سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :8

 

ساراھھ سڀني ديوتائن جي ڪرڻ گھرجي. پر انھن جي فطرت ۾ فرق ظآھر ڪرڻ کان سواءِ ئي نھ ڪرڻ گھرجي. تنھنڪري مون کي بھ ٻنھي پيارن جي فطرت ۾ فرق، ضرور ظاھر ڪرڻو پوندو. حقيقت ۾ ھر عمل پنھنجو پاڻ ۾ نھ سٺو آ نھ خراب. عمل، سندن بجاآوري جي طريقي ۽ ڍنگ جي ڪري ئي مختلف ٿين ٿا. مثال اھو ئي کڻي وٺو، جيڪو اسان ھينئر ڪري رھيا آھيون – مڌ پيئون، ڳايون ۽ ڳالھايون پيا – اھي عمل پنھنجي سر سٺا آھن، نھ برا، پر انھن جي سٺي ۽ بري ھجڻ جو دارومدار ان تي آھي تھ انھن جو استعمال ڪھڙي حساب ۾ ڪھڙي خيال کان ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏھن اھي عمل درست نموني ۽ سھڻي انداز ۾، احسن طريقي سان سرانجام ڏنا وڃن ٿا تھ اھي سٺا آھن ۽ غلط حساب ۾، احسن طريقي سان سرانجام ڏنا وڃن ٿا تھ اھي سٺا آھن ۽ غلط حساب ۾، پري خيال کان ڪيا وڃن تھ اھي بُرا آھن. ساڳيو ئي قصو پيار جو آھي. ھر قسم جو پيار نھ، پر رڳو اھو پيار جنھن جي آڏو اتم مقصد موجود آھي، سوئي اعليٰ ۽ ساراھھ جي لائق آھي. پوءِ اھو پيار جيڪو عام ايفروڊائيٽ جو اولاد آھي. سو لازما عام رواجي قسم جو ٿئي ٿو ۽ اھو ڪنھن بھ قسم جي تفاوت يا فرق ڪرڻ کان وانجھيل آھي. اھو اھو پيار آھي جيڪو نيچ قسم جا ماڻھو ڪندا آھن ۽ ان جون نشانيون ھي آھن:

پھرين ڳالھھ تھ اھو عورت سان بھ ٿي سگھي ٿو ۽ ڇوڪرن سان بھ. ٻي ڳالھھ تھ مٿين ٻنھي صورتن ۾ اھو روح سان نھ پر جسم سان ڪيو ويندو آھي ۽ نئين ڳالھھ تھ اھڙو ماڻھو ائين چاھيندو آھي تھ ھو جنھن سان پيار ڪري ٿو، اھو جيترو گھٽ سمجھو ۽ اڻڄاڻ ھجي تھ اوترو چڱو، ڇو تھ ان پيار جي پڄاڻي رڳو پنھنجي غرض پوري ڪرڻ تائين ھوندي آھي ۽ اھو ڪڏھن بھ پنھنجي پڄاڻي مانائتي نموني ۽ شان شوڪت سان نھ چاھيندو آھي. سو ان ڪري اھڙو پيار رڳو اتفاقي ھوندو آھي ۽ جيترو خراب، اوترو سٺو بھ ٿي سگھي ٿو. ان جو اھرو سڀاءَ ۽ فطرت سندس ماءُ، ان عام ديوي جي ڪري ئي آھي، جيڪا ٻيءَ کان گھڻو ننڍي بھ آھي ۽ جيڪا نر ۽ ماديءَ جي ميلاپ منجھان ڄائي آھي. پر آسماني ايفروڊائيٽ جنھن سان ٻئي پيار جو تعلق آھي ۽ جنھن جي ڄم ۾ عورت جو ڪو حصو پتي ڪونھي – ھوءَ رڳو نر منجھان آھي. ۽ جيئن تھ اھا وڏي بھ آھي. سو مستي، البيلائپ ۽ ڏاڍائي منجھس ڪانھي. تنھن ڪري اھي جن ۾ ھن قسم جي پيار جو جوش ڦوڪيل ھوندو آھي، سي نرن ڏانھن مائل ھوندا آھن ۽ اھڙن ۾ دلچسپي وٺندا آھن، جيڪي بھادر ۽ ذھين ھوندا آھن ۽ وري اھڙن ھم جنسن سان پيار ڪندڙن ۾ بھ، ڪير بھ انھن کي سندن چال چلت ۽ لڇڻن مان سڃاڻي سگھي ٿو، جيڪي ھن پوئين ٻئي قسم – آسماني ايفروڊائيٽ وارو صاف ۽ پوتر پيار ڪندڙ ھوندا آھن، ڇو تھ اھي ننڍڙن ڇوڪرن سان پيار نھ ڪندا آھن، پر ان عمر وارن سان جن ۾ عقل، ڏاھپ ۽ ذھانت ظاھر ٿيڻ لڳندي آھي. يعني ائين کڻي چئجي تھ عمر جي ان حصي ۾ جڏھن کين ڏاڙھي ٺھڻ شروع ٿيندي آھي ۽ پنھنجي پيار سان عمر جي ان حصي ۾ عشق جي شروعات ڪندي ۽ ائين نوجوان کي پنھنجو سنگتي بڻائيندي سندن منشا ۽ مراد ساڻن وفادار رھڻ ۽ انھن سان سڄي عمر جو ساٿ نڀائڻ جي سڌ ھوندي آھي. ھن قسم جا عاشق انھن منجھان نھ ھوندا آھن، جيڪي نوجوان ڇوڪرن جي ننڍي عمر جي ڪري، گھٽ عقل، اڻڄاڻائي ۽ ناتجربيڪاري جو فائدو وٺي، کين بيوقوف بڻائي، ساڻن دغا ڪندا آھن ۽ ڌوڪو ڏيندا آھن ۽ ھڪ کي ڇڏي وري ڪنھن  ٻئي نئين سان ياري رکندا آھن سو ماڻھن تي ننڍي عمر جي ڇوڪري سان عشق ڪرڻ تي قانوني پابندي لڳائي وڃي. ڇو تھ انھن جو مستقبل تھ مبھم ھجي ئي ٿو ۽ ان جو ڪھڙو يقين تھ ھو وڏي عمر جا ٿي روحاني يا جسماني طور خراب ٿين يا سٺا. ان معاملي ۾ سٺا ماڻھو ڄڻ تھ پنھنجي لاءِ پاڻ ئي قانون آھن. پر بھتر ائين ٿيندو تھ اھڙن نيچ ۽ بي ادب عاشقن تي بھ اھڙي ڪا پابندي لاڳو ڪئي وڃي. جھڙي اسان وٽ اڳ ۾ ئي موجود آح:“ ڄڻحڻ ۾ظآٻٰ آذآڊ ڄايل عورتن سان زوري پيار ۽ تعلقات مڙھڻ جي منع ڪيل آھي. اھي ئي ماڻھو آھن جيڪي پنھنجي بي عقلي ۽ پاڻ تي ضابطي نھ ھئڻ ڪري، پيار جي نالي کي بدنام ڪن ٿا. پوءِ اھڙن ڪجھھ ڄڻن کي انھي محبت ڪرڻ کان قانوني طور روڪيو وڃي. ڇو تھ اھڙا پيار ڪندڙ، پيا جي نالي ۾ ناجائزي ۽ برائي جي منشا رکندا آھن ۽ اھڙن ئي ڏسي ڪري ئي ڪجھھ ماڻھو ائين بھ چوڻ لڳندا آھن تھ پاڻ کي عاشق جي حوالي ڪري ڇڏڻ خواري جھڙو ڪم آھي. جڏھن تھ ڪو بھ ڪم جيڪو شانائتي، قانوني ۽ واجبي نموني ڪيو وڃي، تنھن تي نھ پابندي وجھي سگھجي ٿي ۽ نھ ئي ان کي ڪو ننديندو.

ھاڻي ھتي اسان وٽ ۽ ليڪيڊيمن ۾ پيار بابت ٺھيل قانون منجھائيندڙ آھن. پر ٻين ڪيترن ئي شھرن م سادا ۽ سولائي سان سمجھھ ۾ ايندڙ آھن. ايلس، بوئيوٽا، اسپارٽا (7) ۽ ٻين ملڪن ۾ جتي ماڻھن ۾ اھو فصاحت ۽ بلاغت جو ڏانءٌ ۽ رواج ڪونھي. اتي اھي قانون بلڪل سنوان سڌا آھن، بس قانون فقط اھڙن لاڳاپن جي حق ۾ موجود آھي ۽ ڪو بھ جوان يا ٻڍو انھن کي خراب نھ سمجھندو آھي. منھنجي خيال ۾ اھو ان ڪري آھي جو ان پاسي ماڻھو ڇتي ڪوري واري ڊيگھھ ڪرڻ نھ ڄاڻندا آھن. سو عاشق اکرن جي استعمال، لفظن جي جڙاءَ، ۽ تقريرن جي تڪرار سان نوجوانن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ جي تڪيف ڪو نھ ڪندا آھن. ان جي ابتڙ، ايونيا جي ڪيترن حصن ۾ ۽ اتي جتي جتي پارسي حاڪميت (8) آھي ۽ عام طور انھن ملڪن ۾ جتي جابر حاڪمن جي حڪمراني آھي. اتي پيار جي رواج کي غلط نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. نوجوانن سان پيار کي اتي بھ انھيءَ بدنامي ۽ خواري ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجڻو ٿو پوي، جيڪا اتي راندين / جمناسٽڪ ۽ فلسفي کي نصيب آھي. ڇو تھ اھي سڀ شيون ان ظلم ۽ انڌير جي نگريءَ لاءِ نقصانڪار بڻجن ٿيون. ڇو تھ حڪمرانن جو فائدو انھيءَ ۾ آھي تھ سندن رعيت بي ھمٿ ۽ بي وس ھجي ۽ منجھن سماجي، شعوري، يا دوستيءَ جو ڪو بھ مضبوط ٻنڌڻ موجود نھ ھجي ۽ اھو پيار ئي تھ آھي، جيڪو ٻين سڀني سببن کان وڌيڪ، ڪنھن بھ ٻنڌڻ جي مضبوطيءَ جو ضامن آھي، جيئن اسان جي اٿينس جي آمر حڪمران پنھنجي تجربي مان پرايو، ڇو تھ ارسٽوگيٽن جي پيار ۽ ھرموديس جي دوستي ئي اھا قوت بڻي، جنھن سندس حاڪميت کي ڊاھي ڇڏيو. (9)

تنھن ڪري ئي اھڙين محبتن کي جيڪا بدنامي ملي ٿي، سا لاڳاپيل آھي، انھن جي برن عملن سان، جيڪي ان کي بدنام ئي ڪندا آھن. ائين کڻي چئجي تھ حڪمرانن جي خود غرضي ۽ پنھنجي مفادن جي پورائي ڪري ۽ رعايا جي ڀاڙيائپ ۽ بي ھمٿيءَ ڪري، ٻئي طرف وري ڪجھھ ملڪن ۾ جتي محبتن کي ائين بنا فرق ڪرڻ جي مان ۽ شان ڏنو وڃي ٿو. سو اتان جي قانون ڍاھيندڙن جي ذھني پسماندگي جي ڪري ٿي آھي. اسان جي ديس ۾ ڪافي بھتر اصول موجود آھن پر جيئن مون چيو پئي تھ اھي البت منجھائيندڙ آھن. ڇو تھ اوھان ڏسندؤ تھ نروار پيار، ڳجھن پيارن کان وڌيڪ مانائتا ليکيا وڃن ٿا، ۽ اھو تھ اھڙن سان پيار ڪرڻ کي، جيڪي وڏ گھراڻن ۾ ڄمن ٿا، توڙي جو مھانڊن جا بھ مڙئي موچارا ۽ پورا سارا ھجن ٿا، تڏھن بھ اھڙي پيار کي خاص مان، شان ۽ عزت جي نگاھھ سان ڏٺو وڃي ٿو. اھو بھ غور ڪيو تھ عاشق کي سڀ ڪيڏو نھ ھمٿائين ٿا ۽ ائين نھ ٿو سمجھيو وڃي تھ ھو ڪو غير مانائتو ڪم ڪري رھيو آھي، جنھن ۾ جڏھن ھو ڪامياب ٿئي ٿو تھ سندس واکاڻ ٿئي ٿي ۽ جي ھو ناڪام ٿئي ٿو تھ ھن تي الام اچي ٿو. ۽ ھو پنھنجي پيار کي ھاصل ڪرڻ جي جستجو ۽ ڳولا ۾ اسان جي سماج جو قانون سندس ڪيتريون ئي عجيب شيون نھ صرف درگذر ڪري ٿو، پر کيس انھن جي ڪرڻ جي اجازت بھ ڏئي ٿو، جنمھن قسم جي چال چلت کي ھونئن تھ جيڪر سخت نموني ننديو وڃي، جي اھي ڌنڌا ٻئي ڪنھن مطلب لاءِ يا پئسي پنجڙ ھٿ ڪرڻ جي حرص ۾ ڪيا وڃن ۽ ماڻھو ائين ڪري جيئن عاشق پنھنجي معشوق لاءِ ڪندو وتندو آھي – دعائون گھري، وينتيون وجھي ليلائي ۽ پلو پائي، قسم کڻي، در آڏو تڏو وڇائي سمھي ۽ پنھنجي رضا خوشيءَ سان ڪنھن غلام کان بھ بدتر غلامي ۾ گھارڻ قبول ڪري- ھونئن تھ ٻئي ڪنھن بھ معاملي ۾ دوست ۽ دشمن ٻئي کيس اھڙن عملن ۽ ڪارگذارين کان بلڪل روڪن ھا.  پر ھينئر ڪو بھ دوست سندس اھڙن ڪمن ڪري نھ تھ شرمسار ٿيندو ۽ نھ ئي کيس تنبيھھ ڪندو ۽ نھ ئي ڪو دشمن مٿانئس ڪميڻائي يا چاپلوسي جو الزام ھڻندو. پر عاشق جا اھي سڀ عمل رھندو کيس زيب ڏين ٿا ۽ ھن جو شرف وڌائين ٿا. ۽ اسان جي ريتن رسمن ۽ قانونن موجب اھي نھايت ساراھھ جوڳا آھن ۽ اھو تھ اھي ڪي عيب وارا لڇڻ نھ آھن ۽ سڀ کان عجيب ڳالھھ اھا تھ ماڻھو چون ٿا تھ عاشق ئي - ۽ بيو ڪير بھ نھ پر رڳو عاشق ئي – ساک کڻي، وري ڄاڻي ٻجھي ان ساک ۽ قسم تان ڦري سگھي ٿو ۽ وري ديوتا بھ عاشق جي اھڙي خطا کي معاف ڪري ڇڏين ٿا. ڇو تھ ھڪ عاشق جو قسم، ماڻھن چواڻي، قسم ليکبو ئي ناھي. سو اسان جي پاسي وري ھن دنيا ۾ موجود ريتن رسمن ۽ قانونن موجب اھري آادگي، ديوتائن ۽ انسانن عاشقن کي ڏئي ڇڏي آھي. انھن ڳالھين جي بنياد تي ڪو ماڻھو اھو واجبي دليل بيشڪ ڏئي سگھي ٿو تھ اٿينس ۾ عاشق ٿيڻ يا معشوق ھجڻ وڏي مانائتي ڳالھھ ليکي وڃي ٿي پر وري جڏھن والدين پنھنجي پٽن کي سندن عاشقن سان ڳالھائڻ کان روڪين ٿا ۽ کين خانگي استادن جي سکيا ۽ تربيت ھيٺ رکن ٿا. جيڪو سندن عشق وارن معاملن تي بھ نظرباني ڪري ٿو. پوءِ اھو ڇوڪرو جيڪو عشق ۾ اڙيل آھي. ان کي جڏھن سندس سنگتي ۽ ھڪ جيڏا مھڻا ۽ معيارو ڏين ٿا ۽ اھو تھ سندن وڏا، کين طعنا ڏيندڙن کي خاموش ڪرائڻ کان بھ انڪار ڪري ڇڏين ٿا. ھاڻي جيڪڏھن ڪير بھ انھن سمورن معاملن تي ويچار ڪندو تھ ھڪ مختلف نتيجي تي پھچي ائين سمجھي سگھي ٿو تھ اسان اھڙن معاملن کي خواري جھڙو سمجھون ٿا.

پر جيئن مان پھرين چئي چڪو آھيان تھ منھنجي خيال ۾ اھو سوال ڪو ايڏو سادو ڪونھي تھ بس آھي عمل مانائتا آھن يا خواري جھڙا؟ پر حقيقت ھيءَ آھي تھ ھر عمل جو دارومدار حالتن تي آھي. ڪو بھ عمل پنھنجو پاڻ نھ سٺوآھي نھ خراب. اھي عمل ان ماڻھو لاءِ معتبر ۽ مانوارا آھن، جيڪو سندن پيروي ۽ بجاآوري، عزت، آبرو سان ۽ واجبي نموني ۾ ڪري ٿو. ۽ اھي عمل ان لاءِ غير مانائتا ۽ خواري جھڙا آھن، جيڪو انھن جي پويان پيمانو ٿي پوي ٿو. پڇڙي ماڻھو آڏو يا بڇڙي نموني آڻ مڃڻ ۾ بي عزتي آھي. پر سٺي ماڻھوءَ آڏو يا سڍي نموني مات کائڻ ۾ مان آھي. بُرو آھي اھو نيچ عاشق، جيڪو روح نھ پر جسم سان پيار ڪري ٿو ۽ ھو مستقل مزاج نھ ھوندو آھي. ڇو تھ ھو جنھن شيءِ سان پيار ڪري ٿو. اھا پڻ پائيدار ۽ مستقل نھ آھي. سو جواني جي جوڀن جو گل، جنھن جو ھو گھرجائو آھي، جڏھن ڪومائجي وڃي ٿو تھ پوءِ ھو بھ باوجود پنھنجي سمورن وچنن ۽ وعدن جي پرساھي ٿو ۽ اامي ٿو وڃي. جڏھن تھ اعليٰ اخلاق وارو عاشق سجي عمر وفادار رھي ٿو. ڇو تھ ھن پاڻ کي جوڙيو بھ ھڪ امر شيءِ سان آھي. سو اسان جي ديس جون ريتون رسمون ائين عشق ڪندڙن کي ھڪ قسم جي امتحان مان گذرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. اھي عاشق کي پيار ڪرڻ لاءِ ھمٿائن ٿيون ۽ معشوق کي پاڻ بچائڻ ۽ نٽائڻ لاءِ تھ جيئن سچي عاشق آڏو ان جي جاکوڙن ۽ پرک کانپوءِ آڻ مڃجي ۽ غلط قسم جي عاشق کان گسائي، ٽارو ڪري وڃجي، سو عاشق ۽ معشوق ٻئي ھڪ قسم جي امتحان منجھان لنگھن ٿا. جيستائين انھن جي پرک ٿئي ۽ پڌرا ٿين تھ اھي ٻئي، ترتيب وار، ٻنھي قسمن جي عشق مان ڪھڙي قسم سان لاڳاپيل آھن.

۽ اسان جي انھيءَ عام سوچ پٺيان اصل محرڪ بھ اھو ئي آھي. ٻھ ڳالھيون مناسب ۽ واجبي نھ آھن. پھرين ڳالھھ تھ اٻھرو عشق بھ مانائتو نھ چئبو، ڇو تھ وقت، جيئن ٻين معاملن ۾ تيئن ھن معاملي ۾ بھ، ان جي سڄي ھجڻ جي اصلي پرک آھي. بي ڳالھھ تھ اھا بھ غير مانائتي ڳالھھڪوٺبي جي پئسن، ڏوڪڙن يا سياسي قوت کي ڏي ڪري پيار ڪجي:- ٻن سببن ڪري، يا تھ ماڻھو ڊڄي ٿو ۽ انھن تڪليفن ۽ مصيبتن کي برداشت نھ ٿو ڪري سگھي، جيڪي مٿانس مڙھيون وڃن ٿيون يا ھو پئسي ڏوڪڙ ۽ انھن رعايتن ۽ سياسي فائدن تي ھرکجي پوي ٿو، جيڪي کيس آڇيون وڃن ٿيون. جڏھن تھ انھن مان ڪا بھ شيءِ دائمي يا جٽاءُ ڪندڙ ڪونھي ۽ انھن مان ڪا خالص ۽ سٺي دوستي جنم وٺي، سا تھ ممڪن ئي ناھي. پوءِ اسان جي قانونن مطابق باقي ھڪڙو ئي طريقو وڃي بچي ٿو جيڪڏھن معشوق، عاشق کي سھڻي طريقي سان راضي رکڻ چاھي. ڇو تھ اسان وٽ قانون اھو ئي آھي تھ ڪا بھ خدمت جيڪا عاشق پنھنجي مرضيءَ سان معشوق لاءِ ڪري ٿو، سا عاشق جي بي عزتي يا خوشامد نھ ٿي ليکي سگھجي. ساڳي ريت محبوب لاءِ بھ رڳو ھڪ ئي طريقو – رضاڪارانھ خدمت – جو رھي ٿو، جنھن ۾ ڪا خواري يا گھٽتائي ڪونھي - ۽ اھو آھي گڻن جي حصول جي ڳولا ۾ رھڻ.

(وڌيڪ پڙهندا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org