سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان

 حميد سنڌي

صفحو :8

خانو چور نھ آھي

 

خانوءَ آھستي آھستي ڪري ڪرسي ريڙھي ۽ ڪٻٽ سان لڳائي ڇڏي. ٽپ ڏئي ھو ڪرسيءَ تي چڙھيو. ڪٻٽ جو مٿيون تختو اڃا مٿي ھو پر ھن ھٿ سان ھٿوراڙيون ڏنيون. سندس ھٿ سڌو وڃي پيالي کي لڳو. ننڍڙين آڱرين سان ھن پيالي کي ريڙھيو. پيالو اتي ئي اونڌو ٿي پيو ۽ ڇڻ ڇڻ ڪري آنڪيون، ٻيانيون ۽ پائليون اچي ھيٺ پٽ تي پيون. ھو ڇڻڪي تي سڄو ڏڪي ويو ۽ ڪا گھڙي اتي ئي ڄمي بيٺو رھيو. پوءِ جڏھن ڪو ٻيو آواز نھ ٿيو تھ ھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. کيس ڪو بھ نظر نھ آيو. ھو ٽپ ڏيئي ھيٺ لٿو. ھن پٽ تي ٽڙيل پکڙيل ڏوڪڙن جو وڻندڙ لقاءُ ڏٺو. ڪٿي آنڪيون ھيون تھ ڪٿي ٻيانيون تھ ڪٿي پائليون. ھن ھڪ ھڪ ڪري سڀ ڏوڪڙ ميڙيا، ٻئي لپون ڀرجي ويس. ھو ڪرسيءَ جي تختي تي مٺيون کوڙي وري چڙھي ويو ۽ اڀو ٿي بيٺو پر بيوس ڀانئي وري لھي آيو. سڀ ڏوڪڙ پٽ تي رکيائين ۽ ٽپ ڏئي وري ڪرسيءَ تي چڙھي ويو. آڱريون تختي تي ڦيرائيندي ٻيا ڏوڪڙ بھ ھيٺ ڪيرايائين ۽ پوءِ پيالي کي ھڪ ھٿ سان ريڙھي ٻئي ھٿ ۾ کڻي جھپيائينس. ھاڻ پيالو سندس مٺ ۾ ھو. ھن ھيٺ لھي وري ڏوڪڙ ميڙيا ۽ ٻين ڏوڪڙن سان ملائي پيالي ۾ وڌائين. ھو ڌيان سان ڏوڪڙن کي ڏسندو رھيو. ھن ھڪ آنڪي کنئي وري واپس پيالي ۾ وڌائين وري پائلي کنيائين وري پائلي ڇڏي ٻياني کنيائين. ھو چمڪور ٻيانيءَ کي ڏسندو رھيو، جنھن تي انگلنڊ جي بادشاھھ جي شڪل ڇاپيل ھئي. ھن پيالو اتي رکيو ۽ ڪمري کان ٻاھر نڪتو. وھنجڻ جي جاءِ مان ڪپڙن جي سٽڻ ڪٽڻ جو آواز آيو پئي. ھو بي اونو ٿي اڱڻ ۾ ڪجھھ ڳولڻ لڳو. پوءِ ھو رڌڻي ۾ گھڙيو ۽ ڪاٺ جي صندلي ۾ يڪدم ھٿ وڌائين ۽ اڇل ڏئي کنيائين. سندس صندليءَ جو پاسو ديڳڙيءَ ۾ پيل ڪيويءَ سان لڳو ۽ ديڳڙيءَ جي ڍڪ وڃي ھيٺ سٽڪو ڪيو. ھو پنڊ پھڻ ٿي ويو. ڪپڙڻ سٽڻ ڪٽڻ جو آواز بيھي ويو. ۽ ماڻس جو آواز آيو؟

”ڪير آ.“

ھن جواب نھ ڏنو ۽ آھستي سان ڍڪ کڻي ديڳڙيءَ مٿان رکيائين. پوءِ لوھھ پائي صندليءَ سوڌو ڪمري ۾ گھڙي ويو. ھو ھاڻ سھڪي پيو. ھن وڌي دريءَ مان ٻاھر نھاريو. ماڻس وھنجڻ جاءِ جو در کولي رڌڻي ۾ نھارڻ لڳي. پوءِ ھوءَ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ڪنڌ کي لاڙي وري وھنجڻ جاءِ ۾ گھڙڻ لڳي. کيس وري خيال آيو ۽ ڪنڌ ڪڍي ٻاھرين در ڏانھن نھاريائين. اھو کيس بند نظر آيو ۽ پوءِ وھنجڻ جاءِ جو در وري بند ٿي ويو ۽ خانوءَ جڏھن ڪپڙن جي سٽڻ ۽ ڪٽڻ جو آواز جاري ٻڌو تھ کيس پيٽ ۾ ساھھ پيو ۽ وڃي ساڳي ڪرت سان لڳو. صندلي ڪرسيءَ تي رکي پيالو ھٿ ۾ جھلي جيئن ھو مٿي چڙھيو تھ ڪٻٽ جي ڇت صاف پئي نظر آيس. ھن آرام سان پيالو اتي رکيو ۽ ٽپ ڏيئي ھيٺ لٿو. جيئن ھن صندلي ھٽائي تھ اوچتو سندس ڪن ٻرڻ لڳا:

”خانو چور آھي.“

”خانو چور آھي.“

”خانو چور آھي.“

ھو يڪدم ڀڻڪيو، ”خانو چور نھ آھي، خانو چور نھ آھي.“

ائين چرين وانگر ڀڻڪندي ھو وري ٽپ ڏئي مٿي چڙھيو. ٻياني کيسي مان ڪڍي واپس پيالي ۾ وڌائين. پوءِ ڪرسي پنھنجي جاءِ تي رکيائين. صندلي لوڏيندو رڌڻي ۾ آيو ۽ صندلي ڦٽي ڪري آرام سان اڱڻ لتاڙي در کولي ٻاھر نڪري آيو.

ھو جيئن اسڪول پھتو تھ رسيس ختم ٿي چڪي ھئي. ھو ڊڄندو ڪلاس ۾ گھڙيو. ماستر بورڊ تي حساب لکي رھيو ھو، تھ ھو ماٺ ميٺ ۾ اچي بينچ تي ويھي رھيو. ڇوڪرن جي ڀڻڪي تي ماستر پٺتي نھاريو.

”ڇا جي مستي آھي!“

ھڪ نينگر يڪدم چيو، ”سائين خانو . . . “

”خانوءَ کي ڇا ٿيو آ. ڇا ھي ڙي، خانو؟“

خانو اٿيو ۽ بي اختيار کانئس نڪتو ”نھ، سائين خانو چور نھ آھي.“

ماستر وائڙو ٿي ويو. ”اڙي وري ڪا مستي سجھي اٿو؟“

يڪدم لڪڻ کڻي خانوءَ تي الاريائين.

خانوءَ يڪدم چيو، ”سچي سائين خانو چور نھ آھي.“

ڇوڪرن کلڻ ۽ کجڪڻ شروع ڪيو. ماستر لڪڻ سان ميز تي وڏو ٺڪاءُ ڪيو.

”خاموش! ھاڻي جنھن بھ مستي ڪئي تھ بخيا اڊيڙي ڇڏيندومانس.“

پوءِ ھو بورڊ تي حسابن جي جوڙ ڪٽ ۾ غرق ٿي ويو. خانو سڄو وقت ائين ويٺو رھيو، ڄڻ ھو ڪلاس ۾ ھوئي ڪونھ. ڪيڏي مھل گھنڊ وڳو ۽ موڪل ٿي، ڪيڏي مھل ڇوڪرا اٿيا ۽ ڪلاس مان نڪتا، کيس سمڪ ئي نھ رھي. ائين ڪو اچي ڀر ۾ بيٺس ۽ کيس ڌونڌاڙيائين.

”ھل ٻاھر. ھل ڙي، خانو چور!“

ھن ڪنڌ کڻي مٿي نھاريو. پيرو سندس پاسي ۾ بيٺو ھو. خانو کيس ڏسي چيو:

”پيرو! خانو چور نھ آھي. خانو چوري نھ ڪندو.“

”خانو چوري نھ ڪندو  تھ ڇا ڪندو. ھلاءِ ٻياني. صبح وعدو ڪيو ھو. آنڪي مان اگھھ چڙھي ٻيانيءَ تي پھتو آھي.“

”پيرو، مان روز تنھنجي آنڪي ڀري آھي. ھاڻي ٻياني نھ ڀريندس.“

”پوءِ تيار ٿي وڃ پٽ!“

ھن ھڪدم ٻاھر بيٺل ٻن ڇوڪرن کي سڏ ڪيو، ”روشو، گلو، اچو ڀلا.“

خانوءَ ڏٺو تھ اسڪول خالي ٿي چڪو آھي ۽ ٽي شودا سندس دڳ جھلي بيٺا آھن، تنھن ھوندي بھ ھو نھ گھٻرايو.

”اڙي ڪڍ ٻياني.“

”ڪانھي ٻياني. داداگيري آھي ڇا؟“

”داداگيري ئي سمجھھ. جيئرو نھ بچندين.“ ائين چئي پيروءَ کيس ٺڪاءُ ٺونشو ڪرايو. ھو نٻل ڪمزور نينگر جو اڳي ئي پنھنجي ڪمزور ھجڻ ڪري پيداگيرن جي آنڪي ڀريندو ھو، سو سٽ ڪھڙي جھلي سگھيو پئي.

ھو بينچن مٿان بولاٽيون کائيندو وڃي ڪريو ۽ ھڪ بينچ ۾ لڳل لوھھ جو بٽ لوندڙي چيري ويس. ھو آھستي سنئون ٿيو ۽ بينچن مان نڪري ٻاھر آيو ۽ ھاڻ رت ٺينڍيون ڪري پئي وھيس.

”ھاڻ مان ٻياني تھ ڇا آنڪي بھ نھ ڀريندس، پٽ. خانو چور نھ آھي.“

پيرو ۽ سندس شودا ساٿي ھئا تھ جانٺا ۽ متارا پر جو رت ڏٺئون ۽ نٻل نينگر جو ڀوائتو منھن پسي ھو وٺي ڀڳا.

خانو ٿڙندو ٿاٻڙندو رڙيون واڪا ڪندو ”خانو چور نھ آھي پٽ. خانو تھ ٻياني تھ ڇا پر آنڪي بھ نھ ڀريندو“ اسڪول جي ٻاھران نڪتو. سندس ڪلاس جا ڪجھھ نينگر اڃا گيٽ وٽ بيٺل ھيا.

”اڙي نورا، اڙي شمن، علڻ، رحيم، ٻڌو، ڪو بھ ھاڻي پيروءَ ۽ سندس شودن جي آنڪي نھ ڀريندو. ڪو بھ چوري نھ ڪندو. سمجھو ٿا، ڪو بھ شودن جي ٽولي جي آنڪي نھ ڀريندو. ٻڌو ٿا؟“ ھو ائين رڙيون ڪندو ٿڙيو ۽ ڪرڻ تي ھو تھ سڀني کيس سنڀالي ورتو. ھو اڃا وڦلي رھيو ھو.

”ھو ڏسو سامھون وڃي ٿو پيرو ۽ سندس شودن جو ٽولو. نھ ڇڏينداسون ھمٿ ڪيو، وڌو ھمٿ ڪيو.“ نينگرن ھڪٻئي ڏي نھاريو ۽ پوءِ سٽ ڏئي پيروءَ ۽ سندس ٽولي ڏانھن ڀڳا. ويجھو وڃي ھو ھٽڪي بيھي رھيا. ھاڻ شودن جي ٽوليءَ ۾ ٻيا بھ ٻھ ڄڻا ھئا. پيرو ۽ سندس ساٿي کين خونخوار نظرن سان ڏسي رھيا ھئا. پٺيان خانوءَ جو وري آواز آيو:

”آنڪي ڪير نھ ڀريندو وٺون، نھ ڇڏيون.“ ھنن پوئتي خانوءَ ڏي نھاريو جو رت ڳاڙيندو ٿڙندو انھن ڏانھن آيو پئي. کيس رت ڳاڙيندو ڏسي سندن اکين ۾ بھ رت ٽمي آيو. پوءِ ھو طوفان وانگر ڇانئجي ويا. نٻل ڪمزور آنڪي ڀريندڙ نينگر ھينئر شينھن ھيا ۽ ھڻي ٽنھي شودن کي ڊاھي وڌائون.

خانو رت ڳاڙيندو بھ ور ور ڪيو حملا پي ڪيا. سندس نعرن کين پئي ھمٿايو، اڄ ڏينھن پويان ڪمزورن جي سرسي ٿي ھئي. ھو ھاڻ نعرا ھڻي رھيا ھئا، ”ھاڻ ڪير بھ آنڪي نھ ڀريندو ڪير بھ چور ناھي. ڪير بھ چوري نھ ڪندو. ڪير ٻياني تھ ڇا آنڪي بھ نھ ڀريندو.“

شودن ڀڄڻ جي ڪئي پر ھنن اصل کڻي دسين. کين مرڻ جھڙو ڪري ڇڏيائون. ساٿين ساھي پٽي. ھاڻ چوڌاري خاموشي ھئي. ڪو بھ نعرو نھ ھڻي رھيو ھو. ھنن خاموشي ۾ سڃاتو تھ خانوءَ جو آواز بھ نھ ھو. ڏٺائون خانو خاموش اونڌو پيو ھو. ھو ھاڻ نعرو بھ نھ ھڻي رھيو ھو. پر سندس چپن تي مرڪ ھئي، چچريل ۽ رتائون منھن ٻھڪي رھيو ھو. ھنن جڏھن سندس ڪمزور، بي جان ۽ نٻل جسم کي کنيو تھ ھنن کي ائين لڳو تھ ڪنھن ڳري بت واري جوڌي جوان کي کڻي رھيا ھجن.


 

ڪڇان ته ڪوڪ ٿئي

 

ھو منھنجي سامھون زور سان کنگھي رھيو ھو، ۽ ڪنھن گھڙيءَ پوتڙو منھن کي ڏئي پيو تھ ڪنھن مھل ساڻو ٿي پوتڙي جو پلئو پري پئي ڪيائين. مون کيس چتائي پئي ڏٺو. سندس جوڀن تھ ختم ھو، پر سندس منھن ۾ رت ڦڙو بھ نظر نھ پئي آيو. ھڏائين منھن ۽ جسم سان ھو ساڻو ٿيو پيو ھو. ڀرسان ويٺل سندس پٽڙي پرگھور پئي ڪئي.  ڪنھن ڪنھن مھل ھو سامت ۾ پئي آيو. مان سندس اھڙو حال ڏسي پاڻ بي حال ٿي ويو ھوس. ھڪ تھ اسين ورھين ڪرھين ڳوٺ وڃون، سو بھ پنھنجي دلبرن ۽ پيارن جا ھھڙا ڏکوئيندڙ نظارا ڏسون، اصل دل ڦٽجي پئي. مون ڊاڪٽر کي تھ ماڻھو موڪليو ھو، پر ڪاوڙ ۾ ھر ھر کانئس پڇيم پئي، ”اڙي ھھڙا حال ڪيئن ٿيئي موسيٰ، اڙي چاڪ چڱو ڀلو تھ ڇڏي ويو ھومانءِ. سڀڪجھھ تھ ھيئھ، ھي سال کن ۾ ڇا ٿي ويئي؟“

ھو جواب تھ ڪونھ پيو ڏئي، پر کنگھندي ھڪ آڱر مٿي آسمان ڏي ڪري، رب جي مرضي ٿي ڄاڻايائين. کيس دوا درمل دارونءَ کان ڪنھن جھليو تھ ڪونھ ھو، يا ان کان بھ ويو ھو جو پاڻ کڻائي مون تائين پھچي ھا. ڪاوڙ پئي آيم، ائين ڪندي مون وارو سؤٽ ڊاڪٽر اندر اوطاق ۾ گھڙيو.

”ايتري دير!“

”دڪان تي رش ھئي.“

”ھا بابا، پيسن وارن کي ڏسندؤ، ھنن غريبن کي ڪاٿي ڏسندؤ.“

”ھن موسيٰ غريب کان پڇ تھ ڪيترن ڏينھن کان مون وٽ ايندو آھي، ڪڏھن پائي پئسو ورتو اٿمانس؟ توھان جو پراڻو نوڪر آھي تھ اسان جو بھ پراڻو يار آھي. سندس ھوٽل تي جام مال کاڌا اٿئون. ڪيئن موسيٰ؟“

موسو ڦڪي کل کليو ۽ ڊاڪٽر کيس تپاسڻ لڳو.

”ڪمال آ، موسو ھيترن ڏينھن کان بيمار آ، مون کي خبر نھ آھي، ۽ وري ڊاڪٽر اھڙو ٿيو آھين، جو کيس اڃان تائين ٺيڪ ڪري نھ سگھيو آھين.“

مون واري سؤٽ ڊاڪٽر کيس تپاسڻ ڇڏي، مون ڏي خار مان نھاريو. ”ھڪ تھ ٽي بي اٿس ٻيو ڪري ھوٽل تي باھھ جو ڪم، وري دوا دارون کان آڱوٺو تھ ڏينھن نھ لڳندا تھ ڇا ٿيندو. ھونئن بھ ھاڻ ھن ۾ رھيو ڇاھي. توکي خبر آھي تھ سندس ھاڻ ڪھڙا حال آھن. اھو جھڳيءَ ڇاپ روڊ وارو ھوٽل جو تو کيس ڪڍرائي ڏنو ھو، سو بند پيو آھي. گذر سفر لاءِ پائي پئسو ڪونھي. ھنن غريبن کي اھي بيماريون لڳن ٿيون وڻ ويڙھيءَ وانگر، جڪڙي نپوڙيو نھوڙين.“

مون حيرانگيءَ مان موسيٰ ڏي ڏٺو. ھن ڪنڌ سان ھائو ڪئي ۽ وري بھ آڱر مٿي کڻي رب جي رضا ڄاڻايائين. مون يڪدم نظر ڦيرائي ڊاڪٽر کي ڏٺو. ھو نسخو لکڻ ۾ پورو ھو. پوءِ ڪنڌ کڻي ڏانھس نھاريو ۽ چيائينس: ”دوائون لکي ٿو ڏيانءِ، باقاعدي کائيندين تھ شفا بھ ٿيندءِ. ھا، جوڻھين وري ڪم تي نھ ٿي اچي. چئجائنس لالچ ۾ منھن نھ وجھي، ھي اسان واري ويڙھي وارا گھر ايترو ڏينس ٿا، پوءِ ڇو ٿي در در ڀٽڪندي وتي.“

پوءِ ڊاڪٽر کيس سئي ھنئي ۽ تڪڙو تڪڙو ائين چوندو نڪري ويو، ”يار ھاڻي سالن کان پوءِ آيو آھين تھ پنھنجي پياري موسيٰ کي سنڀال، ھٿن مان ويندءِ ھليو.“

مون ڏانھس نھاريو بھ نھ ۽ موسيٰ جي منھن ۾ نھاريو. ھو خاموش اوطاق جي گلم تي ليٽيو پيو ھو. سندس پٽ پئي پٺي مھٽي. مون پٽس ڏي ڏٺو، الائجي ڇو مون کي موسيٰ جي جواني ياد اچي وئي. پٽس جا مھانڊا بھ اھي ئي ھئا، جيڪي پڻس جا ھوندا ھئا. موسو ڇوڪراٽ ئي ھو جو منھنجي پيءُ وٽ نوڪريءَ ۾ گھڙيو. اسين تنھن وقت ٻار ھوندا ھئاسين، پر ھو جنھن نموني سان اسان ٻنھي ڀائرن جي خدمت ڪندو ھو ۽ ساٿ ڏيندو ھو، ڄڻ اسان جو سن آھي ۽ ھڪ جيڏو سرتو آھي. اسان بھ کيس پنھنجن دوستن وانگر سمجھندا ھئاسين، توڙي کڻي جوان ٿي وياسين، نوڪرين وارا ٿي وياسين، پر موسيٰ کي ڪڏھن نوڪر نھ سمجھيوسين. ھو سنھڙي ھڏ ڪاٺ وارو پر سھڻو جوان نڪتو. اسين سندس فيشني گلن وارا وار ۽ چوٽا ڏسي، بابي کي دانھن ڏيندا ھئاسين. ھن بھ کيس پٽن وانگر پاليو ھو. مرڪي دڙڪو ڏيندو ھئس: ”موسيٰ، ماريندوسانءِ، ھڪ تھ پاڻ فيشني ٿيو آن، وري مون وارن پٽن کي بھ کارين ٿو.“

اسان يڪدم پنھنجن اڌوگابرين فيشني وارن کي ھٿ ھڻي گل ڊاھي سڌو ڪرڻ جي ڪندا ھئاسين. وقت کي پر ھئا يا نھ، پر وقت اسان کي ائين اورانگي ويو ھو جو موسيٰ جھڙو جوان پٽ تي پيو ھو ۽ سندس پوتڙو رت سان ڀريل ھو!

مون کي اھو وقت بھ ياد ھو جڏھن موسيٰ سان اسان جو ناتو دوستي ۽ ڀائپيءَ ورو وڃي رھيو ھو ۽ موسيٰ اسان جي نوڪري ڇڏي گھر وسايو ۽ ھڪ جھوپڙائين ھوٽل ۾ وڃي چانھھ ٺاھڻ لڳو. اتي ئي مانيءَ جو ڌنڌو کوليائين. پوءِ تريل گوشت جون چانپون، سيخ ڪباب ۽ ٻيون شيون ٺاھڻ لڳو، جو شھر جا شوقين روڊ تي گھمڻ ويندا ھئا تھ موسيٰ جي ھوٽل تي ڪباب يا چانپون ضرور کائيندا ھئا. مان عيد براد تي جڏھن بھ ڳوٺ ويندو ھئس تھ ڪڏھن چانپون، ڪڏھن ڪڪڙ ڀڳل، ڪڏھن ڇا تھ ڪڏھن ڇا، ڍاڪئان ڀري گھر موڪلي ڏيندو ھو. ھڪ ڏينھن جيئن شام جو گھر پھتس تھ ڏسان موسيٰ وارا ڍاڪئان ٻوڙ پلاءُ ۽ چاشني سان ڀريل ھئا. مون امڙ ڏي نھاريو، مرڪي چيائين: ”موسيٰ جي اڄ شادي اٿئي. رات نڪاح اٿس، الائي ڪيترا دفعا پڇڻ آيو تھ مون وارو صاحب آيو يا نھ.“

مان تڙ ٻڙ ڪري، ڪپڙا مٽائي، اوطاق تي پھتس تھ موسو بيٺو ھو. اصل کنڀي ويو. اسان بھ کيس ڳائي وڄائي پرڻايو. سندس شادي اھڙي ٿي جو اتي جي راڄن بھ گھٽ ڏٺي ٻڌي ھوندي. موسي وارن جو ڳوٺڙو شھر کان پرڀرو اسٽيشن جي پاسي ۾ ھيو. سندن گھرن ڏي وڃڻ لاءِ ھمٿ کپندي ھئي، پر مان وٽس ايستائين ويندو رھيس، جيستائين وري ھو ڪم تي نھ چڙھيو ۽ مان واپس نوڪري سانگي ھليو ويس.

ھڪ ڏينھن مان ڳوٺ ئي ھيس جو ھو جيئن آيو تيئن مون کي ڇڪي گھر وٺي ھليو ۽ سڌو اندر کڻي ويو. اڱڻ ۾ ٻھ کٽون پيون ھيون، ھڪ کٽ تي ھڪ سھڻي سيبتي نينگر ويٺل ھئي. اصل ٽِڙي پيو. چي: ”ڏس، صاحب ھيءَ اٿئي منھنجي ڪنوار نوران آھي نھ سھڻي؟“

مان ڪا گھڙي کيس ڏسندو رھيس. نينگري واقعي سھڻي، جسم ۾ ڀريل ھئي. اٿي بيٺي ۽ ھٿ ڏيڻ لاءِ رئي جو پلئھ جھليائين تھ منھنجي ڪلھي تائين ٿي آئي. ھلي ٿي تھ اصل ڊيل ھئي. رنگ جي ڀوري، منھن ۾ مشعالون پئي ٻريس. سندس ڪارا ڀنڀا وار، گوري منھن تي ٺھيا ۽ جرڪيا پئي، ۽ سندس وارن ۾ ھڪ عجيب سونھن ھئي. عجيب وڻاءُ ھو. ھلي پئي تھ سندس چوٽو ڪيل وار، لھرون کائيندا ور واسينگ جيان پئي وريا. مون کي ھو مڪمل سونھن جي جوڙيل پتليءَ جيان لڳي، جنھن ۾ ڪا بھ ڪمي ڪانھ ھئي. کلي پئي تھ ڏند جرڪيس پئي.

”واقعي، يار، ڪنوار ڀلي ملي اٿئي.“ مون کيس ور ور ڏسندي چيو. ويچاري نئين ڪنوار ھوندي بھ چڱي خدمت ڪئي. جيسين ماني پچائي نھ کارايائين، تيسين آرام نھ آيس. وري جو مون کي ڏورانھين نوڪري ملي تھ مان گھر ڏانھن لڙيس بھ ڪونھ، باقي جڏھن بھ ڳوٺ اچبو تھ موسي جي ھوٽل تي ضرور وڃبو ۽ ڪچھري ضرور ڪبي. موسي ٻھ ٽي دفعا صلاح ھنئي ۽ ماني جي دعوت ڏني، پر اسان جو پير پٽي تي بھ تھ ھجي. ڌار ھوٽل ڪڍڻ چاھيائين تھ بنھھ جھونپڙائين ڪچي پڪي مناھين ٺھرائي ڏني مانس ۽ سندس پنھنجو ھوٽل زور تي ھلڻ لڳو. پر ھاڻ ھو اصل اچي لالچ ۾ پيو. ٻارھوئي چلھھ تي چڙھيو ويٺو ھوندو ھيو. باھھ ھڻي سٽي وڌس. ٻھ ٽي دفعا بيمار ٿيو تھ زوري شھر وٺي وڃي سندس علاج چڱي طرح ڪرايومانس ۽ ھمراھھ وڃي ڪرت سان لڳو. ڊاڪٽرن اِھو تاڪيد ڪيو ھوس تھ باھھ جو ڪم گھٽ ڪر. پر ھمراھھ بھ تھ مڙي. ھمراھ اولادي ٿيو تھ پٽن جي طھرن جون خوشيون ڪيائين ۽ مٺايون وٺي اسان کي شھر پھچايائين.

سندس منھن تي مرڪ تھ ھوندي ئي ھوندي ھئي. ان وقت جي مرڪندو ھيو تھ اڄ ھھڙي ھيڻي حال ۾ بھ مرڪ ساڻ ھيس.

مون يادگيرين کي سندس مرڪندڙ منھن ۾ پئي پسيو. ھاڻ سندس کنگھھ بند ھئي، ھو اٿي ويٺو ھو ۽ وڃڻ جي موڪل گھريائين.

”چيم تھ حياتي الائي باقي گھڻا ڏينھن، سو وڃي پنھنجي صاحب کان موڪلائي اچان.“

”خير، خير آ. پر تون پاڻ ڇو آئين، نياپو ڪرين ھا.“

”مون پنھنجي صاحب جي پئي حاضري ڀري آ. وڏو صاحب  اڄ دنيا ۾ ڪونھي پر اونھيءَ جي اولاد جي ھن دنيا ۾ مان ويندي بھ حاضري نھ ڀري وڃان تھ پوءِ لعنت آ.“ ھو سھڪيو پئي. مون کيس پاڻي پياريو. ھو پاڻي پي اٿي کڙو ٿيو. مون کيس ٻانھن کان وٺي اچي موٽر ۾ اڳيان ويھاريو. اصل وھلور پيو وڃي پر کيس ۽ پٽس کي کڻي آيس سندس ڳوٺڙي.

سندن گھر اسٽيشن پريان ھو، مون گاڏي اسٽيشن اوريان جھلي. کيس آھستي آھستي ريل جو بند ٽپائي اچي گھر ڀيڙو ڪيم. جڏھن کيس اچي اڱڻ ۾ ليٽايم تھ اھي ئي ٻھ کٽون پيون ھيون، جن تي ھڪ ٻار ۽ ٻارڙي ويٺا ھيا؛ ٻيو گھر ۾ ڪير بھ نھ ھيو. گھر ۾ ھڪ عجيب خاموشي ۽ ويراني ھئي. بنھھ ڳوڙھا ڳڙي پيم. ڀرسان ٿي ويٺومانس، ھو چپ چاپ پيو ھو. ڊاڪٽر جون ڏنل گوريون ڦڪايون مانس. آھستي آھستي کيس گھيرٽ اچي  ويو ۽ ھو سمھي پيو. مان اٿي اڱڻ ۾ چڪر ھڻڻ لڳس. ٽي ٻارڙا ھيا. شاديءَ کي ست اٺ سال مس ٿيا ھوندس. مون سوچيو: ھي ننڍڙا ٻار ڪاڏي ويندا. موسي جي حالت واقعي صحيح نھ ھئي، مون ايندڙ گھڙين لاءِ سوچيو. منھنجي نظر ٻارڙن جي معصوميت ۽ ويچار پڻي تي کتل ھئي. ھو ويچارا بت بڻيا کٽ تي ٽنگون لڙڪائي ويٺا ھيا. سندس سڪل ھڙٻاٽيون – نڪتل چھرن تي ڪا بھ خوشي ڪانھ ھئي. اوچتو ننڍڙو ڪڪو ٽپ ڏئي کٽ تان لٿو ۽ ڊوڙندو دروازي ڏي ويو. اڇي برقعي سان ڪير اندر گھڙيو. ھن ننڍڙي کي کڻي ڀاڪر پاتو ۽ چمي ڏني. ٻيا ٻئي وڏڙا ويٺا رھيا. ھن اچي واري واري سان ٻنھي کي ڀاڪر پاتو.

”اوندھھ ۾ ڇو ويٺا آھيو؟ نياز، تو بتي ڇو نھ ٻاري آھي؟“ ھن وڏي کي ڇڙٻيندي چيو. ھوءَ برقعو اڇلائيندي، رڌڻي واري پاسي تکي وئي ۽ گھڙيءَ ۾ لالٽين کنيو اڱڻ ۾ آئي. مون کي جھڙو اوندھھ جو احساس نھ ٿيو ھو تھڙو روشنيءَ جو نھ ٿيو. اتي ڄميو بيٺو رھيس. اوچتو سندس نظر مون تي پيئي. ھوءَ پھريائين ڇرڪي وئي. پوءِ لالٽين اڀو ڪيائين. لالٽين جي روشني مون تي پئي يا نھ پر سندس نقش چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. پھريائين اوپري پئي لڳي پوءِ لڳي تھ موسي جي اھا ئي گھر واري جا ڪي ورھيھ اڳ ھن اڱڻ ۾ ڪنوار بڻجي آئي ھئي. ھن گندي ۾ وار ويڙھي پويان ورائي ڇڏيا، سندس سونھن جھڪي ضرور ٿي ھئي پر سندس ڏيا ۾ ڪمي ڪانھ ھئي. سندس بُت اڄ سنھو ۽ سوس کاڌل پئي لڳو، پر سندس قد اھو ئي ور کائي ويل پئي لڳو. ھوءَ انھيءَ ڊيل چال سان مون ڏانھن وڌي آئي.

”سائين، توھان ڪيڏي مھل آيا؟“ ھوءَ مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ويئي.

”بابا صاحب ڏي ويو ھو امان. بابا کي ۽ مون کي صاحب ڪار ۾ وٺي آيو آھي. امان، بابا کي صاحب سئي ھڻائي ۽ دوائون وٺي ڏنيون. امان، بابا کي صاحب گوريون بھ ڦڪايون.“ سندن وڏو پٽ جو اوطاق ۾ بھ خاموش ھو ۽ ھت بھ، پر ھاڻ اصل کلي پيو. ھو ڳالھھ ڪندو وڃي ۽ سھڪندو پيو وڃي.

”چڱو، چڱو، سائين کي ويھار تھ سھين. تو تھ سائينءَ کي چانھھ بھ ڪانھ پياري ھوندي.“ ھوءَ لالٽين اتي ئي ننڍڙي ٺھيل دڪي تي ڇڏي وئي. گھڙيءَ کان پوءِ رڌڻي ۾ بھ روشني ٿي وئي. ھن شايد ٻيو لالٽين ٻاريو ھو. ھوءَ جيسين چانھھ کڻي آئي، مان سندس ويچار ۾ رھيم، سندس سونھن ڀريي ھڏ ڪاٺ ۽ وريل بت، انھن ساڳين جرڪندڙ ڏندن کي ڏسي ڪئين خيال آيم. مون موسي ڏي ڏٺو، ھو نشي جي گورين سبب غشي پيو ھو. مون سندس گھر ۾ غريبي جا مڪمل اھڃاڻ ڏٺا. مون ٻارن کي ڏٺو ۽ سندس مستقبل ڏٺو، بنھھ ڇرڪي ويس. مون ھڪدم نوران لاءِ واجھايو تھ انھي سھڻي سيبتيءَ جو ڇا ٿيندو. ھوءَ جيئن رڌڻي مان نڪتي تھ سندس چال ۾ ڪو بھ فرق نھ ھو. ھوءَ ڊيل مثل ھئي. ھوءَ ھٿ ۾ لوڏ سان ڪوپ کي بھ لوڏيندي آئي. گنديءَ سان پورھيت جيان وار ڍڪيل، مرڪندي ھن مون ڏانھن ڪوپ وڌايو. مون سندس ھٿن ڏي ڏٺو. سندس ھٿ ڪاراٽيل ۽ باھھ جا سڙيل ھئا. سندس آڱريون بصر وڍي ۽ مانيون اٿلائي، ڦاٽي پيون ھيون. انھيءَ جھڪي روشنيءَ ۾ ھڪ اھڙي روشني بھ ھئي، جا آھستي آھستي مون آڏو مشعالون ٻاريندي پئي وئي.

”تون ڪٿي ڪٿي ڪم ڪندي آن؟

مون کي پنھنجي ڊاڪٽر سوٽ جا موسي کي چيل جملا ياد آيا. ڏٺم تھ سندس چھري تي ھڪ رنگ آيو. پوءِ مرڪي ڏنائين.

”ڪھڙا گھر ڳڻايانو. جت بھ پورھيو ملندو آھي، تت ويندي آھيان. پگھار تي بيھان ٿي تھ مالڪياڻيون ٽڪي پيسي تي بھ ڪر ڪر ڪن ٿيون. بس، پوءِ جيترو ڊوڙي سگھان ٿي ڊوڙان ٿي ۽ جيڪي روز سڀني ھنڌان مليم ٿو، گنج آھي. ڪٿي ماني پچايان، ڪٿي جنڊ مليم تھ ڪٿي ٿانو ٻھاري.“

مون ڏٺو اصل بنھھ کلي پئي: ”سائين، ڏسو سال کن ۾ ڇا ٿي ويو آھي. ھاڻ تھ روزگار  بھ بند اٿس. چئي ٿو تھ چاڪ ٿيان تھ نياز کي ڪم سيکاريندومانس. ھاڻ سائين نياز ڏسو ۽ ھوٽل جو ڪم ڏسو. بس چيو اٿمانس تھ دل نھ لاھي. جيءُ جاءِ تي ھيس تھ کارايائين بھ تھ چوڙڻ لاءِ بھ سڀ ڪي ڏنائين. بس رب ڪو کيس تندرسي ڏي، باقي گھر جو خيال نھ ڪري، مان پورھيو ڪري بھ پاليندي مان. کيس حيدرآباد بھ کڻي ويندم. نياز کي پڙھائي وڏو ڪندم. وري نياز ھنن ٻن پلونگڙن کي سنڀاليندو. ھا نھ، نياز؟“

ھن ڳالھايو پئي، مان الائجي ڇو کڙو ٿيندو ويس. ھوءَ چوندي ھلي وئي.

”سائين، مڙئي خير آ. مان پورھيي سان پڄي پوندم. موسي جھڙي مڙس سان سر لڳي. ھيءُ سر بھ گھري تھ حاضر آ. شل ڌڻي ھٺ سڄو ڏئيس گھر کڻي وٺبو.“

پوءِ ھن جھڪي مڙس جي مٿي تي ھٿ ڦيريو ۽ ڪوپ کڻي رڌڻي ۾ ھلي وئي. مان کيس ڏسندو رھيس. مون کي ھاڻ ھن گھر ۾ ڪا بھ ڪمي يا غربت ۽ ويراني ڏسڻ ۾ ڪانھ پئي آئي. ھوءَ ٻئي لالٽين سان واپس اڱڻ ۾ آئي ڄڻ تھ ڏينھن ٿي ويو. سندس ھلڻ ۾ اھا ئي ڊيل چال ھئي. سندس ھٿ بھ پئي انھيءَ رفتار سان لڏيا. مان آھستگيءَ سان اٿيس ۽ پوءِ ٻارن ڏي ڏٺم، سمجھيم تھ سندن مستقبل بھ محفوظ آھي. مرڪي ٻارن جي مٿي تي ھٿ رکيم ۽ کيسي مان ڏھين جا ڪجھھ نوٽ ڪڍي کين ڏنم ۽ پوءِ کيس ڏٺم. اھو ئي ڏيل، اھا ئي ڏيا، اھا ئي سونھن ۽ ڪا بھ ڪمي ڪانھ. بي اختيار کيسي ۾ ھٿ وجھي، سون جا نوٽ ڪڍيم ۽ کيس ڏنم؛ بنھھ مرڪي پئي.

”سائين، ٻارن جي خرچي تائين تھ ٺيڪ آھي، پر مون لاءِ نھ، توھان رڳو دعا ڪيو.“

ھن مون کي نوٽ موٽائي ڏنا. الائجي ڇو مون کي ڏک ٿيو. پيسا کيسي ۾ وجھي، جيئن وريس پئي تھ نوران بي خياليءَ ۾ لھندڙ گنديءَ کي مٿي تائين کنيو ۽ ورائي ڍڪڻ لڳي. مون جيڪي پل ۾ ڏٺو، انھيءَ مون کي پگھرائي ڇڏيو. نوران جو سڄو مٿو اڇو ٿي ويو ھو ۽ اڇاڻ چانديءَ مثل جرڪي پئي. مان ڄمي بيھي رھيس. مون کي ھاڻ ڪنھن ڪميءَ جو احساس ٿيو ۽ پوءِ وڌي مون سندس مٿي تي ھٿ رکيو. ھن ويلي سندس ڳوڙھا ڳڙي پيا ۽ ھوءَ اوڇنگارون ڏئي رئڻ لڳي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org