سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :22

”اکيون پير ڪري، وڃجي، وڃجي وو وڃجي!“

لطيف جي وائي ڳائيندي ڳائيندي، مون ڏٺو ته جويو صاحب ايترو جذباتي ٿي ويو، جو بي اختيار هن جون اکيون ڀرجي آيون. محفل تي هڪ عجيب ڪيفيت ۽ سنجيدگي طاري ٿي وئي. مون محسوس ڪيو ته جويي صاحب جذبات جي نهايت شدت سان لطيف جي وائي ٿي ڳائي ۽ هن جي ڀرجي آيل جهور اکين ۾ سنڌ جي صدين جو درد ۽ پيڙائون ٿي ڇُلڪيون. مان دعائن ۾ ويساهه نه رکندو آهيان، پر دل بي اختيار چيو ته دعا ڪريان ته ”اي ڪاش! اُهي سنڌ جي صدين جي پيڙائن جون شاهد اکيون هميشه سلامت رهن. اهي اکيون، جن سدائين سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏٺا: اهي نمُ ۽ بڙ جي گهاٽن وڻن جهڙيون ٻاجهاريون اکيون ۽ سندن عُشاق نظرون سدائين سنڌ تي علم ۽ ادراڪ جي ڇانوَ ڪنديون رهن. اهي ’اکيون‘ جن کي ’پير‘ ڪري شايد سنڌ تاريخ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي سگهي.“

(پندرهن روزه ’عبرت مئگزن‘، 14- نومبر 1995ع)

جامي چانڊيو

جويو: فڪري اُستاد ۽ سُونهون

]’ادب، ٻولي تعليم‘ ڪتاب جي حوالي سان[

تاريخ  ۾ فرد جي ڪردار تي دنيا ۾ تمام گهڻو لکيو، ڳالهايو ۽ بحث ڪيو ويو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هڪ مضبوط، صحتمند ۽ مربوط معاشرو ئي اهڙو بنياد ۽ سبب پيدا ڪندو آهي، جنهن ۾ اهڙا نسل پيدا ٿي سگهن، جيڪي نه رڳو اُن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ افرادي قوت فراهم ڪن؛ پر ساڳئي وقت جڏهن قومون ۽ معاشرا پنهنجن داخلي توڙي خارجي سببن ڪري زوال، پستيءَ ۽ غلاميءَ جو شڪار ٿيندا آهن ۽ سندن روايتي ادارا اَڪارج ٿي ويندا آهن، تڏهن به اُهي غير معمولي فرد ئي هوندا آهن، جيڪي زمانن جا ذهن ۽ ضمير روشن ڪري، قومن جون تقديرون بدلائي، کين جياپي، ۽ جاڳرتا ۽ آجپي جا آدرش ڏيندا آهن.  قومن ۽ معاشرن جي تاريخ ۾ اهڙن ڏکين وقتن ۽ دورن جو اچڻ هڪ معمول جي ڳالهه آهي؛ ۽ اهڙن دورن ۾ سندن ڏاها ۽ غير معمولي فرد ئي هوندا آهن، جيڪي معاشرن کي بحرانن ۽ خطرن  مان ائين ڪڍي ايندا آهن، جيئن ننڍڙن ٻارڙن کي چيچ مان جهلي، صحيح دڳ تي هلائبو آهي. هلندڙ ويهين صدي سموري انساني تاريخ جي هڪ ڏاڍي اهم صدي شمار ٿئي ٿي. هن ئي صديءَ ۾ ٻه عالمگير جنگيون لڳيون، سوين ننڍيون توڙي وڌيون قومون غلاميءَ جي صدين جي سنگهرن مان آزاد ٿيون، دنيا ۾ انيڪ فڪري انقلاب آيا، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مظلوم ۽ محڪوم طبقن سياسي اقتدار جون واڳون سنڀاليون. هن ئي صدي ۾ سرمائيداري نظام آڏو سوشلزم هڪ وڏو متبادل (Alternate) ٿي آيو ۽ نتيجي ۾ سرمائيداري نظام به گهڻيءَ حد تائين پنهنجو روايتي انسان دشمن رويو تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿيو ۽ دنيا ۾ ’ويلفيئر اسٽيٽ‘ ]فلاحي رياست[  جو تصور نه رڳو اُڀريو، پر اُن عملي شڪل به ورتي. هن ئي صديءَ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ ايڏا وڏا ۽ غير معمولي انقلاب آيا، جو فطرت به انسان جي تخليقي سائنسي شعور آڏو هيڻي ٿي پئي آهي. ائين، جي هن صديءَ ۾ آيل تبديلين ۽ انقلابن جي وچور کڻبي، ته اُها شايد تمام ڊگهي ٿي وڃي. اسان جي وطن، سنڌ، جي تاريخ جي حوالي سان به هن صديءَ کي خاص اهميت آهي. ٻين ڳالهين سان گڏ اُن جي ’سائيءَ‘ ڪُک هن صديءَ ۾ ئي برک عالم، مشاهير، تدبر، ڏاهپ ۽ بصيرت جا صاحب، بهادر ۽ اڻموٽ انسان پيدا ڪيا. رشي ڏيارام گدومل، ديوان هرچندراءِ وشنداس، شمس العماء مرزا قليچ بيگ، دادا ڄيٺمل پرسرام، مولانا عبيدالله سنڌي، علامه آءِ.آءِ قاضي، سائين جي.ايم سيد ، الهه بخش سومري ،  ذوالفقار علي ڀُٽي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، محمد امين کوسي، شيخ اياز، استاد بخاريءَ، الهداد ٻوهيي، رسول بخش پليجي، سراج ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه تائين اهڙن ماڻهن جي وڏي Galaxy (ڪهڪشان) آهي، جن نه رڳو سنڌ کي شعور ڏنو، پر جديد سنڌ جي تعمير ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ۽ مان پنهنجيءَ پوري ذميواريءَ سان اهو چئي سگهان ٿو ته ان سفر جي هلندڙ پنڌ ۾ هڪڙي جنهن ’اَلوپ‘ ۽ آدرشي انسان جو بنيادي هٿ ۽ ڪردار رهيو آهي، اهو آهي سائين محمد ابراهيم جويو، سنڌ جي نئين نسل کي پوريءَ طرح معلوم نه آهي ته روايتي معنائن ۾ نه، پر سچ پچ به هِنَ اُتم انسان، سنڌ جي وجود جي بقا، همه گير اوسر ۽  اڏاوت لاءِ ڪيتريون نه اڻ وسرندڙ ۽ اڻ ورچ خدمتون سرانجام پئي ڏنيون آهن. تاريخ ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي، جو ڪي غير معمولي ڪردار رکندڙ ماڻهو پنهنجي ماٺيڻي مزاج، طبقاتي پس منظر ۽ حالتن جي جبر سبب حقيقي معنيٰ ۾ قومي سرواڻ هئڻ جي باوجود، سدائين پسمنظر ۾ ۽ ڪارڪن  ٿي رهندا آهن. اسان جو جويو صاحب به هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي. جديد سنڌ جي فڪري، ادبي بلڪ قومي  تحريڪ جو هيءَ حقيقي سپهه سالار، پنهنجيءَ وضعداريءَ ۽ ارپناتمڪ (dedicated) مزاج سبب سدائين هڪ ’سپاهيءَ‘ جيان هليو آهي. لطيف سائينءَ سچ پچ به اهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي:

نانگن ٻڌي نينهن جي، ڪڇي ڪاڇوٽي،

جهڙا ِا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،

تنين جي چوٽي، پوربَ ٿيندي پڌري.

يعني اهڙن ماڻهن جي عظمت جون بلنديون تڏهن ظاهر ٿينديون، جڏهن جهالتن، غلامين ۽ اونداهين جا ڌُنڌ لهندا ۽ آزاديءَ، شعور ۽ روشنين جا پورب پڌرا ٿيندا.

•سنڌ ۾ جويي صاحب جو بنادي ڪردار ۽ حيثيت، هڪ فڪري استاد ۽ سُونهين واري آهي. سماجن ۽ قومن کي هڪڙي نفسيات ته سندن ڪلچر جي حوالي سان ورثي ۾ ملندي آهي، جڏهن ته سندن شعور جي تشڪيل ۽ قومي شخصيت National personality)) جي تعمير انهن جا حقيقي دانشور ۽ مفڪر ڪندا آهن. ان جي ثابتيءَ لاءِ يورپ جي گذريل پنج سئو سالن جي تاريخ ئي وڏو مثال آهي. پنڌرهين صديءَ تائين يورپ دنيا جو هڪڙو پس مانده ترين خطو هو، پر سورهين صديءَ کان وٺي روشن خياليءَ ۽ نئين سجاڳيءَ (Enlightenment and Renaissance)  جون تاريخ ساز ۽ لڳاتا فڪري تحريڪون ئي هيون، جن يورپ کي ترقيءَ جي اوج تي رسائي ڇڏيو. ان سڄي عمل ۾ سندن مفڪرن ۽ دانشورن جو بنيادي ڪردار هو. سنڌ پنهنجي ڪلچر جي مزاج جي حوالي سان اڳ ئي هڪ ماٺيڻو ۽ ويڳاڻو سماج رهيو آهي، ٻيو ته سنڌ صدين کان دنيا کان ڪٽيل ۽ ڪنڊائتي رهي آهي. هڪ طرف سماجي ۽ سياسي سرشتو نهايت فرسوده ۽ ٻيو دنيا جي جديد سائنسي شعور جي پاڇي کان به پري، اهڙي پس منظر ۾ سنڌ  جي هڪ غريب ۽ ڳوٺاڻي گهراڻي ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي ڏاهي ۽ اهل فڪر ماڻهوءَ جو پيدا ٿيڻ سنڌ لاءِ ڪنهن بخت ۽ ڀاڳ کان گهٽ نه هو. هيءِ ويهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن جي ڳالهه اهي. انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ آهستي آهستي سنڌ ۾ به شروع ٿي رهي هئي، پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو سوال اڃا ڪنهن جي ذهن ۾ به نه هو. خود جناح به ڪانگريس جو رُڪن هو. سنڌ ۾ علم ۽ ادب جي شعبن کان وٺي پارلياماني سياست تائين قوم جي فقط هڪ حصي يعني هندن جي پيشقدمي هئي. مسلمانن جو جاگيردار ۽ وڏيرڪو طبقو نسورو جاهل ۽ ڪوتاهه ذهن هو. سنڌي مسلمانن ۾ وچون طبقو اڃا پيدا ئي نه ٿيو هو. اهڙي ماحول ۽ پس منظر ۾ محمد ابراهيم جويي جهڙي مفڪر شخص  جي پيدا ٿيڻ کي مان سچ پچ هڪ غير معمولي واقعو ٿو سمجهن، سنڌ به سياسي ۽ فڪري رجحان طور ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪ طرف ڪانگريس هئي ته ٻئي طرف مسلم ليگ. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ سنڌ ۾ ٻيون به ننڍيون ننڍيون تحريڪون ضرور هيون، پر بنيادي طور فڪري حوالي سان اهي ٻه ڌارائون هيون. هي اُهو ئي دور آهي، جڏهن سوويت يونين ۾ سوشلسٽ انقلاب اچي چڪو هو. دنيا جي پٺتي پيل ملڪن ۾ سوشلسٽ تحريڪون تيز ٿي رهيو هيون. هندستان ۾ ايم اين راءِ (M.N.Roy)  جي فڪري لهر به اُڀري رهي هئي. اُنَ سڄي ماحول ۾ ڇاڪاڻ ته راءِ جي فڪري تحريڪ، ٻين سمورين تحريڪن جي ڀيٽ ۾، گهڻي ترقي پسند، سائنسي ۽ فلسفيانه شعور رکندڙ، عوام دوست ۽ مظلوم قومن جي حمايت ڪندڙ هئي، ان ڪري جويو  صاحب ان ۾ شامل ٿيو. مان سمجهان ٿو ته هو شايد سنڌ بلڪ هن خطي جو پهريون ماڻهو، جيڪو ’Royist‘ (’رائسٽ‘) ٿيو- يعني هن جڏهن پنهنجي شعور جون اکيون کوليون ته هن جي مفڪرانه تخليقي نظر پنهنجي دور جي سڀني کان اڳتي وڌيل شعور ۽ ان جي نمائنده تحريڪ تي پئي. رڳو ننڍي کنڊ جي حوالي سان ئي نه، پر عالمي  حوالي سان به هو هڪ اهڙي فڪر جو سنڌ ۾ مهندار هو، جيڪو نه رڳو انسان جي صدين جي فڪري پورهيي جو معروضي ۽ منطقي نتيجو هو، پر پنهنجي عالمي تاريخي دور (World Historic Age) جو به سڀني کان اڳتي وڌيل، سائنسي، عقليت پسند ۽ عوام دوست فڪر هو. اهو محمد ابراهيم جويو ئي هو، جنهن صدين کان اوهام پرستيءَ ۽ خود فريب روحانيت پرستيءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل سنڌي سماج ۾ سائنسي ۽ مادي شعور جو ڦهلاءُ ۽ ان جي ترويج ڪئي. هن ئي سڀ کان پهرين سنڌ ۾ ڪائنات، فطرت ۽ تاريخ جي مادي نظرين يعني ’جدلي ماديت‘، ’تاريخي ماديت‘، ’حياتيءَ جي ارتقائي نظريي ۽ ان جي سماجي اطلاق‘ ۽ ’سيڪيولرزم‘ کي متعارف ڪرايو. هن ئي سڀني کان پهرين سنڌي ادب ۾ ترقي پسند رُجحان کي هٿي ڏني- يعني ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ سائنسي شعور جي نشاة ثانيه (Renaissance)ا جا بنياد، سڀني  کان پهرين سائين محمد ابراهيم جويي وڌا؛ ۽ اُنَ منجهان ئي سنڌ بابت جويي صاحب جي غير معمولي نگاهه (Vision) جي پروڙ پوي ٿي. اڄ سنڌ  ۾ جيڪو ڪجهه علمي، ادبي، سياسي ۽ فڪري سطح تي تازو پختو شعور آهي، ان جي بنياد وجهڻ ۾ محمد ابراهيم جويي جو به وڏو هٿ هو، جيئن بنگال ۾ سماجي نشاة ثانيه جا بنياد راجا رام موهن راءِ وڌا هئا. راجا رام موهن راءِ بنگالي سماج ۾ تمام گهڻا ۽ بنيادي سڌارا آندا، پر هو فڪري طرح روايتي مذهبي ۽ روحانيت پرست شخص هو. جڏهن ته جويي صاحب سنڌ ۾ جنهن جاڳرتا جا بنياد وڌا، اُها روايتي اوهام پرستي نه، پر جديد سائنسي سوچ ۽ شعور جي حامل هئي ۽ آهي. مان جويي صاحب کي سنڌي سماج جو محض هڪ فرد  نه، پر فڪري فِنامِنا (Intelecture Phenomenon) سمجهندو ۽ سڏيندو آهيان_ جيئن شيخ اياز به منهنجي نظر ۾ رڳو هڪ شاعر نه، پر جديد سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو فِنا مِنا هو. جديد يورپ جي تاريخ ۾ يعني پندرهينءَ کان اوڻويهين صديءَ تائين فڪري سطح تي ٽي بنيادي راهون روشن ٿيون، جن انسان جي ذهني تاريخ جو روايتي مزاج ۽ رُخ ئي ڦيري ڇڏيو ۽ اُهي هيون_ يورپي عيسائي سماج ۽ مذهبي سڌارن جي تحريڪ (Reformation)، ارڙهين صديءَ جي آزاد خيالي (Liberalism) ۽ عقليت پسنديءَ  جي تحريڪ (Rationalism) جي تحريڪ ۽ اوڻيهين صديءَ ۾ ڊارون جو حياتيءَ ۽ فطرت بابت ارتقائي نظريو ۽ مارڪسزم جو ڪائنات، فطرت ۽ سماجي تاريخ بابت مادي ۽ جدلي نظريو. جويو صاحب بنيادي طور انهن ٽنهي فڪري ڌارائن جي اجتماعي جوهر جي پيداوار آهي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو قومي سماج، جنهن پستيءَ ۽ غلاميءَ جي حالت ۾ آهي، اُهو اهڙي ئي فڪر آڌار، پنهنجيءَ موجوده پست حالت مان نڪري، نئون جنم وٺي، اوسر، آجپي ۽ وقار جي اُتاهينءَ منزل کي رَسي سگهي ٿو.

• هڪ دانشور ۽ اديب کي پنهنجيءَ قوم، وطن ۽ ٻوليءَ سان جيڪا والهانه وابستگي هجڻ گهرج ۽ ان جي آئيندي جي سلامتيءَ ۽ شان لاءِ جيڪا بي لوث اون دورانديش نگاهه هجڻ گهرجي، ان جو سنڌ ۾ مثال سائين محمد ابراهيم جويو آهي. جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جو سوال وڏيءَ شدت سان اُڀريو ۽ مسلم حڪمران طبقن مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ جو مطالبو ڪيو، ته جويو صاحب پهريون مستقبل بين ۽ دورانديش ماڻهو هو، جنهن اهو محسوس ڪري ورتو هو ته سنڌ لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن؛ ڇو ته مسلمانن جي جنهن حڪمران طبقي ان ڏس ۾ سرگرم ڪردار ادا ٿي ڪيو، ان جي سياسي تاريخ ۽ مقصد ٻڌايو ٿي ته سندن نيتون ۽ نگاهون صاف نه هيون جويي صاحب ان زماني ۾ ’سنڌ بچايو- وڏو کنڊ بچايو‘(Save Sindh, Save the Continent) نالي هڪ ڪتاب لکيو ۽ تفصيل سان سمجهايو ته سنڌ جي سياسي قيادت کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جويو صاحب شايد واحد سنڌي دانشور هو، جيڪو ان مسئلي تي ايترو واضح هو. ان کان پوءِ پاڪستان جي قيام کان فقط ٻه ٽي مهينا پهرين جويي صاحب سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن هڪ کليل خطُ لکيو ۽ کيس سمجهايو ته ننڍي کنڊ ۾ ايندڙ سياسي تبديلين جو ادراڪ رکي، نئين ٺهندڙ ملڪ ۾ غير مشروط طور شامل ٿيڻ بدران هڪ کليل ۽ باضبطه معاهدي ذريعي، پنهنجن قومي مفادن ۽ تحفظ جي تقاضائن پٽاندر، مشروط طور شامل ٿيڻ گهرجي.  جويي صاحب پنهنجي اُن خط ۾ اُهي شرط به واضح ڪيا، پر ان زماني ۾ سنڌ جي جاهل وڏيرن ۽ سياستدانن ۾ ايترو شعور ۽ قومي فرض شناسي نه هئي (۽ اها صورتحال بدقسمتيءَ سان اڄ به بدستور جاري آهي). ان حوالي سان مان اِها حقيقت به رڪارڊ تي آڻڻ چاهيندس ته جويو صاحب اُهو کليل خط ڇپرائي، سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ورهائڻ لاءِ پاڻ کڻي ويو هو، پر اُتي ساڻس هتڪ آميز سلوڪ ڪري کيس اُهي پمفليٽ ورهائڻ به نه ڏنا ويا. جيتوڻيڪ اڄ ان واقعي کي اڌ صدي گذري چڪي آهي ۽ اسين اهو سڀ ڀوڳيون ويٺا، جنهن جي امڪانن کان سنڌ کي جويي صاحب خبردار ڪيو هو. ان کان پوءِ به ۽ ويندي اڄ تائين سنڌ جي سموريءَ قومي تحريڪ ۾، بظهار پس منظر ۾ هجڻ باوجود به، جويي صاحب  صاحب جو بنيادي ڪردار رهيو  آهي، هن ئي سنڌ ۾ وطن دوست ۽ قومي حوالي سان فرض شناس سياسي دانشمنديءَ جا بنياد وڌا. هو پهريون ماڻهو هو، جنهن وطن دوست دانشورن جو سياسي ڪردار متعين ڪيو ۽ پنهنجي عمل سان اهو واضح ڪيو ته جيڪو سڄاڻ ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي پنهنجي قوم، وطن، عوام ۽ سماج جي ترقيءَ ۽ بقا لاءِ نٿو جاکوڙي، اهو ڪڏهن به تاريخ ۾ پاڙون هڻي نٿو سگهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ، ڪراچي، جي سنڌي کان علحدگيءَ جو سوال هجي، ون يونٽ جو نفاذ هجي يا هر اهو موقعو ۽ مسئلو (issue)، جڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي وجود ۽ مستقل تاريخي مفاد کي خطور درپيش آيو هجي. تڏهن جويو صاحب هڪ دانشور طور سدائين اهڙين تحريڪن جو روح روان رهيو آهي. اڄ به جڏهن جويو صاحب 83 ورهين جو ٿي چڪو آهي، (*) تڏهن به هو فڪري توڙي عملي طرح واضح ۽ بلند آهي. هن جي چهري تي اڄ به علم، شعور ۽ پنهنجيءَ قوم سان اٿاهه وابستگيءِ سبب اورچائيءَ ۽ عزم جا اهڃاڻ عيان آهن. هو اڄ به هن ضعيف العمريءَ ۾ هر موقعي تي اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. پنهنجي قوم جي نئين نسل کي اوهام پرستيءَ ۽ رجعت پسنديءَ بدران سائنسي علم ۽ فلسفيانه شعور جا سبق ڏئي ٿو، کين بدظنيءَ ۽ مايوسيءَ ۾ اُلجهڻ بدران اُتساهه ۽ جدوجهد جون راهون ڏسي ٿو.

• سنڌي سماج جي پست حاليءَ جو هڪ بنيادي سبب اُن جي علمي غربت به آهي. ڪنهن به سماج جي علمي ۽ ذهني غربت (Intelectual Impoverishment) ئي هر قسم جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي غربت ۽ محروميءَ جو سبب هجي ٿي. سنڌي سماج به صدين کان ’علمي غربت‘ جو شڪار رهيو آهي. هڪ طرف اسين پاڻ ماضيءَ ۾ ڪي غير معمولي عالم ۽ صحيح سائنسي سُرت جا صاحب پيدا نه ڪري سگهياسين، ته ٻئي طرف ٻاهرينءَ دنيا ۾ جيڪي سماج علمي ۽ فڪري تحريڪ جا ڳڙهه ۽ مرڪز هئا، تن سان به پوري لاڳاپي ۾ نه اچي سگهياسين. نتيجي ۾ هڪ طرف طويل علمي ۽ فڪري ويڳاڻپ جو شڪار رهياسين ته ٻئي طرف اسان ۾ شعور جي اُها پختگي پيدا ٿي نه سگهي، جيڪا تبديليءَ ۽ ترقيءَ  جو جوهر هوندي آهي هلندڙ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اهو جمود ادبي ميدان ۾ ڪنهن حد تائين مرزا قليچ بيگ ٽوڙيو ۽ اڳتي هلي فڪري ۽ علمي ميدان تي اهو جمود اسان جي هن ڏاهي انسان محمد ابراهيم جويي ٽوڙيو . جيئن مرزا قليچ بيگ کان پهرين شيڪسپيئر، بيڪن ۽ اَيڊيسن سنڌ لاءِ قطعي اوپرا هئا، تيئن محمد ابراهيم جويي کان پهرين پليو ٽارچ، روسو، جارج پوليزر، پائلوفراري، اينڊ بلائيٽن، برٽالٽ بريخت، هاورڊ مُئر، اسٽيفن  زويگ، لارڊ بائرن ۽ ايم. اين . راءِ به اجنبي هئا جويي صاحب پنهنجي مثالي ترجمن ۽ فڪري غربت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، ته  ٻئي طرف دنيا  جي جديد علم ۽ سائنسي توڙي فلسفيانه فڪر کي سنڌي سماج ۾ دخلڪار ڪري، سنڌ کي صدين جي روايتي فڪري ويڳاڻپ مان ڪڍڻ جي شروعات ڪئي. اهوئي سبب آهي، جو شيخ اياز کان وٺي سراج تائين، حسام الدين راشديءَ کان وٺي عثمان ڏيپلائي تائين، رسول بخش پليجي ۽ الهداد ٻوهيي کان وٺي ويندي فقير محمد لاشاري تائين سنڌ جا هن دور جا لڳ ڀڳ سڀ اڪابر جويي صاحب کي پنهنجو فڪري ۽ ادبي اُستاد سڏيندا رهيا آهن، ۽ اهڙو اعزاز قومن جي تاريخ ۾ تمام ٿورڙن ماڻهن کي ئي نصيب ٿيندو آهي.

• جويي صاحب جو ڪتاب ’ادب، ٻولي، تعليم‘، سندس چونڊ لکڻين جي چئن جلدن تي مشتمل ڪتاب ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ جي سلسلي جو ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو ’روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، جهڙي سٺيءَ ساک رکندڙ اشاعتي اداري طرفان شايع ٿيو آهي. جڏهن ته هن سلسلي جو پهريون جلد ’نئين سنڌ اڪيڊمي‘، ڪراچي هٿان شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو هو، ۽ سنڌ جي سنجيده پڙهندڙن وٽ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو. هن سلسلي جو هيءَ ٻيو جلد (ادب ، ٻولي، تعليم) به پنهنجي مواد جي علميت ۽ افاديت، چونڊ ۽ خاص رٿا ۽ ترتيب سبب وڏيءَ اهميت جو حامل آهي. ڪتابن جي سموري مواد کي موضوعن ۽ مزاج جي لحاظ کان درجي بند ڪري، ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايو ۽ ترتيب ڏنو ويو آهي، جيئن پنهنجي عنوان مان ظاهر آهي، هيءَ ڪتابُ ادب، ٻوليءَ ۽ تعليم جي ڪارج بابت جويي صاحب جي ويچارن، روين ۽ نقطي نظر جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري ٿو.

ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ’ادبي سنگت‘، ’مهراڻ‘ ۽ ’سنڌو‘ بابت ڊاڪٽر دائود پوٽي، رحميداد مولائي شيدائيءَ ۽ احمد بشير جي لکيل مضمومنن جي ’آراڌنا‘ (دعائيه پيشبنديءَ) کان پوءِ 1- 1955ع کان وٺي 4-1956ع تائين ’مهراڻ‘ جي اٺن اشاعتن ۾ غلام محمد گراميءَ ۽ جويي صاحب جي لکيل ايڊيٽوريلن، ٻارن جي ادبي پرچي ’گل ڦل‘ ۾ غلام ربانيءَ ۽ جويي صاحب جي ادارين ۽ ’مهراڻ‘ ۾ شيخ حفيظ، رسول بخش پليجي، جمال ابڙي، شيخ راز، محترمه شمس صديقيءَ، بشير مورياڻيءَ، ثميره زرين ۽ ٻين ادب دوستن جي ادبي خطن ۽ پرهندڙن جي پيغامن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ ’مهراڻ‘ ۽ ’گل ڦل‘ جا اداريا ۽ انهن ۾ شايع ٿيل اديبن ۽ پڙهندڙن جا خط پيغام شامل ڪرڻ جو هڪ خاص مقصد آهي_ ۽ اُهو هيءَ آهي ته جئين اها ڳالهه ادبي اتهاس جي رڪارڊ تي رهي ۽ هن دور جي نوجوانن کي معلوم به ٿي سگهي ته جويي صاحب اُن زماني ۾ جڏهن هو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽’مهراڻ‘ جو سرپرست ۽ ايڊٽير هو، تڏهن هُن ڪهڙي سوچ ۽ ساڃاهه تحت سنڌي ادب جي آبياري ڪرڻ ٿي گهري ۽ اُها عملاً ڪري به ڏيکاري. محمد ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ٿي اچڻ، سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ پس و پيش سنڌي عوام لاءِ ڀاڳ سڀاڳ ثابت ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ، دنيا جي جديد علمن ۽ فڪري سرچشمن جي ڦهلاءَ جي مرڪز ۽ ذريعي طور، انيڪ ڪتابي رٿائن، دنيا جي شاهڪار ڪتابن جي سنڌيءَ ۾ ترجمن ۽ مهراڻ ۽ گل ڦل رسالن وسيلي دنيا جي جديد فڪري ادب ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪ جو مهندار بڻجي ويو. هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ان جو آئينه دار آهي. مهراڻ جي ادارين ۽ اُن ۾ شايع ٿيل اديبن ۽ پڙهندڙن جي راين، تبصرن ۽ خطن جي مواد مان ئي پتو پوي ٿو ته جويو صاحب سنڌي ادب جي معيار کي ڪيڏين نه بلندين تي کڻي ويو هو. اُنهيءَ ئي زماني ۾ جمال کي ابڙو هڪ افسانه نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور اڀريو، رسول بخش پليجو ادبي تنقيد ڏانهن مائل ٿيو ۽ شيخ اياز جي شاعري پنهنجي بلوغت کي پهتي. مهراڻ جا اداريا ۽ پڙهندڙ توڙي اديبن جا تبصرا ۽ خط پڙهي محسوس معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ئي اهو  دور هو، جڏهن جديد سنڌي ادب جا بنياد پئجي رهيا هئا ، ۽ ان سڄي سفر جي سرواڻي سنڌي ادبي بورڊ، مهراڻ، ۽ پس و پيش سائين محمد ابراهيم جويي ٿي ڪئي. اڄ جڏهن اسان جي ادبي ماحول ۾ سنجيدگي، علميت ۽ فضيلت جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي؛ تڏهن مهراڻ ۽ گل ڦل ۾ ڇپيل هي مواد تهائين وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو. جو اُن مان پروڙ پوي ٿي ته اُن دور ۾ جويي صاحب جهڙا ماڻهو ادب جي شعور ۽ تنقيدي روايت کي ڪيترو نه مٿاهين درجي ۽ سطح تي کڻي ويا هئا. ادب سنجيده رويا، روايتون ۽ اجحان ئي اعليٰ ۽ معياري ادب جي تخليق جو سبب بڻيا آهن. ان لحاظ  کان اُن زماني کي سنڌي ادب جي معيار ۽ افاديت جي حوالي سان سونهري دور چئي ۽ قرار ڏئي سگهجي ٿو.

ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ’ادب‘ بابت آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي انجمن، حيدرآباد سنڌ، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ جا ۽ بيا جويي صاحب جا لکيل ادبي پڌرناما، مختلف ڪانفرنس ۽ اجتماعن جي موقتي تي سندس پڙهيل صدارتي خطبا ۽ ادب بابت متفرقه مضمون ڏنا ويا آهن. جيتوڻيڪ جويي صاحب پاڻ اعليٰ پايي جو اديب آهي، پر ادب بابت هن جو نظريو توڙي رويو عام رواجي قسم جو ۽ سطحي ناهي. جويي صاحب هڪ انسان دوست ۽ وطن دوست دانشور ۽ اديب آهي ۽ ساڳئي وقت هو فلسفي ۽ تاريخ جو شاگرد به آهي، ان ڪري هن جو ادبي نقطي نگاهه ڏاڍو گهرو، وسيع لطيف ۽ بيحد ذميوارانه آهي. ڪاب جو ٻيو ڀاڱو جيڪو ادب بابت آهي، دراصل جويي صاحب جي ادبي شعور ۽ ادارڪ جو آئينه دار آهي. اچو ته ان لاءِ سندس ئي بيان ڪيل بنيادي ڳالهين تي نظر وجهون:

’ادب رڳو واندڪائيءَ جي وندر نه آهي، پر ان سان گڏ انسان جي زهن کي اڇي اُجري ۽ صاف ڪرڻ جو هڪ آزمايل وسيلو پڻ آهي. ادب ئي آهي جو پڙهندڙن جي دلين ۾ جذبا ۽ اُمنگ اُڀاري سندن ذهن کي صحيح سمجهه ۽ شعور سان روشن ٿو ڪري. ادب ئي آهي، جو پنهنجي آس پاس جي سمورين ڪمزورين ۽ ڪُڌاين، اوڻاين ۽ اُڍنگاين تان پردا لاهي، پڙهندڙن جي دلين ۾ انهن بڇڙاين سان ڀريل سماج کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جا اُمنگ ۽ ارادا پيدا ٿو ڪري ۽ سندن سامهون اُهي رستا ۽طريقا پڻ روشن ٿو ڪري، جن جي مدد سان هو پنهنجي زندگيءَ جي نظام ۾ دل گهري اصلاح ۽ درستي آڻي سگهن.‘

”ڪافي وقت کان ۽ ويندي هيل تائين، سنڌي ادب جي دنيا ۾ جيڪا چُپر يا واڌ ڏسجي ٿي، اُها گهڻي قدر هڪ خاص قسم جي ادبي پيداوار تائين محدود آهي، جنهن کي عام پسند، نيم سياسي ۽ داخلي سرچاءِ جو ادب چئي سگهجي ٿو. سائنسي ۽ فني ادب ته هونئن ئي ڪو خاص اسان وٽ نه اڳ ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ نه هاڻي  ئي ڪو گهڻو پيدا ٿو ٿئي. پر خالص ادب جي ذخيري  ۾ پڻ، جنهن ۾ شعر، افساني ۽ تنقيد جون صنفون شامل آهنج، ڪي ڳاڻ ڳڻيا اضافا ٿي سگهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ايندڙ ڏهن سالن ۾ گهٽ ۾ گھٽ ٻه هزار چونڊ ڪتاب مختلف علمي، سائنسي، فني ۽ ادبي نوع جا، دنيا جي ڪن ترقي ڪيل ٻولين، خاص طرح انگريزيءَ مان ترجما ٿي پڌرا ٿيڻ گهرجن…“

”ادب جي تخليق جو وڏي ۾ وڏو سرچشمو حسن ۽ عشق آهي، سڄيءَ زندگيءَ جي جدوجهد جو تحت آهي ئي زندگيءَ جي ڪوجهائيءَ کي گهٽ ڪرڻ ۽ اُن جي سونهن کي وڌائڻ. اديب يا فنڪار جي دل ۾ تخليقي اُڌمو  اُٿي ئي انهيءَ لاءِ ٿو ته جيئن زندگيءَ جي ڪنهن ڪنڊ، ڪنهن پاسي ۾ حسن پيدا ٿئي. شعر شاعري، اسٽيج ۽ ناٽڪ، مصوري، راڳ ۽ رقص، مجسمي سازي-اها سڄي ڪاوش زندگيءَ ۾ حسن کي جنم


(*)  هن وقت جويي صاحب جي عمر 87 سالن کان مٿي آهي . (ت.ج)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org