سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:17 

مراد صاحب جا خط

ممتاز مرزا،مرزا نجم الحسن

 ۽ شمشير الحيدري ڏانهن

 

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا

10.10.1960

 

مٺڙا ممتاز

        تو کي جنهن ڏينهن خط لکيو هئم ان ڏينهن آءٌ ڏاڍو اداس هوس. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. اداسي ته اهڙي شئي ڪين آهي جيڪا گهري وٺجي. حالتون ان کي پيدا ڪن ٿيون ۽ اهي ئي ان جو خاتمو به آڻين ٿيون. نئون ديس، نيون صورتون ۽ نئون ماحول پهرين ته پريشان ڪيو ڇڏي؛ پر پنهنجا چالاڪي ۽ ذهانت جي ڪري اهو ساڳيو اجنبي اجنبي ماحول ڄڻ ته پنهنجو ٿيو پوي. مون به اها حرفت هلائي ۽ هينئر ائين پيو لڳي ڄڻ ته منهنجي آس پاس پنهنجائپ ئي پنهنجائپ آهي.

        اڄ آفيس مان 4 بجي اٿي ڊيوٽي روم ۾ آيو آهيان جو اڄ ڊيوٽي آفيس جا فرائض مون کي انجام ڏيڻا آهن. خط به ڊيوٽي روم مان پيو لکان سامهون هڪ پري رُو ويٺي آهي جنهن جي پين سان هيءُ لفظ پيو لکان. هينئر غالب وانگر ائين ڪونه چوندس ته ”آدمي ڪوئي همارا دمِ تحرير نه ٿا“ اها شعله رو اردو انائونسر آهي ۽ ڪالج ۾ انٽرآرٽس پڙهندي آهي. اصل ڪشمير جي آهي جنهن ڪري رنگ و روغن جي ته ڳالهه ڪرڻ بيڪار آهي. البت نڪ نقشه بيحد پرڪشش مليو اٿس. مون سان خبر ناهي ڇو فري آهي. آءٌ ته ساڻس بيحد فري آهيان. اڄ 4 بجي آيس ته ويٺي هئي. پڇو مانس ته فرمائش ۾ مون کي ”اس رات ڪي تنهائي ۾ آواز نه دو“ وارو رڪارڊ ڇو ڪونه ٿي ٻڌائين؟ هوءَ فرمائش به پيش ڪندي آهي. جواب ڏنائين ته اهو رڪارڊ منهنجو پسنديده آهي، پر اڃا اسٽيشن تي ڪم آيو آهي. اتفاق سان ٽيسٽنگ ۾ اهو رڪارڊ ان وقت نشر ٿيو ۽ هن هڪدم چيو ته دروازو بند ڪريو ته ٻڌون. ٻئي ڪمري ۾ ڪجهه آرٽسٽ هئا. دروازو بند ڪري اهو رڪارڊ ٻڌو سون، جيڪو مون کي بيحد پسند آهي ۽ بقول هن جي هن جو به پيارو گيت آهي. تو ته اهو رڪارڊ سيلان تان ضرور ٻڌو هوندو مون به سيلان تان ئي ٻڌو آهي. منهنجي ڪمري جي ڀرسان مسٽر رفيقي انجنيرءَ جو ڪمرو آهي. فيمليءَ سان رهي ٿو ۽ سيلان ساڍي ڏهين بجي تائين ٻڌندا آهن. آءٌ جڏهن سوير پڄندو آهيان ته ان مان فيض وٺندو آهيان. صبح جو سيلان ٻڌندو آهيان. بهرهال ان پس منظر ۾ (ظالم پين واپس وٺي وئي ) هيءُ پنهنجائپ جو سلسلو ڪهڙي صورت اختيار ڪندو ۽ ڇا نتيجو نڪرندو ان بابت ڪجهه چوڻ قبل از وقت آهي. بهرحال ڪوشش اهائي آهي ته جيتري قدر تي سگهي پاڻ کي هن اجنبي ماحول ۾ اجنبي نه سمجهان ۽ يقين ڪر ته ان ۾ آئون ايتري قدر ته ڪامياب ٿي ويو آهيان جو دل نه ٿي چوي ته ڪوئيٽا کان ٻاهر نڪران.

        هن وقت آئون اسٽيشن جي قريب هڪ جاءِ جي هڪ ڪمري ۾ رهان ٿو. صبح جو سويل ايندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته دير سان به اک کلندي اٿم، سياري رات جي ٿڌڪار کان پوءِ صبح جو هنڌ مان ٻاهر نڪرڻ جي همت نه ٿيندي آهي. سچ پچ اهڙي ٿڌڪار هوندي آهي جو ڏڪڻي وٺي ويندي آهي پر آفيس جو وقت 9 بجي آهي تنهن ڪري جهٽ جهٽ سگري ٻاري چانهه جو پاڻي رکندو آهيان. ان دوران ۾ پٽيوالو کير آڻي ڏيندو آهي ۽ پاڻي وغيره ڀري چونڪ تان گرم گرم نانَ وٺي ايندو آهي. صبح جي وقت گرم چانهه ۽ گرم نان مزيدار هوندو آهي ان کان سواءِ ٻئي شيءُ مثلاً بيدو وغيره ڪونه ٺاهي سگهندو آهيان جو ڪڙهائي وغيره ڪانهي، 9 بجي ڌاري اسٽيشن تي ويندو آهيان جتي ٻنپهرن جي ماني ڪينٽين ۾ کائڻ کان پوءِ اتي ئي هوندو آهيان ۽ وري رات جو 9 يا 10 بجي گهر ايندو آهيان ان وچ ۾ موقعو ملندو آهي ته موٽر ۾ شهر ويندو آهيان، جتي ڪيفي بلديه جي رومانٽڪ ماحول ۾ چانهه وغيره پئبي آهي. منهنجو ساٿي مسٽر سعادت هڪ قابل شخصيت آهي. هينئر C.S.P جي امتحان ۾ سليڪٽ ٿيو آهي ۽ ٻارهين تاريخ ٽريننگ لاءِ لاهور وڃي ٿو، اصل ڪوئيٽا جو آهي بيحد خوبصورت ۽ پرڪشش شخصيت جو مالڪ آهي مون سان ته بيحد فري آهي ۽ اڪثر شام جي وقت گڏ گهمندا آهيون هو هڪ مهربان دوست کان سواءِ بيحد خوش طبع ۽ مهذب اسان آهي. ان هوندي به اسين ايترو قريب آهيون جو هڪ ٻئي جون پوشيده ڳالهيون هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا آهيون ۽ لطف وٺندا آهيون. افسوس جو هو مون کان جدا ٿي رهيو آهي، ڏسجي ته هن جي جاءِ تي ڪير ٿو اچي. في الحال اردو ٽاڪ سيڪشن بنده جي حوالي ٿيندو.

        ڪراچي  ۾ ريڊيو جي ڪمن ۾ ايتري دلچسپي ڪونه وٺندو هئس جو اتي بي انداز اسٽاف هجڻ ڪري گهٽ موقعو ملندو هو ليڪن هتي مون تن ۽ من ٻئي ان پورهئي ۾ لڳايا آهن ۽ اميد ته گهڻو ئي ڪجهه پرائيندس.

        تو لکيو آهي ته وڏي ٺاٺ ۽ رعب سان رهڻ گهرجي بلڪل درست لکيو اٿئي هتي اچڻ کان پوءِ ڪڏهن گلي اگهاڙي سان ٻاهر نه نڪتو آهيان هميشه ڪوٽ ۽ نڪٽاءِ ٻڌل هوندو آهي جنهن ڪري منهنجي شخصيت ويتر رعبدار ٿي پوندي آهي صحت تمام سٺي آهي ۽ صحتيابي جي وڏي اميد آهي. البته ماني هوٽل جي کائڻي پوي ٿي. هڪڙي گهر ۾ ماني جو انتظام ڪيو اٿم. اڄ سڀاڻي اتي ماني کائيندس ۽ رهندس به ان گهرجي ويجهو.

        يار مئٽرڪ پاس ڪر بي اي ڪر ۽ پروگرام پروڊيوسر ٿيءُ تون ذهين آهين ۽ ريڊيو تي اهڙو ميدان آهي جتي تون پنهنجي ذهانت جو مظاهرو ڪري سگهندين پنهنجي ٻارڙن کي منهنجي طرفان پيار ڪجان ۽ گهر ۾ تسليٰ ڏجان ماما سائين جي قدم بوسيءَ لاءِ خواهان آهيان منهنجي طرفان سندن احوال پرسي ڪندا ۽ سلام ڏيندا. دوستن کي به سلام ڏيندا ڪاغذ پورو ٿي ويو آهي ورنه لکڻ لاءِ ته گهڻو ئي ڪجهه ذهن ۾ اٿم. بهرحال جواب جلد موڪل ۽ تفصيل سان مختصر خط مون کي پسند ڪونهي ڪجهه ته لکڻ جو موقعو ملي.

          مراد اختر

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا

29.12.60

 

مٺڙا ممتاز

اميد ته ڪوٽڙي اسٽيشن تي مون کي نه ڏسي تون پريشان ٿيو هوندين. پروگرام مطابق مون کي 30 ڊسمبر تي تهان روانو ٿيڻو هو ۽ 31 تاريخ حيدرآباد پهچڻو هو. پر اڄ صبح تار پهتي ته ٽريننگ جي شروعات لاءِ ٻي تاريخ مقرر ڪئي ويندي. تنهن ڪري في الحال انتظار ڪرڻو پوندو ۽ اڳيون سمورو پروگرام منسوخ!

        ڪالهه رات کان هت بارش شروع ٿي ويئي آهي ۽ هن وقت به مينهن پوي پيو. صبح جو ساڍي ڇهين بجي ڪمري مان ٻاهر نڪتس. مُنهن اونداهي هئي. اوچتو سامهون پهاڙن تي نظر پوندي ئي جسم جا وار ڪانڊارجي ويا ۽ هڪ قسم جي عجيب و غريب عظمت ۽ سربلنديءَ جو احساس دل کي خوف ۽ حيرت ۾ وڪوڙي ويو. فطرت ۾ ايتري عظمت ۽ هيبتناڪيءَ جي مشاهدو اڄ ئي نصيب ٿيو. انگريزي شاعرن جو فطرت کي ايترو ساراهيو آهي ان جو سبب به شايد اهو ئي آهي. سمجهين ٿو ڇا ڳالهه هئي؟ چئني طرف پکڙيل ڪارن پهاڙن جون چوٽيون برف سان ڍڪيو پيون هيون ۽ پره ڦٽيءَ جي هلڪي هلڪي روشنيءَ ۾ اهي سفيد پوش چوٽيون هڪ ٻئي تي ۽ پوريءَ فضا تي پنهنجو عڪس ڇڏي هڪ عجيب و غريب ۽ پُرهيبت منظر پيش ڪري رهيون هيون. فطرت جي اهڙي رنگيني ۽ دلفريبي ڏسي آءٌ حيرت م پئجي ويس ۽ هڪ طرح جي عجيب آسودگي ۽ مسرت محسوس ٿيڻ لڳي.

        پاڻ وٽ سياري جي بارش سان گڏ سردي ۽ بيماري شامل هوندي آهي پر هت بارش ڄڻ ته سموريءَ فضا کي ڌوئي پاڪ ۽ صاف ڪريو ڇڏي. ٻار کان وٺي پوڙهي تائين هر انسان مسرور ۽ خوش نظر اچي پيو. ٻيو ته ڇڏيو پر پرند ۽ چرند به موج ۾ هوندا آهن. هن واکاڻ ۾ زيادتي نه پر حقيقت آهي. ڪاش تون هجين ۽ پاڻ ڏسين.

        حيدرآباد اچڻ في الحال ملتوي جيستائين ڪراچي مان ڪو اطلاع نه اچي تيستائين مون کي هت ئي رهڻو پوندو. بهرحال ٽريننگ ضرور ٿيندي ۽ فيصلو ٿي چڪو آهي ته هتان آءٌ ئي ٽريننگ لاءِ ويندس. گهر احوال ٻڌائجان. جنهن وقت به ڪراچي کان اطلاع پهتو، ان وقت ئي تو کي خط لکندس ۽ جي وقت ٿورو هوندو ته تار ڪندس. تون ضرور ڪوٽڙي اسٽيشن تي اچجان ۽ ضمير کي به ساڻ وٺي اچجان.

        گهر جا ڀاتي ۽ ٻيا عزيز ڪهڙن حالن ۾ آهن. سڀني کي سلام ڏجان. اڄ هڪ سو روپيه مني آرڊر ڪري ادا عنايت ڏانهن موڪليان ٿو. سؤٽ کي ٻڌائجان ته ڪابه فڪر ڳڻتي نه ڪري ۽ ٻارن جو هر طرح خيال رکي. والد صاحب کي به خط لکي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪيو هم. تون روبرو بابا وٽ وڃجان ۽ کين اطلاع ڏجان. ته پروگرام رهجي. ويو. البت هفتي اڌ ۾ خبر اچڻ تي آءٌ کين علحده مطلع ڪندس.

        ان دوران ۾ هن خط ملڻ شرط جواب روانو ڪر. آخر خط و ڪتابت کان گريز ڪرڻ جو مطلب ؟ ناراض آهين ڇا؟ ٻيو ڇا لکان ؟ تون ئي ڪجهه لکي ٻڌاءِ. آءٌ ته في الحال موسم جي لطافت ۾ ئي پاڻ وڃائڻ گهران ٿو. ”غم جانان غم دوران کي وساري هيڪر“ تنهنجو خط ڏسي تو کي پنهنجي قريب محسوس ڪندو آهيان. ۽ ” تم ميري پاس هوتي هو گويا جب ڪوئي دوسرا نهين هوتا.“ برسٽل مان شيخ صاحب تنهنجي خبر چار پڇي آهي. ٻڌاءِ ته ڇا لکانس.

                                       

چڱو تنهنجو اختر

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا

29.08.1961

 

مٺڙا ممتاز!

        اڄ ڊان ۾ ائڊورٽائيز ڏٺي اٿم. سروريه اسلاميه ڪالج هالا ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر جي جاءِ خالي آهي ۽ ڪلاس ٽو پوسٽ جو پگهار آهي، آءٌ سڀاڻي درخواست رواني ڪريان ٿو. درخواست پريزيڊنٽ ايجوڪيشن سوسائٽي هالا جي نالي موڪلڻي آهي. خبر نه آهي اهو پريزيڊنٽ ڪير آهي. منهنجي خيال ۾ مخدوم سائين طالب الموليٰ هوندو. جيڪڏهن مخدوم صاحب آهي ته پوءِ هن خط پهچڻ شرط مخدوم صاحب سان ملي منهنجي لاءِ سفارش جو انتظام ڪر. ۽ موٽندڙ ٽپال ۾ مونکي سمورو احوال موڪل. ضرورت پوي ته ڊاڪٽر صاحب کان به ڪوشش ڪري ڪا چٺي وغيره حاصل ڪر.

        آءٌ هت بنهه بيزار ويٺو آهيان. ڪو به لطف ڪونهي. خصوصاً پگهار جي ورڇ سبب ڪافي نقصان ٿئي ٿو. ازانسواءِ رهائش ۽ کاڌي وغيره جو انتظام ايترو ناقص آهي جو زندگي زهر ٿي وئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچان ٿو ته استعيفيٰ ڏئي اچان. پر مجبور آهيان. بهرحال تون منهنجي مجبورين جو احساس هن ڳالهه مان به ڪري سگهين ٿو ته آءٌ هت دربدر آهيان ۽ حيدرآباد ۾ خبر نه آهي ته ٻار ڪهڙي حال ۾ هوندا. مهرباني ڪري موٽندڙ ٽپال ۾ احوال روانو ڪر. آءٌ سڀاڻي درخواست موڪليان ٿو.

        اميد ته ماما وڏو تندرست هوندو. کين منهنجي طرفان پيرن تي هٿ رکندا ۽ سلام ڏيندا.

        مون وارو ساٿي قادر بخش(ملاح) ڪراچي ٽريننگ لاءِ 2 سپٽمبر تي روانو ٿي رهيو آهي. هاڻي ته اڪيلائي ويتر بور ڪندي. بدليءَ جي في الحال ڪابه اميد نظر نٿي اچي. ڏاڍو بيزار ۽ تنگ ويٺو آهيان. سمجهه ۾ نٿو اچي ڇا ڪريان. هڪ ذهني عذاب آهي جو هاڻي برداشت کان ٻاهر ٿيندو وڃي. ڪريان اُميد ته تون ڪجهه مدد ڪندين ۽ هن عذاب کان نجات ڏياريندي.

        گهر سڀني کي سلام ۽ دعائون ۽ ٻارڙن کي پيار. يونيورسٽي ۾ ڏنل درخواست جو ڇا حشر ٿيو؟

        مهرباني ڪري هيءَ ڪم هڪدم ڪجانءِ. جواب جلدي موڪل نه ته خوامخواه جي پريشاني ٿي پوندي.چڱو خدا حافظ.

 

تنهنجو مراد علي

22.4.1962

 

ممتاز مٺڙا

        بيحد ڀڄ ڊوڙ ۽ مصروفيت رهي ٿي هت. جمع ڏينهن صبح جو 8 کان وٺي رات جو 11 بجي تائين اسٽيشن تي رهڻو پيو ۽ ڪالهه ته منهنجو پروگرام بزمِ خواتين هو. اقبال ڊي سبب به ڪافي ڊُڪ ڊوڙ ڪرڻي پئي. ڪالهه شام جو ئي تنهنجو خط به مليو.

        ماما سائين جي حالت بابت احوال پڙهي ڪجهه عجب ڪيفيت ٿي. ڪجهه سمجهه ۾ ڪو نه ٿو اچي ته ڇا ڪريان! پئسن کان سواءِ ان طرف پهچڻ محال آهي ۽ موڪل به مشڪل آهي. ٽريننگ تان دوست پهرين مئي تي پهچڻ وارا آهن. ان وقت موڪل جي گهڻي اميد آهي. ڪوشش ڪندس ته 5 مئي کان اڳ پهچي وڃان. پگهار به وٺڻ ضروري سمجهان ٿو. ڇاڪاڻ ته پورا ٻه هفته حيدرآباد ۾ رهڻ جو خيال آهي.

        ماما سائين جي ناچاڪيءَ جي باري ۾ ڇا لکان. پنهنجي احساسن جي پوري ترجماني ڪرڻ لاءِ مناسب لفظ به ته ڪونه ٿا سُجهن! ڌڻي سڳورو کين صحتياب ڪري. منهنجي طرفان سندن پيرن تي هٿ رکجانءِ. اطمينان ڏياريندو رهجان ته آءٌ اڄ_سڀاڻ ۾ پهچڻ وارو آهيان.

        ممتاز! سچ پُڇين ته ان خبر مون کي ڌونڌاڙي ڇڏيو آهي. خط پهچڻ بعد سندن طبيعت بابت احوال موڪل. منتظر آهيان.

        آءٌ ڪوشش ڪندس ته ايئي ئي پگهار وٺي حيدرآباد لاءِ روانو ٿيان. تو کي اطلاع ڪندس.

تنهنجو مراد

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽه

05.04.1962

 

پيارا ممتاز!

        هنگامي سفر کان ڪڏهن حيدرآباد آيو آهين؟ ڪجهه سفري حالتن بابت حال احوال موڪل. بيچيني سان منتظر آهيان.

        مون وٽ ٽيو ڏينهن سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جو خط پهتو جنهن ۾ اطلاع ڏنل هو ته منهنجون ترجمو ڪيل ڪهاڻيون، ٻين ڪهاڻين سميت ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏانهن راءِ لاءِ موڪلجڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مون ان باري ۾ سيڪريٽريءَ کي خط جي پهچ ڏئي ڇڏي آهي. پر هڪ ڳالهه مزيدار سمجهه ۾ آئي آهي. اُها هيءَ ته مون کان سواءِ رشيد ڀٽي ۽ مقبول احمد سومري جا ترجما ٿيل افسانا به ان ۾ آهن. منهنجي محنت جي تو کي خبر آهي البت ڀٽي ۽ سومري جا ترجما مون ڪراچي ۾ ڏٺا هئا جيڪي مون کي پسند ڪونه آيا هئا. ظاهر آهي ته ڊاڪٽر صاحب کي به پسند ڪو نه ايندا. هاڻي گهپلو هيءُ ٿيڻ گهرجي ته انهن جا ترجما مون وٽ نظرثاني ۽ وري ترجمي Retranslationلاءِ اچن. ان جو فائدو ظاهر آهي. اهو گهپلو تون ڪري سگهين ٿو ڇاڪاڻ ته تون اُتي ويٺو. آهين.

        ٻي ڳالهه ته حيدرآباد ۾ انٽرويو ٿي ويا آهن ۽ افواهن مطابق 10 ڏينهن جي اندر اندر آرڊرس نڪرڻا آهن. مون (ايم بي) انصاري صاحب ۽ حفيظ صاحب کي ڪيترن ئي دوستن کان چورايو آهي ۽ هنن وعدو ڪيو آهي ته انٽرويو بعد ڪم ڪبو. هاڻي جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب ڪراچي وڃي ته حفيظ صاحب کي ياد ڏياري. ڪم ٿي ويندو.

        مون کي مٿين ڪمن بابت جلد جواب موڪل. مصروفيت سبب فقط ايترو لکان ٿو وڌيڪ آئيندي خط ۾.

تنهنجو مراد

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا

07.05.1961

 

ممتاز ڊيئر

        تنهنجي خط جو ڪافي انتظار ڪيم مصروفيت ڪري آءٌ به هينئر خط پيو لکان.

        بهرحال ٿيسز وغيره جي باري ۾ پوري معلومات موڪل. سڀني يارن کي سلام.

        گرامي (مولانا غلام محمد) کي چيو هئم ته ايڊٿ وارئن جي افساني جو ترجمو رباني کان وٺي مهراڻ جي هن پرچي ۾ ڇاپي. افساني جو عنوان آهي ”انار داڻا“. جيڪڏهن افسانو آندو هجيس ۽ ڇپجي ته ميان علي بخش کان فرمي جي هڪ ڪاپي منهنجي لاءِ وٺجان.

        هن وقت رهائش جو هڪ ٻئي هنڌ انتظام آهي جتي آءٌ، قادر بخش ۽ آفيس جو ڪيشئر گڏ رهندا آهيون. ننڍي جاءِ آهي. في الحال ته معاملو ائين هلي ٿو. اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.

        بدليءَ جو هل شايد غلط هو. آءُ به چاهيان ٿو ته پروبيشنري پيريڊ پورو ٿئي ته پوءِ بدلي لاءِ هٿ پير هڻان.

        چڱو وڌيڪ حال احوال تنهنجي جواب اچڻ تي موڪليندس.

 

مراد علي

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا

10.1961

 

مٺڙا ڀاءُ

        شال شاداب هجين. اڄ شام جو تنهنجو خط پهتو. پنهنجي طويل خط جي جواب جو طويل تر انتظار ڪرڻو پيو. پر مختصر جواب ڏسي دل مونجهاري ۾ اچي ويئي آهي. پريشاني جو تو ته سبب ئي ڪونه لکيو ۽ آءٌ عجب وهمن وسوسن ۾ مبتلا ويو آهيان. پر ”يه سانحه ڀي محبت ۾ بارها گذرا“ ڀلا هن خط جو مفصل جواب موڪل. ڪجهه ته اطمينان ٿئي.

        ٽريننگ جو هت ڪوبه اطلاع ڪونه پهتو آهي. اها خبر شايد دوستن کان ملي هوندي. بهرحال 5 فيبروري پري ڪانهي باقي ڪي ڏينهڙا- تون ذڪاء کان خاطري ڪر جو هو ڪراچي ايندو ويندو هوندو. آءٌ ته ڪيتروئي بيچين آهيان. ان طرف لاءِ- پر حالتون عجب آهن. ۽

یار کی نگری کوسوں دور،کیسے کٹے گی بھاری رات

بستی والوں سے چھپ کر، رو لیتے ہیں پچھلی رات

۽

تنہا تنہا پھرتے ہیں، دل ویراں آنکھیں بے نور

پر-ہر منزل سے گذریں ہیں تیرے غم کے سہارے

 

هيءَ اوکي منزل به گذري ويندي.

        ٿيسسز سمورو فيئر ٿي ويو آهي. هاڻي 3 ڪاپيون تيار ڪرڻيون آهن. منهنجي تازي تصوير تو تائين پهتي؟ گهروارن ۽ ٻارڙن جو ڇا خيال آهي ان باري ۾؟

        قهر آهي، غضب آهي- تنهنجي ڪوتاهين کي ڪيئن معاف ڪريان؟

آنکھیں میچوں، دھیاں کروں تو، صورت تیری مورت تیری

من کے ہستے بستے دیس کے رستے رستے پر مسکائے

        پر سواءِ ان جي ٻي ڪا راهه ڪانهي ته اڃا به انتظار ڪريان تنهنجي مفصل خط جو.

        ڪراچي ۾ ٽريننگ جو مفصل احوال هٿ ڪري موڪل حيدرآباد اچڻ جو اهو سونهري موقعو ٿيندو. مهراڻ رسالو شائع ٿيو آهي. يا اها ئي رفتار بي ڍنگي اٿس؟

        ٻاررن کي پيار ۽ وڏڙن کي سلام-

        تنهنجو اختر

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا

11.05.1962

 

مٺڙا ممتاز

        اميد ته خوش هوندين ۽ گهر ۾ به جمله خيريت هوندي. خاص ڳالهه هيءَ آهي ته منهنجي حيدرآباد بدليءَ جا آرڊرس پهچي ويا آهن ۽ آءٌ هن مهيني جي آخر تائين حيدرآباد پهچي ويندس.

        مون في الحال انصاري صاحب کي خط ڪونه لکيو آهي. تون ان دوران ۾ ملينس ته چڱو. آءٌ سڀاڻي ضرور خط لکندو سانس.

        ابراهيم چونڊيو يا نه. اسان وٽ شيخ غلام حسين نالي حيدرآباد مان ڪو همراهه چونڊجي پيو اچي. هن وقت بئسڪ ڊيموڪريسي جي آفيس ۾ آهي. اهو جڏهن ايندو ته منهنجي روانگي ٿيندي، آءٌ سڀاڻي ان کي به خط لکي موڪليندس اميد ته اچي ويندو. جي نه آيو ته به مون کي هتان ضرور ڇڏيندا جو زاهد نقوي (ڊيوٽي آفيسر ) منهنجي جاءِ تي پي پي (پروگرام پروڊيوسر) ٿيو آهي.

        گهر سڀني کي ٻڌائجان ۽ ڊاڪٽر صاحب کي خصوصاً چئجان. اچ اسڪالرشپ ۽ ليڪچررشپ جا فارم ڀري رجسٽرار ڏانهن رجسٽر ڪيا اٿم.

        وڌيڪ ڪچهريون روبرو. ماما امام بخش کي سلام ۽ پيرن تي هٿ. سڀني کي سلام.

مرا علي

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا

21.05.1962

 

مٺڙا ممتاز!

        اميد ته خوش هوندين ۽ گهر ۾ به سڀ خير خيريت هوندي. مون تو کي گذريل هفتي خط لکيو جنهن ۾ منهنجي بدليءَ جو ذڪر هو. اميد هئي ته تون جلد جواب ڏيندين، پر هر روز صبح شام ٽپال ڏسي مايوس ٿيندو آهيان. ايتري بيپرواهي ته ٺيڪ ڪانهي. ان طرف جي حالتن کان اڻڄاڻائيءَ سبب بعضِ وقت سخت پريشان ٿيندو آهيان. تون الائجي ڇا سمجهين، پر اندر جي آگ کي اُجهائڻ لاءِ ظاهري کِل خوشيءَ کي استعمال ڪريان ٿو. تنهنجي ۽ پنهنجي گهرو حالتن جو احساس ايندي اکين ۾ پاڻي تري ايندو آهي. پر دل تي جبر ڪري اهو زهر جو پيالو به پي وڃڻو پوندو آهي ۽ پوءِ اهو خيال آڻي پاڻ کي آسيس ڏيندو آهيان ته اِهائيءَ ته زندگي آهي. پوءِ جڏهن اهو يقين ايندو اٿم ته تڏهن سمجهندو آهيان ته دل تان سمورو غبار لهي ويو.

        تنهنجي جواب جو اڃا به انتظار اٿم. ڇاڪاڻ ته آءٌ هتان هن مهيني جي آخري تاريخن ۾ رلِيو ٿيندس. شيخ غلام حسين ڪير همراهه آهي؟ خبر لهي موڪل ته اچي ٿو يا نه. ان ڪري جو ARD چوي ٿو ته شيخ جي اچڻ کان پوءِ تو کي ڇڏيندس. مون به شيخ کي خط لکيو آهي. جنهن ڏينهن آيو ان ڏينهن آءٌ رلِيو ٿيندس. تون (ايم بي) انصاري صاحب سان مل ۽ منهنجا سلام ڏينس ۽ چوينس ته منهنجي رلِيو لاءِ سرڪاري طور هيڏانهن ليٽر روانو ڪري ته سٺو. وڌيڪ احوال تنهنجي جواب بعد موڪليندس.

        گهر ۾ سڀني کي سلام ۽ ماما امام بخش کي پيرن تي هٿ.والسلام

تنهنجو مراد علي

ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا

31.5.1962

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org