سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :3

شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو 2000ع کان ميمبر آهي.

* ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد، جو هڪ وڏي عرصي کان وٺي وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي.

(پ) محمد ابراهيم جويي جا اُستاد:

(1) اوائلي اُستاد:

* ٽيڪن مل، آراضيءَ وارو، جنهن وٽ ’آباد‘ ۾ چار درجا سنڌي پڙهيو.

* محمد صالح ٻگهيو، ڇِني (تعلقي جوهيءَ) وارو، جنهن وٽ ڳوٺ لڪي تيرت (هاڻي لڪي شاهه صدر) ۾ ٻه درجا، پنجون ۽ ڇهون سنڌي، پڙهيو.

* ماستر فيض محمد ميمڻ، مٺياڻيءَ وارو، جنهن وٽ اي. وي. اسڪول سن ۾ ٽي درجا انگريزيءَ جا، ماستر نيڀراج وٽ پنجون، ڇهون درجا اٿلائي  ۽ ستون درجو هيڊ ماستر مسٽر پرسراءِ ٽهلراماڻيءَ وٽ سنڌي پڙهي پورا ڪيائين.

* اُتي سن ۾ ئي سائين جي .ايم. سيد جا قائم ڪيل مڪتب ۾ مولوي محمد صالح سيال، دادوءَ واري، وٽ فارسيءَ جو درس ورتائين.

(2) سنڌ مدرسي جا اُستاد:

-ڊاڪٽر عُمر بن محمد دائودپوٽو (پرنسپال)

- ايڇ.ايف.ايل.ٽي.هئريسن(پرنسپال)

- خانصاحب مُريد علي

- مولوي ميان عبدالرحيم مگسي

- مولوي قاضي عبدالرزاق

- عبدالقيوم شيرواني

- مسٽر نهالچند

- محمد عبدالعزيز

- مسٽر آر.بي. ٽالڪر

- مسٽر ڀڳت سنگهه

- آغا تاج محمد خان پٺاڻ

- آغا سليم صفوي

    (3) ڊي. جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ جا استاد:

- پرنسپال، اين. بي(نارائڻداس بولچند) ڀُٽاڻي

- ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

- پروفيسر ٽي. ايم. آڏواڻي

- پروفيسر اجواڻي

- پروفيسر منگهارام اُڌارام ملڪاڻي

- پروفيسر اي.ايل.شيخ

- ڀيرومل مهرچند آڏواڻي

    (4) گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج بمبئيءَ جا استاد:

- پروفيسر سِيل(پرنسپال)

- پروفيسر عبدالرئوف سيد

- پروفيسر ٻُڌراڻي

- پروفيسرڪار

- ڊاڪٽر ميسِ پنندِيڪر

   (ڀ) جويي صاحب جا ڪي اهم شاگرد:

- عبدالله جي. ميمڻ مرحوم

- محسن عباسي مرحوم

- علي احمد بروهي

- رسول بخش پليجو

- رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي

- ڊاڪٽر آفتاب قريشي

- تاج محمد قريشي

- جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ

- سرجن علي محمد انصاري

- عبدالحفيظ لاکو

- غلام علي ميمڻ، وڪيل، مرحوم

- غلام محمد خليفو

- ساقي مرحوم

- شمشير الحيدري

- ع.غ.ميمڻ

- ابن حيات پنهور مرحوم

- (۽ ٻيا ڪيئي لائق فائق شاگرد، جيڪي حال حيات آهن، جن کي پاڻ دعائون ڪن ٿا)

(ت) ڪي اهم ڳالهيون:

پهريون سنڌي مضمون: ’پڃري جا پکي‘-ستين ڪلاس ۾،14 سالن جي       عمر ۾ لکيائين.

پهريون انگريزي مضمون:Democracy in School  Administration`

پنهنجي نالي سان لکي، سنڌ مدرسي جي ’ڪرانيڪل‘ ۾، 1946ع ۾، ڇپايائين.

پهريون تعليمي مددگار: سائين جي. ايم. سيد

ٻه مفڪر ، جن کان متاثر ٿيو: سائين جي. ايم. سيد ۽ ايم. اين.راءِ

پهرين پارٽي، جنهن ۾ شامل ٿيو Radical Democratic party

پهريون ڪتاب، جيڪو ترجمو ڪيائين: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب ‘Historical role of Islam’                 جو ترجمو: اسلام جو تاريخي

               ڪارنامو (1945ع)

پهريون طبعزاد ڪتاب:1946ع ‘Save Sindh, Save the continent…

پهرين ملازمت: سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ٽيچر‘ طور مقرري (1938ع)

پهريون ايڊيٽر: سماهي مهراڻ، 1955ع

(ٺ)جويي صاحب جو اولاد:

- چار پُٽ، ٻه نياڻيون:

* منور علي جويو: حال جنرل مئنيجر، پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ڪراچي.

* مظفر علي جويو: حال ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايريگيشن ، حيدرآباد

* محبوب جويو: حال ڊائريڪٽر ٽيلفونز((P.T.C.L ڪراچي.

* منصور علي جويو: ڊاڪٽر ((M.B.B.S، شاهه لطيف هاسپيٽل، لطيف آباد

* نيلوفر: بي.اي.ايم.ايڊ، ڪهاڻيڪار، ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اُستاد، وفات:13-1-1999ع

* نرگس: بي.اي پڙهيل، (گهرو عورت)

(ٽ)پتو:

گهر نمبر A-41،صحافي ڪالوني، جيل روڊ، حيدرآباد، سنڌ

فون نمبر:0221-612419 (گهر)

 720280-0221 (سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ) 

محمد ابراهيم جويي جو قلمي پورهيو

ڇپيل ڪتاب : طبعزاد ۽ ترجما:

(1)’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘-ايم.اين. راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’ جو ترجمو، 1945ع.

(2) ‘Save Sindh- Save the Continent’- Ist Edition. June. 1947;  Sindh Renaissance Association. Karachi.

2nd Edition: Creative Communications, Sindh Democratic Party, Hyderabad. August, 2002

(3) ’ايميلي عرف تعليم:‘ جي. جي. روسو جي ڪتاب- ‘Emile or Education’ جي انگريزي ترجمي جو اختصار-پهريون ڇاپو، آزاد بڪ ڊپو، حيدرآباد، 1949ع؛ ڇوٿون ڇاپو، مهراڻ پبلشرز، ڪراچي 1995ع.

(4) ’سماجي اڀياس‘ (تاريخ)(نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ): مصنف: پروفيسر نورالڪريم ۽ مسٽر ڪليم الدين پئيان؛ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن، آگسٽ، 1961ع

(5) “The Sindhi Instructor’: Munshi Anandram, 1905, Revised by: Muhammad Ibrahim Joyo, second Edition 1971, 3rd Edition 1983, Sindhi Adabi Board. Jamshoro.

(6) ’ٻارن جي تعليم‘: پليو ٽارچ جي ڪتاب ‘Education of Child’ جي انگريزي ترجمي جو سنڌي ترجمو، پهريون ڇاپو،1972ع؛ ٻيو ڇاپو، مهراڻ پبلشرز، ڪراچي، 1995ع.

(7)’وحشي جيوت جا نِشان‘؛ هاورڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو، پهريون ڇاپو، 1976ع؛ ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1994ع

(8)’سنڌي زابان جي بنيادي لغت‘: (بنيادي لغت، وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)‘ سنڌي ادبي بورڊ، حيدر آباد، 1976ع(ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل)

(9) ’فڪر جي آزادي‘: اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’  جو ترجمو: پهريون ڇاپو، جون 1977ع: ٻيو ڇاپو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1997ع

(10) National Unity: G.M. Sayed, (Translation and Foreword); Syed and syed Karachi

(11) گليلو،: ڀرٽالٽ بريخت جي ڊرامي جي ڪتاب “Life is Gallileo” جو ترجمو، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو ساسوئٽي، حيدرآباد، سنڌ، سيپٽمبر 1977ع؛ ٻيو ڇاپو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، 1997ع

(12)’ڪئنڊيد‘: والٽيئر (ترجمو: الهرکيو پريو، شمشير الحيدري ۽ سومار علي سومرو)، تصحيح، تعارف ۽ نوٽ : محمد ابراهيم جويو؛ پهريون ڇاپو، جون 1977ع؛ ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، اپريل،1995ع

(13)’شاهه-سچل-سامي‘:(1689-1850-هڪ مطالعو): پهريون ڇاپو، 1978ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد؛ پنجون ڇاپو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1990ع

(14)’ٻارن جو مسيح‘: اينڊبلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s life of Christ’ جو ترجمو، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي ، حيدرآباد، 1980ع

(15)’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘: (ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره)، سسئي پبليڪيشن، سلطان آباد، سيپٽمبر 1980ع

(16) ’عورتازاد‘(عورتن جي تحريڪ آزادي): ترتيب ۽ ترجمو، سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد، 1983ع

(17)’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘: مصنف: جارج پوليزر جي فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب جي انگريزي ترجمي: ‘An Elementary Course in Philosophy’ جو سنڌي ترجمو، ڇاپو پهريون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، 1984ع

(18)’علم تدريس مظلومن لاءِ‘ پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’  جو ترجمو، عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، سنڌ، نومبر، 1984ع

(19)’محڪريءَ جا مضمون‘: جي. ايم.مهڪري (ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ؛ پهريون ڇاپو 1983ع: ٻيو ڇاپو، عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، سنڌ، 1985ع

(20)’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم‘: (ترتيب)، سنڌ فرينڊس، سرڪل، حيدرآباد، سنڌ 1985ع

(21) ”فرينج انقلاب‘: ايميل ايرڪمن ۽ اليگزانڊر چيتريان، (ترجمو)، نيوفليڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ 1990ع

(22)’مُٺِ مُٺِ موتين جي‘: (هفتيوار’هدايت‘، حيدرآباد ۾ آيل مواد مان چونڊ)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ، 1992ع

(23)’هوُءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ پهرين جلد): مضمون ۽ ترجما؛ نئين سنڌ اڪيڊمي، ڪراچي، آگسٽ، 1995ع

(24) ’ادب-ٻولي- تعليم‘: (’هوُءَ جا ٽمڪي باهڙي‘جلد ٻيو)،سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ، سيپٽمبر، 1998ع

(25) ’خط ٻن اديبن جا‘ (عبدالقادر جوڻيجو-محمد ابراهيم جويو)، سنڌي اديبن جي سهڪاري سگنت، حيدرآباد، 1999ع

(26) ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو پهريون( هوءَ جا ٽمڪيءَ باهڙي، جلد ٽيو) (1992-1947ع) پيش لفظن جي صورت ۾، ڪتاب شيخ اياز ۽ ابراهيم جويي جا، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ، جنوري، 2002ع

(27) ’خط ٻن اُستادن جا‘: (محمد ابراهيم جويو-غلام علي چنا)، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ، مارچ، 2003ع

(28) Sindhu Desh: The Nation in Chains: G.M. Syed (Translation & Foreward)

(29) ’ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو-’هوءِ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٽيون): 34 ڪتابن جا پيش لفظ، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد سنڌ، 2003ع

ڇپائي لاءِ تيار ڪتاب:

 .1منهنجا دوست، ساٿي ۽ بزرگ

  .2خط دوستن جا  (جلد پهريون)

  .3خط دوستن جا (جلد ٻيو)

4.  Sindh Betrayd: Her Right to Redemption: Essays and Articles, Letters (1942-2003)

5.  ‘A Manual of Sindhi: By: Dulamal Boolchand 1901,

      Revised by: Muhammed Ibrahim Joyo.

ڇپيل ڪتابچا:

*’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘: اصل انگريزيءَ ۾ ‘Problem of Languages in West Pakistan’   جي عنوان سان، ’سليم احمد‘ جي نالي سان لکيل، مئي، 1969ع، حيدرآباد.

*’سنڌ دائم رهي، سنڌ سالم رهي‘: (ون يونٽ جي خاتمي تي سنڌ کان ڪراچيءَ جي علحدگيءَ جي اُٿيل سوال بابت ’يار محمد ابن حيات پنهور‘ جي نالي سان ڇپايل)، حيدرآباد، 1969ع

*A word of Advice To the teacher o his entry in the Department: M.I. Joyo, Inspector of schools Khairpur. Division, 9.12.1971.

*’ٻه لفظ صلاح جا-اُستاد لاءِ‘:پهريون ڇاپو، ڊسمبر 1971ع، ٻيو ڇاپو: ڊسمبر 1983، ٽيون ڇاپو: سيپٽمبر 1984ع، ڇوٿون ڇاپو: ٽي.آر.ڊي حيدرآباد 2001ع، پنجون ڇاپو، پندرهن روزه عبرت مئگزين -1 مارچ 2003ع

* Sindhi language – An Appecal for Justice’: Sindh Friends Circle, Hyderabad. 1983

*ڪريڪيولم- ڇا آهي؟‘سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد، سنڌ، 1987ع

*’ادب ۽ سياست-عوام لاءِ‘ (ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي شعري ڪليات-’جيئي سنڌ، جيئي سنڌ‘ جي اشاعتي مهورت – 24 آڪٽوبر 1988ع جي موقعي تي پڙهيل تقرير)، سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد، سنڌ، جنوري 1989ع

*’سنڌ منهنجي خوابن  جي‘: (مارچ، 20-1987ع تي شاهه عبداللطيف ڪلچر سوسائٽي، ڪراچيءَ جي ’سنڌي معاشرو ۽ سنڌ سڀاڻي‘ جي موضوع تي سڏايل سيمينار ۾ پڙهيل صدارتي تقرير)، سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد، سنڌ 1987ع

‘Pakistan, What Becomes of It’: Sindh Friends Circle, Hyderabad, Sindh, 1987.

*شلان جو باندي‘:لارڊ بائرن جي طويل نظم The Prisoner of Chillan  جو ترجمو، سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد، سنڌ 1985ع

Pakistan A dream and the unfolding reality: Sindh Friends Cricle, Hyderabab, Sindh,1990.

Let Truth Prevail: A joint press statement against the fascistic politics in Pakistan, july 1995

* چونڊن جو ڌار سرشتو جمهوريت جي روح جي نفي آهي: ڪريئٽو ڪميونيڪيشنز، سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽي، حيدرآباد، سنڌ، جنوري، 2001ع

پڌرناما، ياداشتون وغيره:

*’ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌي ٻولي‘: ڪراچي يونيورسٽي سنڊيڪٽ آڏو پيش ڪيل ڪراچيءَ جي سنڌي شاگردن جي ياداشت:1956ع

* پڌرنامو: ’سنڌي ادبي انجمن‘: حيدرآباد، سنڌ، 1960ع

* ’سنڌي اديب ڇا ڪن؟‘: سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد جو پڌرنامو، حيدرآباد، 1973ع

*’نظام مساوات-اتحاد ۽ آزديءَ جو نئون صبح‘: سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي، ڪراچيءَ، جو پڌرنامو، 1982ع

*’سنڌي ٻوليءَ ڪائوسل‘قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ مختلف مڪتبهءِ فڪر جي ماڻهن جي اپيل: 1983ع

*’سنڌي ٻوليءَ لاءِ سنڌي قوم جون ذميواريون‘؛ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي پيڙهه جي پٿر رکجڻ جي موقعي تي اداري جي مقصدن ۽ عملي رٿائن بابت پڙهيل تقرير: فيبروري، 1994ع

انگريزيءَ مان اهم ترجما:

*’انسان ۽ سندس دنيا‘: آمريڪي عالم’جان وئن دون سائوٿ ورٿ‘ جي مضمون ’What do we know of Man and his World‘ جو ترجمو؛ سماهي مهراڻ، 1-1956ع

*’انساني عيربرابريءَ جي ابتدا‘:فرينچ عالم ۽ مفڪر’جي. جي. روسو‘ جي مضمون ‘The Origin of Human Inequality’  جو ترجمو : سماهي مهراڻ، 4-1956ع

*’ٻاهرينءَ دنيا بابت اسان کي ڪهڙي ڄاڻ آهي: سي.ايم. جوڊ جي ڪتاب ‘Guide of Philosophy’ جي پهرين باب جو ترجمو: سماهي  مهراڻ، 1-2/1957ع

*’شاعريءَ جو سماجي ڪارج: ٽي. ايس. ايليٽ (ترجمو)، سماهي مهراڻ، 3-4/1960ع

*’جديد دور ۾ بين الاقوامي تعون جو مسئلو‘: اي.ڪي.بروهي، ترجمو: محمد ابراهيم  جويو ۽ سومار علي سومرو: سماهي مهراڻ، 1-2/1965ع

*’جمهوريت انسان ذات لاءِ،: اي فونيسڪا پامينٽل جي مضمون ‘Democracy for Mankind’  جو ترجمو، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 12 مارچ  1981ع

*’باغي‘: البرٽ ڪامئو جي ڪتاب ‘The Rebel’ جي پهرين باب جو ترجمو، هلال پاڪستان، هفتيوار مخز، 24-31 مئي،1981ع

*’اسڪر روميرو-غريبن جو ريڍار‘: جيمس. آر. براشمن جي مضمون جو ترجمو، هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد، اپريل، 1984ع

*-’فرقيواريت جون پاڙون‘: ترجمو روزاني’مسلم‘، 1- جون 1984ع تان، جنهن هي مضمون ’ٽائيمس آف آنڊيا‘ تان کنيو. هفتيوار هدايت، حيدرآباد.

*’آنند ون‘: اِرون چڪو: (ترجمو، ’ورلڊ پيپر‘، جون 1984ع تان)، هفتيوار’هدايت‘، حيدآباد، 19 جون، 1984ع

*- ڦٽڪو، جنهن کي آواز هو: مهرنگار مسرور، (ترجمو: روزانه ’ڊان‘ ڪراچي، 27-جولاءِ، 1984ع تان)، ماهوار ’هدايت‘، حيدرآباد

*’ڇا چاپلوسي اسان جو گڻ آهي؟‘: عزيز بيگ، (ترجمو: روزانه ’ڊان‘ ڪراچي)، ماهوار ’هدايت‘، ڪراچي.

*’سماجي معاهدو يا سياسي حقن جا اصول‘: ڀاڱو پهريون(تمهيد)؛ باب ٻيو؛ ’اوائلي سماج‘؛ باب ٽيون؛ ‘سڀ کان ڏاڍي جو حق‘؛ باب ڇوٿون ’غلامي‘؛ باب پنجون ’پهرئين اجتماع ڏانهن موٽڻ هميشه ضروري آهي‘: ’جي. جي. روسو‘( ترجمو: غلام حيدر چنو ۽ محمد ابراهيم جويو)؛ هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد، 2-6-1984، 12-6-1984ع، 28-6-1984ع

*’سائنس جو خاموش موت‘: (انگريزيءَ مان ترجمو)، هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد، 28-6-1984ع

*’ڪوڪو سهڻو ماڻهو‘: (’هڪ گمنام محب وطن‘ جي زندگيءَ جو  انگريزيءَ مان ترجمو)، ’پرهه ڦٽي، ڪتابي سلسلو -3، مهراڻ مرڪز، گهنٽا گهر، سکر، آڪٽوبر، 1986ع

*’بامقصد فلسفو‘:’مارڪس ڪارن ڦرٿ‘ جي ڪتاب ‘Dialectical Materialism’ جي پهرئين ۽ ٻئي باب جو ترجمو، ماهوار ’ساڃاهه‘، ڪراچي، 1989ع.

 *His Life and Times:Zulfi Bhutto of Pakistan مصنف Stanley Wolpert جي ڪتاب جي آخري باب جو سنڌي ترجمو، روزاني عبرت، حيدرآباد، سنڌ، 2001ع.

اهم مهاڳ/پيش لفظ/ ٻه اکر وغيره:

(الف) شيخ اياز جي ڪتابن جا مهاڳ:

*’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘: شيخ اياز، (مهاڳ)؛ ڇپائيندڙ غلام رباني آگرو،3 سول لائنز، حيدرآباد، ڊسمبر 1963ع

*’جل جل مشعل جل…‘: شيخ اياز، (مهاڳ)، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد، 2-مارچ 1967ع

*’هي گيت اُڃايل مورن جا‘؛ شيخ اياز (مهاڳ)، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد،19-فيبروري، 1968ع

*’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘: شيخ اياز(مهاڳ)، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، سنڌ 1973ع

*’وڄون وسڻ آئيون‘: شيخ اياز(مهاڳ، ع.ق شيخ جي نالي سان ڇپايل)، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، سنڌ،1973

*’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘: شيخ اياز (مهاڳ)، سنڌي ادبين جي ڪو آپريٽو سوسائٽي، لميٽڊ، حيدرآباد، سنڌ، ڊسمبر، 1976ع

*’لڙيو سج لڪن ۾‘: شيخ اياز، (مهاڳ)، نيو فيلڊس پبليڪشن، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، فيبروري، 1980ع

*’ راج گهاٽ تي چنڊ‘: شيخ اياز، (مهاڳ)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد، نومبر 1987ع

*’بڙ جي ڇانو اڳي کان گهاٽي‘: شيخ اياز (مهاڳ)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، جون، 1988ع

*’اڳتي قدم‘: (آگسٽ-سيپٽمبر-آڪٽوبر 1947ع): ايڊيٽر-شيخ اياز، جي نئين ڇاپي (ٽي پرچا گڏيل هڪ ڪتاب ۾) جو پيش لفظ، شيخ اياز فائونڊيشن، حيدرآباد، سنڌ، 2001ع

*’اڪ جو ڦلڙيون، ڀيڄ ڀني‘: (شاعري): شيخ اياز، ٻيو ڇاپو (مهاڳ) شيخ اياز فائونڊيشن، حيدرآباد، ڊسمبر، 2002ع

(ب) ڪلاسيڪي، لوڪ ۽ جديد شاعرن جي ڪتابن جا مهاڳ، ٻه اکر وغيره.

*’لاٽ‘؛ شمشير الحيدري، (بئڪ ٽائيٽل نوٽ)، اداره ادب نؤ، حيدرآباد، سنڌ، 1961ع

*’آزاد گهرجي وطن‘: خاڪي جويو، (مهاڳ): ڇپائيندڙ: غلام حيدر جويو، مارچ، 1973ع

*’جاڙا چنڊ‘:(شاعري)؛ الطاف عباسي، (ناشر طرفان(پيش لفظ))، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، اپريل 1979ع

’پيلا گل پلاند ۾‘: اياز گل، (مهاڳ) سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ، ڊسمبر، 1980ع 

*’ٽم ٽم ٽانڊاڻا‘: مختيار ملڪ جا ٻاراڻا گيت، (مهاڳ)، سنڌي اديبن جي سهڪار سنگت، حيدرآباد، سنڌ، ڊسمبر، 1980ع

*’شاهه جي رسالي، رسالي سچل سرمست ۽ ساميءَ جي سلوڪن‘

 جي ٽه- ڪتابائين اشاعت: (گذارش)، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 1978ع

*’ٻارن جو شاهه‘:(شاهه جي رسالي جو انتخاب): مرتب: انور هالائي، سنڌ گرئجوئيش ائسوسيئيشن، ڪراچي، فيبروري، 1982ع

*’سونهاري جي سونهن‘: سگهڙ هدايت علي رڏ جي ڪتاب جو پيش لفظ، مرتب: حسين بخش رڏ، سگهڙ سنگت، نارو ريگستان، آگسٽ، 1983ع

*’اکيون پسي آڻيون‘: دين محمد اڪرم ٻورڙائي(بئڪ ٽائيٽل نوٽ)، ڇپائيندڙ: خادم حسين شورو، وڪيل، ڪوٽڙي،1983ع

*’گوندر ويندا گذري‘: ابراهيم منشي، (مهاڳ)، پريم نگر پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ، 1985ع

*’اباڻي اڪير‘: نرنجڻ دوداڻي،(مهاڳ)، سنڌ ڪلچر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي، ڪراچي، 1985ع

*’ساميءَ جا سلوڪ‘جلد پهريون : ترتيب: پروفيسر بي.ايڇ. ناگراڻي، (ناشر طرفان)؛ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 1992ع

* ’ساميءَ جا سلوڪ‘ جلد ٻيو: بي. ايڇ ناگراڻي، (ناشر طرفان)؛ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 1992ع

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org