سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ماڻهو شهر ڀنڀور جا

 

صفحو :8

راشدي صاحب جي شڪار واري انگريزي ڪتابَ توڙي ”چين جي ڊائري“ جو ڪوبه قدر ڪونه ٿيو. پڙهندڙن ٻنهي ڪتابن کي نظرانداز ڪيو. البت، راشدي صاحب پرديس ۾ سنڌ کي سڪ سان ساري، ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ نالي جيڪو ڪتاب لکيو هو، ان جو وڏو قدر ٿيو.

ڪتاب جي نالي بابت راشدي صاحب پاڻ مون کي هڪ نقل ٻڌايو ته ڪنهن زماني ۾ پير سائين روضي ڌڻيءَ جو مدن نالي هڪ هندو مريد هوندو هو، جو رات جو جهنگ ۾ عبادت ڪرڻ ويندو هو. هيڪر، خليفن پير صاحب کي عرض ڪيو ته سائين، جهنگ ۾ شينهن آهي. متان ڪنهن مهل مدن ور چڙهي وڃيس! پير صاحب مدن فقير سان احوال ڪيو، جنهن هٿ ٻڌي مرشد کي ادب سان عرض ڪيو ته:

جنهن جي رات، تنهنجو ڏينهن،

جنهن جو مدن، تنهنجو شينهن!

مون اهو بيت ڪتاب جي اندرئين ٽائيٽل تي ڇاپي ڇڏيو.

ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي تلڪ چاڙهيءَ واريءَ پراڻيءَ پريس ڇپيو. مون پهرين چوويهن صفحن جا پروف راشدي صاحب کي مرحوم حافظ مبارڪ علي شاهه جي گاڏي کاتي واري گهر ”موتي محل“ ۾ ڏيکاريا هئا. کيس منجهن هڪ به غلطي نظر ڪانه آئي. پروفن پڙهڻ جو ڪم مان به ڪندو هوس پر، يار محمد ابن حيات پنوهر به مٿن نظرثاني ڪندو هو. سرورق جي ڪور ڊزائين ع.ق. شيخ ٺاهي هئي.

ڪتاب شايع ٿيو ته ان جي هنڌين ماڳين تعريف ٿي! مرحوم شير محمد نظاماڻي ٽنڊي قيصر جوويٺل هو. سنڌيءَ توڙي فارسيءَ جو عالم هو. ڪتاب جي تعريف ۾ اهڙا اکر چيائين جي مان لکي نٿو سگهان.

هڪ ڏينهن بورڊ ۾ ويٺو هوس، ته ڪنهن ڪراڙي شخص ڪراچيءَ مان فون ڪئي. ٿلهي ۽ گهگهي آواز ۾ چيائين ته، ”بابا، راشدي صاحب جيڪو ڪتاب لکيو آهي: جيڏا ڏينهن، تيڏا شينهن ان جي ڪا ڪاپي ته موڪليو.“ اهو بزرگ پيپلس پارٽيءَ جي حڪومت ۾ وزير دفاع، شعبان ميراڻيءَ جي خاندان مان هو.

سنڌي ادبي بورڊ سوين ڪتاب ڇپايا آهن. پر، ڪوبه ڪتاب اهڙيءَ تيزيءَ سان ڪونه وڪاڻو، جهڙو ”اهي ڏينهن، اهي شينهن!“ اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي.

راشدي صاحب جهڙو جهان ديدو شخص، سڄيءَ عمر جي تجربي جي باوجود شايد انهيءَ سبب ڪري، ائين سمجهي ويٺو، ته پاڻ قلم جي زور سان سنڌ جي ماڻهن جي من ۾ جادو جاڳائي ڇڏيو اٿس. سو هاڻي جيڪي به لکندو ويندو، سنڌ جا ماڻهو انهيءَ کي اکيون ٻوٽي، قبول ڪندا ويندا- اها سندس ڀل هئي.

انهن ڏينهن ۾ ون يونٽ جي خلاف مهم زورن تي هئي. نوجوان اديبن ۽ شاگردن جا ٽولا حيدرآباد جي قلعي ۾ هوشو شيديءَ جي قبر تي گل وجهڻ ويندا هئا. راشدي صاحب حيدرآباد جي هڪ اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا ته، ”هوشو شيديءَ جي قبر قلعي ۾ ڪانهي. مياڻيءَ جي قبرستان واري پاسي آهي. اوڏانهن ڳولجي.“

سنڌي اديب ۽ شاگرد سندس اصل مقصد سمجهي ويا، ته هو کين ٿيڙ ڏيڻ گهري ٿو. تن اچي کيس تنقيدي مضمونن ۾ ورايو. خاص ڪري، ڊاڪٽر الانا تمام اهم مضمون لکيا. راشدي صاحب خاموش ٿي ويو.

مون راشدي صاحب تي جيڪي تنقيدي مضمون ۽ تحريرون پڙهيون آهن، تن سڀني ۾ دلچسپ تحرير ناز سنائيءَ جي هئي، جنهن ۾ ڪنهن ٿلهي متاري ماستر جو مثال ڏنو هئائين، جيڪو کڏو ٽپڻ لاءِ، ٻين سان شرط پڄائڻ واسطي پري کان ڪو وظيفو پڙهندو، ڊوڙندو ٿي آيو، پر، کڏي وٽ پهتو، ته ٽپي ڏيڻ سان امالڪَ منجهس وڃي ڪِريو!

الطاف گوهر نالي اردو زبان جي هڪ جغادري اديب پڻ ”ايوب خان“ نالي پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ راشدي صاحب تي تنقيد ڪئي آهي. الطاف گوهر جي ڀُٽي صاحب سان سٺي دعا سلام هئي. سندس وڏو مداح هو. پر، ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو، ته جيل ۾ وڌائينس.

الطاف گوهر لکيو آهي ته راشدي صاحب فلپائينس ۾ سفير ٿيو ته ”آمريڪي سندس دشمن هئا.“ ممڪن آهي ته ائين هجي. پر، اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، ته آمريڪا جي مخالفت کان پوءِ راشدي صاحب چين ۾ پاڪستان جو سفير ڪيئن ٿيو؟

انهيءَ ڳالهه کان به اهم ڳالهه هيءَ آهي ته اسان اهڙي همت ڪڏهن ڪئي، جو آمريڪين کي ناراض ڪريون؟ پنهنجي فلپائينس جي سفير کي ترقي ڏئي، چين جو سفير مقرر ڪريون! چين تڏهن به فلپائينس کان وڌيڪ اهم ملڪ هو. هاڻي به آهي. شروع کان آمريڪا جي پوت به ڪانه اٿس.

بهرحال، راشدي صاحب اڳي پوءِ وري ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ڪتاب ڏي موٽ کاڌي. ان جو ٻيو ۽ ٽيون جلد لکيائين. پر، انهي دؤران هڪ اهڙو ڪم ڪيائين، جو منهنجي ساڻس جيڪا ذاتي سڪ هئي، تنهن تي به پاڻي ڦيري ڇڏيائين. هڪ ڏينهن مان ڪراچيءَ ۾ وٽس ويس ته چيائين: ”ٻئي جلد بابت راءِ ڏي.“

مون ان جا ڪي ٿورڙا ٽڪر پڙهيا هئا، پر ڪونه وڻيا ها، جو انهن ۾ ”آمد“ نه پر ”آورد“ وارو معاملو هو. سو، مون کيس چيو ته، ”رات ڪتاب پڙهي، صبح جو اوهان کي راءِ ڏيندس.“

ٻئي ڏينهن صبح جو مون کيس چيو ته، ”خانبهادر کهڙي واري مضمون ۾ اوهان لکيو آهي ته جنرل ايوب، يورپ ۾ هو ته کيس خيال آيو ته ملڪ جي مسئلن حل ڪرڻ ۽ خاص ڪري بنگالين جي وات بند ڪرڻ جو مؤثر طريقو هيءُ آهي ته اولهه پاڪستان جا صوبا ختم ڪري، اتي به هڪ صوبو ڪجي، يعني ”ون يونٽ“ ٺاهي، اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي ٻن صوبن کي PARITY (برابريءَ) جي بنياد تي هلائجي.

چيو ته، ”اوهان پڙهندڙن کي گويا اهو تاثر ڏيڻ گهرو ٿا ته ”ون يونٽ“ ٺاهڻ ۾ کهڙي صاحب يا توهان جو ڏوهه ڪونه هو، اهوته فوج جي تڏهوڪي ڪمانڊر ان چيف جو فيصلو هو. ليڪن، اوهان اها ڳالهه وساري ويٺا آهيو، ته هن وقت به ملڪ ۾ فوج جي حڪومت آهي. متان جنرل ضياء اوهان جي ڳالهه جو ڪو منفي اثر وٺي.“

راشدي صاحب منهنجي راءِ ٻڌي، حالي ته وٺجي ويو! پوءِ رازداريءَ ۾ چيائين ته: ”هاڻي هيئن ڪر، جو ڪتاب مان کهڙي وارو مضمون ڪڍي ڇڏ. مان ٻيو مواد موڪليان ٿو. اهو وجهي، وچ وارا سمورا خالي صفحا پورا ڪري ڇڏ. هاڻي کهڙي صاحب وارو مضمون ٽئين جلد ۾ وجهنداسين. تيسين جنرل ضياء جي فوجي حڪومت ئي ڪانه رهندي. بس، حيدرآباد پهچي، مواد لاءِ ماڻهو موڪل.“

مان حيدرآباد موٽي آيس. راشدي صاحب ڏي ماڻهو موڪليم. موٽي آيو، ٻڌايائين ته: ”سائين خانبهادر کهڙو ته ڏاڍو ڪو عجيب ماڻهو آهي!“

مون چيو ته، ”ڇا ٿيو؟“

چيائين ته، ”راشدي صاحب سان مليس. جنهن چيو ته: ”بابا، ڇا ڪريان! خانبهادر کهڙو ڪالهه لاڙڪاڻي مان پراڻن ڪاغذن سان ڀريل ڪاٺ جون ڪيئي پيتيون کڻائي آيو آهي، ته هي سمورا احوال منهنجي مضمون ۾ وجهه، سو لاچار آهيان. سڀ ڪاغذ پڙهي، کهڙي صاحب وارو مضمون نئين سر لکڻو پوندم. تيسين اوهان سندس مضمون هن جلد مان ڪڍي ڇڏيو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي نئون مواد وجهو. اهو مواد مون وٽان کڻي وڃ. کهڙي صاحب وارو مضمون ڪتاب جي ٽئين جلد ۾ وجهنداسين.“

مون کيس چيو ته، ”ادا، ڪتاب جو لکندڙ راشدي صاحب آهي، جيڪا سندس مرضي. اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟“

اسان راشدي جو موڪليل موادُ ڪمپوز ڪرڻ شروع ڪيو. ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جي اُونَ ڪانه ڪئي. اسان کي ته دل ۾ ڪو به غير گمان هو ئي ڪونه. هوڏانهن، راشدي صاحب ڪو کهڙي صاحب کي سبز باغ ڏيکاريا هئا ته، خانبهادر! مون توهان تي اهڙو ته شاندار مضمون لکيو آهي، جو توهان جي دامن تان ون يونٽ جو داغ ڌوئي پوئي، تاريخ جي صفحن ۾ اوهان کي اڇو اجرو ڪري بيهاريو اٿم.

 ”سو، کهڙو صاحب ٻئي جلد جي اشاعت جو سخت انتظار ڪري رهيو هو. ٻيو جلد شايع ٿيو، ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمن سائين شاهه محمد شاهه (مرحوم) ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ ويل هو. پاڻ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هوندو هو، ته کهڙو صاحب بورڊ جو صدر هو. سو، تڏهن کان وٺي، ڪڏهن ڪڏهن کهڙي صاحب سان ملندو رهندو هو. شاهه صاحب مون کي فون ڪئي ته، ”سائين، ڪالهه کهڙي صاحب سان مليس. ڪا ڳالهه ڪيائين. پنهنجن جي هنيل آهي، پر اُلڪي جي ڳالهه ڪانهي. الله ڪندو ته سڀ خير ٿيندو. مون معاملو درست ڪري ڇڏيو آهي.“

مون کي ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪانه آئي. ٻئي ڏينهن شاهه صاحب حيدرآباد موٽي آيو ۽ ڳالهه ڪيائين ته، ”خانبهادر کهڙي وٽ ويو هوس. ڳالهين مٿي ڳالهيون نڪتيون. بورڊ جو ذڪر نڪتو ته پڇيائين ته، ”شاهه صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪو مهاجر آفيسر آيو آهي ڇا؟“

مون چيو ته: ”سائين سيڪريٽري ته غلام رباني آگرو آهي. جيڪو پڪو سنڌي (SOLID SINDHI) آهي. اوهان واري بورڊ ئي کيس مقرر ڪيو هو. ڳالهه ڪهڙي آهي؟“

خانبهادر کهڙي چيو ته، ”راشدي پنهنجي ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ مون تي ڏاڍو ڪو شاندار مضمون لکيو هو، پر ڪالهه آيو، سو ڳالهه ڪيائين ته، خانبهادر! ”بورڊ ۾ ڪو اهڙو ڪٽر سيڪريٽري آيو آهي. جنهن جي اوهان سان اڻبڻت آهي جو اوهان وارو مضمون ڪتاب مان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو اٿس!“ هاڻي اوهان ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي چئي سندس ڪَنَ مَهٽ ڪرائي ڇڏيو!“

شاهه صاحب جي واتان اها ڳالهه ٻڌي مان ته وائڙو ٿي ويس!

مون کي اڄ به ياد آهي ته منهنجو اهو ڏينهن ائين گذريو، جيئن ڪو ماڻهو پنڪين ۾ هجي. ڪا ڳالهه نه وڻي، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن ڏک ۾ ٻڏندو ويس. دل ۾ چيم ته، ”راشدي صاحب ۽ سندس ڀاءُ سائين حسام الدين شاهه جي زندگي ڀر خدمت ڪئي اٿم، ان ڳالهه جي کيس ذرِي پُرزِي خبر آهي. پنهنجي ڪتاب جي ٻئي جلد مان کهڙي صاحب جو مضمون پاڻ ڪڍائي، هاڻي وري الزام اسان تي هڻي رهيو آهي!

ڪيئي ڳالهيون ياد آيون.

جڏهن مان حيدرآباد جي سول لائينس جي بنگلي نمبر: 3 ۾ بورڊ جي آفيس ۾ رهندو هوس ته راشدي صاحب ڪراچيءَ کان دادوءَ ايندي ويندي ڏپهرو مون وٽ ڪندو هو ۽ ڏينهن ٺاري اڳتي ويندو هو. ڪڏهن پنهنجي فيمليءَ ۽ نوڪرن چاڪرن سان گڏ ايندو هو. ٻه ٽي ڪتا پڻ ساڻ هوندا هئس. بورڊ جون آفيسون حيدرآباد شهر مان کڄي ڄامشوري ۾ آيون،ته اتي به اها رسم ۽ ريت قائم رکيائين. مان، وس آهر سندس خدمت ڪندو هئس. هڪ دفعي مان ڪراچيءَ ويل هئس. پاڻ اوچتو آيو. منهنجي ننڍي ڀاءُ شبير فون تي اطلاع ڏنو، مون کيس هدايت ڪئي ته راشدي صاحب جي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏجي.

شبير لنچ جو ته خاطر خواهه انتظام ڪيو، پر، موڪلائڻ مهل کيس بامبي بيڪريءَ جا درجن ڪيڪ پيش ڪيائين. اهو ڏسي راشدي صاحب چيس ته، ”بابا، تو ته ڪِيسُ ڪيو آهي. ايڏو خرچ!“

اهي ڳالهيون ياد آيون، ته هيڪاري ڏک ٿيو، بهرحال مسئلو ته به اکين اڳيان موجود هو. سوچ ويچار ڪري، رات جو خط لکيم، جيڪو منهنجو هڪ اعتماد وارو ماڻهو کڻي ڪراچيءَ روانو ٿيو. صبح جو موٽيو، احوال ڪيائين ته،”سائين حسام الدين شاهه جي جاءِ تي خط ڏنم. ڪجهه دير کان پوءِ مسز ممتاز راشدي صاحبه کي لارينس روڊ واري بنگلي تان گهرايائون. آئي ته مون کي سڃاتائين ۽ کيڪاريائين. اندر وئي دير دير سان ٻاهر نڪتي. پر، ڳڻتيءَ ۾ ورتل هئي. سو، مان ڀانيان ٿو ته سائين حسام الدين شاهه اوهان جو خط کيس ڏيکاريو هو.“

مسز ممتاز راشدي مون کي ڀائيندي هئي. هڪڙو ٿورو ته اهڙو ڪيائين، جو عمر ڀر ياد رهندو. ڪنهن زماني ۾ بُڪيءَ (KIDNEY) جي بيماريءَ ۾ مبتلا هئس. ڪراچيءَ ۾ سڏيائين ۽ منهنجو علاج وڏي توجهه سان ڪرايائين. اڳتي هلي، اهڙا ٻيا به ڀلائيءَ جا پير کنيائين. مثلاً مون کي مجيب پٽ ڄائو ته سنڌ جي دستور موجب، ٻارڙي لاءِ ڪپڙن جو وڳو وٺي، تحفي طور، اسلام آباد مان، هوائي جهاز رستي حيدرآباد موڪليائين.  جڏهن مان اسلام آباد ايڪيڊميءَ ۾ مقرر ٿيس ته پاڻ اتي به ڀيرو ڀريندي هئي. منهنجي ننڍيءَ ڀيڻ سان دل هئس. گهر ۾ اچڻ سان کيس چاءِ ڪبابن جي فرمائش ڪندي هئي.

دراصل ڳالهه آهي ماڻهوءَ جي اخلاق جي! ماڻهو اخلاق جي وسيلي ئي ٻئي انسان کي پنهنجو مطيع ڪري سگهي ٿو. مون سان جيڪي پير ڀريائين، سي منهنجن ويجهن دوستن کان به ڪونه پڳا. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن هلڪو سلڪو ڪم چوندي هئي، جو ڪري ڇڏيندو هوس. مثلاً ڪڏهن سوسيءَ جي زالاڻن وڳن، ڪڏهن ڀرت ڀريل سنڌي زالاڻن رَون، ته ڪڏهن ڪن ٻين شين لاءِ فرمائش ڪندي هئي.

سو، سمجهيم ته سائين حسام الدين شاهه کيس منهنجو خط پڙهايو هوندو ته ضرور کيس ڳڻتي ٿي هوندي.

منهنجو شڪ صحيح نڪتو. ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ مان صبح سان سندس فون آئي: ”رباني صاحب، تون ڪراچي اچين، ته سڌو اسان وٽ اچجانءِ.“

پاڻ ڳالهائي بس ڪيائين ته راشدي صاحب جو ڪڙڪو ٻڌم: ”بابا، اهو شاهه محمد شاهه ڪير آهي؟ وتي ٿو غلط فهميون ڦهلائيندو!“

مون راشدي صاحب کي ڪوبه جواب ڏيڻ بدران خاموش رهڻ مناسب سمجهيو. البت، خانبهادر کهڙي وٽ وڃڻ جو پروگرام پڪو رٿيم.

ڪراچيءَ ويس، ته سڌو خانبهادر کهڙي وٽ هليو ويس. قرب ۽ شفقت سان مليو. شربت پياريائين. بورڊ جا حال احوال ورتائين. مون سندس مضمون جو ذڪر ڪيو، ته ڳالهه لنوائي ويو. لئمبرڪ جي ڪتابن جو ذڪر ڪڍيائين. جڏهن ساڻس ٻيهر مضمون جو ذڪر ڪيم ۽ کيس ٻڌايم ته راشدي صاحب ته هيئن چئي پاڻ اسان کان ٻئي جلد مان اوهان تي لکيل پنهنجو مضمون ڪڍايو آهي، ته مُرڪڻ لڳو.

مون کيس  اهو ته ڪونه ٻڌايو ته اوهان جي ڌيءُ حميده، بورڊ ۾ منهنجي گهر اوهان جو مضمون وٺڻ آئي هئي، جو چيائين ته انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻو اٿم. مون کيس چيو ته سڀاڻي پريس مان گهرائي اوهان کي موڪلي ڏيندس. هوءَ هلي وئي ته مون راشدي صاحب کي فون ڪري حميده کي مضمون ڏيڻ لاءِ موڪل گهري. کهڙو صاحب سندس دوست هو. پر، حميده کي ڪِنُو اکر ڪڍي، مون کي چيائين ته متان کيس  منهنجو مضمون ڏنو اٿئي!

ڪجهه دير رکي، تمام آرام ۽ اطمينان سان مون کي چيائين ته، ”بابا، مان راشدي صاحب جون سوين اٽڪلون سڃاڻان! تون ڪابه ڳڻتي نه ڪر. رڳو هيترو ٻڌاءِ، ته ٽئين جلد ۾ مون وارو مضمون ايندو؟“

مون چيو ته: ”سائين اجازت ڏيو، ته مان اڄ ئي ٻئي جلد کي ڦاڙائي، ان ۾ اوهان وارو مضمون وجهان.“

کِلي ڏنائين. چيائين ته، ”نه، اهڙوڪم نه ڪجانءِ، بس، جڏهن ٽيون جلد ڇپجي، ته ان ۾ وجهي ڇڏجانءِ.“

مون ائين ئي ڪيو. پر، کهڙي صاحب جي قرب ۽ اخلاق مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. مان سندس بنگلي تان سڌو راشدي صاحب جي بنگلي تي ويس. اڪيلو ئي اڪيلو ويٺو هو.

”ڇا پيئندين؟“

”ڪجهه ڪونه“

”ماني کائيندين؟“

”نه“، مون کيس تِکائيءَ سان چيو، ”مان آيو آهيان، هاڻي ڦاهي تي چاڙهيو!“

”بابا، ڪير ڪونه ٿو ڪنهن کي ڦاهي تي چاڙهي! ٻڌاءِ ته ڇا پيئندين؟ سيون - اپ پيئندين يا چاءِ؟“

مان اٿي هليو آيس. وقت هر زخم جو علاج آهي. زمانو گذري ويو- زخم ڇٽي ويو، پر، راشدي صاحب جو ڏنل داغ هميشه لاءِ رهجي ويو.

ڪتاب جو ٽيون جلد ڇپجڻ شروع ٿيو، ته مون ان مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. بورڊ جي پريس ۾ هڪ اشراف ماڻهو هو. راشدي صاحب سڌو سنئون ساڻس لڳ لاڳاپو رکيو. کيس آسرو ڏنو هئائين ته، ”ڪتاب سٺو ڇپيو، ته توکي سونو قلم انعام ۾ ڏيندس.“

جڏهن ڪتاب ڇپجي پورو ٿيو ته مون کي چيائين ته، ”اوهان اها چٻ ڪٿان ڳولي پريس ۾ ويهاري آهي؟“

ٽئين جلد جي پروفن ۾ هڪ دفعي ڪجهه دير پئي. الله بخش پٽيوالو راشدي صاحب وٽ ڪراچيءَ ويو ۽  کيس پروف ڏئي، وٽانئس شربت جو گلاس پي، موٽي آيو ۽ چيائين ته پروف سائينءَ کي هٿ ۾ ڏئي آيس. راشدي صاحب پروفن ۾ دير لاءِ مون کي ته ميار ڪانه ڏني! پر دل جي باهه ڪڍڻ لاءِ چٺي لکيائين ته:

”اوهان جو پٽيوالو آيو. دروازي جي ٻاهران پروف بنگلي ۾ اندر اُڇلائي هليو ويو. اوهان مولانا قاسميءَ کي سمجهايو ته پنهنجيءَ سونهاريءَ جو خير گهري، ته آئنده پروفن ۾ دير نه وجهي.“

اها چٺي شايد اڃا عزيزم الطاف آگري وٽ پئي آهي. پڙهي، مون کي ڏک ٿيو. سائين قاسمي صاحب بورڊ جو چيئرمين هو. پر، دين جو عالم به هو. رحيم بخش سومري جو قول ياد آيو ته، ”راشدي صاحب ڏکيو ماڻهو آهي. سوچي سمجهي کيس ويجهو وڃبو آهي.“

”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جي ٽن جلدن جي ڇپائيءَ دؤران راشدي صاحب جي سڀاءَ جا جيڪي ٻيا تجربا ٿيا، سي هاڻي وسري ويا اٿم، پر هڪڙو اڃا ياد اٿم.

پهرئين جلد ۾ پاڻ سڀ کان اول سر شاهنواز ڀٽي تي ويهن ٻاويهن صفحن جو مضمون لکيو هئائين، پر، اڳتي هلي، مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس اختلاف وڌي ويا، سو، مون کي ڪراچيءَ مان فون ڪيائين، ته ”ڪتاب مان سر ڀٽي وارو مضمون ڪڍي ڇڏ.“ سندس اصل اکر هي هئا: ”اهو مضمون ڇاپي، مان کيس لافاني IMMORTAL ڇو ڪيان!“

مون سندس چوڻ موجب مضمون ڪڍي ڇڏيو. ڪتاب ڇپجي ويو. چڱو وقت گذري ويو. ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. هڪ ڏينهن راشدي صاحب ڪراچيءَ مان صبح سان سوير فون ڪئي، ”بابا، سر ڀٽي وارو مضمون ڪاٿي؟“

”سائين، مون وٽ آهي.“

”مهرباني ڪري محفوظ رکجانءِ. ڪنهن کي ڏيکارجانءِ نه.“

انهيءَ ڏينهن، سندس ڳالهائڻ ۾ مکڻ ۽ ماکيءَ وارو ميٺاڄ هو. وچ تي الله جو ڏينهن ئي هڪڙو گذريو. ٻئي ڏينهن، ٽاڪ منجهند مهل، آفيس جي عمارت هيٺان ”پان“ ”پان“ ٿي. ماڻهو ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي آيو ته، راشدي صاحب اوهان کي هيٺ سڏي رهيو آهي. سائيرڙي رنگ جي وڏي ڪار بيٺي هئي. راشدي صاحب اڳيان ڊرائيور جي پاسي ۾ سيٽ تي ويٺو هو ۽ سائين حسام الدين شاهه پٺينءَ سيٽ تي ويٺو هو.

”بابا، سر ڀٽي وارو مضمون؟“

”مون وٽ آهي.“

”کڻي اچ.“

مون مضمون جي فوٽو ڪاپي ڪرائڻ ۽ سانڍڻ به بداخلاقي سمجهي. مان اهي ٺڳيون ڪونه ڄاڻان پر، مضمون پڙهيو هئم. ان جو شروعاتي حصو اڃان ياد اٿم.

بهرحال، مٿي آفيس ۾ ويس. ڪٻٽ مان، مضمون ڪڍي آڻي ڏنومانس. ڪاري رنگ جي صدري پاتل هئس. مضمون وڏي احتياط سان ويڙهي، ان جي اندرئين کيسي ۾ وڌائين ته سائين حسام الدين شاهه مون کي چيو ته، ”ڪار ۾ ويهه.“

ڪار هلي، راڻي باغ جي ڀرسان حنيف صديقيءَ جي گهر وٽ بيٺي. اندر وياسين. حنيف صديقيءَ کي ڪو اڳي ئي اطلاع ڪيو هئائون. ماني ٺهرايون ويٺو هو. سندس فرزند شفيع اسان جون پولورائڊ ڪئميرا سان تصويرون ڪڍيون. راشدي صاحب ڪئميرا جي تعريف ڪئي. حنيف صديقيءَ اتي جو اتي ڪئميرا کڻي کيس نذر ڪئي.

گذريل زمانن جون ڳالهيون نڪتيون. حنيف سڪ سان ساڻس ننڍپڻ جا داستان بيان ڪندو رهيو ۽ کيس ڪڏهن ”علي محمد“ ته ڪڏهن ”علي محمد شاهه“ ڪوٺيندو رهيو. ننڍپڻ جا اهي قصا ڪندي، دل ڀرجي آيس، اکين مان ڳوڙها وهي آيس.

حنيف صديقي ٻنهي ڀائرن جو ننڍپڻ جو ساٿي هو. ساڻن پڇاڙيءَ تائين سڪ قائم رهيس. پراڻا يار ڏاڍا پيارا ٿيندا آهن. حنيف کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو. سائين حسام الدين شاهه چوندو هو ته، ”اسان ٻنهي ڀائرن کي انهيءَ دڳ سان لائڻ وارو ماڻهو حنيف صديقي هو.“

حنيف صديقيءَ جي گهر مان نڪتاسين، ته راشدي صاحب چيو ته، ”رباني، جي ڪراچيءَ گڏيو هلين، ته ڪچهري ڪندا هلون.“

مون چيو: ”سائين، هلو.“

ڪراچيءَ روانا ٿياسين. رستي تي دلچسپ ڳالهيون ڪيائين. مکيه موضوع زال ذات هئي. سنڌي مسلمان ۽ هندو زالن جي نفسيات تي تبصرو ڪيائين، مسلمان زالن کي ”دوزخ جا اُلا“ ۽ هندو زالن کي ”بهشت جون حورون“ ڪوٺيائين. مثال ڏنائين ته واڻيو سڄو ڏينهن هٽ هلائي، گهر پهتو، ته جوڻس کٽ تي ويهاري، پيرن مان جوتو لاهي، نيم گرم پاڻيءَ جي بالٽيءَ ۾ پير رکندس، ته گهڻيءَ وهڪ ڪري جيڪو ٿَڪُ ٿيو هوندس، اهو لهيس. پوءِ پيرن کي انگوڇي سان اُگهي، هوريان هوريان زور ڏيندس، ته قرار اچيس. واڻيو چيلهه ڊگهي ڪندو ته پاڻ ڊوڙ پائي، گرم گرم ڦلڪا ڪڍي وٺندي ۽ اچي پيار مان چونديس ته، ”گوبند جا پيءُ ڦلڪو ته کاءُ.“ واڻيو اٿندو، ته اڳيان ٻيو انگوڇو وڇائي، هڪڙي ڪٽوري ۾ ٻوڙ ته ٻئي ۾ ڀاڄي، ته ٽئين ۾ دال اڳيان رکندس. ان سان گڏ ڪا سٺي شيءِ، مثال طور صوفن جو مربو يا انبڙين جو اچار، پاپڙ، ۽ ٿڌو پاڻي! واڻيو فرحتي گرهه وجهي کٽ تي ليٽندو، ته وري پيرن کي زور ڏيندس ته اک لڳيس.

هوڏانهن مسلمان هاري ڪاڙهي تتي ۾ ٻنيءَ ۾ هر  ڪاهي، گهر موٽندو. پگهر پيو ڳڙندس گهر اندر وک وجهندو ته جوڻس کيس ڏسي انهيءَ ئي ٻار کي ٽڪڻ تي چنبو هڻندي، جنهن جو مٿو تازو پاڪيءَ سان ڪوڙيل هوندو. ڇورو ٻرڙاٽ ڪندو، ته پاڻ به واڪو ڪندي: ”مئا، دال نه کائيندين، ته پلاءُ کائيندين؟ وڃي پڻهين کي چئه.“

ويچارو مسلمان ٿڌو ساهه ڀري ويهي رهندو.

وقت گذرندي دير ڪانه ٿي لڳي. ڪجهه سالن کان پوءِ، مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو- وائيس چانسيلر مقرر ٿيس. حنيف صديقي هيءُ جهان ڇڏي ويو. هڪ ڏينهن پٽس شفيع  پنهنجيءَ ڀيڻ جي ڪنهن معاملي ۾ مدد وٺڻ لاءِ آفيس ۾ ملڻ آيو. مون قرب سان چيس ته، ”راشدي صاحب اڄ ڪلهه صدرِ پاڪستان، ڀُٽي صاحب جو صلاحڪار آهي. ساڻس به صلاح ڪريون.“

چيائين ته، ”چاچا، منهنجي ڀيڻ اسلام آباد ويئي هئي. پورا پندرنهن ڏينهن سندس ئي گهر ۾ ٽڪيل هئي. پر راشدي صاحب ڪونه مليس.“

جڏهن اهو سڄو احوال ٻڌايائين، ته مان ڏک ۾ ويڙهجي ويس. حنيف صديقيءَ جي گهر ۾ دعوت جو منظر ۽ سندس سڪ ڀريا سڏڙا ياد آيا: ”علي محمد شاهه، او علي محمد شاهه!“

سنه 1976ع کان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت دوران ڪي دلچسپ مشاهدا ٿيا. سو، مون ڊائري لکڻ شروع ڪئي. ان مان  هڪ ورق هت نقل ڪريان ٿو:

ڪالهه صبح جو غلام نبي ميمڻ اڳوڻو وزير قانون، مغربي پاڪستان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پٽ جي داخلا لاءِ مون سان ملڻ آيو. ان سلسلي ۾ ٻه چار دفعا اڳ پڻ آيو آهي. معاملي ۾ ڪو اٽڪاءُ آهي. هر دفعي ساڻس سٺي ڪچهري ٿيندي آهي. هن ڀيري منهنجيءَ مدد سان سندس ڪم ٿي ويو. خوش ٿيو. ڪچهري ڪندي ٻڌايائين ته ايوب خان جي دؤر ۾ جڏهن پاڻ ون يونٽ واري دور ۾ نواب ڪالا باغ جي حڪومت ۾ وزير قانون هو، تڏهن راشدي صاحب سان اهو طئه ٿيو هو، ته هو ايوب خان جي حمايت ۾ اخبارن ۾ آرٽيڪل لکندو ۽ موٽ ۾ کيس پندرنهن سؤ رپيا ماهيانو معاوضو، رهائش لاءِ گلبرگ ۾ بنگلو ۽ اچڻ وڃڻ لاءِ ڪار ملندي. هن چيو ته انهي خرچ پکي جو سڄو بار ڪراچيءَ جي سيٺ دائود تي رکيو ويو هو، جنهن جا نواب ڪالا باغ سان گهرا مراسم هئا.

غلام نبي ميمڻ صاحب ٻڌايو ته راشدي صاحب جا مضمون ڪڏهن ڪنهن جي نالي سان ته ڪڏهن ڪنهن جي نالي سان ڇپبا هئا. هڪ مضمون سندس (غلام نبيءَ ميمڻ) جي نالي ۾ به ڇپيو هو، جنهن ۾ فاطمه جناح جي مخالفت ڪيل هئي، جا صدر محمد ايوب خان سان چونڊن ۾ بيٺي هئي. ان ۾ صدر ايوب خان پنهنجي هٿ سان هي اکر وڌايا هئا ته ”محترمه فاطمه جناح کان پڇيو وڃي ته هن پاڻ قائداعظم يادگار (مقبري) جوڙائڻ لاءِ ڪل ڪيتري امداد ڏني آهي؟“

غلام نبي ميمڻ چيو ته، مضمون جي اشاعت بعد اردو پريس ۾ ان جي مخالفت ٿي، سو، صدر ايوب چيو ته، ”راشدي صاحب جا مضمون مون لاءِ چڱي ڳالهه نه آهن، انهن کي بند ڪيو وڃي.“

ميمڻ صاحب جي مٿين ڳالهه ٻڌي مون کي ياد آيو، ته تن ڏينهن ۾ مان سنڌي ادبي بورڊ جي سالياني گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ لاهور ويو هوس. راشدي صاحب فلئٽيز هوٽل ۾ ٽڪيل هو. سائين حسام الدين شاهه جي چوڻ تي مان ساڻس ملڻ ويس. پاڻ ڪمري ۾ ڪونه هو. ڪو ٽائيپسٽ انگريزي مضمون ٽائيپ ڪري رهيو هو. راشدي صاحب ڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب وٺي آيو هو. مان اهي ڏسڻ لڳس، ته ايتري ۾ پاڻ به اچي ويو. چڙ مان چيائين ته: “WHAT ARE YOU DOING HERE”

اُهي اکر ٻڌي مان هڪو ٻڪو ٿي ويس! کيس چيم ته، ”لاهور سرڪاري ڪم سان آيو هئس. واپس پئي ويس. پر، سائين حسام الدين شاهه جي چوڻ موجب، اوهان سان ملڻ هيڏي آيس.“

اهو ٻڌي، اول ته ٽائيپ ٿيل ڪاغذ ڏسندو رهيو. پر، پنهنجي چڪ محسوس ڪري، منهنجي دل پرڀائڻ لاءِ ڏاڍي قرب سان چيائين ته، ”ڪيئن ڪتاب وڻيئي؟“

مون ٿڌائيءَ سان چيو ته، ”سٺا آهن.“ ائين چئي اٿي هليو آيس. پر، ڪيترا ڏينهن ارمان رهيو، ته وٽس ويس ڇو؟

ٿورن ڏينهن بعد غلام نبي ميمڻ جي نالي ۾ ”پاڪستان ٽائيمس“ ۾ هڪ آرٽيڪل شايع ٿي، جنهن ۾ صدر ايوب خان جي حمايت ۽ فاطمه جناح جي مخالفت هئي. مون کي ميمڻ صاحب جي ڳالهه ٻڌي خيال آيو، ته لاشڪ ته اها ئي آرٽيڪل فلئٽيز هوٽل ۾ ٽائيپ ٿي رهي هئي. راشدي صاحب کي انديشو ٿيو ته متان مون ڏسي ورتي هجي!

بهرحال، اهي آرٽيڪلس پنهنجيءَ جاءِ تي رهيون. راشدي صاحب، غلام نبي ميمڻ ۽ نواب ڪالاباغ سان گڏ سازش ڪري، ايوب خان جا ڪَنَ ڀريا. نواب ڪالا باغ، ڀٽي صاحب جو سخت دشمن هو، ڀٽي صاحب جا ٻيا به جبرا دشمن هوندا. ليڪن، راشدي صاحب پڻ پنهنجون اٽڪلون هلايون. آخر، هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جو ايوب خان، ڀُٽي صاحب کي وزارت خارجه تان لاهي ڇڏيو.

راشدي صاحب انگريزن جي ڏينهن ۾ ته ان کان به وڌيڪ تمام خوفناڪ ڪم ڪيو هو. آخر، ماڻهو جو سندس نالو ٻڌي ڇرڪندا هئا، تنهن جا ڪي ته سبب هئا. رحيم بخش سومري جي ڳالهه ۾ واقعي وڏو وزن هو ته بدلجندي دير ڪونه ڪندو هو.

پاڻ غير معمولي ماڻهو هو ۽ کيس غير معمولي ماڻهو ئي وڻندا هئا، مثلاً سيد جمن شاهه حُقائي، حافظ مبارڪ علي شاهه (نابينا)، نانگو شاهه ۽ ٻيا. مون ٽئي ڏٺا.هر هڪ پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي ’رپ‘ هو.

راشدي صاحب هڪ ڏينهن ڪراچيءَ مان فون ڪئي ته منهنجي دادوءَ واري فارم لاءِ نانگي شاهه کان کجين جي چڪين جي پڇا ڪري، فوراً جواب ڏي.

مان نانگي شاهه جي پڇا ڪري، ڦليليءَ جي پاسي ۾، سندس اوتاري تي پهتس. وڏيءَ عمر ۽ وڏيءَ ڏاڙهيءَ وارو هڪ شخص مليو. وڻڪار ۽ ٿڌڪار ڪاڻ وڏا وڏا وڻ رکي، جهنگل ۾ منگل ڪري ڇڏيو هئائين. پر، بندي جي من ۾ هڪڙي ته صاحب جي من ۾ ٻي. سڀ وڻ ڪلر جي ڪري، سُڪي ٺوٺ ٿي ويا. سائين نانگو شاهه سُڪا ٿُڙ ڏسي ٿڌا ساهه ڀريندو رهيو. سندس چپن تي اهو جملو هو، جيڪو فاطمه جناح جي اليڪشن ۾ هارائڻ تي، راشدي صاحب جي چپن تي آيو هو،

”ڪلــر ٻاريئي ڪانه، ڪيئي جٺِ جوئر سان.“

نانگو شاهه، راشدي صاحب جو ٻُڌي، مون سان وڏي قرب سان مليو. خوش خير عافيت ڪري، کنڊ ڀڳڙا، ريوڙيون ۽ ڌوڌ پتي چانهه آڻي اڳيان رکيائين. دلچسپ ڪچهري ڪيائين ۽ ٻڌايائين ته سڄو هندستان ۽ برما پيادل گهمي آيو آهيان، پيرن، فقيرن جون وڏيون وڏيون درگاهون ڀيٽيون اٿم.

 نانگو ان ڪري ڪوٺيندا هئس، جو هميشه گوڏ ۾ هوندو هو. مٿو، پير ۽ بت اگهاڙو. هيڪر بخار ٿيس، کانئس پڇڻ ويس. چيائين ته جڏهن به بخار ٿيندو اٿم، ته وهندڙ پاڻيءَ جي ڪسيءَ ۾ وڃي ٻه چار ڪلاڪ ليٽي پوندو آهيان. چاق ٿي موٽندو آهيان.

راشدي صاحب جي وڏي تعظيم ڪندو هو. بلڪ، کيس ڪراچيءَ ۾ هزارين رپيا نقد نذر نياز به پيش ڪري ايندو هو. راشدي صاحب حيدرآباد وٽس ايندو هو، ته کيس پنهنجن هٿن سان ٻوڙ ماني پچائي کارائيندو هو.

پر، جڏهن سائين حسام الدين شاهه حيدرآباد آيو ۽ چيومانس ته، ”نانگي شاه سان ملڻ هلون؟“ ته ٺهه پهه جواب ڏنائين ته، ”مان ساڻس ڪونه ملندس. ڀانيان ٿو ته ڪو سمگلر آهي.“

راشدي صاحب هاڻي هن جهان ۾ ڪونه آهي. ماڻهو جڏهن هيءُ جهان ڇڏي وڃي ٿو، تڏهن سندس باري ۾ ڪير به ڪابه ڳالهه ڪري سگهي ٿو. سچ ۽ ڪوڙ جي تصديق ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. مولوي محمد صديق نالي سنڌي ادبي بورڊ ۾ منهنجو رفيق هوندو هو. ”تاريخ“ جي لفظ سان چڙ هوندي هيس. چوندو هو ته، ”ماڻهو ويٺا منهن تي ڪوڙ هڻن. توهان ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌيون ويٺا آهيو ته هيترا سؤ سال ٿيا، جو فلاڻي شخص هيءَ ڳالهه لکي آهي.“

مولوي صاحب جي ڳالهه ۾ ڪيترو وزن هو، سا سوچڻ جي ڳالهه آهي. پر، سچ کي سڃاڻڻ سچ پچ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. مجاز ۽ حقيقت جون سرحدون انڊلٺ جي رنگن کان به وڌيڪ پاڻ ۾ مليل آهن. ڏاها چوندا آهن ته حقيقت جي چهري تي ستر هزار پردا نور جا ۽ ستر هزار ظلمت جا پيل آهن. هڪ هٽاءِ ته سوين سامهون اچن ٿا.

حقيقت الائي ڪيئن آهي، پر ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. ته سنڌ، پير علي محمد راشديءَ جهڙا ذهين ۽ شاطر ماڻهو ڪي ٿورڙا پيدا ڪيا. پيراڻو، پر غريباڻو ٻار هو. سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي سنڌي ادبي بورڊ واري ڇاپي جي پهرئين جلد جي پٺئين پاسي تي ڪتي سان گڏ ڇپيل تصوير ان حقيقت جو عڪس آهي.

هو سنڌ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ انهيءَ ئي مٽيءَ ۽ پاڻي تي پليو هو، جتي اڄ به اُس ڪانو، ڪتي، اڪ، ڪنڊيءَ ۽ ڪانڊيري جو منظر عام آهي. اهو منظر ڏسي ڏسي، ماڻهوءَ جو هيانءُ ئي ماندو ٿي ويندو آهي. عام محاوري موجب، تعليم نصيب ڪانه ٿيس. جيسين ڏاڏو حيات هيس، تيسين ڳوٺ ۽ ڪوٽ جي اجهي ۽ اوٽ مزو ڏنس. پوءِ ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي“ جي اصول تي عمل ڪيائين. ڳوٺ ڇڏي شهر جي واٽ ورتائين. سفر جي راهه پاڻ گهڙيائين.

مون اڳ ۾ به چيو آهي ته سندس زبان اگهاڙي ترار وانگر هوندي هئي. همسفرن جو جيڪو مشاهدو ماڻيائين، ان جي آڌار تي عام ماڻهن کي ٽن حصن ۾ ورهايائين: هڪڙا ”چاڪر“ ٻيا ”چوڪر“ ۽ ٽيان ”چل ڪُسته زن.“

پر، سنڌ جي صدين کان لتاڙيل ڳوٺن جي مسڪينن ماڻهن سان محبت هئس. جڏهن روينيو وزير هو، تڏهن هڪڙي ڪتابڙي ڇپائي ورهايائين، ته سنڌ ۾ هيترا لک ايڪڙ زرعي زمين آهي، جنهن تي مُٺ جيترن ماڻهن جو قبضو آهي! هوڏانهن لکين هاري آهن، جن وٽ هڪ جريب به ڪونهي. سندن گذران جو ترجمان ڀٽائيءَ جو قول آهي:

”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.“

اها چوپڙي ان ڪري ڇپائي هئائين، جو سنڌ مان جاگيرداريَ نظام جي پاڙ پٽڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. چوپڙيءَ جي مٿان هڪ بکايل ٻڪريءَ جي تصوير هئي، جا ڪنهن وڻ مان سائو پَنُ پٽڻ لاءِ کُر کڻي بيٺي هئي. بکايل ۽ ڏکايل سنڌ جي اها لاجواب علامتي تصوير اڄ به منهنجي اکين اڳيان آهي.

راشدي صاحب، وڏيري کي سنڌي ماڻهو جووڏي ۾ وڏو دشمن سمجهندو هو. چوندو هو ته جيسين سنڌ ۾ وڏيرا آهن، تيسين مسڪين ماڻهو سک جو ساهه ڪونه کڻندا.

پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ وڏيرن، پيرن ۽ ميرن کي ننديو اٿس. سائين جي.ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن ۾ به اها ئي ڳالهه ڪئي اٿس. هڪ خط ۾ کين ”مِرون“ ڪوٺيو اٿس! سائينءَ کي لکيو اٿس ته انهن مِرن لاءِ پاڻ کي پريشان نه ڪريو. ڇڏيون ته پٽڪا ٻڌيون، لاهور جي گهٽين ۾ پيا ڌڪا کائين. (اهو خط ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ واري زماني جو لکيل آهي)

سائين حسام الدين شاهه هڪ دفعي مون کي چيو هو ته، ”سوشلسٽ خيالن جا نوجوان اڄ جيڪي ڳالهيون ڪن ٿا اهي علي محمد شاهه مون سان ٽيهه ورهيه اڳ ڪندو هو!“

راشدي صاحب ايوانِ اقتدار ۾ پير پائڻ کان ڪئين ورهيه اڳ STORY OF THE SUFFERINGS OF SINDH ”سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي“ نالي سان انگريزيءَ ۾ به هڪڙو ڪتابڙو لکيو هو، جو خانبهادر کهڙي جي نالي ۾ شايع ٿيو هو. کيس مسڪين سنڌين سان محبت هئي، انهيءَ ڪري، وڏيرن جي پاڙ پٽڻ ۽ سنڌ جي بي رحم جاگيردارنه معاشري کي بدلائڻ جو عزم ڪري اُٿيو هو. پر، کين ڪجهه ڪونه ڪري سگهيو، ڇو ته انگريزَ، ڀوتارن کي جاگيرون ۽ وڏيون زمينداريون ڏئي، سندن پير پختا ڪري ويا.

ڀٽي صاحب به سوشلزم جون ڳالهيون ته گهڻيون ڪيون، پر عملي طرح ڪجهه به ڪري ڪونه سگهيو. سندس حڪومت ۾ ته سنڌ جا وڏيرا هيڪاري زور وٺي ويا.

انگريزن کان آزادي ملي، ته هندستان ۾ جاگيرداري ۽ زمينداري ختم ٿي وئي.

تازو، B.B.C. تي سنڌ جي اتر جي پاسي بدامنيءَ بابت، انٽرويو هليو. ماڻهن کُليو کُلايو چيو ته، ”اسان جي پاسي خون خرابي ۽ ڦرلٽ جا مکيه ڪارڻ ٻه آهن: هڪ سردارُ ۽ ٻيو پوليس عملدارُ.“

هندستان ۾ زميندار ختم ٿيا، ته جمهوريت زور وٺي وئي، پاڪستان ۾ ائين ڪونه ٿيو ته وڏيرو وڏو قَدُ ڪري ويو ۽ جمهوريت ختم ٿي وئي.

آمريڪا جي هڪ اهم اخبار به اعتراف ڪيو آهي ته، ”پاڪستان ۾ ٽي چار طاقتور ڌريون آهن، جن ۾ هڪ وڏا وڏيرا، سردار ۽ خان آهن.“

سو راشدي صاحب، سنڌ جي عام ماڻهوءَ سان محبت ۽ وڏيري سان نفرت هوندي به ڪجهه ڪري ڪونه سگهيو ته مٿس ميار ڪانهي.

راشدي صاحب جي ذاتي زندگي سنڌي ڪلچر جي قالب ۾ پلٽيل هئي. پڪي راڳ  (CLASSICAL MUSIC) جو عاشق هو. جڏهن وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات هو، ته گوَيَن جي سرپرستي ڪندو هو. منيلا ۾ سفير هوندو هو ته، ٻه سنڌي ڪافيون ڳائي، رڪارڊ ڪرائي، سائين حسام الدين شاهه کي ڪراچيءَ موڪليون هئائين. مون ٻڌيون. سندس آواز ۾ ڏاڍو سوز هو. هڪڙي ڪافي جا هي اکر ياد اٿم:

سمجهه سياڻا، سوڍل يار سياڻا،

او سوڍل يار سياڻا!

تازو ڪراچيءَ ۾ راشدي صاحب جي ننڍي فرزند عادل شاهه راشديءَ سان گڏ پنهنجي مشترڪه دوست جلال لانگاهه وٽ ٻيون سندس ڪافيون به ٻڌم. پاڻ جڏهن مينلا ۾ سفير هو، ته بي.بي.سي. کي سنڌي راڳ تي ڪو اڌ ڪلاڪ جو انٽرويو ڏنو هئائين. ڪافيءَ جو پسمنظر ٻڌايو هئائين، ته هيئن ڪيٽيءَ ۾ چوڌاري ساوڪ هئي. پاڻيءَ جي ڇنڀ جي ڀرسان چادرون وڇائي ويٺا هئاسون. چوڌاري لوا هئا، جن واڱڻائي رنگ جو ٻور جهليو هو. نظارو ڏاڍو سهڻو هو. ڏاڏي جي هڪ دوست اسان جي دعوت ڪئي هئي ۽ مانيءَ کان پوءِ هيءَ ڪافي سنڌي سازن تي ٻڌائي هئي. ان کان پوءِ اها ڪافي پاڻ ڳائي هئائين.

لنڊن ۾ انگلستان جي راڻيءَ سان ملاقات مقرر ٿيس. اعليٰ درجي جي انگريزي لباس هوندي به هوائي جهاز رستي، سنڌ مان پراڻي طرز جي زريءَ سان ڀريل ميراڻي ٽوپي گهرايائين، جا ملاقات مهل بڪنگهام پئليس ۾ پائي ويو. هُو ذاتي زندگيءَ ۾ تاڃي پيٽي سنڌي هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org