سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: شمشير الحيدري (شخصيت ۽ فن)

باب:

صفحو:7 

ڊاڪٽر انورفگار هَڪڙو

هيءَ من جي موج مثالي آ

سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪي بيدار دماغ شخصيتون اهڙيون به ميدان ۾ نامور ٿيون، جن جي فڪر، فن ۽ عمل جي نوعيت ٻين جي برعڪس منفرد نظر اچي ٿي. سندن برجستگي ۽ اڻٿڪ ڪوشش جو علمي، ادبي ۽ سماجي ڪارج پڻ قابل توجهه رهيو. اهڙن ناميارن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي انفراديت جي ڪارڻ ڏانهن نگاهه ڪنداسين ته هو اسان کي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي تحرير ۽ نگارشات سان گڏوگڏ ”ادبي صحافت“ جي ميدان جا پڻ مدبر ۽ ماهر ڏسڻ ۾ ايندا. سندن فڪر، فن، اظهار ۽ عملي جدوجهد جي تسلسل منجهن صلاحيتن ۾ جيڪو ڪثرت سان اضافو پئي ڪيو، ان تجربي ۽ مشاهدي سبب ايندڙ فطري تبديلي کين جا نواڻ ۽ تازگي عطا ڪندي رهي، سا بيشڪ سندن ناماچار ۾ ڪڏهن ڪمي آڻي نه سگهي. اهڙن مدبرن ۽ ماهرن جي هونءَ ته وڏي ڏسڻي جڙي سگهي ٿي، پر مثال طور به جي چند نمايان هستيون به ڏسو ته گهڻيون ئي پيون ڏسجن: مولانا عبدالڪريم چشتي، مولوي دين محمد وفائي، مولانا قاسمي صاحب، مولانا گرامي، سائين محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ شمشيرالحيدري وغيره.

شمشيرالحيدري اسان کي 1953،54 جي سالن ۾ اخباري صحافت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جتان هو ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ اچي اسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ ”مهراڻ“ جي 4/1956ع جي شماري ۾ سندس نالو نمايان نظر ايندو. ان کان اڳ قبله محمد عثمان ڏيپلائي مئنيجنگ ۽ اسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان پڻ مقرر رهيو ۽ محترم محمد ابراهيم جويو ايڊيٽر هو. جويي صاحب جهڙي چيڙهيالي اديب سان هم قدم ته سندس ئي مزاج جهڙو ماڻهو ٿي سگهندو! جويي صاحب کان پوءِ هو مولانا گراميءَ سان پڻ هم قدم ۽ هم رڪاب رهيو. ان وقت سندس فڪر ۽ اظهار جو اندازو لڳائڻ لاءِ دل چوي ته ڏسو سندس تخليق!

زندگي ڪاڪ محل آهي ڪو رنگارنگي،

جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جان،

دؤر کان دل کي لڀائي، نه اچڻ ڏي ويجهو،

ڪير آهي جو لنگهي پار پوي مشڪل مان؟

 

پيار پروڙڻ جي گَتِ ڏيئي، وِره وڏي همراهي ڪئي!

سُک سمهڻ شمشير اڃا ڪِٿَ، ڏک جي ڏائڻ جاڳي پيئي!

مهراڻ جهڙي نج علمي ادبي ۽ تحقيقي رسالي ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي عهدي تي جويي صاحب جهڙي ايڊيٽر جي ماتحت ڪم ڪندڙ هن نوجوان جي محنت ۽ صلاحيتن جا جيڪي پرتوا محسوس ٿين ٿا، تن مان لڳي ٿو ٿئي ته هو نون ۽ نوجوان اديبن شاعرن جي ته بجا خود، پر ڪهنه مشق عالمن جي تحريرن کي ڏسي، پرکي جا فني ۽ فڪري سکيا حاصل ڪري رهيو هو، تنهن هن جي مزاج ۾ ايتري موضونيت ۽ پختگي آندي، جو هو جنهن به وقت تي، جنهن به صنف ۾ ۽ جنهن به موضوع تي لکڻ گهرندو هو ته آسانيءَ سان اظهار ڪري سگهندو هو. اها صلاحيت ۽ ساڃاهه هن ۾ 1966ع تائين ايتري اڀري ۽ اُسري، جو اڪيلي سر به ڪو جريدو جاري ڪرڻ ۾ کيس ڪا دشواري درپيش هجي ته ان سان منهن ڏيئي سگهڻ جي صلاحيت جو مالڪ ٿي ويو هو.

مهراڻ رسالي کان پوءِ هو، مشهور ماهوار رسالي نئين زندگي جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. سيپٽمبر 1966ع ۾ مولانا عبدالواحد سنڌي رٽائر ٿيو ته سن 1967ع ۾ شمشيرالحيدري ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ”نئين زندگي“ رسالو پاڪستان انفارميشن اينڊ پبليڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران شايع ٿيندو هو ۽ وڏي پابنديءَ سان هر مهيني جي پهريُن تاريخن ۾ پڌرو ٿيندو هو. ساڳئي اداري پاران اردو ۾ ”ماه نو“ به جاري ٿيندو هو. ٻنهي رسالن تي سرڪار جي ڪڙي نظر هوندي هئي، ٻنهي جا سر ورق ته ساڳيا هوندا هئا، پر ڪي مضمون ۽ ايڊيٽوريل به هڪ ئي پاليسيءَ تحت شايع ٿيندا هئا. ايوبي آمريت جي سخت مارشل لا ۽ ون يونٽ جي قهري دؤر ۾ جنهن روشن خياليءَ، تدبر ۽ تندهيءَ سان شمشير ان رسالي کي هلايو، سو شمشير جو مولانا کان پوءِ وڏو ڪارنامو هو. هن جي مقرريءَ تي علامه آءِ آءِ قاضي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، جي الانا، لطف الله بدوي، مولائي شيدائي ۽ عبدالرزاق راز جهڙن عالمن سرهائي جو اظهار ڪيو ۽ سندس صلاحيتن سان ”نئين زندگي“ کي اڳي کان اڳرو ٿي نڪرڻ جي توقع وابسته ڪئي، جنهن کي هن نوجوان پورو ته ضرور ڪيو، پر ڪي اهڙا اهڃاڻ به قائم ڪيا، جي اڳتي هلي، ٻولي، ادب، تاريخ ۽ تحقيق ۾ اڻ مٽ ثابت ٿيا. اهڙا اهڃاڻ ته هونءَ ڪيترا آهن مگر هن جو ابتدائي ڪارنامو ”نئين زندگي“ رسالي پاران جنوري 1968ع جو شمارو خاص عنوان ”سنڌي ادب جا ويهه سال“ شايع ڪري، جنهن ذهانت، روشن خيالي ۽ ڏاهپ جو ثبوت ڏنو، سو منهجي نظر ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين ڪابه اهڙي ”سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي تاريخ“ ترتيب هيٺ نه آئي هئي، جا ادب جي لاڙن، عنوانن، تحريڪن، صنفن يا شخصيتن جي ڪارنامن جي رڪارڊ جي حيثيت رکندڙ هجي، ”نئين زندگي“ جي هن شماري اها ته ڪمي پوري ڪئي، پر سنڌ ۾ قائم علمي، ادبي، تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي محفوظ ڪرڻ سان گڏ نشر و اشاعت جي ادارن جي تاريخ ۽ ڪارڪردگيءَ کي به محفوظ ڪري ڇڏيو. ”نئين زندگي“ جي ان خاص شماري کي نه. رڳو ان وقت ساراهيو ويو، پر اڄ تائين اهلِ نظر ان جي واکاڻ مان نه ڍاپندا آهن. اڄ جي وقت جي ادب جا نوجوان محقق جن جا قلم هر وقت تازا رهندا آهن، تن جي مقالن ۾ پڻ ان تان ورتل حوالا پڻ ان جي پائندگيءَ جي ضمانت هوندا آهن.

”نئين زندگي“ رسالي ۾ شمشير جي ادارت جو زمانو بيشڪ رسالي جي تاريخي روايت جي برقراريءَ سان گڏ فڪري ۽ فني، موضوعاتي ۽ اصنافي لحاظ کان نئون زمانو هو. ان زماني ۾ ساڻس سهڪاري ساٿي محمد موسيٰ سومري جون اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون ڪڏهن به فراموش ڪونه ٿيون ڪري سگهجن. سومرو صاحب ادب ۽ زبان جو اهڙو ته خاموش خدمتگار هو، جو ڪنهن به پنهنجي ڪَئي تي ڪيترو ڪلهي ڪونه پاتو. سندس خدمتن تي اسان جو سلام هجي.

شمشير ۽ نئين زندگي هڪ اهڙو عنوان آهي، جنهن تي هڪ تحقيقي مقالي جي گهرج آهي ۽ ان جا هڪ کان وڌيڪ عنوان پڻ ٿي سگهن ٿا. هن مختصر گفتگو ۾ مان ڪيئن ان جي اپٽار ڪريان!؟ بهرحال هن جي گهڻن ڪارنامن ۾ نمايان ڪارنامو ”نئين زندگي“ جو ”سنڌ نمبر“ به آهي، جيڪو جون ۽ جولاءِ 1970ع جو شمارو آهي ۽ هن پهرين جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ ٽٽڻ جي خوشيءَ ۾ شايع ڪيو. 215 صفحن تي مشتمل اهو شمارو پڻ تاريخ جو اهم دستاويز آهي، جنهن ۾ هن دل وٽان نظم ۽ نثر جي ڀاڱن کي عنوان وار سينگارڻ سان گڏ نقشا، اڻ ملهيون ۽ ناياب تصويرون شايع ڪري، جيڪو اسان تي احسان ڪيو آهي، سو ڪوبه ذي فهم ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهي. ان شماري ۾ هن ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ مان جيڪا چونڊ ڏني آهي، سا گيڙوءَ رتي ۽ کهنبي رنگت جي امتزاج جو اهڙو ته انوکو اهڃاڻ آهي، جتان اسان نئين سنڌ جي واٽ وٺي، منزل ماڻي سگهون ٿا.

ڇڏ خيال خوديءَ جو خام، دوئيءَ جو دام ڀري پي جام محبت وارو:

وٺ الفت جو انعام، اهو انجام ڀري پي جام محبت وارو.

هيءَ دنيا دام خيالي آ،

پل پل جي چال نرالي آ،

هيءَ من جي موج مثالي آ.

دل مست و مست مدام، صبح ۽ شام ڀري پي جام محبت وارو.

ڪو عاشق مست فقيري چوي

ڪو ملحد ۽ بي پير چوي

ڪو شاعر يا ’شمشير‘ چوي

ڪو ڳالهه اندر جي عام، ڀلي بدنام ڀري پي جام محبت وارو.

”نئين زندگي“ رسالي جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ هو ملازم ته پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو هو، ان ڪري ان اداري پاران سرڪاري طور تي اشاعت جا جيڪي به پروگرام ٿيندا هئا، سي هن جي سهڪار کانسواءِ ڄن اڌورا رهندا هئا. ڪيترا سرڪاري معاملن تي مشتمل ڪتاب، اشتهار ۽ بليٽن توڙي ميلن- ملاکڙن جا خاص رسالا به هن جي ئي نظرداري ۽ نظرثانيءَ هيٺ شايع ٿيندا رهندا هئا. هو هر وقت مصروف ۽ مگن رهندڙ شخص هو. نه ڪم مان ڪڏهن بور ٿيو نه بيزار البته انساني فطرت جي تقاضا مطابق ڪن خاص ضرورتن ۽ زندگيءَ جي وهنوار جو پڻ خيال رکندو هو. حڪمت سان شوق به هئڻ سبب ان موضوع تي به توجهه رهندو هوس، پوءِ به ”نئين زندگي“ جي اشاعت طرف چوڪس رهندو هو. ”نئين زندگي“ رسالو اديب ۽ شاعر تراش رسالو هو، هڪ ٽهي مولانا عبدالواحد جي همٿائڻ سان ميدان ۾ نمايان ٿي ته ٻي ٽهي شمشيرالحيدري جي همٿائڻ سان. مولانا به ٿيلهو بغل ۾ کنيو پيو اديب ۽ شاعر کي چوندو: ”زوراور! ليک ته ڏي ڪو شعر ته عنايت ڪر ته نئين زندگي ۾ ڇپيان ته شمشير به هر هڪ موقعي ۽ مهل مطابق پيو مختلف اديبن ۽ عالمن کان مضمون مقالا لکرائيندو. شاعرن کان شعر چوائي ڇپرائيندو. اهڙيءَ طرح هن نوان نوان موضوع متعارف ڪرايا ۽ لکندڙن جي عزت افزائي پئي ڪئي. سن 2010ع ۾ انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران شايع ڪرايل ڪتاب “Exploring Sindh” شمشير ۽ انور پيرزادي جي ادارت جو واقعي ڪارنامو آهي، جو ڪنهن حد تائين سنڌ گزيٽيئر جي ضرورت پيو پوري ڪري.

شمشيرالحيدري هڪ اهم ڪارائتو عمل سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچيءَ پاران شايع ڪيل ماهوار مخزن ”حياتي“ جي ايڊيٽري به آهي. ”حياتي“ نومبر 1999ع کان شروع ٿيو ۽ ماحوليات بابت اهڙي مخزن وري ٻي ڪانه شايع ٿي سگهي آهي. زاهد ميراڻي ”حياتي“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ساڻس سهڪاري رهيو. 32 صفحن جي هن مخزن جا مضمون ماحوليات متعلق گهڻ طرفي ڄاڻ ڏيندڙ آهن. سگا جو اهڙو اهم قدم سنڌي انسائيڪلوپيڊيا ۾ ڪنهن سبب ڪري رهجي ويو آهي، ورنه ان کي فراموش ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهجي. ان جي پهرين پرچي جي ايڊيٽوريل ۾ شمشير ٻين ڳالهين سان گڏ اها به ڳالهه ڪئي ته: ”ماهوار ’حياتي‘ جو هي پهريون پرچو ان لحاظ کان به ’ايسوسيئيشن‘ جو هڪ تمام اهم اڳتي قدم آهي جو اهو اڄوڪي انسان جي سڀ کان اهم مسئلي عالمي گدلاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن کي واقفيت ڏيڻ ۽ منجهن سجاڳي پيدا ڪرڻ جي مقصد سان شايع ڪيو پيو وڃي“.

مطلب ته شمشيرالحيدري ادبي دنيا ۽ ادبي صحافتي دنيا ۾ يگاني حيثيت جو مالڪ هو.

شمشيرالحيدري بيدار دماغ شخصيت جو مالڪ هو. مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي حاصل ڪيل نتيجن سان مالامال هو. سنجيدگيءَ سان هر شيءِ جو جائزو وٺڻ ۽ راءِ قائم ڪرڻ جي وڏي اهليت رکندڙ هو. بيشڪ هو همعصر دؤر ۾ انفرادي حيثيت جو مالڪ هو. اسان کي کپي ته سندس فڪر ۽ عمل جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪري، پنهنجي لاءِ ڪي گس گهڙڻ ۾ سولايون ۽ سهنجايون اختيار ڪريون.

تڪڙو ته وڃي ٿو پيو!،

شمشير کي موٽايو،

ڪنهن جي نه مڃي ٿو پيو!.

ا.ف.هه

 

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

چيئرمين: سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي

 

شمشيرالحيدري: ترقي پسند تحريڪ جو اهم ڪمانڊر

 

سائين شمشيرالحيدري اسان جي انهن اديبن، شاعرن ۽ سڄاڻن منجهان هڪ هو، جن جي رڳي هڪ سڃاڻپ نه هئي، سندن زندگيءَ جا ڪيترائي پاسا هُئا. سائين شمشير رڳو بهترين شاعر ئي نه هو بلڪه سنڌي ٻوليءَ جو رکوالو، سنڌي ميڊيا (اخبارن، ريڊيي ۽ ٽي. ويءَ) ۾ بنيادي ڪم ڪندڙ/ بنياد وجهندڙ، بهترين ايڊيٽر، چوٽيءَ جو حڪيم، سنڌي ادبي سنگت جو سرواڻ، ادبي ادارن جو اهم پرزو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ ٻين ادارن، تنظيمن ۽ ڪميٽين جو بنيادي ميمبر هو.

هُو جتي به رهيو، اُتي اعليٰ درجي جا ڪم ڪري ويو. هر هنڌ پنهنجو نالو روشن ڪري ويو. مختلف اخبارن جهڙوڪ: روزاني مهراڻ، هلال پاڪستان، خادم وطن ۽ ٻين اخبارن، ٽه ماهي مهراڻ، نئين زندگي وغيره کي عروج تي پهچايائين.

پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تي جڏهن سنڌي پروگرام شروع ٿيا ته ليکڪن ۾ سڀ کان اڳ ۾ شمشير صاحب جون خدمتون ورتيون ويون. سڀ کان ڏکيو ڪم بنياد وجهڻ يا ٻوٽو پوکڻ هوندو آهي. بنياد کان پوءِ وري ڪاميابيءَ سان هلائڻ/ اڳتي وڌائڻ به ڪو گهٽ ڪم ڪونهي. شمشير صاحب ۽ پاڪستان ٽيليوزن جي نالي واري پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ گڏجي پي. ٽي. ويءَ جي سنڌي پروگرامن جو بنياد وڌو. هنن Trend سيٽ ڪيا. بلوچ صاحب پروڊڪشن ۽ شمشير صاحب قلم، ڪاغذ ۽ سڄاڻ ماڻهن (قلمڪارن ۽ فنڪارن وغيره) کي گڏ ڪرڻ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو. هُنن سنڌي ماڻهن کي معياري پروگرامن ڏيکارڻ جو پڪو پهه ڪيو. اهو ئي سبب آهي ته هنن سنڌي پروگرامن جي شروعات شاهه سائينءَ بابت ترتيب ڏنل هڪ پروگرام سان ڪئي. جنهن جو نالو رکيائون رَسُ رهاڻ ان پروگرام جو ميزبان سائين شمشير هو. اهڙيءَ ريت شمشير صاحب ٽيليويزن جي تاريخ ۾ پهرئين سنڌي ڪمپيئر جي حيثيت ۾ پنهنجو نالو لکرايو، جڏهن ته ان پروگرام جو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ هو. اهو پروگرام 22هين جنوري 1970ع تي ٽيليڪاسٽ ٿيو.

اهڙيءَ ريت پي. ٽي. ويءَ تان، جيڪو پهريون ڊرامو پيش ڪيو ويو، ان جي ڊرامائيءَ شڪل شمشير صاحب ڏني هئي. اهو ڊرامو مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جي ڊرامائي شڪل هو. زينت ڊرامي جو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ هو. ان کان پوءِ شمشير صاحب هزارين ٽي. وي پروگرام لکيا ۽ انهن ۾ حصو ورتو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين هو پي. ٽي. ويءَ سان سلهاڙيل رهيو.

پي. ٽي. ويءَ کان پهريان هو ريڊيو پاڪستان سان به لاڳاپيل هو. هو ريڊيي تي مختلف موضوعن تي تقريرون، ڊراما ۽ ٻيا پروگرام لکندو هو. ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد سان هُن جي وابستگي رهي. عبدالڪريم بلوچ سان به ريڊيو پاڪستان وسيلي ئي ويجهڙائي پيدا ٿي هئس.

مان جڏهن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي پروڊيوسر هيس ته مون کي به اهو اعزاز حاصل ٿيو ته، مون سائينءَ سان گڏجي ڪجھه پروگرام ڪيا. خاص طور تي ادبي پروگرام رسالو جڏهن مون 1999ع ۾ ٻيهر شروع ڪيو ته ان لاءِ مون شمشير صاحب کي عرض ڪيو ته سائين اوهان ان پروگرام جا ايڊيٽر ٿيو. هُن منهنجي اها گذارش قبول ڪئي. رسالي پروگرام جو ميزبان ۽ پروڊيوسر مان هُيس، ٻين اديبن ۽ شاعرن ۾ پروفيسر منظور حسين کهڙو، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، پروفيسر علي راز شر، اقبال شاهين ۽ رکيل مورائي شامل هوندا هئا. پروگرام Live ٿيندو هو. هر هفتي اسان لڳ ڀڳ سڀئي گڏبا هئاسين. هر ڪو پنهنجو پنهنجو اسم پيش ڪندو هو. شمشير صاحب جا ايڊيٽوريل سڀني جو ڌيان ڇڪائيندا هئا ۽ اسان سڀني لاءِ شمشير صاحب جي موجودگي نه رڳو خوشيءَ جو سبب پر ڄاڻ جو وسيلو بڻبي هئي. شمشير صاحب وقت جو ڏاڍو پابند هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو ته ڪراچيءَ جي حالتن خراب هجڻ سبب ڪجھه دوست اچي نه سگهندا هئا پوءِ 45 منٽن جي پروگرام جو پيٽ ڀرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو هو، مان پيو ڳيتون ڏيندو هوس. ايتري ۾ شمشير صاحب اچي پهچندو هو ۽ اسان ٻئي 45 منٽن جو (Spoken Words) وارو پروگرام پورو ڪندا هئاسين. ڪا اسڪرپٽ لکيل نه هوندي هئي. شمشير صاحب جهڙي اٿاهه شخصيت پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جا در کوليندي هئي پر افسوس آهي ان علم جي خزاني کي اسان هوائن جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئاسين. وسيلن جي اڻاٺ سبب رڪارڊ نه ڪري سگهندا هئاسين. شمشير صاحب وٽ هر ڄمار واري لاءِ عزت هُئي. وڏيءَ عمر هوندي به هڪ جيڏن وانگر اسان سان پيو ڀوڳ ٺڪاءَ ڪندو هو ۽ جيڪڏهن اسان مان ساڻس ڪا مذاق ڪندو هو ته نه رڳو اُها برداشت ڪندو پر Enjoy به ڪندو هو. باقاعدي ڊاڙا ٺڪاءَ ۽ تارا ملائيندو هو. هُو نالن جي پيروڊي ڏاڍي سُٺي ڪندو هو. نالي جي اکرن/ لفظن کي اڳتي پوئتي ڪري پيو ڪچهريءَ کي کلائيندو هو. جيئن مون کي چوندو هو ڄمال ڪامڙو ۽ پنهنجي لاءِ چوندو هو ڪفگير الديڳڙي وغيره. مطلب ته ڏاڍو خوش مزاج ماڻهو هو.

هُن جي نوجوانن سان ڏاڍي لڳندي هئي. هو اسان سڀني کي پيو همٿائيندو هو. سنڌي ٻوليءَ جي مامرن، خاص ڪري شريف ڪميشن، ووٽر لسٽن ۾ سنڌيءَ ۾ نالن لکرائڻ، ون يونٽ، سنڌي ادبي سنگت ترقي پسند تحريڪ وغيره جا قصا ۽ ڪهاڻيون پيو ٻڌائيندو هو، جنهن سان نه رڳو سنڌي ٻوليءَ سان پيار ۾ واڌارو ٿيندو هو پر ان کي بچائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ اتساهه به پيدا ٿيندو هو. اسان جڏهن غلطيون ڪندا هئاسين ته انهن جي اصلاح ڏاڍي سهڻي نموني ڪندو هو.

ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي هڪ دؤر اهڙو به آيو جو اسان پروگرام ڪندڙن کي اهو محسوس ٿيو ته اسان جا پروگرام ڪير به نه ٿو ٻُڌي. تنهن هوندي به سنڌي شعبي جي انچارج شيخ ابراهيم صاحب اها پابندي لڳائي ته ”بابا هتي پروگرام ڪندڙ ڪمپيئرن ۽ انائونسرن کي شاهه سائينءَ جا بيت صحيح نه ٿا پڙهڻ اچن، تنهن ڪري اهي نه پڙهيا وڃن“. ان پابنديءَ هوندي به مان شاهه جا بيت پڙهندو هئس ۽ خاص اجازت وٺي شاهه سائينءَ بابت پروگرام شروع ڪيو هيم ”لطيفي لات“.

هڪ دفعي ائين ٿيو جو مان شاهه سائينءَ جو بيت غلط پڙهيو ۽ غلطيءَ جو احساس به نه ٿيم. پروگرام ڪري ٻاهر نڪتم ته شمشير صاحب جو ڊيوٽي روم ۾ فون آيو. چيائين اوهان هڪ بيت ۾ لفظ گٺيَر کي غلط پڙهيو آهي، ان جي معنيٰ خبر اَٿوَ. مون چيو جيءُ سائين، چيائين ته پوءِ اُچار تي ته ڌيان ڏيو نه؟ مون سائينءَ جا ٿورا مڃيا لڄي به ٿيس ۽ منهنجو اهو گمان به لهي ويو ته ڪو ريڊيو ڪير به نه ٿو ٻُڌي! شمشير صاحب جي اعليٰ ظرفي اها به هُئي ته هُن منهنجيءَ ان غلطيءَ جو بعد ۾ ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو ۽ نه ئي مون کي ڪڏهن اهو محسوس ڪرايائين ته مون کي ڪو شاهه سائينءَ جو شعر صحيح پڙهڻ نه ٿو اچي. جيڪڏهن شمشير صاحب منهنجيءَ ان غلطيءَ جي ڳالهه شيخ ابراهيم صاحب کي ٻڌائي ها ته يا ته پروگرام بند ڪيو وڃي ها يا وري مون کي هٽايو وڃي ها. مطلب ته شمشير صاحب جو مقصد ڪنهن جي به خواري نه پر اصلاح ڪرڻ هو.

هُو سنڌي ادب ۾ نون لاڙن متعارف ڪرائڻ ۽ اصلاح ڪرائڻ لاءِ سڄي عمر سرگرم رهيو. خاص ڪري ترقي پسند سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هُن وڏي جاکوڙ ڪئي، ڏُک ڏٺا ۽ معرڪا ڪيا.

سنڌي ادب جي تاريخ جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻه وڏا ڌڙا نظر ايندا، جن ۾ تمام گهڻا نظرياتي اختلاف هئا. انهن ڌڙن کي اسين ترقي پسند ۽ روايت پسند/ رجعت پسند ڌڙي جي نالي سان ياد ڪريون ٿا. ترقي پسند ادب ۾ نون لاڙن آڻڻ جا حامي هئا. ڌرتي، ٻولي ۽ عوام سان سلهاڙجندڙ هئا ۽ عالمي ادب ۾ ٿيندڙ تبديلين/ لاڙن/ ترقيءَ جي اثرن کي قبولڻ وارا هئا. هُو ادب تي مذهب جي غلبي جا مخالف هئا. هو اهڙي ادب کي اڳتي آڻڻ چاهين پيا، جيڪو زندگيءَ ۾ (Positive) تبديلي آئي. ان حوالي سان محترم رسول بخش پليجو لکي ٿو ته: ”انگريزن جي ڦوٽ ۽ تفرقي واري پاليسيءَ سبب، سنڌ ۾ هندوءَ ۽ مسلمان جي وچ ۾ وڌندڙ دشمني ادبي ميدان ۾ ڪاهي پيئي. هندو اچي سنڌي ٻوليءَ کي شڌ بنائي، تلڪ لڳائي، ڌوتي ٻڌائڻ جي پويان پيو، ته مسلمان چوي آءٌ کيس ان کان اڳ ۾ چوغو پهرائي، ايراني ۽ عرب بنائي وٺان. اچي جو ڇٽاڀيٽي لڳي، سو سنڌ جي ”پر“ ڦري ”ليڪن“ ۽ ”برنتو“، ”پاڻي“ ڦري ”جل“ ۽ ”آب“، ۽ ”سنگتي“ هڪ طرف ”متر“ ٿي پيا، ته ٻئي پاسي ”احباب“! سنڌ جي مٺڙيءَ پياريءَ ۽ سهڻي ٻوليءَ کي هنن ظالمن انڌي تعصب وچان اهڙو ته بگاڙي خراب ڪري ڇڏيو، جو سڃاڻڻ کان پري ٿي ويئي. ان دؤر جون سنڌي لکيتون پڙهي، ماڻهوءَ کي خبر نٿي پوي ته لکندڙ سنڌيءَ ۾ لکبو آهي، يا هنديءَ ۾ يا عربيءَ ۾: جملن ۾ فقط ”آهي“ ۽ ”ناهي“ جهڙا سنڌي اکر ٽنبيا ٿي ويا— ٻيو ٿيو ڀلو!

اها وبا شاعريءَ ۾ ته خاص ڪري گهر ڪري ويئي. شاعرن جا ٻه ٽولا پيدا ٿي ويا، جن سنڌي شاعريءَ تي هندي، فارسي ۽ عربيءَ سان آپريشن ڪرڻ شروع ڪيو. هندن به خوب جوهر ڏيکاريا ته مسلمانن به. تان جو سنڌي شاعري موڪلائي ويئي. باقي وڃي هندي ۽ فارسي بچيون. مسلمان شاعرن ته خاص ڪمال ڪري ڏيکاريو. شاهه لطيف وارن ٿرن برن، ڏوٿين، جهانگين، پنوهارن، اوٺين، ڏٿن ڏؤنرن جي ملڪ ۾ هڪدم ”لاله“، ”نرگس“ ”سنبل“، ”سوسن“ پوکجي ويا؛ ڦرڙا چاريندڙ، پلر پيئندڙ، برسات ۾ مينڍا پسائيندڙ سنڌي عورتون هڪدم ”گلبدن“ ۽ ”گلفام“ بنجي ويون. سندن چيلهيون غائب ٿي ويون. سندن قد سرو جيڏا ٿي ويا. سندن اکين مان نماڻائي، قرب ۽ محبت نڪري ويئي: ڪٽاريون هٿن ۾، عاشقن جي ڇانگ پويان، قيامت جي چال هلنديون، سڀني کي آسرا ڏينديون، تڙپائينديون، ”صحن چمن“ ۾ سير ڪنديون نظر اچڻ لڳيون. عاشقن جي صورت به بدلجي ويئي. قميصن ۽ پهراڻن بدران هنن شاعرن کڻي ايراني چوغا پهريا هاڻي هر ڪو ”آتش سوزان“، ”جگر برين“، ”شعله تپان“ کڻيو، ”دامن کي تار تار ڪرڻ“ يا ”اختر شماري“ ڪرڻ کي لڳي ويو! هر ڪو ڏسو ته ”نيم بسمل“، ”دم بلب“، ”دم واپسين“، تي. ”نزع جي عالم“ ۾، يعني سدائين سڪرات ۾. جي اتان چڙهيا ته ”ڪوءِ بتان“ ۾ ٺوڪرون پيا کائيندا يا ”وحشت صحرا“ سان دل پيا وندرائيندا. هر ڪنهن جي پويان ”روسياه رقيبن“ جو ٽولو“.

(انڌا اونڌا ويڄ- ص: 4 ۽ 5)

روايت پسندي/ رجعت پسنديءَ لاءِ قاضي خادم لکي ٿو ته: ”روايت پسنديTraditionalism ۽ رجعت پسندي Rigidity ۾ تمام وڏو فرق آهي. ادب جي کيتر ۾ عام طور تي انهن ٻنهي کي هڪ ڪري سمجهيو وڃي ٿو. حالانڪه روايتون ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب کي ماضيءَ جي ثقافتي، تاريخ، مذهبي، توڙي سماجي ورثي سان روشناس ڪرائن ٿيون. ان جي برعڪس رجعت پسندي پنهنجيءَ غير لچڪيداريءَ، سخت ۽ ڪڏهن به نه ڦرندڙ فطرت جي ڪري ادب ۾ جمود جو باعث بنجي ٿي ۽ ادب جو سدا بهار، تازو توانو وهڪرو هڪ رُڪجي ويل، سينواريل ۽ بدبودار گندي پاڻيءَ جي دُٻي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. تنهن ڪري ائين چئبو ته صحتمند روايتون ماضيءَ جو ورثو حال کي منتقل ڪن ٿيون ۽ ان طرح مستقبل لاءِ پڻ راهه هموار ڪن ٿيون“. (ادب ۽ روايتون- ص: 8)

اسان جي ترقي پسند ڌڙي جو سرواڻ شيخ اياز ۽ سندس ساٿين ۾ رسول بخش پليجو، محمد ابراهيم جويو، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، امر جليل ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته روايت پسند/ رجعت پسند ٽولي جو سربراهه شيخ ابراهيم خليل هو، جنهن سان گڏ سردار علي شاهه ذاڪر، رشيد احمد لاشاري ۽ ٻيا موجود هئا.

ورٿ جي شاعريءَ جي مجموعي ”لريڪل بئلڊس“ (Lyrical Ballads) سُريلا گيت، لاءِ ورڊس ورٿ جي لکيل مهاڳ جو سنڌي ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي مخزن ”مهراڻ“ ۾ ساڳي سال جي ٻي نمبر شماري ۾ ”سُريلن گيتن جو مهاڳ“ جي سرخيءَ سان شايع ٿيو“. (سنڌي شاعريءَ جو اڀياس- ص: 13)

شمشير صاحب ان مهاڳ جي شروع ۾ پنهنجي لکيل مضمون ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي مقصد، موضوع، زبان ۽ اسلوب بابت پيدا ٿيل نون مسئلن کي بحث ۾ آندو آهي ۽ سوچ ۽ فڪر جي دعوت ڏني آهي. اهو مضمون توڙي جو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ لکيل آهي پر اڄ به ان جي اهميت ساڳي آهي. خاص ڪري جديد ادب کي سمجهڻ لاءِ ان جو اڀياس ڪيو وڃي.

ساڳيءَ ريت سندس جماليات واري مضمون ۾ جماليات جي وصف، پس منظر، سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ ۾ جمالياتي پهلوئن تي بحث ڪيو ويو آهي. هو جماليات جي وصف بابت لکي ٿو ته ان جي ڪابه هڪ وصف نه آهي، عالمن پنهنجي پنهنجي طريقي سان وصف بيان ڪئي آهي ”اهو ئي سبب آهي جو حُسن ۽ جمال جون جيتريون وصفون ۽ تعريفون بيان ڪيون ويون آهن، اوتريون ڪنهن ٻيءَ شيءِ جون نه ڪيون ويون آهن. ”جمال“ جي معنيٰ ئي آهي حسن ۽ سُونهن. اها خدائي صفت آهي، جيڪا خود خدا کي به پسند آهي: ”الله جميل ويحب الجمال“.

انهن ٻنهي ڌڙن جي تمام وڏي ادبي ويڙهه هلي، هڪٻئي مٿان الزام بازيون، مختلف اخبارن مضمون ۽ ڪالم ۽ شعرو شاعريءَ جا ٺڪاءَ هوندا هئا.

روايت پسندن آڏو عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي روايتن، ماحول، لفظن، موضوعن ۽ Technicsکي بچائڻ وڏو مقصد هو. جيڪي اديب ۽ شاعر انهن کان مُنهن موڙيندا هئا، انهن لاءِ ڪميونسٽ،لادين ۽ هندستان جي ايجنٽ هجڻ جون فتوائون جاري ٿينديون هيون. نه رڳو ايترو پر ترقي پسندن کي سرڪاري نوڪرين مان ڪڍرائڻ لاءِ مهمون هلنديون هُيون.

ان صورتحال ۾ شمشير سميت سڀ ترقي پسند پنهنجي بچاءَ لاءِ ڀڄندا ڊڪندا ۽ جواب لکندا/ لکرائيندا وتندا هئا. ان حوالي سان سائين رسول بخش پليجو لکي ٿو ته: ”هڪڙي ڏينهن شمشير ڪاهيندو پوريندو اچي ٺٽي نڪتو. ”ابا، خير؟“ چي مڙيئي خير آهي. هيترا ڏينهن پيو چوندو آئين ته هنن بدمعاشن جي ڪفر جي الزامن جو هيئن جواب ڏيڻ کپي، هونئن ڏيڻ کپي، سو دوستن موڪليو آهي ته اهو توکان ئي لکائي کڻي اچان، سو لکي ڏي“. مون کي ڪيس هئا. واندڪائي ڪانه هئي. پر تن ڏينهن وارو شمشير ٻيو هوندو هو. جن ڇڏي ڀوت ڇڏي، شمشير نه ڇڏي“. (انڌا اونڌا ويڄ- ص:06)

شمشير صاحب ترقي پسنديءَ واريءَ جنگ جو اهم ڪمانڊر هو. ترقي پسند تنظيم سنڌي ادبي سنگت جو 11 سال سيڪريٽري جنرل رهيو. ان کان سواءِ ٻين فورمن تي هو سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. هُن جي هر لکڻيءَ ۾ ترقي پسند لاڙا چٽا ڏسڻ ۾ ايندا.

هُن جي چوڻ تي رسول بخش پليجي صاحب روزاني خادم وطن ۾ روايت پسند، جيڪي اصل ۾ رجعت پسند هئا، انهن جي جواب ۾ 64/1963ع) ڌاري مضمون لکيا، جن کي تمام سُٺي موٽ ملي. اڳتي هلي انهن جوابي مضمونن کي گڏ ڪري ڪتاب ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ شايع ڪرايو ويو. (انهن تحريڪن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي) شمشير صاحب جيڪو ڪجھه لکيو، پوءِ اهو سندس ڪتابن ۾ هجي يا اخبارن ۽ رسالن ۾ هُجي سڀني جو مرڪزي نڪتو/ خيال (Theme) ترقي پسندي آهي. سندس ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ منهنجي سامهون آهي، ان ۾ لکيل ليک خاص ڪري (1) سنڌيءَ ۾ روماني شاعري (2) سنڌيءَ ۾ جمالياتي شاعري، عالمي ادب ۾ نون لاڙن جي پس منظر ۾ لکيل آهن. هُو روماني شاعريءَ واري مضمون ۾ لکي ٿو ته، ”1959ع ۾ تنوير عباسيءَ ۽ مرزا مراد علي اختر، گڏجي انگريزي شاعريءَ جي روماني دؤر جي اڳواڻ شاعر وليم ورڊس (خدا سهڻو آهي ۽ سونهن سان پيار ڪري ٿو). (سنڌي شاعريءَ جو اڀياس- ص:21)

جيئن الله سائين سونهن سان پيار ڪري ٿو، ائين ئي شمشير سان پيار ڪري ٿو ۽ شمشير وري سُونهن سان پيار ڪري ٿو، جنهن جو اولڙو سندس شاعريءَ ۽ ٻين لکڻين مان پسي سگهجي ٿو. ان سونهن کي نروار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاکوڙ ۽ ڪم جي ضرورت آهي.

مددي ڪتاب حوالا

(1)  شمشير صاحب سان ٿيل ڪچهريون.

(2) پي. ٽي. ويءَ جو شمشير بابت خاص پروگرام- پروڊيوسر غلام مصطفيٰ سولنگي.

(3) ادب ۽ روايتون، قاضي خادم، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 1992ع.

(4) انڌا اونڌا ويڄ، رسول بخش پليجو، شهيد عوام فاضل راهو اڪيڊمي لاڙڪاڻو، سنڌ، 1988ع.

سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، شمشيرالحيدري، حيدري انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر اينڊ آرٽس، بدين، 1988ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org