سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:12 

فوجي حڪومت طرفان ويڙهاڪن جي علائقن بلڪه سڄي ٻروچ ۽ سنڌي علائقن ۾ هٿيارن تي ته پابندي لڳائي وئي هئي. ان سان گڏ راشن وغيره تي پڻ پابندي لڳائي وئي هئي جنهن ڪري لوڪ بک مرڻ لڳو. حالانڪه ساڳين علائقن ۾ فوجي حڪومت پنهنجن حمايتن/ دلالن جا گهر راشن پاڻيءَ مان ٿَهي (مڪمل ڀري) رهي هئي. ماحول اهڙو خطرناڪ هو جو حق ۽ سچ چوڻ موت کي سڏڻ برابر هو ۽ غريب ويچارا وات تي ماٺ جو چُونو هنيو ويٺا هئا.

سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون جيئن ته ڪراچي کان حب، دريجي، پٻني، سنگهر، وندر، وڍ، خضدار، ڪنراچ، مستونگ، قلات، هنگلاچ، اورماڙو مڪران، گوادر، پنچ گور، مند، خاران، تربت.... مطلب ته سڄي بلوچستان ۾ هلنديون هيون، جن کي فوجي حڪومت محدود ڪري ڪن مخصوص علائقن تائين هلڻ جي اجازت ڏني هئي.

سيٺ علي محمد بڪڪ هڪ بهادر ۽ سچو قومپرست هو، جنهن جا قلات جي خان، لسٻيلي جي ڄام ۽ بلوچ سردارن سان گهرا قريبي واسطا ۽ دوستيون هيون. سردار عطاءُ الله مينگل ۽ سندس والد نواب رسول بخش مينگل سان ته بيحد گهرائيءَ وارا واسطا هئا. نواب رسول بخش مينگل سيٺ علي محمد بڪڪ کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، ڇو ته جڏهن سرداريءَ واري ڇڪتاڻ ۾ سندس ئي مينگل قبيلي ۾ خون ۽ قتل جا سلسلا شروع ٿي ويا ته، نواب صاحب پنهنجو اباڻو پڍ ’وڍ‘ ڇڏي ڪراچي هلي آيو هو تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ ساڻس وڏيون نيڪيون ڪيون. جن جو پنهنجن پونيئرن جي برعڪس پاڻ سدائين معترف رهيو ۽ جڏهن به سيٺ علي محمد بڪڪ ساڻس ملڻ ڪراچيءَ واري سندس رهائش گاهه تي ويندو هو ته، وڃڻ مهل نواب صاحب گهڻو جهلڻ جي باوجود، وڏي عمر ۽ بيمار هوندي به پاڻ سيٺ علي محمد بڪڪ کي هيٺ لهي گاڏيءَ تائين موڪلائڻ ايندو هو.

نواب رسول بخش مينگل نهايت ئي دلبر ماڻهو هو. کيس فنڪارن سان ڏاڍو چاهه هوندو هو، مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جو ته اصل عاشق هو ۽ کيس غلام فريد صابري قوال به وڻندو هو. هو نهايت خوش طبع، ٻاجهارو ۽ ڳڻ ڳڻيندڙ انسان هو. شاهه نورانيءَ جي ميلي تي اڪثر ويندو هو ۽ اتي محفلون وغيره ڪرائيندو هو. هڪ ڀيري شاهه نوراني جي ميلي تي وڃڻ جو سندس موڊ نه هو ته ڪنهن ٻڌايس، ”سائين، هن ڀيري ميلي تي استاد محمد جمن به اچي پيو.“ ته خوشيءَ مان سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي، ”هان، جمن به اچي ٿو؟“

”ها سائين ۽ غلام فريد صابري قوال وارا به پيا هلن.“

”هان، صابريءَ وارا به اچن پيا!“ هڪدم اٿي چيائين، ”پوءِ ته ميلي تي ضرور هلبو. جمن به اچي پيو، صابريءَ وارا به اچن پيا. پوءِ ته رسول بخش جا ڪم ڏسڻ وٽان هوندا. ڪٿي هونديس قميص ته ڪٿي هونديس گنجي.“ معنيٰ خوشيءَ مان آپي  کان ٻاهر نڪري ويندو. سو، بيرحم فوجي آمرن جڏهن سردار عطاءُ الله مينگل ۽ سندس ننڍي ڀاءُ مهر الله مينگل کي ٻين قومپرستن سان گڏ گرفتار ڪيو تڏهن نواب رسول بخش مينگل جهڙي نفيس انسان کي به گرفتار ڪيو. اهو ٻڌي سيٺ علي محمد بڪڪ کي گهڻو ڏک ۽ فڪر ٿيو. ڇو جو کيس خبر هئي ته نواب رسول بخش مينگل جيل وڃڻ کان ڊڄندو هو (۽ ڊڄڻ به کپي اهڙن وحشي دشمنن کان). اڳ به کيس فوجي آمرن سردار عطاءُ الله مينگل جي والد جي حيثيت ۾ گرفتار ڪري ڏاڍيون تڪليفون ۽ اذيتون ڏنيون هيون جنهن کان پوءِ هو سيٺ علي محمد بڪڪ کي چوندو هو، ” سيٺ، عطؤَ (سردار عطاءُ الله مينگل) کي سمجهاءِ ته ماٺ ڪري ويهي. هي جڏهن به اها ڳاڙهڪي ٽُوپي (روسي ڪيپ) پائيندو آهي ته پاڻ ته جهلجي ويندو آهي پر حرامي فوجي مون کي به سندس پيءُ جي ناتي جهلي ويندا آهن. مون اڳ به فوجين کي چيو هو ته آئون عطوءَ جو پيءُ ناهيان. پر انهن حرامين چيو، ”بڊها جهوٽ بولتا هـﻶ.“ ڇو جو سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي والد نواب رسول بخش مينگل جو بلڪل هم شڪل آهي.

سردار عطاءُ الله مينگل ماڻهن جي اڳيان اهي ڳالهيون ٻڌي مرڪي اٿي هليو ويندو هو. پر پوءِ اڪيلائيءَ ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ کي چوندو هو، ”اتان اٿڻ ۾ ئي منهنجي عافيت آهي نه ته آئون جيڪر اتي ويهان ته بابا سڀني ماڻهن اڳيان ’عطوعطو‘ پيو چوندو.“

ٿيو به وري ائين ئي هو ۽ نواب رسول بخش مينگل جو ڊپ سچ ثابت ٿيو،  کيس سردار عطاءَ الله سان گڏ گرفتار ڪري کين ڪوئيٽا جيل ۾ بند ڪيائون. پوءِ ته جنرل شيروف (شير محمد مري) سميت سڄي ويڙهاڪ قيادت گرفتار ٿي وئي.

جبلن ۾ وڙهندڙ جوڌن تائين ڪير  پهچي؟ ڪير کين راشن پاڻي، هٿيار بارود ۽ ضرورت جو سامان پهچائي؟ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه هئي. حساس علائقن مٿان فوجي هيلي ڪاپٽرن جي جانچ جاري هئي. ڪو ڪک پن به سندن اجازت کان سواءِ چُري ڦري نه ٿي سگهيو. حڪومت حيران هئي، ”سڀ واٽون ۽ دڳ بند آهن. سڀ گهيڙ گهٽ بلاڪ آهن. تنهن جي باوجود ڇپرن ۾ ويٺل ويڙهاڪن کي سڀ ڪجهه ملي رهيو آهي ۽ اهي زور شور مان وڙهي رهيا آهن.“

سيٺ علي محمد بڪڪ جي لي مارڪيٽ (ڪراچيءَ) واري ڪاروباري ڪوٺي ڄڻ ته ويڙهاڪن جو هيڊ ڪوارٽر بنيل هئي. سندس ٽرڪون سخت پائبندين جي باوجود مقصد تائين رسائي حاصل ڪري رهيون هيون. ٽرڪن جا ڊرائيور سيٺ علي محمد بڪڪ اهڙا ٽرينڊ ڪيا هئا، جو اهي ويڙهاڪ جوڌن جو روپ اختيار ڪري ويا هئا. اهي ساهه ڏيندا پر راز نه سليندا/ ڳجهه نه ڳرهيندا.

سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سندس سؤٽ سيٺ غلام محمد بڪڪ، هڪ ڏينهن لي مارڪيٽ واري ڪوٺيءَ ۾ ويٺل هئا ته سندن دوست محمود هارون صاحب (سنڌ جو اڳواڻو گورنر ۽ هاڻوڪي ملڪ جي گڏيل قومن ۾ نمائندي حسين هارون جو وڏو چاچو)، لالا اسرار احمد خان، غفار پاشا ۽ ڪي ٻيا دوست وٽن آيا. جن اچي کين ٻڌايو ته، ”اوهان ٻنهي (سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ)، ۽ اوهان جي ٽن ڊرائيورن (عظيم محمد بڪڪ، شفيع محمد بڪڪ ۽ غلام شفيع بڪڪ) جي گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪري ويا آهن. اسان چاهيون ٿا ته اوهان گرفتاريءَ کان اڳ پنهنجي ضمانت ڪرائي ڇڏيو.“

سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سيٺ غلام محمد بڪڪ اڳ ئي فوجي آمرن جي وعده خلافين کان واقف هئا. ڇو جو ساڳئي فوجي آمر جنرل ايوب، اڳ سردار نوروز خان سان ويساهه گهاتي ڪئي هئي جو پهرين کيس گرفتار ڪيو هو ۽ پوءِ هن کان سندس نوجوان ۽ سورهيه پٽ ۽ ڀائٽيا گهريا هئا، جيڪي فوجي جنرلن کي رڪ جا چڻا چٻائي رهيا هئا. جڏهن پوڙهي سردار نوروز خان ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته جنرل ايوب ڪجهه معتبرن جي اڳيان قرآن پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻي سردار نوروز خان کي چيو، ”توهان پنهنجا پٽ ۽ ڀائٽيا اسان جي اڳيان پيش ڪريو ته، اسين سندن مطالبا مڃي کين توهان سميت آزاد ڪري ڇڏينداسين. ڇو جو اسان خون خرابي جي خلاف آهيون.“ سردار نوروز خان پاڻ نهايت سچو، ويساهه وسوڙو، معصوم ۽ مهربان هو سو انهن ڪوڙن ڪُساکين فوجي آمرن جي  قرآن پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻڻ واري ڳالهه تي ويساهه ڪري ويو ۽ پنهنجن پٽن ۽ ڀائٽين کي سمجهائي زوريءَ مڃائي کين آڻي فوجي آمر جي اڳيان پيش ڪيو، اهو جنرل ايوب جنهن قرآن پاڪ تي هٿ رکي سردار نوروز خان کي حلفيه چيو هو ته، هو سندس پٽن ۽ ڀائٽين جا مطالبا مڃي کين آزاد ڪندو، ان ڪوڙي ۽ ظالم آمر جنرل ايوب، پوڙهي سردار نوروز خان جي اکين اڳيان سندس ڇهن نوجوان سورهيه پٽن ۽ ڀائٽين کي ڦاهيءَ تي لٽڪائي ڇڏيو.

سيٺ علي محمد بڪڪ پنهنجا اهي خدشا دوستن جي اڳيان رکيا ته، انهن چيو ته بيشڪ اوهان جا خدشا وزن دار آهن. پر اسين به سڀ ئي اوهان سان گڏجي هلون ٿا ۽ ڪوئيٽا مان ضمانت منظور ڪرائي وري گڏجي ڪراچي اينداسين. ڇو جو حڪومت اها ذميداري اسان جي مٿان رکي آهي ته اسين اوهان کي ڪوئيٽا ۾ آڻي ضمانت ڪرايون.

سيٺ علي محمد بڪڪ وارا سڀيئي دوستن سان گڏجي ڪوئيٽا آيا ۽ سندن خدشا درست ثابت ٿيا. ڇو ته فوجي حڪومت سندن ضمانت رد ڪري کين گرفتار ڪري ڪوئيٽا جيل ۾ اماڻي ڇڏيو. محمود هارون وارا انهيءَ ويساهه گهاتيءَ تي حيران پريشان ٿي ويا. پوءِ خبر پئي ته اهو سڄو پلان سيٺ علي محمد بڪڪ جي هڪ مخالف ايم.اين.اي جي چوڻ تي جنرل ٽڪا خان بنايو هو. انهيءَ ايم.اين.اي ٽڪا خان کي وڏيون دعوتون ڏنيون. تحفا ۽ شڪار ڪرايا هئا. اهوئي جنرل ٽڪا خان جنهن پوءِ 1971ع ۾ ڊاڪا ۾ چيو هو ته، ”ڀلي ڪيترا به لک بنگالي مرن انهن کي ماريو، اسان کي ماڻهو نه، زمين ٿي کپي.“

محمود هارون وارن کين ضمانت تي آزاد ڪرائڻ لاءِ پوءِ وڏا وس ڪيا، پر سندن ڪوبه وس هلي نه سگهيو ۽ هو مڙس ٻڌائي موٽي ڪراچي آيا.

سيٺ علي محمد بڪڪ وارن کي ڪوئيٽا جيل ۾ مڃائڻ لاءِ ڏاڍيون اذيتون، اوجاڳا،بکون، گهر وارن سان ملاقات بند..... پر اهي کين مڃائي نه سگهيا.

جيلن ۾ بيان کان ٻاهر اذيتون ۽ سزائون ۽ جيل کان ٻاهر غريب مسڪين عام ماڻهن جي مٿان ڏاڍ جو ڏنڊو پي هليو. هر ڪو ماڻهو هيسيل ۽ ٻاتاڙيل هو. چوڏسائن ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل هو ۽ فوج جنهن کي وڻي کنڀي کڻي پي وئي ۽ جيڪو کڄي ويو اهو ونئون ويو. نڪا پڇا نڪا تات. نڪا ڳالهه نڪا ڳت. قومپرست جبر جي جنڊ ۾ ڏرجي ۽ پيسجي رهيا هئا، جن جي باري ۾ ٻاهر جي دنيا کي ڪو پتو ستو نه هو. تڏهن ميڊيا مس بانبڙا پائي رهي هئي جنهن جي مٿان به شيپاڪن جو شپڪو لڳو پيو هو/ لٺ جو وسڪارو هو.

حڪومتي ذريعا، ”سڀ خير آهي“ جو راڳ سُر سان آلاپي رهيا هئا. عام ماڻهوءَ جو ملڪي ميڊيا تان ارواح کڄي ويو هو. اهي باقاعدگيءَ سان بي بي سي ريڊيو ٻڌي رهيا هئا. رات جا اڃا مس اٺ ٿيندا هئا ته بي بي سي ريڊيو جون خبرون جهر جهنگ، جبل ڪوهه ۾ ٻري پونديون هيون. ماڻهن جي دلين ۾ بي بي سي ريديو جي نيوز ڪاسٽرز رضا علي عابدي، اطهر علي، ۽ ياور عباس، جا نالا چٽجي ويا هئا، جتان کين ٽِڙي ڦِڙي ڪا خبر هتي جي سنگين حالتن بابت پئجي ويندي هئي. پر جڏهن بي بي سي نيوز جي هڪ ليڊي رپورٽر جي هڪ رپورٽ بي بي سي ريديو تان نشر ٿي ته دنيا ڇرڪي پئي ۽ سندن اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون. رپورٽ ۾ ڄاڻايل هو ته ”ٻروچ قبيلن خاص ڪري مري قبيلي تي بمباريءَ بابت خبرون حاصل ڪرڻ ۽ حقيقتون ڏسڻ لاءِ جڏهن اسين فوجي حڪومت جي اجازت سان، فوجي هيلي ڪاپٽرن ذريعي متاثره علائقن جو جائزو وٺي رهيا هئاسين ته، مٿان کان اسان کي هيٺ جبلن جي وچ ۾ هڪ گڏهه نظر آيو جيڪو ويران ۽ تباهه حال علائقي ۾ گهٻرايل ڊوڙون ڪري رهيو هو. اسان پائليٽ کي اتي هيلي ڪاپٽر لاهڻ لاءِ چيو. جڏهن هيلي ڪاپٽر اتي لٿو ۽ اسين ان مان هيٺ لٿاسين ته اتي اسان کي ويراني نظر آئي ۽ بمباريءَ جا واضح ۽ چٽا پٽا نشان مليا. اسان انهيءَ گهٻرايل ۽ ڊوڙون ڪندڙ گڏهه کي مشڪل سان قابوءَ ۾ ڪيو جيڪو هيلي ڪاپٽر کي ۽ اسان کي ڏسي وڌيڪ گهٻرائجي ويو هو. اسان ڏٺو ته گڏهه جي مٿان ڪجهه لڏيل هو جيڪا شايد ڪپڙن جي ڪا هڙ هئي. اسان جڏهن مٿس ٻڌل ڪپڙن جي موڙي/هڙ کي کوليو ته ان مان ٻن ٻارن جا لاش مليا جن جي ڄمار مشڪل سان 2-3 مهينا هوندي. انهن کي شايد مائرن محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ مهل گڏهه تي نرم ڪپڙن ۾ آرام ده ۽ حفاظت سان ٻڌو هو ۽ پاڻ بمباريءَ جي نظر ٿي ويون هيون. گڏهه بمباريءَ کان گهٻرائجي ڊڄي جبلن ڏانهن ڀڳو هو ۽ تباهه حال ويرانن ۾ ڊوڙي ڌڻين کي ۽ ٻارن جي مائرن کي تلاش ڪري رهيو هو. ٻارن جا لاش ڳريل هئا جن ۾ ڪيڙا پئجي ويا هئا ۽ شديد بدبوءِ اچي رهي هئي.“

البرٽ ڪاميو چوي ٿو ته، ”اهي سڀ جيڪي اڄ آزاديءَ خاطر جدوجهد پيا ڪن دراصل انهن جي ويڙهه سونهن جي بقاءَ لاءِ ٿي  رهي آهي.“

بي.بي.سي ريديو جي انهيءَ رپورٽ اچڻ کان پوءِ حالتن ڦيرو کاڌو. دنيا جي طاقتور ملڪن جون نظرون انهيءَ خطي تي کپيون ۽ فوجي آمرن جو رويو بدليو. قومپرست قيدين سان ملاقات ڪرڻ جا در کليا. سندن مائٽ ۽ دوست ديوانه وار ڪوئيٽا جيل ڏانهن ڀڳا ۽ ساڻن ملاقات ڪيائون جن جو تقريبن سال کان ڪو پتو ستو نه هو . اهي ملڻ وارا جذباتي منظر به وڏا داستان گهرن ٿا.

ملڻ کان پوءِ خبر پئي ته مٿن ملڪ ٽوڙڻ، بغاوت ڪرڻ ۽ باغين کي هٿيار ۽ راشن پهچائڻ وارا الزام لڳايا ويا آهن. اتي ساڻن گڏ، نواب رسول بخش مينگل، سردار عطاءَ الله مينگل، سندس ننڍو ڀاءُ مهر الله مينگل، شير محمد مري (جنرل شيروف) گل محمد جکراڻي، عرض محمد جکراڻي (جيڪب آباد وارا) ۽ ٻيا ڪيئي جوڌا هئا.

حڪومت جي ڪجهه نرم رويي سبب کين ڪوئيٽا جيل کان مچ جيل ۾ منتقل ڪيو ويو هو، جتي کين پنهنجي گهر جو کاڌو کائڻ جي پڻ اجازت ڏني وئي هئي. ان کان پوءِ سيٺ علي محمد بڪڪ جي چوڻ تي سندن گاڏيون راشن، بورچي ۽ ٻيا ڪم وارا ماڻهو کڻي مچ جيل پهچي ويون، جتي سيٺ علي محمد بڪڪ جي چوڻ تي روز ديڳيون چڙهڻ لڳيون ۽ ساڻس گڏ قيد ۽ ٻين ڌار بيرڪن ۾ قيد ٿيل سڀني ساٿين کي سندس پاران کاڌو پيتو ۽ چانهيون وغيره ملڻ لڳيون.

نواب رسول بخش مينگل اڳ ئي سيٺ علي محمد بڪڪ کي گهڻو ڀائيندو هو. اهو چوڻ لڳو، ”سيٺ علي محمد بڪڪ اسان کي پنهنجو نمڪ کارائي خريد ڪري ڇڏيو آهي.“

نواب رسول بخش خان مينگل جي سرشت ۾ نمڪ حلالي ۽ وفا شامل هئي. سندس ٻي شادي ڄام آف لسٻيلا ڄام غلام قادر عالياڻي جي ڀيڻ سان ٿيل هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ مهرالله خان مينگل ۽ ضياءَ الله خان مينگل ٿيا. جڏهن نواب رسول بخش مينگل، قلات جي خان الله يار خان جي عتاب ڪري پنهنجو اباڻو پڊ، وَڍ ڇڏي ڪراچي آيو هو ته لسٻيلي جي ڄام غلام قادر خان کيس وڏو ڏڍ ۽ تحفظ ڏنو، جنهن کي نواب رسول بخش مينگل زندگيءَ جي پڇاڙ ڪن لمحن تائين ڳائيندو رهيو، ايتري قدر جو جڏهن لسٻيلي جي ڄام مير غلام قادر خان جا سردار عطاءُ الله مينگل سان سياسي اختلاف ٿيا ته نواب رسول بخش مينگل پنهنجي موڀي پٽ سردار عطاءُ الله مينگل جي خلاف اٿي بيٺو. اليڪشن جا ڏينهن هئا ڄام مير غلام قادر جي مقابلي ۾ سردار عطاءُ الله مينگل لسٻيلي جي سيٽ تي پنهنجي مضبوط اميدوار ماسٽر مجيد حسين رونجهي کي بيهاريو. اهو ٻڌي نواب رسول بخش مينگل جيڪو اڳ ئي بيمار هو، اهو ڊپريشن ۾ اچي سخت بيمار ٿي پيو. سيٺ علي محمد بڪڪ کيس ڏسڻ ۽ طبيعت پڇڻ ويو ته نواب صاحب جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. چوڻ لڳو، ”سيٺ، ڄام سان مقابلو ڪري عطوءَ سٺو نه ڪيو آهي. ڄام کيس سانڍي سنڀالي وڏو ڪيو آهي.“ سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو پاڻ به ڄام صاحب جو حامي هو، ۽ ساڻس گڏ ورڪ ڪرڻ ۾ به شامل هو ان نواب صاحب کي آٿت ڏيندي چيو، ”نواب صاحب، اوهان فڪر ڇو ٿا ڪريو، ڄام صاحب ته دهلن دمامن سان کٽي ويندو.“ نواب صاحب جيئن ته خوش طبع هو تنهن ان بيماريءَ واري سخت حالت ۾ به ڪمزور ۽ جهيڻي آواز ۾ چيو، ”سيٺ، دهل دمام گهوريا (ٺهيو) ڄام صاحب رڳو زور ڏئي کٽي ته به سٺو.“ بيماري ۽ فڪر واري ماحول ۾ چيل سندس اهو خوشگوار جهونڪي جهڙو جملو ماحول کي مهڪائي سڀني کي کلائي ويو.

ٿيو به ائين. ڄام وڏي اڪثريت سان کٽي دهلن ۽ دمامن سان نواب رسول بخش مينگل وٽ مبارڪون وصول ڪرڻ آيو. خوشيءَ واري اها خبر به سندس خراب طبيعت کي درست ڪري نه سگهي. هو ڄڻ ته ڄام صاحب جي فتح جي خبر ٻڌڻ جي انتظار ۾ پنهنجو ساهه روڪي ويٺو هو.

سيٺ علي محمد بڪڪ جڏهن ڄام صاحب جي کٽڻ جون مبارڪون ڏيڻ وٽس آيو ته، نواب صاحب جي طبيعت ٺيڪ نه هئي ۽ وٽس سردار عطاءُ الله مينگل به پريشان ويٺو هو. سيٺ علي محمد بڪڪ کي ڏسڻ شرط هن سردار عطاءُ الله مينگل جي موجودگيءَ ۾ چيو، ”سيٺ، منهنجي وصيعت ٻڌي ڇڏيو. مرڻ کان پوءِ منهنجي مڙهه کي وَڍَ واري منهنجي اباڻي بروهين واري مقام ۾ نه ڍڪجو. بلڪه مون کي لسٻيلي ۾ ڄامن جي خانداني قبرستان ۾ دفنائجو.“ وصيعت ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن ئي پاڻ وفات ڪيائين.

سندس وفات کان پوءِ سندس ميت گاڏين جي وڏي جلوس ۾ جڏهن ڪراچيءَ کان لسٻيلي پهتي هئي، ته ڄام غلام قادر خان اتي سڀ ئي انتظام ڪري ڇڏيا هئا. سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي پيءُ نواب رسول بخش مينگل جي ميت ڄام غلام قادر جي حوالي ڪندي چيو، ”ڄام صاحب، وصول ڪريو پنهنجي ماڻهوءَ جي ميت. هي زندگيءَ ۾ به اوهان جو هو ۽ هاڻي به اوهان جو آهي. پنهنجي ميت سنڀاليو.“ ڄام غلام قادر خان روئندي نواب رسول بخش مينگل جي ميت وصول ڪئي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل اوپرن جيان پري بيهي رهيو. اهڙوئي هونمڪ حلال، وفادار ۽ مهربان نواب رسول بخش مينگل.

سيٺ علي محمد بڪڪ جي ذڪر سان گڏ نواب صاحب جو ذڪر ڪرڻ ان لاءِ ضروري ٿي پيو هو جو جيل ۾ گڏ رهڻ ڪري هُو وڌيڪ سيٺ جي قريب ٿيو ۽ ساڻس وڌيڪ پيار ڪندو هو.

مچ جيل ۾ قيد رهندي کين ڏهه مهينا ٿي ويا هئا. جنهن دوران ملڪ جي صورتحال اهڙي ابتر ٿي وئي هئي، جو مجبورن فوجي آمر اليڪشن ڪرائڻ تي آماده ٿيو ۽ بغاوت وارن ڪيسن بابت به سندس رويو نرم ٿيو ان جي نتيجي ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ وارا ۽ ٻيا سڀيئي سياسي قيدي آزاد ٿيا.

شيڪسپيئر چوي ٿو، ”منهنجو ذڪر ڪجو، ڇو جو آئون ڏوهاري ڪونه آهيان.“ آزاديءَ کان پوءِ به سيٺ علي محمد بڪڪ جون پنهنجي قوم لاءِ ساڳيون ئي سرگرميون رهيون. پر ڪن مفاد پرست ٻروچ اڳواڻن جي فوجي حڪومت سان ٺاهه ڪرڻ جي نتيجي ۾، آزاديءَ واري قومي تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ اها بيساهي ٿي وئي.

سيٺ علي محمد بڪڪ بلوچستان جي هر اهم جرڳي جو ميمبر رهيو. قلات ڊويزن ۽ لسٻيلي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو پڻ ميمبر هو. سندس ڪيل فيصلا مثالي هئا. سندس گهر ۽ ڪاروباري ڪوٺي راڄ ڀاڳ جي فيصلن جو مرڪز هئي.

حضور صلعم جو ارشاد پاڪ آهي، ”سڀ کان وڌيڪ پرهيزگار ماڻهو اهو آهي، جيڪو حق ڳالهه چوڻ مهل پنهنجي فائدي ۽ نقصان جو خيال نه ٿو ڪري.“ سيٺ علي محمد بڪڪ اهڙوئي امين ۽ منصف هو.

سندس مهمان نوازي به حيران ڪندڙ هئي. بلوچستان جي غريب علائقن جا ماڻهو رمضان شريف  جي مهيني ۾، بنا ڪنهن ڪم ڪار جي ڪراچي ۾ اچي سندس اوطاق ۾ رڳو خاص روزا رکڻ لاءِ ايندا هئا ۽ سڄو رمضان شريف وٽس ٽڪي روزا رکي پوءِ ويندا هئا. انهن کي کارائڻ پيارڻ ۽ هنڌ بسترا ڏيڻ سڀ ڪجهه پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪندو هو. نوڪرن جي هوندي به پاڻ پاڻيءَ جا ڪرئا (ڪونئرا) کڻي بيهندو هو.

اهڙا ئي انسان ڌرتيءَ جو مانُ، شان ۽ سونهن هوندا آهن. انهن جي هئڻ سان انسانيت ڪنڌ مٿي کڻي هلندي آهي. ماڻهپو مرڪندو آهي.

هڪ فارسي شعر آهي،

آدميت نه به نطق، نه به ريش، نه به جان

طوطيان نطق، بزان ريش، خران جان دارد-

(معنيٰ: ماڻهو نه ڳالهائڻ تي آهي نه ڏاڙهيءَ تي ۽ نه ساهه تي آهي. ڳالهائين طوطا به ٿا، ڏاڙهيون ٻڪرن کي به آهن ۽ ساهه گڏهه کي به آهي.)

لطيف بادشاهه جو بيت آهي:

راڻا پَسان نَه رَاڄَ ۾، مَٿي جِن مَڻي،

ڪَوههُ ڄَاڻا ڪيڏانهن وِيا، ڌُروڙين ڌڻي،

اُتر لڳن آڪرا، ڇا ها پين ڇَڻي،

کٽون تِن کَڻي، نِئِي لُڊاڻين لاَٿِيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org