ۾ رهيس، اها ڳالهه پنجويهه سال کن اڳ جي آهي، پر جي اڄ ڪو مون کان ساڳيو سوال پڇي ته شايد کيس ٿڏي تي ئي هڪ بجاءِ ٽن سنڌين جا نالا ڏيان، جي پنهنجي خيال ۾ اهڙائي سنڌي ٿي سگهن ٿا. جويو صاحب  ان ٽن مان هڪ آهي.

محمد ابراهيم جويو، سنڌ جي اُنهن اڻ ڳڻت انسانن مان هڪ آهي، جن کي اسين ’استاد‘ جي عظيم ناتي سان سڏيندا آهيون، ۽  کانئن علم پرائي، پوءِ کين ادب احترام سان وساري ڇڏيندا آهيون؛ ڇو ته ’ڪم لٿو ڊکڻ وسريو‘ نه فقط اسان جي، پر دنيا جي پراڻي روايت آهي. پر جويو اڪيلو استاد آهي، جنهن پاڻ وسارڻ جو ڪنهن کي موقعو ئي نه ڏنو. اٽڪل اڌ صديءَ کان، سنڌ جي هر نئين پيڙهيءَ سان، سکيا جو ساٿ، سانده نڀائيندو ٿو اچي. پر سڀرا، ڪَچُ ڪنواٽ، جيڪي به سندس پناري پيا، سي لاڏو به مهري بڻائي، راس ڪيا اٿائين. علمي سکيا کي پيٽ گذران جو پيشو ڄاڻڻ بجاءِ آدرش ۽ عبادت ڄاتائين. جڏهن ادب جي آتڻ ۾ پير پاتائين ته پنهنجون قلمي ڪوششون به سماجي سنوار ۾ سيڙايائين. اڄ ڪلهه جيڪا ٿوري گهڻي ادبي ، سماجي ۽ سياسي سجاڳي ڏسجي ٿي، تنهن جو سهرو به گهڻي ڀاڱي سندس سر تي آهي.

ائين به ڪو هرو ڀرو صحيح نه آهي ته سنڌ ۾ ڪو استادن جي آڻهوند هئي، جنهن کوٽ جي پورت جويي صاحب ڪئي هجي. هرگز نه، اُستاد اسان وٽ ڀلئون ڀل. اسان وٽ اهڙا استاد به ڪيئي هئا، جن سموري عمر علمي کيتيءَ جي سرسيتيءَ ۾ گذاري هئي. پر گهڻائي اهڙن جي هئي، جن جي درس مدرسن تائين اچي  ڇيههُ ٿي ڪيو، يا وري ڪي اهڙا به هئا، جن علم ۽ عقل کي پاڻ وٽ جمع ڪري محفوظ ڪيو هو، جيئن ڪي ڌن دولت ميڙي، ڪوٺي ڪڍي، وياج وٽيءَ جو وهنوار ڪن. ان لحاظ کان جويو صاحب هڪ الڳ مڪتبِ فڪر جو استاد هو. علمي سکيا جي ڦهلاءَ سان گڏ علم جي طالبن کي علمي ترغيب جو سبق پڻ پاڙهيندو رهيو . ڳليءَ ڳليءَ وڃي ڪڙو کڙڪائي ۽ سڏُ ڪري راهه جي ڏاهه ڏيندو رهيو.  سنڌ ۾ اهڙو ڪو ليکڪ، شاعر فنڪار شايد ئي هجي، جنهن سان دلي جاني سهڪار نه ڪيو هجيس. وري اهڙي اڻٿڪ ۽سر ٽوڙ جاکوڙ به بنا عيوضي ۽ بنا اجوري!

1938ع ڌاري سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ گرئجوئيٽ ماسترن جي هڪ نئين کيپ وارد ٿي، جن ۾ اي. ڪي. بروهي صاحب، غلام الله ميمڻ، شيخ ساز علي ، امداد علي شاهه بخاري ۽ جويو صاحب شامل هئا. مڙني ۾ هڪ ڳالهه هڪجهڙي هئي: اها هئي ته سڀيئي غريب سنڌي گهراڻن جا چشم ۽ چراغ هئا ۽ اڪثر ڳوٺاڻا هئا. پر هر غريب جي وڏي  ڪمزوري هميشه اها ڄاڻائي وڃي ٿي ته کيس ڌن دولت جي سوچ ۽ لوچ شاهوڪار کان به وڌيڪ رهي ٿي. سواءِ جويي صاحب جي ٻين سڀني ماستريءَ جي مرتبي کي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ طور استعمال ڪيو. ذاتي ترقيءَ جي تاڪ ۾ رهيا  ۽ ترت داڻو ڪڻو ٿي، ٽڙي پکڙي ويا. بروهي صاحب وڪيل ٿي وڃي وزارت کي رسيو. غلام الله کي سرڪاري گهاڻو وڻيو، جتي اڃا سوڌو وهندڙ آهي. بخاري صاحب وڃي مختيار ڪار  ٿيو ۽ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. شيخ ساز علي ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿي ميجر ٿيو. جويو اُتي ئي رهيو ۽ ڪنهن ٻئي رخ ۾ وک نه وڌائين. جي هو به چاهي ها ته دولت ديوي ۽ مرتبي جي مومل ماڻي سگهي ها، پر هو ماستريءَ جي مفلسيءَ کي پنهنجو نصيب ڄاڻي استاد ٿي رهيو ۽ اڄ به اهو ئي آهي.

چيو وڃي ٿو ته علم وڏي دولت آهي.  بلڪل درست، پر منجهس هڪ وڏي اوڻائي آهي، جو ان دولت سان نه پيٽ ٿو ڀرجي سگهجي ۽ نه ئي جسم ٿو ڍڪي سگهجي. نه وري علم سان زندگيءَ جي ٻي ڪا ضرورت ئي پوري ڪري ٿي سگهجي، ڇا لاءِ ته پيٽ جي پالنا جو واسطو پئسي سان آهي ۽ نه جاميٽريءَ يا جاگرافيءَ سان، ۽ پئسو ڪمائڻ هڪ هنر آهي، کيڏ آهي يا هٿ جي صفائي، پر علم نه آهي. خاص طور پئسي کي ٻيڻ يا ٽيڻ ڪرڻ الڳ فن آهي، جيڪو جادو جويي صاحب کي اصل هٿ نه آيو ۽ شايد ان ڏس ۾ واجهه ئي ورلي وڌائين. سالن جا سال سعيد منزل لڳ هڪ سوڙهي فلئٽ ۾ اهل عيال سميت مسواڙ تي رهيو. اُهو به ڪراچيءَ جهڙي جوئاگر شهر ۾، جتي ماڻهو پنهنجي قسمت اک ڇنڀ ۾ هڪ ئي داءَ لڳائڻ سان بدلائي ڇڏيندا آهن. قسمت بدلائڻ ته پنهنجي جاءِ، پر هي درويش پنهنجي لباس جي خاڪي پتلون به بدلائي نه سگهيو، جيڪا چئن سالن تائين، سياري اونهاري مون ساڳي ڏٺي. هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته ان زماني ۾ انگريزي ماستر جي پگهار سوا سؤ رپيا هئي، جيڪا اڄ رواجي بوٽ جي بها به نه آهي، ته به تڏهن  اها وڏي مايا ليکي ويندي هئي. انهن ڏينهن ۾ مون واريءَ سُٿڻ جا پاچا به آزاد نظم جيان وائکا بي سُرا ۽ کُٿل هوندا هئا، شايد ان ڪري ٻين جي پٽڙي حالت منهنجي دلي آٿت جو ڪارڻ ٿيندي هئي!ڪراچيءَ جا اٺيئي سال، جويو ٻار پڙهائڻ سان گڏ پنهنجي ذهني سرسيتيءَ ۽ اٻوجهه لوڪ لاءِ سوچيندو رهيو، جن سان سندس ازلي انگ اڙيل هو، يا وري بقول سندس، جيڪي مظلوم، محروم ۽ مجبور هئا. اهڙيءَ سوچ ويچار لاءِ سمنڊ جو ڪنارو هڪ وڏي آيل هو، ڇو ته ڪراچي شهر نه فقط گوڙ گهمسان جي مڇي مياڻي آهي، پر پيدائش به ته مائي مهاڻيءَ جي آهي. سنڌ جي سرزمين، سنڌو درياهه جي ڏنل سوکڙي ئي سهي، پر حاصل ڪيل ته سمنڊ کان آهي، جنهن کيس جيءَ ۾ جاءِ ڏئي، پاڻ پرڀرو ٿي ڪيو. هونئن به سنڌ جي صورتحال جو صحيح تصور به سمنڊ کان ئي مليو، جنهن جي مٿاڇري تي ماٺائي هئي ۽ اندر ۾ اُڌم متل. هر وڏي مڇيءَ، ننڍي مڇيءَ کي هڙپ ٿي ڪيو. ننڍڙيون مڇيون  سر بچاءَ خاطر سمنڊ جي ڪناري يعني ٻهراڙيءَ ۾ ٿي رهيون. ڪناري لڳ وڏين مڇين اچڻ ئي پنهنجي هتڪ ٿي سمجهي. جتي مانگر مڇن ۽ واڳن جو راڄ هجي ته بلائن جو مقابلو به ته ڪرڻو هو، پوءِ پاڻيءَ ۾ هجن يا زمين تي. پر هو ته مسڪين ماستر هو،ڇا ٿي ڪري سگهيو؟ پر جڏهن هڪ منڊڙو مورڙو مانگر مڇ کي ماري ٿي سگهيو، ته ڇو نه هڪ ماستر!گهٽ ۾ گهٽ هو انهن گونگن گگدامن جي زبان ٿي سگهيو ٿي، جيڪي واقعن جي ڳاهٽ ۾ ڳاهجي، پنهنجي آواز جي قوت وڃائي ويٺا هئا. ان ڏس ۾ قلم کڻي جويي صاحب مضمون، چوپڙيون ۽ ڪتابڙا لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس لکڻيون ڪي عشق محبت جا داستان يا من گهڙت ڪهاڻيون نه هيون، پر اهڙيون ٻاڻيون ضرور هيون، جن ماڻهن جي دلين ۾ آس ۽ اُميد جا امڪان پيدا ٿي ڪيا؛ جي ستايل هونئن خوف ۽ مايوسيءَ سبب گهٽيل ۽ دٻيل هئا. جيڪا وقت جي ضرورت به هئي ۽ خلق خدمت به. سندس سوچ جي نپوڙ هئي سماجي حق انصاف جي بحالي، يا پورهيت لوڪ راڄ. جويي صاحب هي ڏسڻ ٿي چاهيو ته هاري پنهنجي پوکيل سموري ڪڻڪ پاڻ کائڻ جي خوشي حاصل ڪن. هر انگ اگهاڙي ۽ بکئي پيٽ کي نه فقط ڪپڙو لٽو ۽ انُ اٽو ملي، پر کين ملڪي حڪومت ۾ حق ۽ حصو هئڻ جو فخر به حاصل ٿئي. هو به ان اوسيئڙي ۾ رهن ته سندن ٻار وڏا ٿي. سِکيا پرائي، پنهنجي ملڪ جا جنرل ۽ فيلڊ مارشل ٿين، جي مسڪين هاڻ  چپراسي ۽ چوڪيدار به ٿي نه سگهيا. ذاتي طور جويو ڪنهن منطق ۽ مت جو مخالف نه هو، سواءِ ’شاهي‘ جي: پوءِ اها آپيشاهي هجي، نوڪر شاهي يا وڏيراشاهي، ڇاڪاڻ ته اهي مڙوئي شاهيون، اُن انڌي  طاقت جا جدا جدا روپ هئا، جنهن طاقت کي ’ضمير‘ هئو ئي ڪونه.

سنڌ جي ڌرتيءَ تي پورهيتن جا حق واسطا قائم ڪرڻ لاءِ ادب ۽ ثقافت جو سهارو وٺڻ هڪ جائز ۽ لازمي وسيلو هو. هڪ پُٺتي پيل ۽ اٻوجهه عوام ۾ سياسي شعور ۽ سماجي سجاڳي آڻڻ لاءِ ٻيو رستو ئي ڪهڙو هو؟ هي برابر آهي ته سنڌ جي ديسي ماڻهن ۾ هزار عيب ۽ اوڻايون هيون، پر انهن اوڻاين هوندي به، سندن سنڌ تي حق هئا. انهن ۾ ڪا ڪمي نه ٿي آئي؟ ورثو هميشه وارثن جو هوندو آهي.، پوءِ اهي لولا هجن يا لنگڙا، ڪو فرق ته ڪونه ٿو پوي. زندگيءَ جو ذوق زنده رکڻ لاءِ کين نت نئين صبح جو سنيهو ڏيڻ ضروري هو، نه ته جنهن قسم جي ٻاڙي ۽ ٻُسي زندگي سندي گذاري رهيو هو، ته  سندس آخري اُميد جي گُل ٿيڻ جو به گمان غالب هو. ڇاڪاڻ ته انساني ذهن به زرعي زمين مثل آهي، منجهس هر هلائي، سانهر نه گهمايو ويو ته زمين ڦاٽي پوندي، جي ڀاڻ نه وِڌوَ ته سندس ڀَلُ ختم ٿي ويندو.

پنهنجي زندگي ۽ سندس مقصد جي سمجهاڻي ڏيندي  چوي ٿو ته ’اسين سنڌ وارا جنهن ڌرتيءَ تي ۽ جنهن سماج ۾ رهون ٿا ته ان ڌرتي ۽ سماج آڏو هڪڙو مقصد ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو وقت جو سڏ آهي. اهو هي آهي ته مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ جي رنڊڪون  راهه ۾ اچن ٿيون، انهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي، ۽ جي سازگار يا مددگار چيزون آهن،انهن کي پنهنجي سامهون چٽيءَ طرح ڏسي سگهون… منهنجي اهڙيءَ دلي مراد جو پس منظر اهو آهي ته آءُ هڪ هاريءَ جو پٽ آهيان. سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو ڳوٺاڻو آهيان… ۽ پورهيت آهيان. غربت، بيماري لاچاري ۽ ظلم، مون انهن جون جيئريون جاڳنديون صورتون ڏٺيون آهن. قائم ٿيل نظام جي ڪنهن به هڪ انگ کي اسان ڪڏهن ڪنهن مظلوم جو پاسو کڻندي نه ڏٺو آهي. وڏيرا شاهي سنڌ جي ڳچيءَ کان جهليو ۽ گُهٽيو بيٺي آهي ۽ ان کي ساهه کڻڻ ئي نه ٿي ڏئي. جنهن مظلوم، محروم ۽ مجبور عام خلق سان پنهنجي ڄمڻ ۽ مرڻ جو واسطو رهيو آهي. هيءُ ازلي انگ آهي، جيڪو هر غيرت مند، خوددار ۽ باعزت ماڻهوءَ کي نباهڻو ٿو پوي. ڪنهن کي ڪيئن ۽ ڪنهن کي ڪيئن!‘ان ازلي انگ جي ناتي نباهيندي، جويي صاحب پنهنجي عمر جي سڄي پوُنجي سيڙائي آهي. سندس جاکوڙ جو ڪاٿو ڪرڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس سرسيتيءَ جي سيڙپ نئين فصل ۾ نه، پر نئين نسل ۾ آهي، جنهن پوک جي پچي تيار ٿيڻ لاءِ پيڙهيون گهرجن. اسان جو نوجوان نه فقط الهڙ آهي، پر تڪڙ ۾ پڻ آهي. اهڙي اُٻهرائي، جو هن تريءَ تي بهشت ٿي طلبيو. جنهن معجزي لاءِ جادوءَ جي ڏيئي جي لوڙ هئي ۽ نه جويي جي. يا وري ڪو امام هادي يا امام مهدي اچي سرواڻ ٿئي، جن جو هاڻ اوسيئڙو ڪڍڻ اجايو هو. سندن جاءِ سنڌ ۾ ’استاد‘ ورتي هئي. ڪنهن سيکڙاٽن کي سکيا ٿي ڏني، ڪنهن لوڪ ادب جو وڃايل ورثو ٿي سهيڙيو، ڪنهن ڪانفرنس ڪوٺائي جاڙيجا ٿي جاڳايا،  ته ڪنهن پورهيتن لاءِ پاڻ ٿي پتوڙيو. سڀيئي ’استاد‘ هئا ۽ سڀني جي جدوجهد ساڳئي هئي ته اسان جا اٻوجهه غربت جي ڌٻڻ ۽ پابنديءَ جي پنجوڙن کان آجا ٿي، سهڻي ۽ شانائتي جياپي جون گهڙيون بسر ڪرڻ لائق ٿين. جنهن ڏس ۾ کين سهارو ڏيڻ جي سخت ضرورت هئي.

جويي صاحب جو ننڍپڻ گورن جي صاحبيءَ ۾ گذريو، ڦوهه جواني ۾ انگريزن جي عروج جو سج غروب ٿيندي ڏٺائين. ڪانگريس جا آکاڙا ۽ مسلم ليگ جا ملاکڙا سندن اکين آڏو ٿي گذريا. جنهن گهرو چٽاڀيٽيءَ وڃي ورهاست جي وڍ ڪٽ تي دنگ ڪيو. ورهاڱي وقت ۽ تهان پوءِ، جو ڪجهه سنڌ ۾ وهيو واپريو، ان جي اثر کان به متاثر ٿيندو رهيو. ڇٺي ڇماهيءَ پنهنجيءَ دل جو غُبار به لکڻين وسيلي هلڪو ڪندو رهيو. نتيجي ۾ جي عام طور عتاب سياسي سمجهه رکندڙن تي نازل ٿيندا آهن، انهن ۾ ڪجهه ڇنڊا مٿس به پوندا  رهيا، جيڪا ڪا وڏي ڳالهه ته نه هئي، ڇاڪاڻ ته مهڻن سهڻ جا عادي سنڌي صدين  کان آهن. هاڻ کين ’ڏاهر جو اولاد‘ سڏي سرخرو ٿي ٿيا. ڀانئن ته محمد بن قاسم اصل کوکرا پار کان اچي سنڌ فتح ڪئي  هئي! مزو اهو، جو مٿن الزام ’اسلام‘ جي نالي ۾ مڙهيا ٿي ويا، جو عجيب پڻ هو، ڄڻ ته ڏهٽيءَ، نانيءَ کي ويم ڪرڻ ٿي سيکاريو. ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هئم ته انسان جي زندگي هڪ قسم جو’کل ڀوڳ‘ (ڪاميڊي) آهي، جيڪڏهن کيس پري کان ڏسجي ته، پر غمناڪ حادثو (ٽرئجڊي) جي  کيس ويجهو ٿي پسجي. سنڌ جو به هر حڪومت جي لحاظ کان ساڳيو حشر پئي رهيو آهي. کيس هميشه پهاڙي اوچائيءَ تان پئي جاچيو ويو آهي، ۽ اوڏڙو اچي سندس گهايل ۽ ڦٽيل وجود کي ڏسڻ جي تڪليف ئي گوارا نه ڪئي وئي آهي؛ نه ته اهڙي تعصب، ڌڪار يا نفرت جي ڳالهه ئي نه هئي. هن حقيقت جي ڄاڻ هر هڪ کي هئڻ گهربي هئي ته تاريخ جي روشنيءَ ۾ سڀني ’نظرين‘ جو هڪجهڙو تصور رکڻ يا هڪجهڙي مڃتا هئڻ ناممڪن پڻ هئي، ڇا ڪاڻ ته روايت زباني هجي يا لکت ۾، پر هر تاريخ جي ڪسوٽي ’يقين‘ تي منحصر هئي. جي هي صحيح آهي ته پوءِ ڪنهن تي يقين ڪريون؟ ظاهر آهي ته پنهنجن ماڻهن تي، اڳ ۾ انهن تي، جن جا اسين ڄايا ۽ نپايل آهيون. پوءِ ڪهڙي سبب اسين پنهنجن ابن ڏاڏن  کي ڪافر ۽ غدار سڏيون، باقي ٻين کي غازي ۽ علمبردار!سنڌي فطرتي طور تي شُڪر گذار ۽ ٻانهن ٻڌي دعاگو قوم آهن. هو ته انهن جا به ڳُڻ ڳائيندا رهيا آهن، جن ساڻن جنگيون ڪيون ۽ مٿن حڪومت ڪئي. خاص طور انهن جا، جن آئي اسلام جي روشني آڻي يا جن سندن ٻاجهاري ٻوليءَ کي سنواريو ۽ وَرسايو. پر هو هن حقيقت کان ڪيئن اِنڪاري ٿين ته هو هن ديس جي مٽي  نه آهن؟ آخر سڀيئي سنڌي ڪو عرب کان پارسل ٿي ته هت نه پهتا هئا. پنهنجي اصليت وسارڻ ڪو هروڀرو اسلام ته نه آهي. جي ڪو ماڻهو اسلام قبول ڪري شيخ عبدالمجيد ٿو سڏائي ته هو  پنهنجي پيءُ ليلارام هئڻ کان به انڪار ڪري ڇا؟ جي ائين آهي ته پوءِ  هر سنڌي مسلمان ڪهڙي نسبت اختيار ڪري؟ حضرت عيسيٰ واري؟جويي صاحب جو الله سان عشق آهي الاجي نه، جنهن سنڌ ۾ سدائين سُڪر سڻائي پئي ڪئي آهي، پر اها شاهدي جويي جا دشمن به ڏيندا ته سندس سنڌ جي ماڻهن سان بيحد عشق آهي، جن پنهنجي محسن کي ڪڏهن به نه وساريو آهي! اهڙي اثا عشق جي وڏي ضرورت پڻ هئي، ڇا ڪاڻ ته سندن پريشانين ۾ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اضافو ٿي رهيو هو: ڇو ته هاڻ کين پنهنجي صفحئه هستيءَ تان مٽجي وڃڻ جو خطرو درپيش هو. هو ٻن باهين وچ ۾ گهريل هئا: پنهنجن جي بي رخي ۽ پراون جي بي رحمي. جياپي لاءِ جدوجهد جاري هئي، جو قدرت جو بنيادي اصول هو، جنهن قدرت ٻوٽن، جانورن ۽ ماڻهن کي پنهنجي بچاءُ ۽ بقا لاءِ طاقت بخشي. سنڌ ڪو قدرتي قانون جي دائري کان ٻاهر ته نه هئي؟(·)

شيخ عبدالرزاق ’راز‘

محمد ابراهيم جويو صاحب

زندگيءَ جا سڄا سارا ڏهه سال ڪراچيءَ ۾ گذاريم. ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ جا نوخيزيءَ ۽ نوجوانيءَ جا پرسڪون ۽ روح پرور سال نهايت تيزيءَ سان لنگهي ويا، جي وري نه موٽندا. وقت جي واڳ ڪير ٿو موڙي سگهي؟ جنهن جو فرض اڳتي وڌڻ  آهي، پوئتي ورڻ سندس قسمت ۾ لکيل ئي ڪونه آهي. منهنجي تعليم به ڪراچيءَ ۾ ٿي. ذهني  تربيت به اتي حاصل ڪيم. وڏي ڳالهه ته شادي به اُتي ڪيم. مطلب ته ڪراچيءَ سان بيحد گهاٽو تعلق ۽ نهايت ڳوڙهو ناتو رهيو اٿم. مادي طور به اُن ڏانهن جهڪيل آهيان ۽ روحاني طرح به ڏانهنس مائل آهيان. جڏهن مرضي پويم ڪراچي وڃي پهچان. پر هن زماني ۾ ڪراچيءَ جا ڀير ئي بدلجي چڪا آهن. نه اهي دوست، جن سا واندڪائيءَ جي ورونهن ڪئي هيم، نه اهي يار، جن سان ڪاليج جا ڇهه سال گڏ گذاريا هئم. سڀ ٽڙي پکڙي ويا.، جن جا محراب بدلجي ويا ڀير ڦر ويا. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جي هر پاسي اجنبيت جي ’آدم بوءِ‘ لڳي پيئي آهي، پر تنهن هوندي به ڪراچيءَ سان دلي ۽ ذهني لڳاءُ آهي ۽ سال ۾ ٻه چار ڀيرا ڪراچيءَ جو ڦيرو لڳندو آهي، زندگيءَ جو ڄڻ اهو معمول بڻجي چڪو آهي.

وطن جي آزاديءَ کان هڪ سال پوءِ ڪراچيءَ جا وڻ ڇڏي سکر  ۾ سدائين لاءِ سڪونت اختيار ڪيم. سکر هونئن به منهنجو وطن آهي. زمين زرڙي، مٽ مائٽ، دوست احباب، گهر گهاٽ سڀ سکر ۾ ئي آهن.

شيخ اياز ڄڻ ٻنڌڻن جو يار اٿم. 1952ع ۾ ساڻس گڏجي ڪراچيءَ روانو ٿيس. اياز کي نئين ڪارِ وٺڻي هئي ۽ مون کي ڪراچيءَ وڃڻ جو بهانو گُهربو هو. اياز کي سمجهوُ ۽ بااعتماد صلاحڪار سنگتيءَ جي گهرج هئي. ڀاڙو اياز جي مٿان هو. کائڻ پيئڻ، رهڻ سهڻ جو ذمو مون تي هو، جو منهنجا ساهرا اُتي هئا. انهيءَ حساب سان منهنجو ٽڪو به خرچ نه ٿيو.

اياز صاحب پنهنجي دل گهُرئي دوست سان ملائڻ وٺي هليو. رات جو وڳڙو هو. برنس روڊ جي پويان هڪ جاءِ هئي. ڪڙو کڙڪايوسين، هڪ سنهڙو ۽ پوري پُني قد جو جوان گهٻرايل مُنهن سان ٻاهر نڪري آيو. هن جا مٿي جا وار ڇڊا هئا. سندس اکين تي عينڪ چڙهيل هئي. سندس منهن جي رنگت ڪڻڪائي، کان وڌيڪ سڌريل هئي. نرڙ ڪشادو، چپ سنها، ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل، نڪ ڊگهيرو. سندس هڏين  تي بنا ماس جي کل جو تهه چڙهيل هو. ڏسڻ سان سندس منهن پڙهڻ شروع ڪيم. سندس منهن تي سنجيدگيءَ سان گڏ دورانديشيءَ جا آثار ڏسڻ ۾ ٿي آيا. هو مون کي ڄڻ ڪو فلسفي نطر آيو. فلاسافر کي اڳ ڪڏهن ڏسڻ جو وجههُ ڪونه مليو هيم، پر ان جي شبيهه ڪجهه اهڙي ئي نموني پنهنجي تصور ۾ قائم ڪئي هئم.

اياز چيو: ’ابراهيم جويو‘. پاڻ چيائين ’محمد ابراهيم.‘ مون چيو ’ماشاءَالله، ٻن نبين جي نالن جو امتزاج.‘ نالو نهايت برڪت ڀريو آهي. اياز مُشڪڻ لڳو. محمد ابراهيم جويو اکين جي آڏو هو، جنهن جو نالو مان اياز کان ڪيترن سالن کان ٻڌندو رهيو هوس. سندس ذڪر خير سان گڏ ايازُ سندس ساراهه جا ڍُڪ ڀريندو هو. کيس ڏسڻ سان ذهن ۾ سندس شباهت جي وسريل يادگيري آيم. پر سمجهيم ته کيس ڪنهن خواب ۾ ڏٺو هئم.

هو حيرت مان اياز کي ڏسندو رهيو، جيئن گم سم ٿي ڪنهن محبوب کي ڏسبو آهي. ڏٺم ته اهو گم سم ماڻهو ڳالهائڻ لڳو ۽ اسان کي گهر ۾ اندر وٺي هليو. سندس گفتگو نهايت مٺڙي لڳيم، ڄڻ سندس نڙيءَ ۾ ماکيءَ جي لار چنبڙيل هئي. سندس سڀاءُ نهايت سٻاجهڙو نظر آيم. جيڪڏهن شاعر هجي ها ته پڪ پنهنجي مٺڙي مکڙي مان گلن جي ورکا ڪري ها. چڱو ٿيو جو هو شاعر نه ٿيو، ورنه اياز کي شاعريءَ جي ميدان ۾ مات ڪري، هو پنهنجا بي حساب پوئلڳ پيدا ڪري ها. شاهه جي ڪلام تي جويي صاحب بحث ڇيڙيو. مان سرڪاري ملازم هوس. شاهه جي ڪلام کي ڇڏي سال گذري ويا هئا. ڀانيان ٿو اياز جو به ساڳيو ئي حال  هو. اياز ان مختصر ملاقات مان اِستفادو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اياز کان ’جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري‘ وارو بيت ٻڌم، جو ان رات جي گڏيل تاثرات جي زير اثر نظر آيو.

جويي صاحب سان ٻي ملاقات اياز جي ڪار ۾ ٿي. ساڻس حيدرآباد تائين گڏ سفر ڪيم. اياز وقتي طور نهايت گنڀير ٿي ويندو آهي ۽ هو ذهني آزادي چاهيندو آهي. اها اياز جي ننڍي هوندي کان عادت آهي. اياز ڪار جي فرنٽ سيٽ والاري هئي، مان سمجهي ويس ته هو ان ڏينهن دل سان ڳالهين ڪرڻ جي موڊ ۾ هو. جويي جهڙو پراسرار ماڻهو ڏسي، مون اياز کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو،  تنهنڪري جويي سان خيالن جي ڏي وٺ لاءِ هڪ نادر موقعو هٿ ڪيم. مان چئن ڪلاڪن جي ڊگهي ملاقات ۾ سندس مريد ته ٿي نه سگهيس، پر پنهنجيءَ دل ۾ هڪ خاص ڇڪ محسوس ڪيم.

هن مون سان دل کولي ڳالهايو. نئون ادب. نئين شاعري، روايتي ادب، معاشي ڪشمڪش، نظرياتي اختلاف ۽ طبقاتي انقلاب وغيره وغيره جهڙا موضوع زيربحث رهيا. منهنجي لاءِ اهي نيون ڳالهيون ڪونه هيون، پر ملازمت جي ڪري انهن ڳالهين کان ذرا پرڀرو رهجي ويو هوس، ورنه اها تحريڪ ۽ اِهي رجحان تقسيم کان اڳ اسان جي سامهون هن سرزمين تي وارد ٿيا هئا ۽ اسان فراخدليءَ سان انهن جي آجيان ڪئي هئي. جويو صاحب اُن زماني ۾ الاجي ڪٿي هو. گهٽ ۾ گهٽ ان ٻيڙيءَ جي ملاحن ۾ شامل ڪونه هو، جنهن جي اسان 1944ع ۾ ڪراچيءَ ۾ نمائش ڪئي هئي.

جويي ۾ هڪ مقناطيسي اثر ڏسڻ ۾ آيو. مون تاريخ ۾ ڪيترن مقناطيسي شخصيتن جو مطالعو ڪيو آهي، جي پنهنجي حساب سان تاريخ ساز بڻيا آهن. جويو به اهڙوئي جادوگر ٿي لڳو. غالباً منجهس نظربنديءَ جي قوت آهي. جيڪڏهن هو شاعر هجي ها ته مان ضرور سندس چڳ وڍيو مريد ٿي پوان ها.

حيدرآباد پهتاسون، اياز به هڪ وڏو ڇرڪ ڀريو. مون ائين سمجهيو ته هو مراقبي ۾ ڪنهن نور جي جهلڪ ڏسي ڏڪي ويو هو. جويي صاحب موڪلايو، اچڻ وڃڻ جا وعده وعيد ڪري، هو پنهنجي واهيري ڏانهن وريو ۽ اسان پنهنجي منزل ڏانهن وڌياسين.

انهن مختصر ملاقاتن کان پوءِ 1955ع ۾ اسان جون سلسليوار ملاقاتو شروع ٿيون. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس هئي. سرڪاري ملازمت کان آجو ٿيو هوس، تنهنڪري اڪثر ڪراچيءَ ۾ گذاريندو هوس. لڳاتار ملاقاتن سبب جويي کي وڌيڪ  ويجهي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. مان گهڻو ڪري شام جو سندس آفيس ۾ ويندو هوس. هن جو مطالعو نهايت وسيع آهي. هن گهڻو ڪري هر ترقي پسند ٻوليءَ جي وڏن اديبن جون تصنيفون پڙهيون آهن. ڏسڻ ۾ ائين ايندو آهي ته هو اديب گهٽ ۽ طالب علم وڌيڪ آهي.

هن جي شاعريءَ جي فن سان واجبي دلچسپي آهي، تنهنڪري هو شاعريءَ جي فني لوازمات کان گهٽ واقف آهي. پر هو شعر تي هڪ سنجيده ۽ صحتمند تنقيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. فڪر جي اعتبار کان هو شعر تي گهڻو ڪجهه چئي سگهي ٿو. سندس فڪر جي اپٽار ۾ گهڻو ڪري مقصد ۽ نظريي جو دخل هوندو آهي. مان ذاتي طور شاعريءَ ۽ انتها پسنديءَ جي خلاف آهيان. مان شعري نظريات ۾ مفاهمت جو قائل آهيان. جيڪڏهن 1947ع کان 1952ع تائين نئين شاعريءَ تي جمود طاري نه ٿئي ها ته ان دؤر جي شاعري سنڌي ادب جي هڪ اهم، دلپسند ۽ مؤثر روايت بڻجي پوي ها، جا اڄوڪي شاعريءَ تي ضرور اثرانداز ٿئي ها.


(·)  ”ادبي گڏجاڻي“-سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي، 31 ڊسمبر 1981ع تي پڙهيل.

(·)  ڪتاب ”مُٺ مُٺ موتين جي“ جو پيش لفظ، مضمون جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي. (ت.ج)

(·)  ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد ۾ ڇپيل، 1999ع.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org