سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:11 

شاهه نورانيءَ جي ميلي ۾ ماڻهو پهچائڻ لاءِ جيئن ته سيٺ علي محمد بڪڪ جون 10- 11 گاڏيون هلنديون هيون، ۽ ميلي تي ويندڙ آخري گاڏي غريبن، فقيرن ۽ ملنگن لاءِ مفت ويندي هئي. انهي زماني ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون هڪ ته سندس لي مارڪيٽ واري اسٽاپ تان وينديون هيون، ۽ ٻيون سندس گهر واري وڏي گيراج مان وينديون هيون.گاڏين جا ڊرائيور جن جون وڏيون پگهارون، وڏيون عزتون، سٺا کاڌا، جتي گاڏيون بيهن اتي انهن لاءِ ڪڪڙ ٻڪر ڪسجيو وڃن ۽ وڏيون دعوتون ٿيو وڃن. ڇو جو تڏهن اڃا گاڏيون نيون نيون ماڻهن ڏٺيون هيون ۽ انهن کي هلائڻ وارا ته وڏي ڳالهه هئا. معنيٰ ته عام کان مٿي ۽ منفرد هئا.

سيٺ علي محمد بڪڪ جا سڀئي ڊرائيور نوجوان ۽ برجستا هئا ۽ جڏهن اهي تيار ٿي اچي ڊرائيونگ سيٽ تي وهندا هئا ته عام کان مختلف لڳندا هئا. بوسڪيءَ جا ڪپڙا، قراقليون ٽوپيون، ڪارا چشما، ڪارا ايراني ريشمي وڏا رومال ڪلهن تي، سونيون زنجيرون ڪنڌن ۾، سونهري پٽن واريون گهر گليون روليڪس واچون ڪراين ۾، وڏن ڳاڙهن ٻُڙن واريون ٿلهيون سونيون منڊيون آڱرين ۾، ڪارا چلڪڻا چيڪاٽ ڪندڙ بوٽ پيرن ۾ پائي، گاڏين جون چاٻيون آڱرن ۾ رنگائي اهڙي ته ٺاٺ سان هلندا هئا جو هوائي جهاز جا پائلٽ پري ٿي بيهن.

شاهه نوراني تي ويندڙ آخري مفت هلڻ واري گاڏيءَ جو ڊرائيور، هاشم بڪڪ هو جيڪو نهايت حاضر جواب ۽ ڀوڳائي هو. گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ سڀيئي غريب، فقير ۽ ملنگ اچي گڏ ٿيا هئا. انهيءَ ڳوٺ (حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ) جو هڪ چريو جنهن جو نالو مصري هو ۽ ذات جو ’ٻُرو‘ هو. اهو به پراڻن ڪپڙن جي هڪ وڏي هڙ ۽ پنهنجي زورائتي ڪتي سميت اچي سهڙيو. هيڏي هوڏي پيو لوڻا هڻي. هر ڪو پيو کيس ڌڪي ٻاهر ڪڍي ته اوچتي سندس نظر گاڏيءَ جي ڊرائيور، هاشم بڪڪ تي پئي جيڪو گهوٽ بڻيو ٽلي رهيو هو. هڪل ڪري چيائين، ”هاشو، او هاشو. ڪهڙي گاڏي نورانيءَ تي وڃي پئي؟“

سيٺ علي محمد بڪڪ جي وڏي گيراج ۾ سندس ڪيئي گاڏيون بيٺل هيون، جن ۾ هڪڙو خراب کيکڙو بنا ٽائرن جي بلاڪن تي رکيل هو. هاشم بڪڪ مشڪي بلاڪن تي رکيل کيکڙي ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”او، هو پريون کيکڙو پيو نوراني تي وڃي. ڊوڙي وڃي هنڌ والار نه ته جاءِ ڪانه ملندئي.“ اهو ٻڌي مصريءَ هڪدم ڊوڙ ڪري بلاڪن تي رکيل کيکڙي ۾ پنهنجي بيحد وڏي ميرن پراڻن ڪپڙن واري هڙ اڇلائي ۽ پنهنجي ڪتي کي به چاڙهي پاڻ ٽپ ڏئي کيکڙي ۾ چڙهي ويهي چوڻ لڳو، ”سٺو ٿيو جو سويرو آيوس. اويرو اچان ها ته هنڌ ئي ڪونه ملي. اڃا ته سڄي گاڏي خالي آهي.“ ميڙي تي وڃڻ واري گاڏيءَ ۾ ماڻهو ويهندا ويا ۽ گاڏي رواني ٿي وئي. مصريءَ کي جڏهن گهڻي دير ٿي ته سڏ ڪرڻ لڳو، ”هاشو، اوهاشو، ماڻهو  نه ٿا هلن ته ڇڏين کڻي. مون کي ته وٺي هل نورانيءَ جي ميڙي تي.“

اهو هو سچو ڀوڳ جيڪو ياد اچي ويو. انهيءَ ساڳي ئي چرئي سان لاڳاپيل هڪ دکدائڪ واقعو پڻ آهي ته، هڪڙو پٺاڻ مڇي وڪڻڻ وارو آيو. مصريءَ هن کان مڇي ورتي. جڏهن پٺاڻ پيسا گهريا ته چوي، ”آهين ئي ڪونه!“ پٺاڻ چيو، ”مڇي موٽائي ڏي.“ ته مصريءَ هڪدم مڇي اڇلائي پنهنجي ڪتي کي ڏني. مڇيءَ وارو پٺاڻ اچي ڪاوڙيو ۽ جيئن ساڻس وڙهڻ لاءِ اڳيان وڌيو ته، مصريءَ يڪدم ڦڙتيءَ سان پنهنجو ڪتو کڻي اڇلائي مڇيءَ واري پٺاڻ کي هنيو. ڪتو به زورائتو ۽ پاڻ مصري چريو به سگهارو سو جيئن ئي پٺاڻ کي زور سان ڪتو هنيائين ته، وڃي سيني ۾ لڳو ته پٺاڻ زيپوڙو ڪري هيٺ پٽ تي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو. اهو سڀ اک ڇنڀ ۾ ٿيو. ماڻهن ڊوڙي اچي پٺاڻ کي مٿي کنيو ته پٺاڻ ۾ ساهه جڙي ئي ڪونه. وري ڊوڙيا ۽ ڊاڪٽر کي وٺي آيا جنهن اچي ڏسي تپاسي چيو ته، ”هي مري ويو آهي.“ پوءِ ته پٺاڻ جي مائٽن وٺ وٺان لائي ڏني. مصري چرئي کي پوليس ٻڌي کڻي وڃي بند ڪيو. ڪيس هليو ۽ جڏهن مصريءَ کي عدالت ۾ بيان ڏيڻ لاءِ آندو ويو ته هن چيو، ”پٺاڻ کي مون نه، ڪتي ماريو آهي.“ ڪجهه مهينا جيل ۾ بند رهيو ۽ پوءِ کيس چريو چئي آزاد ڪري ڇڏيائون.

مصري چرئي جي واقعن جو هن مضمون سان واسطو ڪونهي پر اها به هڪ ڪوهستاني چرئي جي روئداد آهي جنهن لاءِ هتي گنجائش نڪري پئي.

شاهه نوراني تي ويندڙ گاڏين جا ڊرائيور اتي ويساهين (ساهي پٽڻ) کائڻ لاءِ ٽڪي پوندا هئا. جيئن ته شاهه نوراني جي مزار هڪ ماٿريءَ ۾ آهي جيڪا تمام وڏن جبلن جي ٻانهن ۾ ويڙهيل آهي.

اتي جا جبل ايڏا وڏا ۽ ڊگها آهن جو ڪڪر به انهن جبلن جي اڌ مان گذرندا آهن. لطيف چواڻي، ”ڇپر ۽ ڇمر، ٿا لڳهه لڳن پاڻ ۾...“ اهي جبل اهڙا پراسرار ۽ قديم آهن جن جي پراسراريت ۽ قدامت تي لکجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن، جن جو ٿورو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي ٻوليءَ جو تحقيقي جائزو“ ۾ ڪيو آهي اهو ڪتاب ڪراچي يونيورسٽي (لطيف چيئر) ڇپايو آهي.

انهيءَ پراسرار واديءَ ۾ شاهه نورانيءَ جي درگاهه پڻ هڪ جبل جي اڌ ۾ آهي. جيئن ته اتي زمين اڻ لڀ آهي سو، سيٺ علي محمد بڪڪ پنهنجي گاڏين جي ڊرائيورن، ڪلينرن، مسترين، منشين ۽ پنهنجي نوڪرن جي رهڻ، سمهڻ وغيره لاءِ شاهه نورانيءَ جي درگاهه جي ڀر وارن جبلن کي ٽوڙي هيٺ مٿي وڏا وڏا ٿلها ٺهرايا، ڇو جو ميڙي ۾ تمام گهڻا ماڻهو ايندا هئا جن لاءِ پِڙَ ۾ هنڌ ئي نه ٿيندو هو.

وڏن ڌنڌن ۽ ڪاروبار ۾ وير ۽ دشمنيون پڻ وڏيون ٿينديون آهن. ائين ئي بلوچستان جي بااثر ماڻهن پنهنجي اثر کي گهٽ ٿيندو ڏسي سيٺ علي محمد بڪڪ سان وير رکيو. هيڏانهن هوڏانهن رنڊڪون ۽ رڪاوٽون وجهڻ لڳا، جن کي پاڻ ڪا اهميت نه ڏيندو هو. ڇو جو سندس سڄو ڪاروبار سچ تي ٻڌل ۽ قانون جي تحت هو. پر ويري ته ويري آهن سو هڪ ڀيري شاهه نوراني جي ميلي جي موقعي تي اتي گهات هڻي ويهي رهيا. جڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ جون سڀ ئي گاڏيون زيارتن/ جاٽين کي شاهه نوراني جي پِڙَ ۾ پهچائي، اچي محبت فقير جي مزار تي بيٺيون (جتي سندن اسٽاپ هو) ۽ سڀ ئي ڊرائيور، ڪلينر وغيره آرام ڪرڻ لاءِ شاهه نوارني جي ڀر وارن جبلن ۾ ٺهيل ٿلهن تي هليا ويا ته، آڌي رات جو گهات ۾ ويل هچارن خالي گاڏين تي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. گاڏيون وڏيون هيون (ٽرڪون ۽ بسون وغيره)جن ۾ هڪ هڪ گاڏيءَ ۾ 10-12 ٽائر لڳل هئا. اوچتي فائرنگ جي آواز تي سڀ ئي ڊوڙي اچي اتي پهتا. پرويري ڀڄي ويا.سيٺ علي محمد بڪڪ پاڻ ڪراچيءَ ۾ هو جنهن کي اطلاع ڪيو ويو، جيڪو اطلاع ملڻ شرط هڪدم سڀني گاڏين جا سڀيئي نوان ٽائر ۽ گهربل سامان ۽ مستري ساڻ کڻي اتي پهچي ويو ۽ سڀني گاڏين کي نوان ٽائر لڳرائي ڇڏيا. پاڻ ميلي جي پڇاڙي تائين نورانيءَ جي پڙ ۾ رهيو ۽ ميلي جي پڄاڻيءَ تي سڀني گاڏين کي زيارتين سميت موٽائي آيو. پوءِ خبر پئي ته ويرين جو خيال هو ته سندن ڪارروائيءَ سبب گاڏيون اتي ئي بيٺيون رهنديون ۽ مسافر رلي ويندا. پر سيٺ علي محمد بڪڪ جهڙو بهادر ۽ ذهين ماڻهو اهو سڀ ڪٿي برداشت ٿي ڪري سگهيو. جنهن کان پوءِ دشمني ويتر وڌي وئي. پٻني ناڪي واري اسٽاپ تي بيٺل سيٺ علي محمد بڪڪ جي هڪ بس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ته سڄي خلق ڪاوڙجي پئي. مجرمن کي جهلڻ لاءِ سرڪاري مشنري به حرڪت ۾ اچي وئي، دريجيءَ جو ايماندار نائب تحصيلدار راجه منظور جيڪو ڏاڍو متحرڪ عملدار هو. ان هڪ هڪ مجرم کي ڳولي ڳولي گرفتار ڪيو. انهن پوءِ ڏوهه باسيو ۽ بااثرن جا نالا ظاهر ڪيا. اهڙيءَ صورتحال ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جا جذباتي چاهيندڙ ڪاوڙجي پيا، جن ۾ بروهين جي اڪثريت هئي جن بدلي طور ويريين کي وڏا نقصان ڏنا.

انهيءَ سڄي ڇڪتاڻ ۽ جهڳڙي ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جو پنهنجي ماڻهن کي اهو ئي حڪم جهڙو چوڻ هو، ”مال جو، گاڏين جو، زيان ۽ نقصان ٿيئي ته ٿيئي، باقي ڪوبه جاني نقصان ٿيڻ نه کپي . نقصان ته نه ٿئي بلڪه ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪوبه جسماني ڌڪ نه لڳڻ کپي.“

سيٺ علي محمد بڪڪ جو راڄ ڀاڳ به وڏو هو ته، کيس چاهيندڙن جو حلقو به نهايت وسيع هو جيڪي پڻ بدلي وٺڻ لاءِ آتا ۽ مستعد هئا، تنهن کان علاوه سندس جانثار ڊرائيور جيڪي نهايت بهادر ۽ سگهارا هئا ۽ مقابلي لاءِ سدائين مسلح ۽ لانچيل هوندا هئا انهن چيو، ”اسين وڙهڻ لاءِ اڳرائي نه ڪنداسين. پر جي اهي پنهنجن علائقن ۾ اسان جي سامهون آيا ته اسين به کين نه ڇڏينداسين.“ پر سيٺ علي محمد بڪڪ جي کين اهائي هدايت هئي ”وڙهجو نه!“ هُو قتل ۽ خون جي سخت خلاف، نرم دل ۽ ٻاجهارو انسان هو.

دشمني ۽ وير جي انهيءَ طويل سلسلي جو جڏهن پير سائين پاڳاري، ڄام آف لسٻيلا ڄام مير غلام قادر عالياڻي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل پرچاءُ جي صورت ۾ خاتمو ڪيو ته، سيٺ علي محمد بڪڪ سان اهي روئي ڀاڪر پائي مليا. حالانڪه پير سائين پاڳاري ۽ سڀني منصفن مٿن ڏوهه ڏنڊ پڻ رکيو هو. ان جي باوجود جڏهن اهي کليءَ دل سان مليا تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ کين چيو، ”اڄ اسين هڪ ٻئي سان سينو سيني سان ملائي مليا آهيون ته اسان کي ڪوبه ڏک ۽ پڇتاءُ ڪونهي. ڇو جو انهيءَ سڄي ويڙهه ۾ ڪو هڪ به جاني نقصان نه ٿيو آهي.“ سڀني اها ڳالهه مڃي ۽ کليءَ دل سان اعتراف ڪيو ۽ ان جو ڪريڊٽ سيٺ علي محمد بڪڪ کي ڏنو.

پير سائين پاڳاري سان سيٺ علي محمد بڪڪ جي شروع ۾ سڃاڻپ به سندس گاڏيون ۽ جبل جي ڏکين علائقن سان سندس وابستگي هئي.

سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون جيئن ته، بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين هلنديون هيون جن ۾ هنگلاچ جهڙو ڏکيو علائقو پڻ شامل هو. هڪ ڏينهن سيٺ علي محمد بڪڪ پنهنجي لي مارڪيٽ واري ڪاروباري ڪوٺي ۾ ويٺل هو ته هڪ ماڻهو آيو، جنهن پنهنجو تعارف ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب طور ڪرايو ۽ چيائين، ”پير سائين پاڳاري جو هنگلاچ وڃڻ ۽ پٻ جبل ۾ شڪار ڪرڻ جو پروگرام آهي جنهن لاءِ اوهان جي رهنمائي کپي.“

سيٺ علي محمد بڪڪ حامي ڀري ۽ شڪار جي پروگرام جو ٻڌي هيڪاري سرهو ٿيو. سيٺ علي محمد بڪڪ هڪ نهايت ماهر شڪاري هو جنهن وڍ، خضدار، ڪنراچ ۽ پٻ جبل ۾ وڏا شڪار ڪيا، جن ۾ چِٽي (چيتي) جو شڪار پڻ شامل آهي. مصروفيتن جي ڪري شڪار لاءِ وقت گهٽ ملندو هئس. پر پوءِ به شڪار لاءِ وقت ڪڍي ويندو هو. ان وقت جبلن ۾ بي انداز شڪار هوندو هو. تنهن هوندي به پاڻ احتياط سان شڪار ڪندو هو. پوءِ ته شڪار ڪرڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيو هئائين.

پير سائين پاڳاري سان هنگلاچ ۽ پٻ جبل ۾ شڪار جو پروگرام بنيو جنهن ۾ ساڻس گڏ سندس سؤٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ پڻ شامل هو. پير سائين پاڳاري جون پنهنجون گاڏيون ۽ پنهنجون تياريون هيون. جڏهن ته سيٺ علي محمد بڪڪ پڻ پنهنجي طرفان مڪمل تياري ڪئي هئي، ڇو جو پاڻ انهن رستن ۽ جبلن جي ڏکيائين کان واقف هو.

سائين پير پاڳارو پنهنجي مريدن (حرن) ۽ دوستن سان گڏ انهن علائقن ۾ پهريون ڀيرو وڃي رهيو هو. کيس انهن علائقن جي باري ۾ معلومات نه هئي.

سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ پنهنجي پنهنجي جيپن ۾ هئا. قافلي ۾ گاڏيون گهڻيون هيون جن ۾ پير سائين پاڳاري جون مختلف گاڏيون هيون، جن ۾ راشن پاڻي، کاڌو پيتو بلڪه هر طرح جو سازو سامان موجود هو.

سائين پير پاڳاري جي اسپيشل جيپ سڀني کان اڳيان هئي، جنهن جي پويان ٻيون سڀيئي گاڏيون هيون. سڀ ئي گاڏيون جبلن جون چڙهايون چڙهنديون ويون. جيئن پوءِ تيئن جبلن جون چڙهايون وڌنديون ڏکيون ٿينديون ويون. ننڍيون گاڏيون چڙهنديون ويون. وڏيون گاڏيون جن ۾ راشن پاڻي ۽ کاڌو پيتو هو اهي وڏيون ۽ ڏکيون چڙهايون چڙهي نه سگهيون ۽ پٺيان هيٺ ئي رهجي ويون.تان جو آخر ۾ پير سائين پاڳاري جي گاڏي، ڪي سندس مريدن جون گاڏيون ۽ سيٺ علي محمد بڪڪ جي جيپ ۽ ڊاج ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ جي جيپ مٿي جبل جي چڙهاين تائين پهچي ويون. رات ٿيڻ واري هئي. سائين پير پاڳاري پنهنجي خاص ماڻهن (حُرن) کي چيو، ”پاڻي ۽ ڪافي کپندي.“

حُر ڏسن ته سائينءَ جي انهن گاڏين مان ڪا هڪ گاڏي به مٿي پهچي نه سگهي آهي، جن ۾ سائين پير پاڳاري جو اسپيل فرانس جو پاڻي ۽ سندس مخصوص ڪافيءَ جا ڀريل ٿرماس هئا. پوءِ ته  ڏاڍا پريشان ٿيا. بلڪه حر ته اصل ٻاتاڙجي ويا. سائين پير پاڳارو به کين حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳو ته اوچتو سيٺ علي محمد بڪڪ چيو، ”سائين ڳڻتيءَ جي ڪا به ڳالهه ڪانهي. کاڌو پاڻي سڀ ڪجهه موجود آهي.“ چانهن، ڪافي، پاڻي ۽ ٻيون کاڌي جون چيزون سائينءَ جي اڳيان رکيائين ۽ ٻين به سڀني موجود ماڻهن اڳيان رکيائين ته سيٺ غلام محمد بڪڪ پڻ پنهنجي جيپ مان خاص بنايل مٺايون، ڪيڪ ۽ بسڪيٽ کڻي آيو. اهو سڀ ڏسي سائين پير پاڳارو گهڻو خوش ٿيو ۽ چيائين. ”بڪڪن جي مهرباني آهي نه ته حال برا هئا.“ کاڌي پيتي وغيره مان فارغ ٿي شڪار لاءِ تيار ٿيا. پير سائين پاڳاري جو پٻ جبل ۾ يا انهن ڪرڙن ۽ ترڇن جبلن ۾ شڪار ڪرڻ جو اهو پهريون ڀيرو هو جن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي،

ڪرڙا ڏونگر ڪه گهڻي، جِتِ جبل گوناگون

يا

آڏ ترڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا

پير سائين پاڳارو انهن ڪرڙن گوناگون جبلن جي آڏن ترڇن ڏاڪن تان، بنا ڪنهن پرواهه ۽ خوف جي جبلن جي گڊن ۽ سرهن وانگيان ڇال ڏيندو مٿي چڙهندو پي ويو. اهو لقاءُ ڏسي حُر پريشان ٿي ويا ته الائي ڇا ٿيندو؟ جيئن جيئن سائين پير پاڳارو اوکن اڙانگهن جبلن تان مٿي  چڙهندو وڃي، تيئن تيئن حُرن جو ساهه ويڙهجندو مٺ ۾ ايندو وڃي ۽ هو حيران پريشان، سائينءَ جي پٺيان پٺيان مٿي چڙهندا وڃن. سائين پير پاڳارو بيهڻ جو نالو ئي نه وٺي. هڪ هنڌ سائينءَ جو پير ٿورو آٿڙ يو ته حُرَ خوفزده ٿي سيٺ علي محمد بڪڪ کي منٿون ڪرڻ لڳا، جيڪو پڻ سائينءَ جي پويان ئي مٿي چڙهندوپي ويو، ”اسان کي ايڏي جرئت ناهي جو سائينءَ کي مٿي چڙهڻ کان جهليون يا چئون. خدا جي واسطي اوهان کين مٿي چڙهڻ کان جهليو. هي چاڙهيون نهايت خطرناڪ آهن. خدا نه ڪري سائينءَ کي ڪجهه ٿيو ته اسين سڀ حُرَ هڪ ٻئي کي گوليون هڻي ماري ڇڏينداسين. وري جيئرا موٽي گهرن ڏانهن نه وينداسين.“

سيٺ علي محمد بڪڪ به محسوس ڪيو ته سائين، واقعي خطرناڪ چاڙهين تان چڙهي رهيو آهي ڇو جو پاڻ انهن جبلن جو ڄاڻو هو. اڳيان وڌي اچي سائين پير پاڳاري کي جهليندي چيائين، ”سائين، هي جبل اوکا آهن خاص ڪري پٻ جبل جي لاهين چاڙهين جو ڪو پتو ستو ڪونهي.“

ڀُڻي ڏونگر ڏوريان، ڪيچين لاءِ ڪڙيو،

پهاڙن پٻ جي، وڃا چوٽ چڙهيو،

ڪري ساجن سوگهو، سندم جيءُ جڙيو،

لڪن تان لڙيو، پير نهاريان پرينءَ جو.

                  (شاهه رح)

پير سائين سيٺ علي محمد بڪڪ جو چيو مڃيو ۽ بس ڪئي. هنگلاچ ياترا ۽ پٻ جبل ۾ شڪار ڪرڻ کان پوءِ سائين پير پاڳاري سان محبتن جا ناتا جڙي پيا. سائين پڻ کيس گهڻو ڀائيندو هو.

سيٺ علي محمد بڪڪ جي مخالف ’ڌر‘ تي پرچاءُ مهل ڏنڊ ۽ ڏوهه پڻ سائين پير پاڳاري رکيو. انهيءَ مهل سائينءَ کيس ڀاڪرپائي چيو هو، ”سيٺ صاحب، هي ڏنڊ اوهان جي کيسي جي خرچي به ناهي پر ڏنڊ مڙيئي ڏنڊ آهي.“

جڏهن آئون سنڌي ادب جي معتبر رسالي، ’سوجهرو‘ جي ايڊيٽر انچيف هيس ته، خيرپور مان محترم غلام عباس ڀنڀري فون تي ڳالهائيندي ٻڌايو هو، ”تازو هڪ پرچي ۾ سائين پير صاحب پاڳاري تي نمبر پي ڪڍيوسين جنهن لاءِ سائينءَ جون تصويرون کپيون ٿي. آئون ڪراچيءَ واري، ’ڪنگري هائوس‘ ۾ سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ هن کي تصويرن لاءِ عرض رکيم ته پاڻ اٿيا ۽ تصويرن جا ’البم‘ کڻي آيا. هڪ البم ۾ سندس پراڻيون شڪار جون تصويرون هيون. پير سائين پاڳاري صاحب هڪ تصوير تي هٿ رکي چيو ته، هي تمام بهادر ماڻهو هو ۽ مون اهڙا بهادر ماڻهو زندگيءَ ۾ گهٽ ڏٺا آهن...“

وڌيڪ ٻڌايائين، ”جڏهن مون عرض ڪندي پير صاحب کان ان ماڻهوءَ جو نالو پڇيو ته پاڻ فرمايائون، ’هن بهادر شخص جو نالو سيٺ علي محمد بڪڪ آهي.“

واٽن وَهي ويا، وَرَ مَنجهائي واسيا،

اهڙا هوت هيا، سُڃ ڪيائون سُرهي.

                                (شاهه رح)

سيٺ علي محمد بڪڪ هميشه هيڻن جو همراهه رهيو. جنرل ايوب جي آمراڻي دور ۾ جڏهن قوميتن، خاص ڪري سنڌين ۽ ٻروچن کي چلڻ ۽ چٿڻ لاءِ فوجي حڪومت سرگرم هئي. سنڌي ۽ ٻروچ سندس حڪم مڃڻ کان نابري واري ويٺا هئا. فوجي حڪومت جي سندن خلاف وٺ پڪڙ لڳي وئي ته، ٻروچ پنهنجي قدرتي محفوظ پناهه گاهن/ جبلن، ڇپرن، اڏن ۽ غارن ۾ هليا ويا ۽ فوجي حڪومت سان دل گهريو  مهاڏو اٽڪائي ويٺا. ويڙهاڪن جي اڳواڻي خير بخش مري ۽ شير محمد مري المعروف جنرل شيروف ڪري رهيا هئا. انهن سان بلوچستان جا ٻيا قبيلا پڻ ٻيل ۽ همراهه هئا، جن ۾ بڪڪ، مينگل، جکراڻي، کوسا وغيره شامل هئا.

فوجي حڪومت ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ رڻ ٻاري ڌرتي تپائي ڏني هئي. خاص ڪري مري قبيلي تي حڪومت بمباري ڪري قيامت برپا ڪري ڏني. سڀ ئي مرد جيلن ۾ هئا يا جبلن ۾. بمباري ڏاس مان اڻيل تنبن ۽ کٿن جي ڀونگن ۾ لڪل اڃين، بکين ۽ هراسيل زالن ۽ ٻارن جي مٿان ٿي رهي هئي، جيڪي ڊنل هيسيل دانهون ڪندا جبلن جي گهيري ۾ هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين پِڙيُون (تيز ڊوڙن) ڪندا شهيد ٿي رهيا هئا. انهن جو ڪو به اوهي واهي ۽ خبر رکندڙ نه هو. فوجي جنرل جا ماڻهو بدمست هاٿيءَ وانگيان بي پرواهيءَ سان کين چيڀاٽي رهيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org