سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :12

 

فيڊرس منھنجي تقرير بس اھا ئي آھي، جنھن ۾ خوش طبعي بھ آھي تھ گنڀيرتا ۽ سنجيدگي بھ. پنھنجي قابليت مطابق، اھا ئي گاڏر ساڏر، جيڪا مون جوڙي آ، سا آءُ پيار ديوتا جي نالي سان ارپيان ٿو. شل کيس قبول پوي.“

ارسٽوڊيمز ٻڌايو تھ جڏھن اگيٿون ڳالھائي بس ڪئي تھ سڀئي ٻڌندڙ ڏاڍا سرھا ٿيا ۽ مڃيائون تھ نوجوان شاعر پنھنجي ۽ ديوتا جي شان وٽان ئي ڳالھايو آھي، جنھن جا ٻئي لائق آھن. پوءِ سقراط اريڪسيميڪس ڏانھن ڏسندي چيو:

”اڪيومينس جا فرزند! ڇا اڃا تون ائين سمجھين ٿو تھ مون جن خوفن کان خوف پئي کاڌو، انھن خوفن لاءِ مون وٽ ڪو سبب ڪو نھ ھيو؟ ڇا مان سچو پيغامبر نھ ھيس، جڏھن مون چيو ھو تھ اگيٿون ھڪ ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيندڙ تقرير ڪندو؟ ۽ اھو تھ مون وٽ ڳالھائڻ لاءِ باقي ڪجھھ نھ بچندو. سو اچي پريشان ۽ ششدر ٿيندس.“

”مان اگيٿون متعلق تنھنجي پيغمبرانھ راءِ کي تھ قبول ڪيان ٿو.“ اريڪسيميڪس وراڻيو ”پر جيتريقدر تنھنجو اھو چوڻ آھي تھ تون اچي مشڪل ۾ ڦاٿو آھين جو تو وٽ ڳالھائڻ لاءِ ڪجھ ڪينھي، تھ مان اھو مڃڻ جي لاءِ تيار ناھيان.“

”منھنجا مٺا سائين! ڀلا آخر مان يا ڪو ٻيو، ڪيئن نھ اچي سوڙھو ٿيندو، جنھن کي ھھڙي شاندار، وسيع، سمجھھ ڀري ۽ مڪمل تقرير ٻڌڻ کانپوءِ ڳالھائڻو پوي؟ سندس تقرير جو پھريون حصو تھ حيرت ۾ وجھندڙ ئي ھيو. پر ان جو پويون حصو! واھھ! ڇا تھ خوبصورتي ھئي. لفظن ۽ فقرن جي! اھو ڪير ٿي سگھي ٿو، جيڪو اھي اکر ٻڌي ۽ سند ھوش خطا نھ ٿين؟ سو جڏھن مان اھو سوچيو تھ مان اھڙي خيالن جي اڏام واري معيار جي ويجھو بھ نھ ٿو وڃي سگھان ۽ مون وٽ چوڻ لاءِ ڪا بھ چڱيءَ شيءِ نھ رھي آ، تھ مان شرم وچان ھتان ڀڄي وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيھي رھيس ۽ واقعي ائين ڪيان ھا جي مون کي فرار ٿيڻ لاءِ ڪا وٿي يا وجھھ ملي ھا. اگيٿون جي تقرير مون کي گورگياس ياد ڏياري ڇڏيو ۽ سندس تقرير جي آخر ۾ تھ، مون کي بلڪل اھو خوف ۽ وھم ويھي ويو تھ منھنجي حالت بھ ”ھومر“ جي قصي جھڙي اچي ٿي آھي ۽ ھن گورگياس جي گورگين مٿي (17) پنھنجي فصاحت ۽ بلاغت سان مون کي پريشان ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آھي تھ جيئن مون کي منھنجي تقرير سوڌو پنڊ پھڻ ڪري ڇڏي ۽ بس ائين گونگو ۽ بي زبان بڻائي ڇڏي.“

سو سقراط، ارسٽوڊيمز چواڻيءَ، ڪجھھ ھيڻن شروعات ڪئي.

”منھنجا پيارا اگيٿون، تو جيڪا ھينئر شاندار تقرر ڪئي ۽ جنھن ۾ تو چيو تھ صحيح طريقو اھو آھي تھ پھريائين اھو ڏٺو وڃي تھ پيار آھي ڇا ۽ ان کان پوءِ ان جا اثر ۽ ڪرشما. شروعات ڪرڻ جو اھو انداز مون کي ڏاڍو پسند پيو. ھاڻي اچون ٿا پيار تي. تون ان جي باري ۾ سمجھھ ڀريي نموني ڳالھايو آھي تھ ھو (پيار) آھي ڇا؟ مان بھ تنھنجو شڪر گذار رھندس. جي تون منھنجي ھن سوال جو جواب ڏيندين. ڇا پيار ڪنھن شيءِ سان ٿيندو آ يا بغير ڪنھن شيءِ جي بھ ٿيندو آ؟ ۽ ھتي مان پنھنجي ڳالھھ کي اڃا واضح ڪيان. مان ائين نھ ٿو چوان تھ ”ڇا پيار ڪنھن پيءُ جو پيار، يا ماءُ جو پيار ھوندو آ؟“ ائين پڇڻ کل جھڙو آھي، پر مٿال طور جي مان ھڪڙو لفظ ”پيءُ“ کني توکان پڇان تھ، ”ڇا پيءُ ڪنھن جو پيءُ ھوندو آھي، يا نھ تھ پوءِ منھنجي خيال ۾، جي تون صحيح جواب ڏيڻ چاھين تھ ھيئن ئي چوندين ”ھائو، پيءُ، ڪنھن پٽ يا ڌيءُ جو پيءُ ھوندو آھي“ ڇا تون ائين نھ چوندين؟“

”ھائو، بلڪل ائين چوندس“ اگيٿون وراڻيو.

”۽ تون ماءُ جي نالي بھ ائين چوندين؟“

”ھائو“

.مان اڃا ھڪ يا ٻھ سوال بيا بھ پڇندس“ سقراط چيو، ”مھرباني ڪري جواب ڏجانءِ تھ جيئن تون منھنجو مطلب بھتر نموني سمجھي سگھين. ڇا ڀاءُ، لازما ڪنھن جو ڀاءُ نھ ھوندو آ؟“

”ھائو ھوندو آ“

.يعني ڪنھن ڀاءُ جو يا ڀيڻ جو؟“

”ھائو.“

”ٺيڪ – ھاڻي مان توکان پيار بابت پڇندس، مون کي اھو ٻڌاءِ تھ ڇا پيار ڪنھن بھ شيءِ سان ھوندو آ، يا اھڙو بھ ڪو پيار آھي، جيڪو ڪجھھ بھ نھ سان ھجي؟“

”اھو تھ بلڪل واضح آ، تھ پيار ڪنھن شيءِ سان ئي ھوندو آھھ“

”تھ پوءِ ھاڻي“ ، سقراط چيو ”اھو ياد ڪندي تھ اھو ڇا ھوندو آھي جنھن سان پيار ھوندو آھي، (18) مون کي ھن سوال جواب ڏي، ڇا پيار کي ان شيءِ جي سڌ ۽ طلب ھوندي آ، جنھن سان کيس پيار ھوندو  آ؟“

”ھائو يقينا ھوندي آھھ.“

”جڏھن ھو ان شيءِ سان پيار ۽ ان جي طلب رکي ٿو تھ ڇا اھا شيءِ ھن وٽ موجود ھوندي آ، يا وٽس نھ ھوندي آ، جنھن جي سڏ ۽ جنھن سان پيار کيس ھوندو آھي.“

”گھڻو ڪري تھ ھن وٽ نھ ھوندي.“

”اونھون“ سقراط ورانيو ”جي تون ھڪ گھڙيءَ لاءِ بھ غور ڪندين تھ توکي معلوم ٿي ويندو تھ، ”گھڻو ڪري“ جي بدران ”لازمي“ لفظ ئي چئبو. ڇا اھو لازمي نھ آھي تھ سڌڙيو ان شيءِ جي ئي سڌ رکندو آ، جيڪا وٽس کتل ھوندي آھي. يا ھو ان جي سڌ نھ ڪري ھا، جيڪڏھن ھن وٽ ان جي کوٽ نھ ھجي ھا. اگيٿون، منھنجي سمجھھ مطابق تھ اھو ئي اس سچ آھي. تون ڇا ٿو چوين؟“

”مان توسان متفق آھيان اگيٿون وراڻيو.

”تمام سٺو، ڀلا اھو جيڪو وڏو ھجي، ائين چاھيندو تھ ھو وڏو ھجي. يا اھو جيڪو سگھارو آھي، سو سگھاري ھجڻ جي سڌ رکندو؟“

”اسان اڳ جنھن تي متفق ٿيا ھئاسين، ان مطابق تھ ائين ناممڪن آ.“

”درست، ڇو تھ ھو جيڪو ڪجھھ بھ آھي تھ ان جي ئي گھر نھ ڪندو. ڇو تھ ھو اھو اڳ ۾ ئي آ.“

”بلاشڪ“

”۽ اڃا“ سقراط چيو ”جي ڪوئي ماڻھو سگھارو ھوندي بھ سگھاري ٿيڻ جي سڌ رکي، يا ڪو تکو ھوندي تکي ھجڻ جي خواھش رکي يا ڪو تندرست ھوندي تندرست ھجڻ جي خواھش رکي تھ پوءِ ائين سمجھبو تھ ھو ان شيءِ جي خواھش رکي ٿو، جيڪا وٽس اڳ ۾ ئي موجود آھي يا جيڪو ھو اڳ ۾ ئي آھي. مان ان نقطي جي ايڏي ڪڙ پڇاڙ ان ڪري ڪيان ٿو. جيئن ڪنھن بھ غلطي يا غلط فھمي کان بچي سگھجي. سو اگيٿون، اھو ظآھر آ تھ انھن ماڻھن وٽ اھي خوبيون موجوده وقت ۾ بلڪل موجود آھن، توڙي جو ھو انھن جي سڌ رکن يا نھ – ڀلا ڪير ان جي ئي سڌ رکندو، جيڪو اوس وٽس آھي. ان ڪري جڏھن ڪو ماڻھو ائين چوي تھ ”مان جيڪو صحتمند آھيان. ان ھوندي بھ چاھيان ٿو تھ مان صحتمند ھجان.“ يا ”مان جيڪو شاھوڪار آھيان ان ھوندي بھ چاھيان ٿو تھ مان صحتمند ھجان.“ يا ”مان جيڪو شاھوڪار آھيان ان ھوندي بھ چاھيان ٿو تھ مان صحتمند ھجان.“ يا ”مان جيڪو شاھوڪار آھيان ان ھوندي بھ چاھيان ٿو تھ مان شاھوڪار ھجان“ ۽ ”مون کي انھن شين جي ئي گھرج آ، جيڪي مون وٽ اڳ ۾ آھن، تھ پوءِ ان کي اسان جو ھي جواب ھوندو ”منھنجا دوست تون جيڪو صحتمند آھين، شاھوڪار آھيان، يا سگھارو آھين، سو حقيقت ۾ اھا سڌ رکين ٿو تھ اھي شيون، تو وٽ لڳاتار مستقبل ۾ بھ موجود رھن. ڇو تھ ھن وقت تھ تو وٽ اھي آھن، ڀلي تون انھن جي خواھش رکين بھ يا نھ، پوءِ جڏھن تون ائين چئين ٿو تھ ”مون کي ان جي ئي طلب آھي، جيڪو مون وٽ موجود آھي، تھ ڇا اصل ۾ تون ائين چئي رھيو آھين تھ ”تو وٽ مستقبل ۾ بھ اھي شيون ھجن، جيڪي ھن وقت تو وٽ آھن، منھنجي خيال ۾ ھو اسان سان سھمت ٿي، ھائوڪار ئي ڪندو. ڇا ھو، ھا نھ ڪندو؟“

”ھائو، ھا ڪندو“ اگيٿون وراڻيو.

”تھ پوءِ“ سقراط چيو“ ان جو مطلب اھو ٿيو تھ ھو اھا سڌ رکي ٿو تھ ھن وٽ ھن وقت جيڪي ڪجھھ موجود آھي، سو مستقبل ۾ بھ وٽس رھي ۽ سدائين ھن سان ساڻ ھجي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تھ ھن کي ڪنھن اھڙي شيءِ لاءِ خواھش ۽ چاھھ آھي، جيڪا وٽس نھ آھي ۽ جيڪا ھن کي اڃا تائين حاصل نھ ٿي آھي.“

”يقينا.“

”تھ پوءِ ھو ۽ ٻيو ھر ھڪ ماڻھو جيڪو، ڪا بھ خواھش رکي ٿو تھ ان شيءِ جي خواھش رکي ٿو جيڪا اڳ ۾ ھن وٽ موجود نھ آھي يا کيس حاصل نھ آھي ۽ جيڪو مستقبل آھي. حال نھ آھي ۽ جيڪا وٽس ڪونھي ۽ جيڪو ھو نھ آھي ۽ جنھن جي گھرج ۽ احتياج ھن کي آھي – اھڙي ئي قسم جي شين جي لاءِ سڌ ۽ پيار ھوندو آھي.“

”ھائو.“

”چڱو تھ پوءِ“، سقراط چيو ”ھينئر تائين اسان جن ڳالھين تي پاڻ ۾ متفق ٿيا آھيون. تن کي سھيڙي وري ورجائي وٺون. پھريون تھ پيار ڪنھن شيءِ جو ڪنھن شيءِ ساسن ئي ھوندو آھي ۽ بيو تھ ان شيءِ سان جيڪا ماڻھو وٽ کٽل ھوندي آھي.“

”ھائو، ائين ئي آھي.“

”چڱو ھاڻي ٿورو ياد ڪر تھ تون پنھنجي تقرير دوران ڇا چيو ھو. جي تون چاھين تھ مان ئي ٿو کڻي توکي ياد ڏياريان، تو چيو ھو تھ خوبصورتي سان پيار آسمان ۾ ديوتائن جي بادشاھي کي ڊؤل ۽ ترتيب ڏني. ڇو تھ بيڊؤلائي ۽ بدصورتي سان پيار ٿي ئي نھ ٿو سگھي. ڇا تون ڪجھھ اھڙي قسم جي ڳالھھ ڪو نھ ڪئي ھئي؟“

”ھائو، مون برابر ڪئي ھئي.“ اگيٿون وراڻيو.

”بلڪل درست، منھنجا دوست ۽ اھو ائين ئي آ تھ پوءِ پيار خوبصورتي جو ئي ھوندو آھي ۽ بدصورتي جو نھ.“ اگيٿون، اھا ڳالھھ مڃي.

”۽ اھو تھ اڳ ۾ ئي مڃجي چڪو تھ پيار ڪنھن اھڙي شيءِ سان ھوندو آ، جيڪا ماڻھو وٽ اڳ نھ ھوندي آھي ۽ جنھن جي سڌ، طلب يا گھرج کيس ھوندي آھھ.“

”ھائو.“

”پوءِ ان جي معنيٰ اھا تھ پيار وٽ خوبصورتيءَ جي کوٽ آھي ۽ کيس ان جي گھرج آھي.“

”اوس ائين ئي آھي.“

”پوءِ ڀلا تون ان کي خوبصورت سڏيندين، جنھن وٽ خوبصورتي آھي ئي ڪو نھ ۽ مورڳو، ھو ان جو گھرجائو آھيئ“

”نھ – قطعي نھ – “

”تھ پوءِ اڃا تون ائين چوندين تھ پيار خوبصورت آھي.“

”سقراط، لڳي ٿو مان الائي ڪھڙي جھان ۾ ھيس ۽ الائي ڇا ڳالھائي رھيو ھيس، جڏھن مون ائين چيو ھو.“ اگيٿون وراڻيو.

”نھ، نھ، اگيٿون – اھا ڏاڍي سٺي تقرير ھئي! بھرحال ھڪ ننڍڙو سوال اڃا آھي، جيڪو مان پڇڻ چاھيندس، ڇا سٺيون شيون پڻ خوبصورت نھ ھوديون آھن؟“

”ھائو“

سو جيڪڏھن پيار وٽ خوبصورتي جي کوٽ آھي ۽ جيڪا شيءِ سٺي آھي سا سھڻي بھ آ، تھ پوءِ پيار وٽ سٺين شين جي کوٽ پڻ ھوندي؟“

”سقراط، توکي رد ڏيڻ يا ڪوڙو ڪري سگھڻ منھنجي وس جي ڳالھھ ناھي. بس جيئن تون چوين ٿو، پاڻ کڻي سمجھون ٿا تھ سچ ئي آھي.“

”منھنجا مٺا اگيٿون نھ – ائين نھ چئھ البت ھيئن چئھ تھ، اھو سچ ئي آھي جنھن کي ڪوڙو نھ ٿو ڪري سگھجي، ڇو تھ سقراط کي تھ آرام سان ڪوڙو ڪري سگھجي ٿو.

.بھرحال ھينئر مان تنھنجي جند ڇڏيان ٿو ۽ اوھان کي پيار بابت ھڪڙو بيان ٿو ٻڌايان جيڪو مون مينٽنيا جي ھڪ عروت ڊايوٽما کان ٻڌو ھو. ھوءَ ڄاڻ جي ٻين معاملن ۾ بھ ڏاڍي ڏاھي ھئي. ھڪ دفعي جڏھن اٿينس وارا، پليگ جي بيماري جي منھن ڪڍڻ کان اڳ بچڻ خاطر، ان کي روڪڻ لاءِ قربانيون ڏئي رھيا ھئا تھ ھن ان بيماري کي 10 سال پوئتي ڪري ڇڏيو ھو. ھوءَ پيار بابت ڄاڻ ۾ منھنجي استاد ھئي. مان ھينئر اھو سڀ ڪجھھ اوھان آڏو ورجائيندس، جيڪو ھن مون کي ٻڌايو. شروعات، اگيٿون جي انھن قبوليتن کان ڪندي، جيڪي پڻ جيڪڏھن صفا اھڙيون نھ تھ انھن جھڙيون ئي آھن، جھڙيون مون ڪيون ھيون، جڏھن ان ڏاھي عورت مون کان سوال پڇيا ھئا. منھنجي خيال ۾ سولو ائين ئي ٿيندو تھ مان اھي ساڳيا سوال ۽ جواب بھ، ٻي ڪوشش ڪري، بھتر کان بھتر نموني، پاڻ ئي ٻڌائيندو ھلان. مان بھ تقريبا ان ئي ٻولي ۽ انداز سان، ساڻس ڳالھايو، جيئن اگيٿون ڳالھايو آھي. پھريائين اھو تھ پيار آھي ڇا ۽ بعد ۾ سندس ڪمن ۽ ڪرشمن بابت مان بھ اگيٿون وانگر پھريائين کيس ائين چيو ھو تھ پيار ھڪ طاقتور ديوتا آھي ۽ اھو بيحد حسين بھ آھي. پر ھن مون کي ائين دليل ڏنا ۽ ٿابت ڪري ڏيکاريو، جيئن مون اگيٿون کي ثابت ڪري ڏيکاريو تھ پيار خود نھ تھ سھڻو آ ۽ نھ ئي سٺو.

(وڌيڪ پڙهندا)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org