سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ماڻهو شهر ڀنڀور جا

 

صفحو :25

شاهه سائين پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي LEGEND ٿي ويو هو. شهيد عبدالرحيم گرهوڙي سندس همعصر هو. شريعت جو صاحب، پرهيزگار، نيڪو ڪار، درويش، عالم، اديب ۽ تمام وڏو شاعر هو. مولانا قاسمي صاحب مون کي ٻڌايو ته شاهه سائينءَ سان ايڏي ته سڪ هئس، جو فرمايو اٿس ته:

ڀلو آهي ڀٽ ڌڻي، ساروئي سبحان،

جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحي  ڪيو.

سنڌ هڪ مهذب ملڪ آهي، جنهن جي قديم تهذيب چين، مصر ۽ عراق جي تهذيبن جيتري پراڻي ۽ شاهوڪار آهي. پر، عام طرح سان اها موهن جي دڙي جي زماني کان شمار ڪئي وڃي ٿي، يعني اڄ کان تقريباً پنج هزار ورهيه اڳ. پر سوال آهي ته خود موهن جي دڙي واريءَ تهذيب کي اُسرڻ ۽ نِسرڻ ۾ گهڻيون صديون لڳيون هونديون؟ هينئر ته اسان آمريءَ ۽ مهر ڳڙهه جا نالا کڻون ٿا، پر، انهيءَ دور جو وري ڪو ٻيو پراڻو اهم دڙو کوٽيندا ته صورتحال بدلجي ويندي.

درياهه شاهه جي هڪ طرف جڏهن موهن جي دڙي جهڙو عاليشان شهر هوندو،، ته ٻئي طرف صفا سُڃ ته ڪانه هوندي! هاڻي، آثار قديمه جي ماهرن پاڪستان ۾ موهن جي دڙي جا اڍائي سو همعصر پراڻا ماڳ ڳولي لڌا آهن، جيڪي ثابت ڪن ٿا، ته سنڌ ان زماني ۾ به ڪيڏي آباد ۽ مهذب هئي.

موهن جي دڙي جو هيٺيون حصو شهر جي پاسي سان وهندڙ سنڌو درياهه جي اثر، گپ ۽ چڪ جي ڪري، ماهر کوٽي ڪونه سگهيا آهن. تنهن ڪري، ڪاڪي ڀيرو مل ”قديم سنڌ“ ڪتاب ۾ چيو آهي ته، ”سنڌ جي تهذيب ٻيو نه ته به ڏهاڪو هزار سال ته قديم آهي.“

ايڏيءَ قديم تهذيب ڪيترا نه وڏا معمار ۽ فنڪار پيدا ڪيا هوندا. پر اسان کي انهن جي ڪابه خبر ڪانهي. روئڻ ۽ ڳائڻ هر ماڻهوءَ کي ايندو آهي. ماڻهو به خوشيءَ جي موقعن تي ڳائيندا وڄائيندا ۽ ڏک جي موقعي تي غم جو اظهار ڪندا آهن. سنڌ جي قديم تهذيب جا خوشيءَ ۽ غم جا اهي گيت شاعرن جوڙيا هوندا، جن ۾ ڪي رگ ويد جي رشين جهڙا عظيم انسان هوندا. پر، انهن مڙني مشاهيرن جي به اسان کي خبر ڪانهي.

هن ڳالهه جو مطلب اهو هرگز ڪونهي، ته اسان اکيون ٻوٽي تصور ڪريون ته ان زماني ۾ به شاهه سائينءَ جهڙو بلند پايه شاعر پيدا ٿيو هوندو. شاهه سائينءَ سان اسان جو عشق آهي. عشق سان ڪوبه دليل ڪونه لڳندو آهي. علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ جي گهرواريءَ مڌر ايلسا قاضيءَ جو هڪ شعر آهي ته:

”قدرت هر قوم کي هادي ۽ رهبر موڪليو،

جڏهن سنڌ جو وارو آيو ته لطيف جي چيچ جهليائين.“

پر، حقيقت اها آهي ته موهن جي دڙي جي زماني کان وٺي سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم ۽ هندو ڌرم جي حڪومتن تائين سمورو زمانو اونداهيءَ ۾ آهي. ”موهن جي دڙي“ تي البت ڪي معياري ڪتاب موجود آهن. مثلاً

1. THE SKY-GRAMENT: A STUDY OF HARRAPPAN (MOHAN-JO-DARO) RELIGION BY ASKO PARPOLA, HELSINKI-1985.

2. FORGOTTEN CITIES ON THE INDUS

Early civilization in Pakistan from the 8th century to the 2nd Millennium BC edited by Michael Jansen, Maire Mulloy and Gunter Urban (Germany).

ٻيا به ڪيئي ڪتاب هوندا. ليڪن، انهن ڪتابن ۾ گهڻو تڻو احوال موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ تمدن جو آهي. موهن جي دڙي کان اڳ يا پوءِ واري زماني جو پيرائتو احوال موجود ڪونهي ته سنڌ ۾ ڪهڙيون قومون ۽ قبيلا هئا ۽ هنن ڪيترو عرصو، سنڌ تي حڪومت ڪئي.

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي ستن جلدن واريءَ تاريخ جي اسڪيم ٺاهي. موهن جي دڙي زماني کان وٺي انگريزن جي فتح تائين. پهرين ٻن جلدن لکڻ جو ڪم ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي سونپيو ويو، (جو هن سنڌ تي اڳي ئي ڪي ڪتاب لکيا هئا). سندس پهرئين جلد جو نالو ”سنڌ هڪ عام جائزو“ آهي ۽ ٻئي جلد جو نالو آهي: ”سنڌ - مسلمانن جي فتح کان اڳ“

لئمبرڪ سنڌ جي تاريخ جي شروعات ڪري ٿو مهاڀارت واريءَ جنگ جي زماني کان، جيڪا، غالباً، حضرت عيسيٰ کان هڪ هزار ۽ پندرنهن سؤ ورهيه اڳ (1000-1500B.C) جي وچ واري عرصي ۾ لڳي هئي. انگريزن جي زماني ۾ لکيل گزيٽيئرن موجب، مهاڀارت جي جنگ وقت ته سيوهڻ شهر جوڀن تي هو!

سيوهڻ اڃا به ساهه پساهه کڻي رهيو آهي. شهر جي کوٽائي ڪانه ٿي آهي ته ڪيترو قديم آهي. پر، مهاڀارت ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ ۾ وسندڙ ڳوٺ ۽ نگر هئا، جن ۾ سندر محل ۽ ماڙيون هيون.

ڪجهه سال ٿيا ته سيوهڻ جي قلعي ۾ آثار قديمه جي ڪا يوروپي ماهر ڪجهه عرصو ٽڪي هئي. چون ٿا ته سندس دريافت اها آهي ته سيوهڻ ۾ زلزلو آيو هو. جنهن ڪري شهر تباهه ٿي ويو.

لئمبرڪ مهاڀارت جي جنگ ۾ سنڌ جي راجا جئدرٿ جو ذڪر ڪيو آهي. مهاڀارت جي جنگ ۾ ٻه ڌريون آمهون سامهون هيون: هڪ طرف ڪورو ۽ ٻئي طرف پانڊو. ٻئي سؤٽي سؤٽ هئا. لئمبرڪ لکي ٿو ته، ”جئدرٿ سنڌ ۾ سئو ويرا جو راجا هو. مهاڀارت جي جنگ ۾ اهم رول ادا ڪيائين پانڊون جي زال درو پديءَ کي سندس سويمبر جي وقت ڏسي ورتو هئائين (۽ مٿس عاشق ٿي پيو هو). سو، جنهن وقت پانڊو شڪار ڪرڻ لاءِ پري نڪري ويا ته هو دروپديءَ کي ڌتاري، ڀڄائي ويو. پر، رستي تي پانڊون کيس پهچي پيا ۽ هن شرط تي جان بخشي ڪيائونس ته هو پنهنجو پاڻ کي بڇڙو ڪندو ۽ توبهه تائب ٿيندو.

ڀائنجي ٿو ته بيوقوف هو. دروپديءَ کي پنج مڙس اڳئي هئا، سا ڇهون ڇو ڪري ها؟

جڏهن مهاڀارت جي لڙائي لڳي ته جئدرٿ ناڪام عشق جي ساڙ ۾، لشڪر وٺي وڃي، ڪورون جي پاسي وڙهيو. ارجن پنجن ئي پانڊون ڀائرن ۾ وڏو هو، تنهن کيس ٻاڻ هڻي ماريو.

”مهاڀارت“ هڪ ڊگهو داستان آهي، جو ”ڪوتا“ (Epic) وانگر آهي. چون ٿا ته مهاڀارت، جو راج گوپال آچاريه جو ايڊٽ ڪيل ڇاپو غالباً سڀني کان سٺو آهي، هو آزاد هندستان جو گورنر جنرل ٿيو هو. منجهس قديم زماني جي ڪيترن ئي ڪوين جو ذڪر آهي. هونئن مهاڀارت ”وياس“ جو ٺاهيل آهي، جيڪو ويدن جو گرنٿ ڪار به هو. مون کي مهاڀارت جي سنڌي ترجمي جي ڪاپي سوڀي گيانچنداڻيءَ ڏني، ترجمو معياري ڪونهي.

سنڌ ۾ برهمڻ خاندان جي حڪومت ته جمعو جمعو اٺ ڏينهن اڳ شروع ٿي هئي. جنهن جو پايو وجهندڙ هڪ برهمڻ هو. چچ نالو هئس، نوجوان هو، شڪل جو موچارو ۽ سڀاءَ ۾ سٺو هو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ هوشيار هو. اکر سهڻا هئس ۽ چارئي ويد ياد هئس. وزير کي وڻي ويو. هن کيس سيڪريٽري ڪري رکيو.  پر اڳتي هلي، سنڌ جي ٻڌ ڌرم جي راجا جي زال، سونهن ديوي، مٿس عاشق ٿي پئي. چچ، جئدرٿ کان وڌيڪ ڏاهو نڪتو. عشق جي ڏاڪڻ تي ائين عقلمنديءَ سان چڙهيو، جو مومل به ماڻيائين ۽ سنڌ جو راجا به ٿيو.

سنڌ جي تاريخ جي پهرئين ڪتاب”چچ نامو“ تي نالو راجا چچ تان پيو. پر، منجهس بنيادي طرح احوال رڳو عربن جي فتح جو آهي، ته سنڌ جا هيترا ۽ هي شهر هيئن فتح ڪيائون. چچ نامو اصل عربيءَ ۾ هو، پوءِ علي ڪوفيءَ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن تان وري انگريزيءَ، سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ترجمو ٿيو. سنڌي ترجمي جو ڪم مخدوم امير احمد صاحب ڪيو. اردو ترجمو اختر رضويءَ ڪيو. پر انهن کان اڳ به انگريزي ترجمو مرزا قليچ بيگ ڪيو هو.

ڪتاب ۾ سنڌ جي راجا ڏاهر ۽ عرب فاتح، محمد بن قاسم جا خط به آهن. ان وقت سنڌ جي سرڪاري ٻولي ڪهڙي هئي، سا ته خبر ڪانهي.  ليڪن، موهن جي دڙي مان لڌل مهرن جي آڌار تي، اسان چئي سگهون ٿا، ته سنڌ ۾ لکت پڙهت جو رواج هو. موهن جي دڙي جي ٻولي اڃا تائين ڪانه پڙهي وئي آهي. آسڪو پارپولا “CORPUS OF INDUS SEALS” نالي ڪتاب ڇاپيو آهي ته مُهرن کي پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي. پر، ان ۾ دهليءَ جي ميوزيم ۾ رکيل مُهرون شامل ڪونه آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ”جريده“ رسالو نڪري ٿو. منجهس ٻن پرچن ۾ ابو جلال ندويءَ جا مضمون ڇپيا آهن. جن ۾ انهن مهرن کي پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. خبر ناهي ته سراج ۽ ڊاڪٽر الانا کي ابو جلال ندويءَ جي تحقيق سان ڪيتريقدر اتفاق آهي؟

موهن جي دڙي جي لپيءَ ۾ لکت پڙهت ڪيترو وقت هلي؟ اها به خبر ڪانهي! انهيءَ لکت پڙهت جا ڪنهن به قسم جا دستاويز: ٺڪر تي يا ٻين ڪن پڙڇن تي يا ڪي به پنا، پستڪ، پوٿيون ۽ عام لکڻيون ڪاٿي آهن؟ اهي املهه تاريخي اوراق ڪيئن ناس ٿيا؟ ڪنهن ڪيا؟ سنڌ جي انهيءَ تهذيبي تباهيءَ جو جوابدار ڪير هو ۽ هاڻي ڇا ڪري سگهجي ٿو؟

اهي سڀ ڳالهيون اڃا تائين جواب طلب آهن. فضل برمڪيءَ جي درٻار ۾ ڪو سنڌي وفد ويو. زماني جي دستور موجب وفد ۾ سنڌ جو  شاعر به شامل هو، جنهن سندس شان ۾ قصيدو پڙهيو ته:

”اسان وٽ چڱاين ۽ ڀلاين جو جڏهن به ذڪر ٿئي ٿو ته اوهان جو نالو مثال طور بيان ٿئي ٿو.“

روايت هيءُ آهي ته شاعر جا اصل لفظ هي آهن:

بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره

سنڌ جي شاعر اهو قصيدو ڪهڙي ٻوليءَ ۾ پڙهيو؟ عربيءَ ۾؟ ته پوءِ ته اها عربي ڪانهي. سنڌيءَ ۾؟ ته پوءِ سنڌي زبان جي اها صورت اهڙي آهي، جو هڪ اکر به سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. خود چچ نامو عربيءَ ۾ لکيل آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي لفظ، اول ”معرب“ ٿي ويا هوندا ۽ پوءِ ”مسَخ“ ٿي ويا هوندا. هاڻي، دٻي ۾ ٺڪريون آهن.

چچ نامي ۾ خود راجا ڏاهر جا به ٻه لفظ آيل آهن، ته جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي لشڪر کي چيائين ته، ”نسي من، نسي من“، يعني ”مان هت آهيان، هت آهيان.“ عام عقل جي ڳالهه آهي ته هن اهي لفظ اهڙيءَ ٻوليءَ ۾ چيا هوندا، جيڪي سندس لشڪر وارا ٻڌن ۽ سمجهن. پر، اهي اکر اڄ به سمجهه ۾ ڪونه ٿا اچن.

چچ نامي پڙهڻ سان ته ائين معلوم ٿئي ٿو، ته عربن جي فتح کان پوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ کي ڄڻ ته ٻُنجو اچي ويو. هونئن، عربن جي فتح ۽ طلوع اسلام کان پوءِ به سنڌ ۾ صدين جون صديون تصنيف تاليف ٿيندي رهي. پر، سنڌي زبان ۾ لکيل ڪنهن به ڪتاب جو ڪو سراغ ئي ڪونه ٿو ملي.

سڄيءَ سنڌ ۾ حضور پيغمبر جن جي خطن جو پهريون پهريون مبارڪ مجموعو ديبل جي هڪ عالم مرتب ڪيو. عربيءَ ۾ آهي. سنڌ جي ڪنهن به عالم يا اداري مجموعو هٿ ڪري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي. چون ٿا ته دمشق جي ڪتبخاني ”ظاهريه“ ۾ قلمي نسخي جي صورت ۾ رکيو هو. تازو، حضور جن جي ٻين خطن سان گڏ، ڇپجي ويو آهي.

پر، ان مان ايترو ته ثابت ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ به سنڌ ۾ وڏا وڏا عالم موجود هئا. انهن ۾ ڪي اصل نسل ۾ سنڌي هوندا. ڪي نو مسلم سنڌي هوندا، ته ڪي عراق ۽ ايران يا ٻين مسلم ملڪن مان هجرت ڪري آيا هوندا ۽ ممڪن آهي ته ٿوري گهڻي سنڌي به ڄاڻندا هجن. اهڙو هڪ عالم ”عجائب الهند“ وارو عراقي عالم آهي، جنهن تي اسان جي محققن تهمت مڙهي هئي ته هن سڄي قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪشمير جي پاسي تاڪيه رياست جي راجا کي ٻڌايو هو. اهو راجا به شايد ڊاڪٽر شمل وانگر ارڙنهن ٻوليون ڄاڻندو هو، جن ۾ سنڌي به شامل هئي! اهو ترجمو هاڻي ڪاٿي آهي؟ ڪوبه جواب ڪونهي.

عربن جي نئين ٻڌايل گاديءَ جي شهر منصوري جي قاضين، فقهه ۽ ٻين موضوعن تي، عربيءَ ۾ ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا. انهن جو لاهور جي اداري ثقافت اسلاميه جي ڇپايل ڪتاب ”فقهائي هند“۾ تفصيل سان ذڪر  آهي.

هنن ڳالهين جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌ ۾ عربيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ته ٿيندو رهيو، پر سنڌي ٻولي ڄڻ ته هڪ ”متروڪه“ زبان ٿي وئي. اڄ ان زماني جو ڪو به سنڌي ڪتاب ڪونهي.

ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪومت ۾ به سنڌي ٻوليءَ سان ساڳي جُٺ جاري رهي. تڏهن وري عربيءَ جي جاءِ فارسيءَ ورتي. بلاشڪ، قاضي قاضن، مخدوم نوحرح، شاهه عبدالڪريمرح بلڙيءَ واري جهڙا ڪيئي اهلِ دل انسان سنڌيءَ ۾ شعر چوندا هئا (۽ سندن زبان پڪي پختي سنڌي آهي) جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته هو سنڌ جي ماڻهن سان مخاطب هئا ۽ اهي سنڌي ڳالهائيندا هئا.

ليڪن پهريون پهريون قابلِ صدِ احترام، باڪمال شاعر (Committed Artist) شاهه عبداللطيف ڀٽائي پيدا ٿيو، جنهن هڪ غير تمند ”فرزندِ زمين“  (Son  of  the  Soil) وانگر احتجاج ڪيو ۽ فرمايو ته:

جي تون فارسي سکيو ته گولو توءِ غلام،

اُڃيو تان ”آب“ گهري، بکيو تان ”طعام“،

هي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو.

ٺٽي شهر ۾، مير علي شير قانع جهڙا مشاهير موجود هئا، تن به جيڪا تصنيف ۽ تاليف ڪئي، سا رڳو فارسيءَ ۾. مير علي شير قانع جي فقط هڪڙي ڪتاب ”مقالات الشعراءَ“ ۾ ست سؤ شاعرن جو ذڪر آهي. اهي سنڌي شاعر پنهنجي پنهنجي علم جا درياءَ فارسيءَ ۾ وهائيندا هئا، جن تي اڄ ڪو نگاهه وجهڻ وارو به ڪونهي.

مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام جهڙي اهم تاريخ لکي، ”شاهه عبداللطيف تارڪ“ جي باري ۾ صفحو ٻه مس لکي ٿو. سنڌ جي عظيم ترين شاعر جي سنڌ جي عظيم تاريخ نويس وٽ به مڃتا ۽ اهميت اها هئي!

سنه 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ تهران جوهڪ وڏو ڪُتب فروش، اسدي هت حيدرآباد آيو. مون سندس دعوت ڪئي ۽  ادبي بورڊ جي فارسي ڪتابن جو سيٽ ايران ۾ وڪري لاءِ ڏنو. ٻن چئن سالن کان پوءِ اسدي مون کي تهران ۾ مليو. چيائين ته آغا، اهو سيٽ سامهون ڪٻٽ هيٺان ائين ئي رکيو اٿئي. ڪتابن جي زبان اهڙي ته فضول فارسي آهي. جو هت ته ڪير اهڙو ڪتاب وٺڻ وارو ئي ڪونهي. ٿڌو ساهه ڀري دل ۾ چيم ته، ”سنڌ جا عالم ڍنگرن تي اٽو هاري ويا.“

سنڌ جي ڪن اهلِ دل انسانن اوائلي ڏينهن ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام جا قلمي نسخا ٺهرايا. مون سان مير علي احمد خان ٽالپر ڳالهه ڪئي ته اڳي سنڌ جي وڏن خاندانن ۾ اها روايت هوندي هئي ته نياڻيءَ کي ڏاج ۾ ٻئي سموري سامان سان گڏ ٻه متبرڪ تحفا ڏيندا هئا:

(1) ڪلام الله ۽ (2) شاهه جو رسالو.

شاهه سائينءَ تي پهرئين باضابطه ڪتاب تصنيف ڪرڻ جو نيڪ ڪم غالباً انگريزن جي زماني ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ جي شاهه تي انگريزي زبان ۾ لکيل ڪتاب ۾ به سانگيءَ جي ڪتاب جا حوالا آهن. سو، سانگيءَ جو ڪتاب ئي شاهه سائينءَ تي اولين ڪتاب چئبو. مير عبدالحسين خان سانگيءَ، شاهه سائينءَ تي ”لطائف لطيفي“ نالي سان ڪتاب لکيو.

پر، ان کان اڳي ڪن انگريز ڪمشنرن پنهنجن ٻارن لاءِ شاهه سائينءَ جي حياتيءَ تي مضمون لکايا هئا، البت، ڪتاب جو ذڪر ڪبو ته مڃڻو پوندو ته شاهه سائينءَ تي انگريزي زبان ۾”شاهڪار ڪتابُ“ ڊاڪٽر سورلي جو آهي، جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تعريف ڪئي اٿس.

هن سڄي تاريخي پسمنظر تي غور ڪبو ته ذهن ۾ سوال اٿندو ته اهو ڪهڙو محقق هو، جنهن جي محنت ۽ محبت سان عظيم ترين سنڌي شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة لله عليه جو رسالو پهريون ڀيرو سنڌي ٽائيپ ۾ شايع ٿيو؟ قسمت اهو اعزاز ارنيسٽ ٽرمپ جي نالي لکيو هو، جيڪو هڪ جرمن باشندو هو.

ٽُرمپ بابت سنڌيءَ ۾ ڪو به مستند ڪتاب يا احوال مون ڪونه ڏٺو آهي. سنه 1960ع ڌاران سائين حسام الدين راشديءَ ۽ مرحوم ممتاز حسن مون کي ٽرمپ بابت ڊاڪٽر شمل جو هڪ انگريزي ڪتابڙو ڏنو، ته سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪر، ته ڇپايون. جيڪڏهن ترجمي لاءِ مون کي وسيلا به مهيا ڪن ها ته جيڪر مان ڪم ۾ هٿ وجهان ها، پر هنن اهڙي مدد ڪابه ڪانه ڪئي. مون ڪتابڙو هِتان هُتان پڙهي رکيو، ته الائي ڪاڏي گم ٿي ويو. مون به گهڻي ڳولا ڪانه ڪئي. تڏهن افسانا لکندو هئس ۽ اهڙن ڪتابن ۾ دلچسپي ڪانه هئي. هاڻي جڏهن دلچسپي پيدا ٿي ته هن جرمن عالم بابت هِتان هُتان احوال گڏ ڪري مضمون لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.

ارنيسٽ ٽرمپ 13 - مارچ 1828ع تي ڄائو هو. سندس ڄم جو هنڌ ”السفيلڊ“ نالي هڪ ڳوٺ هو، جنهن جي رهاڪن جو گذر سفر پوکيءَ راهيءَ تي هو. اڳتي هلي، اتي باغن جو رواج پيو. باغ ايڏا ته ڪامياب ويا، جو آسپاس جا باغائي به پنهنجن ڳوٺن مان لڏي آيا ۽ ”السفيلڊ“ ۾ گهر ٺاهي ويٺا. نيٺ اهڙي ته سوڙهه ٿي وئي، جو السفيلڊ جا ڪيئي اصلوڪا رهاڪو به تنگ ٿي پيا، ڪي ڪوه قاف جي پاسي لڏي ويا، ڪي ڏکڻ آفريقا، ته ڪي آمريڪا هليا ويا.

اَرنيسٽ ٽُرمپ جي پيءُ جو نالو جارج ٽُرمپ ۽ ماڻس جو نالو ساران هو. سڄو خاندان سخت مذهبي هو. بلڪ ”السفيلڊ“ جي سڄي علائقي ۾ عيسائي مذهب جو غلبو هو.

اسان جي ملڪ ۾ ڪيترا مسلمان تبليغ جي ارادي سان پري پري هليا ويندا آهن، تيئن ”السفيلڊ“ جي تَرَ وارا ماڻهو به عيسائي مذهب جي تبليغ لاءِ پري پري نڪري ويندا هئا. منجهن پرهيزگاريءَ ۽ اخلاق جون سڀ وصفون هونديون هيون، جن جو ارنيسٽ ٽرمپ تي به ننڍيءَ عمر ۾ ئي وڏو اثر پيو.

اَرنيسٽ ٽرمپ چئن سالن جي عمر جو ٿيو، ته اسڪول ۾ داخل ٿيو. پر، سندس توجهه جو مرڪز اهي ”خانه بدوش“ (GYPSIES) ماڻهو هئا، جيڪي سندس ڳوٺ جي ٻاهران تنبو ۽ رانئٽيون هڻي رهندا هئا ۽ عجيب ٻولي ڳالهائيندا هئا. ڪجهه ڏينهن ڳوٺ جي ٻاهران ٽِڪي، لڏو پٽي، وري ٻئي هنڌ وڃي پکا هڻندا هئا.

ارنيسٽ جو شوق ڏسي پڻس کيس ٻوليون سکڻ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتي هو لاطيني (لئٽن) ۽ يوناني (گريڪ) ٻوليون سکيو. پر، خانه بدوش ماڻهن مان پوءِ به سندس دلچسپي ختم ڪانه ٿي. سو، جڏهن به کيس ڪٿي خانه بدوش ماڻهن جي ڪنهن ٽولي سان ملڻ جو موقعو ملندو هو، ته وڏي شوق سان سندن ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ سندن ٻوليءَ جو هڪ جڏو سڏو گرامر به ٺاهيائين(1).

اَرنيسٽ ٽرمپ جي والدين پنهنجي پٽ کي عيسائي مبلغ بنائڻ ٿي گهريو. سندن مرضيءَ موجب هڪ اعليٰ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ هيبرو (سرياني ٻولي) سکيو. ان کان پوءِ پروفيسر روڊولف وون روٿ کان سنسڪرت سکيو ۽ هاڪاري پروفيسر ايڇ. اوالڊ کان عربي سکيو. ڪجهه وقت کان پوءِ موقعو مليس، ته ايٿوپيا جون سامي صفت ٻوليون سکي ورتائين. هندوستاني ۽ سامي صفت ٻوليون ڄاڻڻ ڪري، کيس ”هندي اسلامي ٻولين“ (Indo-Muslim Languages) سکڻ ۾ سهوليت ٿي پئي.

ٽرمپ جو سياست ۾ به شوق هو. انهيءَ شوق ۾ هڪ دفعو جيل به ويو هو، پر، ڪنهن به وڏيءَ سزا کان بچي ويو. هو انهن نوجوانن جو ساٿي هو، جيڪي جرمنيءَ کي هڪ متحد ملڪ بنائڻ جا حامي هئا. ان زماني ۾ جرمنيءَ جي مختلف علائقن تي وڏن زميندارن ۽ سردارن جو غلبو هو، جيڪي پاڻ کي ملڪ جا حاڪم سمجهندا هئا. جاگيردارانه نظام ۾ عام ماڻهن کي آسانيءَ سان انصاف ڪونه ملندو آهي. اسان جي عام سنڌي ماڻهن وانگر، سدائين ڏتڙيل هوندا آهن.

ارنيسٽ ٽرمپ کي انهن مڙني سببن جي ڪري، ڪنهن اهڙي هنڌ وڃڻ جو شوق ٿيو، جتي کيس سياسي آزادي به ميسر هجي ۽ ٻولين سکڻ جو موقعو به ملي. سوچي، سوچي، نيٺ لنڊن هليو ويو، ڪجهه عرصو ”ايسٽ انڊيا هائوس“ ۾ نائب لئبررين جي عهدي تي ڪم ڪيائين.

”چرچ مشن سوسائٽي“ سندس ذوق شوق کان متاثر ٿي. کيس آڇ ڪيائين، ته تون هندستان وڃ ۽ اتان جي ٻولين جو اونهو اڀياس ڪر. اهڙيون ڊڪشنريون ۽ گرامر جا ڪتاب ٺاهه، جيڪي اسان جي عيسائي پادرين ۽ مبلغن کي اتان جون ٻوليون سکڻ ۽ عيسائي مذهب جي تبليغ ڪرڻ ۾ ڪم اچن.

انگريز سرڪار انهيءَ آڇ سان گڏ، کيس خاطري ڏني، ته تون جيڪي به ڪتاب تيار ڪندين، انهن جي ڇپائيءَ ۽ اشاعت جي سڄي خرچ جي ذميواري اسان تي آهي.

اَرنيسٽ ٽرمپ کي باقي ٻيو ڇا کپندو هو؟ هن خوشيءَ سان آڇ قبول ڪئي ۽ سامونڊي رستي، 1854ع جي سانوڻيءَ جي مند ۾، هندوستان روانو ٿيو. سندس هڪ خط هٿ آيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو شروع شروع ۾ پونا يونيورسٽيءَ ۾ سنسڪرت ڪاليج ۾ داخل ٿيو هو، جتي جي جاهل پنڊتن کيس سخت مايوس ڪيو. ايترو سو ٿيو، ته انهن کان ”ديوناگري“ لکڻ سکي ورتائين.

پونا يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي هڪ دوست ڊاڪٽر روما پڙهائيندي هئي. پر، جڏهن اسان جا لڳ لاڳاپا گھرا گهاٽا هئا ۽ مسلسل خط و ڪتابت ڪندا هئاسون، تڏهن ٽرمپ ۾ منهنجي دلچسپي ڪانه هئي، نه ته جيڪر پونا يونيورسٽيءَ ۾ هُوءَ ٽرمپ جي رهائش جو ڪو احوال موڪلي ڏئي ها.

لوڪ ادب جي ماهر هئي. آمريڪا ۾ ڪنهن ڪانفرنس ۾ لوڪ ڪهاڻيءَ بابت هڪ علمي مقالو پڙهيو هئائين. جيڪڏهن اهو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايان ها ته سنڌي سٻاجهڙن کي خبر پوي ها ته لوڪ ڪهاڻي ڇاکي چئبو آهي.

ٽرمپ 4- سيپٽمبر 1854ع تي پوني مان روانو ٿيو. جرمنيءَ ۾ پنهنجي هڪ دوست کي جيڪو خط لکيائين. تنهن تي (Kurachi in Sindh) لفظ لکيل آهن.


(1)  انهن يوروپي خانه بدوش GYPSIES لاءِ عام مشهور آهي ته هو اصل ۾ هند سنڌ مان ويا آهن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ انهن علائقن جي ٻولين جا اکر اڃا موجود آهن.

هندوستان جي روزنامہ Times of India ۾ ڪنهن زماني ۾ هڪ آرٽيڪل شايع ٿي هئي، جنهن ۾ جپسين جي ٻوليءَ ۾ چور، پاڻي، ڪارائي ۽ ڦڻيءَ جهڙا لفظ مثال طور ڏنل هئا. يورپي ”جپسين“ جي سردار ڏاڍي ڏک سان پنڊت جواهر لعل نهروءَ کي ڏوراپو ڏنو هو ته، ”تو جهڙي عظيم دانشور- پنهنجي ڪتاب Discovery of India ۾ اسان کي ڪيئن وساري ڇڏيو؟ ڇا اسان اوهان جا قديم غريب ڀائر ڪونه آهيون؟“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org