سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: شمشير الحيدري (شخصيت ۽ فن)

باب:

صفحو:16 

شمشيرالحيدري پنهنجي پورهئي، حب الوطني ۽ سچائي سبب هميشه زنده رهندو، سندس وڇوڙي تي آءٌ سڀني سنڌ واسين سان تعزيت جو اظهار ٿو ڪريان ۽ بدين، ڪڍڻ ۾ رهندڙ سندس مائٽن، عزيزن، اولاد ۽ ڀاءُ رفيق جعفري سان پڻ دلي تعزيت ڪندي دعا آهي ته الله جون

”عبرت سنسار“

12 آگسٽ 2012ع

 

مظهر خاصخيلي

شمشير گذاري ويو

 

21 رمضان سڄي دنيا اندر حضرت عليؑ جي شهادت جي حوالي سان تمام عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان ڏينهن تي هڪ اهڙي سنڌ ڌرتي جي چيڪي مٽي مان جنم وٺندڙ حضرت عليؑ ۽ ان جي خاندان سان بي پناهه محبت ڪندڙ شمشيرالحيدري جنهن لاڙ جي بدين ضلعي جي شهر ڪڍڻ ۾ رهندڙ رسول بخش خواجه جي گهر ۾ 15 سيپٽمبر 1931ع تي پنهنجي جيجل ماءُ جي گود ۾ اکيون کولي جنم ورتو، اهو شمشيرالحيدري 21 رمضان 10 آگسٽ تي هميشه جي لاءِ اسان کان جسماني طور تي موڪلائي ڪري هليو ويو آهي پر سوال وري به اهو ٿو جنم وٺي ته ڇا واقعي شمشيرالحيدري پنهنجي عقيدي سان ۽ پنهنجي ڌرتي سنڌ ۽ ان جي رهندڙ هر سنڌ ڄائي ماڻهو سان بي پناهه محبت ڪندو هو يا نه، ان جي ڪري جيڪڏهن سندس گذاريل زندگي مٿان نظر وجهي ته حقيقت لکڻ جي لاءِ ويهبو ته سڀ کان پهريان سنڌ جي نالي واري اديب امر جليل جي انهن چيل لفظن کي جاچڻ ضرور گهربو جن ۾ هن شمشيرالحيدري جي باري ۾ اهي لفظ چيا آهن ته شمشيرالحيدري جي خلاف لفظ به ڳالهائڻ سنڌ ڌرتي جي خلاف ڳالهائڻ برابر آهي، ڇو ته شمشيرالحيدري جي سيني ۾ سڄي سنڌ ۽ ان جي رهواسين جو درد سمايل آهي ۽ اهو واقعي سچ به آهي پاڻ جيڪڏهن اصل ۾ اڄ پوري ايشيا جي اديبن جي سڀ کان وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت جي ان دؤر جي ڳالهه هتي لکنداسين. جڏهن 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل نالي وارو اديب اياز قادري ٿيو ۽ ان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کان پوءِ ان جي جوائنٽ سيڪريٽري شمشيرالحيدري نئين سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت جون ذميواريون سنڀاليون. ان کان پوءِ هي پهريون سنڌ جو اهڙو اديب ۽ شاعر آهي، جيڪو لاڳيتو 11 سالن تائين سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو ۽ ان دؤران ون يونٽ جي خلاف جيڪا تحريڪ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي اديبن، شاعرن، سياسي، سماجي ۽ سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي هلائي اها اڄ به مثالي بڻيل آهي ۽ ان کان سواءِ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي سان جدوجهد ائين کڻي چئجي ته سڀ کان پهريان سنڌي ادبي سنگت شمشيرالحيدري جي وقت ۾ هلائي ۽ اها جدوجهد اڄ به جاري آهي ۽ اڄ جنهن موڙ تي سنڌي ادبي سنگت پهتل آهي ان ۾ سڀ کان گهڻي جدوجهد ان محبتي ماڻهو شمشيرالحيدري جي ڪيل آهي. جيڪو 21 رمضان تي پنهنجي سنڌ امڙ جي هنج ۾ سمهڻ جي لاءِ اسان ڪروڙين سنڌي جي رهواسين کي آلين اکين سان هتي ڇڏي پاڻ هليو ويو آهي. شايد 21 رمضان جي حوالي شمشيرالحيدري هيٺيون سٽون تخليق ڪيون هيون. چوندو رهيو ته مولا تي ننگ آهي.

جهان عشق جو سردار آخري آهيان،

حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان،

ملنگ مست الستي قلندري آهيان،

عجب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان.

۽ اهو ئي سبب آهي ته ڏينهن شمشيرالحيدري کي نصيب ٿيو آهي، اهو ته هو شمشيرالحيدري جو پنهنجي مرشد سان عقيدو، پر سچ ته شمشيرالحيدري پنهنجي زندگي جي گذاريل ڏينهن ۾ سمورن پاسن کان جاچبو ته هڪ اهڙو سنڌ دوست فرد هو، جنهن جي وڇوڙي کي ڪيترو به برداشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي پر اهو برداشت نه ٿيندو پر افسوس رڳو هڪڙي ڳالهه جو آهي ته پوري دنيا اندر شمشيرالحيدري جهڙن سچن ۽ ارڏن ماڻهن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي پر اسان وٽ خاص ڪري سنڌ جي سنڌي زبان جي شاعرن اديبن قلم ڪارن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ سالن کان وٺي جاري رکيو ٿو وڃي. هن وقت تائين سنڌ جا اهڙا کوڙ سارا اديب شاعر اهڙا جسماني طور تي موڪلاڻي ڪري ويا آهن جن جي جيتري خاص جي نانءُ تي جوڙيل حڪومت کي مدد ڪرڻ گهرجي اها ڪري ناهي سگهي ۽ ان جو وڏي ۾ وڏو افسوس اهو آهي ته اهي سنڌ جا اديب شاعر قلمڪار جيڪي پنهنجي قلم جو سودو ناهن ڪندا ۽ سچ کي هميشه سچ ۽ ڪوڙ کي هميشه ڪوڙ چوندا رهيا آهن. جيئن شمشيرالحيدري پنهنجي سٽن ۾ هيٺ چيو آهي ته:

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،

سر عام هر بات چوندا رهياسين،

اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو،

اسان رات کي رات چوندا رهياسين.

هنن سٽن ۾ شمشيرالحيدري جي اندر جو آواز ظاهر ٿيو آهي ۽ سچ به اهو آهي ته شمشيرالحيدري سمورن پاسن کان جيڪڏهن صحافت جي حوالي سان جاچبو ته ڪافي اخبارن جو هو ايڊيٽر ۽ ڪيترن رسالن جو ايڊيٽر رهڻ سان گڏ سوين مضمون لکڻ سميت ڪيترائي ڊراما لکيا ۽ سندس ڪافي ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن پنهنجي زندگي ۾ جيڪو پورهيو ڪيو آهي. ان کي ڪامياب چئي سگهجي ٿو ڇو ته جيڪو ماڻهو سچ جو راهي هوندو آهي ان جي هر ڳالهه سچ هوندي آهي جيئن شمشيرالحيدري پنهنجي سٽن ۾ چيو آهي ته:

ڏيئي رهيو آهي ڄڻ چئي رهيو آهي ته،

انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالهه آهي،

اڃان وقت کي پئي ڳولي سچائي وڏي ڳالهه آهي.

اهي سچائي جا ڪرڻا شمشيرالحيدري جي سيني ۾ هئا انهن ڪرڻن جي سهاري هميشه ديش دروهين سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. جڏهن اسلام آباد واريون قوتون سنڌ سميت سمورن مظلوم قومن کي ون يونٽ واري سنگهر ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته شمشير اياز جي بيتن جيان ۽ نياز همايوني جي گيتن جيان للڪاريندو ۽ چوندو رهيو:

منهنجو يار به ڪوري، شل سنڌ ٿئي نه ڇوري.

هو سڄو هن بيتن جيان مزاحمتي ڪردار هو. ان جي جدوجهد جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اهو سچ آهي ته اڄ جسماني طور تي اسان کان شمشيرالحيدري موڪلاڻي ڪري ويو آهي پر ڇا ان جي ڪيل سموري جدوجهد ائين وسري ويندي. پاڻ هيٺ چوي ٿو ته:

هي ظلم اهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،

اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.

اڄ ته شمشير سڄي سنڌ جي انهن سمورن محفلن مان جسماني طور تي موڪلاڻي ڪري ويو آهي جيڪي هاڻي ان جي وڃڻ کان پوءِ خاص ڪري ڪراچي شهر جون هوائون اداس هونديون. ڇو ته هن زندگي جو گهڻو حصو ڪراچيءَ ۾ گذاريو ۽ سندس چيل سٽن جيان:

هڪڙو شمشير هو زماني ۾

سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.

”هلال پاڪستان“

آچر 12 آگسٽ 2012ع

 

رازق کٽي

شمشير علي کان شمشيرالحيدري تائين!!

 

شمشير صاحب سان آخري ڳالهه ٻولهه سندس وفات کان هفتو، ڏهه ڏينهن کن اڳ ٿي هئي، بيماري جي شدت ۽ تڪليف سبب سندس آواز تمام گهڻو جهيڻو ٿي چڪو هو. پر حوصلو اهو ئي هو، جيڪو سڄي ڄمار هُن جو ساٿ نڀائيندي ٿي آيو، حال احوال ٿيا، مون پاڻ ڳالهه ٻولهه کي انهي ڪري مختصر ڪيو ته کيس وڌيڪ تڪليف نه ٿئي، جنهن کان پوءِ رابطو ڪٽجي ويو، ۽ هاڻي اهو رابطو وري ڪڏهن به بحال نه ٿي سگهندو......!

شمشيرالحيدري هاڻي جڏهن هي جهان ڇڏي ويو آهي ته انهي ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هُن سنڌ تي پنهنجي خدمت عيوض ايترا اثر ڇڏيا آهن، جيڪي نه رڳو يادگار ۽ خوبصورت آهن، پر انهيءَ مان نڪرڻ لاءِ شعور واري سنڌ ڪڏهن به پاڻ کي آماده نه ڪندي. سنڌ تي هُن جيڪي مهربانيون ڪيون، انهي جو قرض اسان جو نسل ڪڏهن به چُڪائي نه سگهندو، پر هي درويش صفت شخص سدائين خود نمائي کان نفرت ڪندو رهيو، ۽ هن ڪڏهن به ائين نه چاهيو ته سندس خدمتن جو اجورو خراج يا روڪ جي صورت ۾ ملي، اهو ئي سبب هو جو اسان جي انتهائي بزرگ دوست ۽ شمشير صاحب جي حافظ محمد موسيٰ جوکيو چواڻي ته هو ڀٽائي جي انهي بيت جيان آهي ته:

نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ

اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري

شمشير صاحب 1931ع ۾ 15 سيپٽمبر تي ضلعي بدين جي شهر ۽ ان دؤر جي وڏي تجارتي مرڪز ڪڍڻ شهر ۾ حڪيم رسول بخش جعفري جي گهر ۾ جنم ورتو، حڪيم رسول بخش ان دؤر جو نامور حڪيم هو، ۽ سندس دوائون سڄي سنڌ ۾ وڪرو ٿينديون هيون. هِن پنهنجي پهرئين پُٽ جو نالو شمشير علي رکيو هو.

شمشير علي اڃا 6 مهينن جو هو ته سندس والده گذاري وئي، جنهن ڪري هاڻي هِن معصوم ٻار جي پرورش جو مسئلو هو، جنهن کان پوءِ نندو شهر ۾ سندس ناناڻن نيو ويو، ڪامريڊ نذير حسين حيدري سندس مامون هو، جنهن کيس پاليو.

شمشير صاحب تي نذير حسين حيدري جو تمام گهڻو اثر هو، اهو ئي سبب هو جو شمشير صاحب پنهنجي ادبي نالي ۾ سندس مامي نذير حسين حيدري کان متاثر ٿي پنهنجي نالي جي پويان حيدري لڳايو ۽ اهڙي ريت هو شمشيرالحيدري ٿي ويو.

ڪامريڊ نذير حسين حيدري عالم دين هجڻ سان گڏوگڏ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي هاري حقدار تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ به هو، ۽ وهابي نقطه نظر سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نامور شاعر ۽ سنڌي شاعري ۾ قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو ڪندڙ مولوي حاجي احمد ملاح جو گهاٽو دوست به هو، اهو ئي سبب هو جو نذير حسين حيدري جي صحبت شمشير صاحب کي سڄي حياتي ڪم ڏنو، هُن پرائمري تعليم بدين مان حاصل ڪئي.

1950ع ڏهاڪي نالي واري وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي جي والد عبدالستار پيرزادي جي وڏوزارت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد وڌو ويو، شمشير صاحب انهن ڏينهن ۾ بحيثيت ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. بعد ۾ هو انهي اداري پاران نڪرندڙ رسالي ماهوار نئين زندگي ۽ ٽه ماهي مهراڻ جو ايڊيٽر ٿيو، سنڌي ادبي بورڊ جا اهي رسالا انهن ڏينهن ۾ سرڪار جي اثر هيٺ هئا، پر هن جي ڪمال ڪاريگري اها هئي، ته هُن انهن رسالن کي عوامي رنگ ڏئي انهن کي عوام جا محبوب رسالا بڻائي ڇڏيو، سنڌ جا نالي وارا اديب ۽ شاعر انهن ئي رسالن جي پيدوار آهن.

هُن 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو، ون يونٽ واري تحريڪ جو هو اڪيلو اهڙو اڳواڻ هو جنهن سڄي سنڌ ۾ نه رڳو پمفليٽ ورهايا، پر سنڌي ماڻهن جي هڪ لک کان وڌيڪ صحيحن سان لکيل ڊرافٽ به سرڪار ڏانهن موڪليو، جنهن بعد سنڌ تان ون يونٽ جو طوق لاٿو ويو، اهو دستاويز اڄ به سنڌالاجي ۾ پيل آهي، جيڪو تاريخ جو حصو آهي، ون يونٽ خلاف دستاويز تي صحيحون وٺڻ لاءِ ڪڏهن ميلا ته ڪڏهن مال پڙيون يا عوامي ميڙ هن جو ٽارگيٽ هوندا هئا، جتان وڌ ۾ وڌ ماڻهن جون صحيحون حاصل ڪري سگهجن.

جنرل ضياء جي دؤر ۾ جڏهن سنڌي ادبي سنگت تي پابندي لڳي ته شمشير صاحب سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو. جنهن جو هو پاڻ گهڻو وقت چيئرمين به رهيو، هو 1950ع واري ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان جو جوائنٽ ايڊيٽر رهيو، ۽ بعد ۾ محترمه بينظير ڀٽو واري پهرين دؤر ۾ هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهيو، انهي دؤر ۾ ”متان وساريو“ جي عنوان سان هو مختصر پيس اخبار جي مُک صفحي تي اخبار جي لوئر هاف تي ڇاپيو ويندو هو، جيڪو اصل ۾ ايڊيٽوريل نوٽ هوندو هو، جنهن ۾ کليل نموني مسئلن جي اپٽار ۽ سرڪار مٿان تنقيد هوندي هئي. بعد ۾ انهي سلسلي کي ٻين اخبارن به شروع ڪيو.

سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽو جي دؤر ۾ کيس 19هين گريڊ جي نوڪري ملي، جيڪا گهڻو وقت نه هلي سگهي، ان بعد انهي ئي گريڊ جي نوڪري محترمه بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ سيد پرويز علي شاهه جي معرفت ملي، جيڪا حڪومت ختم ٿيڻ سان ختم ٿي وئي، ۽ هن ڪڏهن به انهن جي بحالي لاءِ سرڪار کي منٿ نه ڪئي.

هن جي پير سائين پاڳاري واري اخبار مهراڻ جي ايڊيٽر شپ وارو دؤر تاريخ ساز هو، جڏهن هُن اخبار جا انتظام سنڀاليا تڏهن پرنٽ آرڊر 500 جي لڳ ڀڳ هو، ۽ 40 ڏينهن بعد جڏهن هن اخبار ڇڏي ته 22 هزار پرنٽ آرڊر هو، اخبار ۾ ايڊيٽر ٿيڻ جو قصو به ڏاڍو مزيدار هو، هن پاڻ اسان کي ٻڌايو هو ته هڪ ڏينهن ڪراچي ۾ حميد آخوند رستي هلندي ملي ويو هو، چيائين ڏئي خبر اڄ ڪالهه ڇا پيو ڪرين؟، ٻڌايم ته واندو آهيان، چيائين ته اخبار هلائيندين؟ چيم ڇو نه، ڪنهن جي آهي، منهنجي پڇڻ تي هُن چيو ته سڀاڻي ملجانءِ ته گڏجي هلنداسين، آخوند وڌيڪ ڪجھه نه ٻڌايو. شمشير صاحب موجب ٻئي ڏينهن آخوند مون کي ڪنگري هائوس وٺي ويو، پڪ ٿيم ته مهراڻ اخبار آهي، آئون ڊرائنگ روم ۾ ويٺس، آخوند اندر ويو، پير صاحب هُن کان منهنجو نالو وغيره پرچي تي لکي پاڻ وٽ رکيو، شايد هُن کي علم العداد جي حساب سان حساب ڪتاب ڪرڻو هو، ڇاڪاڻ ته هو انهي تي گهڻو يقين رکندو هو، ٻئي ڏينهن اسان حسب هدايت ڪنگري هائوس پهتاسين، پير صاحب پاڻ مليو، چيائين ماڻهو چڱو ٿو لڳين، ڀلي ڪم شروع ڪر، شمشير صاحب چيو ته مون کيس چيو ته سائين چند گذارشون آهن، اجازت ڏيو ته بيان ڪريان، پير صاحب چيو ته ٻڌائي، چيم ته سائين پهرين ڳالهه اها ته اوهان جي اخبار اوهان جي جماعت جي اخبار آهي، ۽ انهي ۾ اوهان جي حوالي سان جيڪي بيان القابن سان ڇپجن ٿا اهي آئون نه ڇاپي سگهندس، جنهن تي پير سائين جواب ڏنو ته ٺيڪ آهي، مون چيو ته اوهان جي دؤرن جا جيڪي پروگرام ڇپجن ٿا اهي به نه ڇپجي سگهندا، جنهن تي به پير سائين چيو ته ٺيڪ آهي، اخبار جي پاليسي آزاد هوندي، جنهن تي به پير سائين ها ڪئي، شمشير صاحب موجب اخبار شروع ٿي، ايم آر ڊي جي تحريڪ هلندڙ هئي، اسان جي اخبار جي فوٽوگرافر جو ڀاءُ اينٽلي جينس ۾ ڪم ڪندو هو، جيڪي به واقعا ٿيندا هئا ۽ ماڻهو مرندا هئا هو کيس فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ ان کي وٺي ويندا هئا، ۽ اسان کي به انهي فوٽو جي هڪ ڪاپي ملي ويندي هئي. اهي فوٽو جڏهن اخبار ۾ ڇپبا هئا، ته ٻئي ڏينهن فوجي جنتا پريشان هوندي هئي، شمشير صاحب ٻڌايو ته سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد گهرايو، پر جڏهن هُن جي هدايتن تي عمل نه ٿيو ته پوءِ اخبار جي ايدمنسٽريٽر ڪجھه اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جو مون پير سائين کي اطلاع ڪيو ته هاڻ گڏجي نٿو هلي سگهجي، جنهن بعد مون نوڪري ڇڏي ڏني، شمشير صاحب چوندو هو ته پير سائين پاڳاري انهن 40 ڏينهن دؤران ڪڏهن به ائين نه چيو ته حڪومتي اتحادي هجڻ جي باوجود اوهان ڇا پيا ڇاپيو؟

ڪجھه سال اڳ ۾ شمشير صاحب حڪمت جو ڪم به شروع ڪيو هو، گهر ۾ همام دستا ۽ حڪمت ۾ استعمال ٿيندڙ ٻيا اوزار به پيل هئا، هِن جي دعوا هوندي هئي ته وٽس ڪينسر جي علاج جو فارمولو به آهي، پر انهي تي خرچ تمام گهڻوآهي، مشرف جي دؤر ۾ جڏهن هو آمريڪا ۾ سنڌي دوستن جي دعوت تي ويو هو ته اتي هڪ ڪمپني کي جڏهن ڪينسر جي علاج بابت ٻڌايو ته انهي ڪمپني کيس اها آڇ ڪئي ته هو آمريڪا هليو اچي ته کيس سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، پر هن چيو ته هڪ ته انهي جي علاج جو سامان پاڪستان مان ايندو، ۽ آئون آمريڪا ۾ رهي نه سگهندس، جنهن ڪري ڪمپني ۽ هِن وچ ۾ معاملا نه ٺهي سگهيا.

ڪجھه سال اڳ ۾ سمورن دوستن جي خواهش تي هُن فيصلو ڪيو ته سندس سوانح عمري ترتيب ڏجي، سندس پُٽ سليم حيدري جي سئي سدرن گئس ڪمپني ۾ نوڪري بحال ٿيڻ کان پوءِ کيس انهي ڳالهه جو به اطمينان هو ته هاڻي اسلام آباد ۾ ويهي آرام سان اهو ڪم ڪري سگهجي ٿو، انهي دؤران سندس نظر ڪم ڇڏي ڏنو، پر هُن انهي محتاجي کي پاڻ مٿان طاري ٿيڻ نه ڏنو. اسلام آباد ۾ سندس پُٽ سليم حيدري اهو ڪم سرانجام ڏنو، شمشير صاحب ٻڌائيندو ويندو هو ۽ سليم لکندو ويندو هو، پر شايد ڏيڍ ٻه سؤ صفحا مس لکيا هئا ته شمشير صاحب کي ڪراچي وڃڻو پيو ۽ اهو سلسلو اتي رُڪجي ويو.

شمشير صاحب سان ڪافي دوستن ۽ ادارن ان قسم جون ڪچهريون ڪيون هيون، جن ۾ سوالن جوابن دؤران کيس گهڻو کوٽڻ جي ڪوشش ڪري هن جون يادگيريون حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي به حاصل ٿي.

شمشير صاحب هڪ ڏينهن ڪچهريءَ دؤران پاڻ چيو هو ته جيترو موقعو ملي سگهيو ايترو پاڻ لکون ٿا، باقي سنگت جو ڪم آهي هو انهي رهيل سلسلي کي پورو ڪندي.

هن ڀرپور زندگي گذاري، ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو هن انهي ڳالهه جو اظهار نه ڪيو ته ڪو کيس پڇتاءُ هجي، نه هُن ڪڏهن ڪنهن کي معيارون ڏنيون، هن زندگي ۾ محبتن جي بچت ڪئي سندس حصي ۾ ماڻهن جو پيار آيو، بلا جو خوددار ماڻهو هو. ڪڏهن به ڪنهن تي بار نه ٿيو، ۽ آخر تائين قلمي پورهئي مان پنهنجو پيٽ گذر ڪندو رهيو، هن پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو تي شاهڪار ڊرامه ۽ لوڪ گيت به لکيا، هو بلاشڪ اسان جو ليجنڊ هو، هن جو شمار ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ قلمي پورهيو ڪندڙن ۾ ٿئي ٿو.

هو حيدري هو، جنهن هستي جي نالي پويان مائٽن هن جو نالو رکيو، هو انهي جي ئي يوم شهادت تي وفات ڪري ويو آهي، ۽ انهي ڏينهن ئي کيس ڪراچي لڳ تاريخي قبرستان چوڪندي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، موت ته هڪ ڏينهن هر ماڻهو کي اچڻو آهي، پر جنهن مسلڪ جو هو ماڻهو هو، ان جي عقيدي جي بنياد تي هو اڃا به وڌيڪ خوش قسمت ثابت ٿيو آهي، اسان وٽ مالداري کي وڏ ماڻهپ جي ساهمي ۾ توريو ويندو آهي، پر شمشير جيئري به وڏو ماڻهو ۽ وڃڻ بعد به اهو اعزاز پاڻ سان گڏ پنهنجي اولاد وٽ ڇڏي ويو آهي.

اسلام آباد ۾ هجڻ ڪري آئون شمشير صاحب جي تدفين ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس، اهو افسوس سڄي حياتي رهندو. آئون شمشير صاحب جي وفات تي سليم سان ۽ پنهنجو پاڻ سان عذر خواهي جو اظهار ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته هو اسان سڀن لاءِ ايترو ئي اهم هو، جيترو پنهنجي اولاد لاءِ!!.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org