سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان

 حميد سنڌي

صفحو :14

 

ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون

 

ڊاڪٽر شھباز علي پنھنجي ڇھھ مڻي تور واري جسم کي سوريو ۽ جئين، ”الله اڪبر“ ڪري اٿيو تھ سندس کٽ، جيڪا ديو مالائي ڇپر کٽ کان گھٽ نھ ھئي، اھڙا چرڙاٽ ڪڍيا، ڄڻ اِجھا ڪا ڪنھن اِيس کان وئي. ھو اٿي تھ ويو پر ڀڻڪو شروع ڪري ڏنائين. سندس ويجھو، سندس گھر واري جميلھ اھڙي ئي وزن ۽ تور سان، ٻيءَ ڇپر کٽ تي بي خبر ستي پئي ھئي. کونگھري جو ٺڪاءُ پئي پيس.

”ٻڌين ٿي، ٻڌندي ڌوڙ، ننڊ ندوري وٺيس تھ ھوءَ بنھھ پوري، سو دفعا چيو اٿم تھ ھيءُ کٽون مٽرائي ڇڏ، ھاڻي پراڻيون ٿيون آھن. پاوا سو مضبوط اٿن، پر اِيسن جو حال ڪونھي ڪنجھن ٿيون، ڪنجھن. ڄڻ ڪو مڻ بار ھجين...“

ھو بڙ بڙ ڪندو رھيو، پر سندس گھر واريءَ لؤڻو ئي نھ ھنيو. ھوءَ پاڻ زور سان کونگھرا ھڻندي رھي.

ڊاڪٽر شھباز علي پنھنجي ڳري پيٽ کي سنڀاليو ۽ ڪنجھندو اٿيو. ھو آھستي آھستي ڪوٺي تي پسار ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ کٽ تان ٽارچ کڻي پاسي ۾ پيل ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي چڙھڻ لڳو. ھو آھستي آھستي ڏاڪا چڙھڻ لڳو. ڏاڪڻ سڄي چرڙاٽ ڪرڻ لڳي. ھو اڃا اڌ ۾ ئي ھو تھ جوڻس اتان ئي رڙ ڪيس:

”اڙي شھباز علي!  اِيس وڃي تھ پرواھھ ناھي، اھا ڏاڪڻ ويئي تھ ڳاٽو ڀڄندءِ. ٻيو ڪجھھ نھ ٿيندءِ. ٽين ماڙ تي وڃي روز روز ملڪيت نھ تپاس. ھاڻ گھڻو ٿيو، لھھ ھيٺ. مٿي نھ وڃين تھ ننڊ نھ اچئي.“

ڊاڪٽر شھباز علي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري وڃي مٿي ٽئين ماڙ تي پھتو. ات بھ ھڪ ڇپر کٽ پئي ھئي. ھو سھڪندو وڃي ان تي ويٺو. چوڌاري چانڊوڪي بھاري لايو بيٺي ھئي. اڃا مٿي اچڻ ڪري ھوا جا وڌيڪ جھوٽا اچڻ لڳس. ھو جھٽ پل ۾ بھاري ۾ اچي ويو. گنجي لاھي کٽ تي اڇليائين. پيٽ ڇلڪائيندو ھو ڪوٺي جي ننڍڙي پلئڙي تي وڃي بيٺو. چوڌاري عجيب ڪائنات ڦھليل ھيس. ھڪ پاسي تھ سندس ڳوٺ جي جھرمر ھئي، جيڪو ھاڻ ڳوٺ نھ پر شھر ھو. بجلي آئي تھ واٽر سپلاءِ آئي. اسڪول ھاءِ اسڪول ٿيو تھ ڪاليج بھ آيو. ھاڻ جڏھن ٻڌو ھئائين تھ سندس ھيءُ اباڻو شھر ضلعو ٿو ٿئي تھ سندس من گد گد ٿيندو ھو. ھو روز ھن ماڙيءَ تي چڙھي شھر جو نظارو ڪندو ھو. ھو شھر کي وڌندو ڏسي، ٽڙندو ھو ۽ پوءِ آھستي آھستي ھن ماڙيءَ جي ڪوٺي جي ٻئي پلئڙي ڏانھن وڌي ويندو ھو. ان پاسي سندس جايون ۽ پٽ – پلاٽ ھئا.

پھريائين تھ ھو انھن پٽن پلاٽن کي ڏسي خوش ٿيندو ھو ۽ تصور ڪندو ھو تھ اھي ڪيتري ملڪيت ڪندا ۽ ھو اڃا وڌيڪ شاھوڪار ٿيندو.

ھو انھيءَ کي امڙ جو حصو چوندو ھو. ائين سندس نظر ھڪ پاسيري ڪچي جاءِ تي پوندي ھئي تھ شڪل ڪاراٽجي ويندي ھيس. بيھي ڏند ڪرٽيندو ھيو. يڪدم اتان سري ٽئين طرف ھليو ويندو ھو. ات بھ اھي ئي پٽ پلاٽ ھئا، جنھن کي ھو ابي جو حصو چوندو ھو. ھو ھاڻ گد گد ٿيندو، فخر محسوس ڪندو ھو تھ ڏس ھن پاسي جي ملڪيت بنا ڪنھن شرڪت جي سندس ملڪيت آھي ۽ ھو ڪيئن آھستي آھستي سڄي ملڪيت تي قبضا ڪندو، وارث بڻجي ويٺو ھو. ھو انھن مائٽن جي بي وسي ۽ لاچاري تي کلندو ھو، جن کي ھن ڏاڍي سياڻپ ۽ ھوشياريءَ سان بي دخل ڪيو ھو. ھن کي بيٺي بيٺي ان مائٽ جو خيال ايندو ھو، جنھن سندس ماءُ جي حصي ۾ دعويداري ڪئي ھئي تھ ھو اڃا بھ وڌيڪ ڪاوڙبو ھو ۽ چوٿين پاسي وڌي ويندو ھو. ھيءُ پاسو ھو پنھنجو پاسو ليکيندو ھو. ھيءَ ملڪيت ھن ڪجھھ ڦرلٽ ۽ ڪجھھ پنھنجي ڊاڪٽريءَ جي ذريعي حاصل ڪئي ھئي، ھو ڊاڪٽريءَ کي ياد ڪري مشڪي ڏيندو ھو. ھو اصلي ڊاڪٽر نھ ھوندي بھ ڪيئن ڊاڪٽر بڻيو، اھو سوچي ھو پنھنجين صلاحيتن تي فخر ڪرڻ لڳندو ھو. ھو ڊاڪٽريءَ جي پيشي کي ڪم ڪار ڪڍائڻ جو بھترين ھٿيار ليکيندو ھو. اتان ھٽي ھو ھڪ دفعو وري شھر واري پاسي ڦري ايندو ھو ۽ ھاڻي ڏاڍي حسرت سان جاين جڳھين ۽ پلاٽن کي ڏسندو ھيو، جيڪي سندس نھ ھئا. ھو انھن ماڻھن تي حيرت ڪندو ھو، جيڪي سندس ڦندي ۾ نھ ڦاسندا ھئا ۽ ملڪيتون کانئس بچائي رکندا ھئا.

ڊاڪٽر شھباز علي ڪيترو ئي بنا پائي پيسي وٺڻ وارو ڊاڪٽر ئي سھين، ماڻھن جي دلين ۾ گھر ڪرڻ وارو سھين، پر کيس ماڻھو ملڪيتن کي ھضم ڪرڻ واري ”سنھي ڄور“ قرار ڏيندا ھئا. پھريائين تھ ڪنھن کي خبر نھ پئي تھ ھيءُ رپئي ٻن وارو ڊاڪٽر يا خيراتي طور ھلڻ وارو ڊاڪٽر ڪھڙي ھوشياريءَ سان گھرن اندر گھڙي ھنن جي اندر مان گھمي، ضرورتمندن جون ضرورتون پوريون ڪندو، ملڪيتون ۽ پٽ پلاٽ ڦٻائيندو، رت پيئندڙ ڄور وانگر ويو ٿلھو ٿيندو. جڏھن ماڻھن ھن کي چڱي طرح سمجھيو تھ ھن جي پرئڪٽس بيھي ويئي. ھو ڪنھن گھر ڏانھن رخ ڪندو ھو تھ ماڻھو سمجھندا ھئا تھ اھا ڄور ھاڻ انھيءَ گھر جو رت پِي پوءِ نڪرندي. ماڻھو ھاڻ کيس ڊاڪٽر شھباز علي نھ پر ”ڊاڪٽر ڄور“ چوندا ھئا. پر ھو انھيءَ خطاب کان بي نياز ھوندو ھو. ملڪيتون ميڙيندو، ھن کي خبر ھئي تھ ڳوٺ، شھر ۾ تبديل ٿي ويو آھي. جلد ضلعو ٿيندو تھ ٺڳيءَ سان يتيمن، بيواھن ۽ مسڪينن جي ڦٻايل پٽن پلاٽن جو ملھھ الائي ڪٿي وڃي پھچندو. ڊاڪٽر شھباز علي مريضن يا سندس وڪڙ ۾ آيل غريبن سريبن جي مال ڦٻائڻ ۾ ھوشيار ھو تھ ھو مٽن مائٽن، خاص طرح يتيم ۽ بيواھھ عورتن جي ملڪيتن ڦٻائڻ جو اسپيشلسٽ بھ ھو. يتيم مائٽن جي ملڪيت ڦٻائڻ جي واردات ھو اڪيلو نھ ڪندو ھو. انھيءَ ۾ سندس سھرو اسپيشل ائڊوائيزر ھو. ڊاڪٽر شھباز علي اِھو ڌنڌو پنھنجي ماسات دلبر علي، جنھن کي سندس ڪارنامن ڪري دخلباز بھ چوندا ھئا، سان گڏجي ڪندو ھو. جيتوڻيڪ اڄڪلھھ دلبر علي دخلباز جھونو ٿي رٽائر ٿي چڪو ھو ۽ سندس جاءِ تي ان جو ٻيو ڀاءُ عاشق علي ھو. ھنن جي واردات جو طريقو ڏاڍو آسان ھو تھ ھو اول پنھنجن پڙ ڏاڏن، پڙ مامن ۽ پڙ چاچن سان گڏ گم ٿيل مائٽن جي حصن جا ڪليم وجھندا ھئا. خاص طرح نانين، پڦين، چاچين ۽ مامين جي حصن ڪليم ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ھين. ائين ھو عزيزن، قريبن جي ملڪيت ڪوڙن سچن نالن سان ڦٻائيندا ھئا. جي نھ ڦٻائي سگھندا ھئا تھ ان غريب جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا ھئا. قبضا ڪرڻ سندن آرٽ ھو ۽ سندن خلاف ڪي بھ وڏا يا سندن جرگو نھ ويندو ھو، ڇاڪاڻ تھ ھيءُ ٽولو سڀني کي علاج معالج جي سھوليتن ۽ مرڻي پرڻي توڙي دفن ڪفن جي بندوبست جي معرفت چپ ڪرائي ڇڏيندا ھئا. جيڪو اڃا بچي ويندو ھو تھ کيس ڌمڪين سان عذاب ۽ ڏنڀ ڏيندڙ خط لکندا ھئا. سندن مٿان خاندان جي عورتن جا دٻاءَ وجھي نياڻين سياڻين جا واسطا ڏيئي، آھستي آھستي ويندا ھئا ملڪيت ڇڏرائيندا. انھيءَ سڄي ٽولي جو جيتوڻيڪ چيف دلبر علي دخلباز ھئو، پر سندس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ عاشق علي جي خوفناڪ حربن ھوندي بھ ڊاڪٽر شھباز علي کي سڀني کان مٿانھين حيثيت حاصل ھئي. جيتوڻيڪ ھو ڏسڻ ڪرڻ ۾ قد جو ننڍو ۽ بُت ۾ ڀريل، ڀريل نڪتل پيٽ سان سمھندو ھو تھ سندس ڳچي گم ٿي ويندي ھئي ۽ ڪئين دفعا اوطاق تي اچڻ ڪرڻ وارن وٺي رڙيون ڪيون تھ ڊاڪٽر شھباز عليءَ جي منڍي ڪير وڍي ويو آھي. عمر ۾ ننڍو پر ھڏ ڪاٺ جي ڳري ۽ مضبوط ھئڻ ڪري پڪو لڳندو ھو.

شھباز علي حقيقت ۾ دلبر علي برادران کان ملڪيت ڦٻائڻ ۾ گوءِ انھيءَ ڪري بھ کڻي ويو جو سندس سھرو گلباز سرڪاري نوڪريءَ ۾ ھو ۽ سندس واسطو ڪورٽن سان جام ھوندو ھو. ھٿ ۾ تسبيح ۽ پل پل ۾ ڪوڙا قسم کڻڻ سندس معمول ھو. جتي شھباز علي جي ڊاڪٽري يا ميسڻو پڻ ڪم نھ ايندو ھو، ات گلباز جي ڏاڍ ڏمر واري قانون جي لباس ۾ لڪل لٺ ڪم ايندي ھئي. ائين ڪيترن يتيمن، بيوھھ عورتن ۽ بيوس لاچار مٽن مائٽن جون ملڪيتون آرام سان ھو ڊاڪٽر شھباز علي جي معرفت ھٿرادو قانون يا ڪوڙن قسمن جي ذريعي ائين گم ڪري ڇڏيندو ھو جو اصل وارث وتندا ھئا رت جا ڳوڙھا ڳاڙيندا. پر چوندا آھن تھ اوڻٽيھھ چور جون تھ ھڪ رات ساڌ جي بھ ھوندي آھي. شھباز علي ۽ گلباز جو ٽولو ھجي يا دلبر برادران، پر ھو سندن سوٽاڻي سوٽ معصوم علي جي ملڪيت ڦٻائي نھ سگھيا. ھو ھڪ ڪچي ڀونگيءَ جھڙي جاءِ اڏيو شھباز عليءَ جي ماءُ واري حصي ۾ چنڊ جھڙي ملڪيت ۾ گرھڻ مثل ويٺو ھو. ھيءُ  چالاڪ ۽ ھوشيار ٽولو ڊاڪٽر شھباز علي جي مدد بھ ڪري نھ سگھيو. معصوم علي جي پلاٽ جي ٽڪري بنھھ  سندس جاءِ سان لڳ ھئي. شھباز علي جڏھن بھ مٿي چڙھندو ھو تھ اِھا ڀونگي ڏسي سندس منھن ڪاراٽجي ويندو ھو. ھن ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر يا تھ وقت معصوم علي جو ساٿ ڏئي رھيو ھو يا شھباز علي جي قسمت خراب ھئي. نھ تھ ھو اِھو سڄو پلاٽ ڦٻائي ان مٿان ويو محل ماڙيون ٺھرائيندو. پر ھن ٽڪري ھڻي سندس پلاٽن جي سونھن ڦٽائي ڇڏي ھئي.

معصوم علي اصل ۾ شھباز علي جي سھري گلباز جو سڳو ڀائٽيو ھو. معصوم علي ڇاڪاڻ تھ ھڪ غريب ڀاءُ جو غريب پٽ ھو، تنھنڪري گلباز جو چنبو مضبوط ھو. گلباز اھو پلاٽ، پنھنجي حصي سوڌو، ٻين ڀائرن ۽ شھباز جي ماءُ جي نالي ۾ ڦٻايو. پر معصوم علي حق ۽ انصاف جي نالي ۾ پنھنجي وڏي چاچي محمد علي جي پٽن جي مدد سان ڪجھھ حصي تي قبضو ڪري ورتو. ڊاڪٽر شھباز علي ۽ سندس سھرو گلباز، معصوم علي کي تھ بي دخل ڪري سگھيا ٿي، پر مرحوم چاچي محمد علي جي اولاد سان اٽڪي نھ ٿي سگھيا، جو ھو بھ سرڪاري نوڪرين ۾ چڱن عھدن تي ھئا ۽ ھنن معصوم علي کي پنھنجو حصو بخش ڪري پلاٽ تي آڻي ويھاريو. ڊاڪٽر شھباز علي ۽ سندس سھري گلباز ھن غريب معصوم علي کي ڏاڍو سوڙھو ڪيو ھو. اھڙو سوڙھو جو چوڌاري قبضن جي ذريعي ھن جو لنگھھ بند ڪري نلڪن جي لائين ڀڃي ڇڏي ۽ سندس پاڻي جو نيڪال بھ بند ڪري ڇڏيو ھئائون. ھنن سندس لنگھھ واري گھٽي، جا معصوم علي جو بھ حق ھئي، تنھن مٿان جاءِ ٺھرائي، پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏي. ھن کي مقرر وقت تي اچڻ وڃڻ جي اجازت ھوندي ھئي، نھ تھ ھو قيد ۾ اندر بند ھوندو ھو. جيتوڻيڪ ھو ڪورٽ مان پنھنجو حصو پنھنجي سھوليتي حقن سان کٽي آيو ھو پر رھڻو تھ کيس اِنھن ڏاڍن ۽ زورآورن سان ٻارن ٻچن سوڌو ھو.

ڊاڪٽر شھباز علي سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ھو: سندس پاسي گند ڦٽو ڪرڻ، گندو پاڻي سندس پلاٽ جي ٽڪر تي  جھڳي ۾ ڇڏڻ، آئي وئي کي گار گند ڪرڻ. سندس سھري گلباز جو معصوم علي ننڍو ڀائيٽيو ھو، سو ايندي ويندي ھو بھ گارين جا ڌوڙيا چاڙھيندو ھئس.

ڊاڪٽر شھباز علي، اڄ بھ جيئن ٽين ماڙ تي ملڪيت جي تپاس ڪري واپس اچي کٽ تي ويٺو ئي مس تھ کيس ڪوڏر ھڻڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ھو جيئن ئي وڏي پلئڙي تي آيو ۽ ھيٺ ڏٺائين تھ چوڌاري ماٺ ھئي. ھن ڪاوڙ مان معصوم علي جي جھڳي ڏانھن نھاريو، ات ڪا چرپر نھ ھئي. ھن چار ئي پاسا گھميءَ کٽ تي پير پساريا ئي مس تھ اھو ئي آواز. ڪير تڪڙي ڪوڏر ھلائي رھيو ھو. ھو ڪا گھڙي آواز کي ٻڌندو رھيو، پوءِ انھيءَ رخ ۾ ٽپو ڏيئي بيھي رھيو. پلئڙي وٽان ھيٺ ٽارچ ھنيائين تھ ڪو ماڻھو ھو جو کڏ کوٽي رھيو ھو. ھن يڪدم ھڪل ڏنس: ”اڙي ڪھڙو آھين.“

ھمراھھ جيئن پٺيرو ھو تيئن سنئون ٿيو ۽ ٽارچ جي روشنيءَ ۾ پڌرو ٿي پيو.

”اڙي معصوم علي تون! مڙين نھ ٿو وري ڇا کي لڳو آھين.“

معصوم علي ڪا گھڙي چپ رھيو. پوءِ ڏاڍيان رڙ ڪري وراڻيائينس: ”تنھنجي قبر ٿو کوٽيان شھباز علي.“

شھباز ڪا گھڙي چپ رھيو. ٽارچ گھمايائين. کانئس رڙ نڪري وئي ٻھ وڏيون کڏون کوٽيل ھيون. سي بھ سندس قبضي واري پلاٽ ۾. معصوم علي حد اورانگھي ٻئي حصي ۾، جيڪو شھباز علي جي ماءُ جي نالي ۾ ڦٻايل ھيون، ان ۾ بيھي کوٽ کوٽان ڪري رھيو ھو. ھو ڇا ڪري رھيو ھو ۽ ڇو ڪري رھيو ھو، اھا معصوم علي کي ئي خبر ھئي. ڊاڪٽر شھباز علي بنھھ ڳاڙھو ٿي ويو: ”اڙي معصوم علي، موت کنيو اٿئي! تون پرائي پلاٽ ۾ بيھي کڏون ٿو کوٽين، گولي ھڪ ئي ھڻندومانءِ...“

”گولي ڀلي ھڻ. قبرن جي کوٽ ناھي شھباز علي! ٻي قبر تنھنجي سھري گلباز جي آھي – ٽين بھ ٺاھي وٺنداسين. لھي آ. . . موت تنھنجو انتظار ٿو ڪري. . . “ شھباز علي ڪاوڙ ۾ تمام ڪوڙي دانھن ڪئي، سڄو پاڙو اوڙو جاڳي پيو. ھو يڪدم بندوق کڻڻ ھيٺ ڊوڙيو. تڪڙ ڏاڍي ھيس پر اڳيان بھ پل صراط جھڙي ڏاڪڻ ھيس. ڀلا ڳرو مڙس سو جيئن جيئن اسپيڊ وڌائيندو ويو، ڏاڪڻ لڏندي لمندي ٺڪاءُ ڏنو ۽ شھباز علي ڪپيل وڻ وانگر ڳاٽي ڀر ھيٺ واري ماڙيءَ تي اچي ڪريو. سڄو ڪوٺو لرزجي ويو، جوڻس ٽپ ڏئي اٿي:

”اڙي گھوڙا مري ويس.“ مائي جميلھ پل ۾ پنھنجن لفظن جي ساڀيان پسي ڏڪي وئي. ائين رڙو رڙ مچي وئي. سندس سھرو گلباز رڙين تي مٿي چڙھي آيو. ھڪ دل جو مريض، ٻيو جو ڏٺائين جوان جماڻ نياڻو ڀڳل ڳاٽي سان ھيٺ پيو ھو. اصل ڄمي ويو. جيئن شھباز علي واري ڇپر کٽ تي سمھاريائونس تھ اوٻاسيون ئي ٻھ ڏنائين.

اصل ۾ معصوم علي کوٽيون تھ کڏون گند ڪچري دفن ڪرڻ لاءِ ھيون، پر کيس اھا خبر نھ ھئي تھ پاڻ ولي ٿي ويو آھي ۽ اھي واقعي شھباز علي ۽ گلباز علي جون قبرون بڻبيون. مٽن مائٽن کي ٻھ ڪوھھ پري قبرستان لاش ڍوئڻ بھ ڪو ڏاڍو ڏکيو لڳو، جو گھلي ٻنھي ڄڻن کي انھيءَ ئي پلاٽ ۾ کڏن ۾ ائين ئي کڻي ھنيائون، ڄڻ تھ ڪي اڳيئي کوٽيل ۽ تيار ٿيل قبرون ھيون.

چون ٿا تھ معصوم عليءَ لاءِ سڀني سھوليتن جا دروازا کلي ويا آھن جو مٽ مائٽ ٻن قبرن جي ڪري گھٽي کلي رکن ٿا. معصوم علي کي ڊپ صرف ان ڏينھن جو آھي، جنھن ڏينھن شھباز علي جو پٽ وڏو ٿي ظلم ۽ دوکيبازيءَ جون واڳون سنڀاليندو ڇاڪاڻ تھ شھباز علي جي پٽ کي دلبر برادران ٽريننگ ڏئي رھيا آھي.

معصوم علي ھاڻ پنھنجي غريباڻي ڀونگي تي نالو ڪاڪ محل رکرايو آھي ۽ آئي وئي کي اِھي ٻھ قبرون ڏيکاري مشڪي چوندو آھي تھ ھو ڏسو ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org