سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:18 

قادر بخش بڪڪ صاحب هڪ سادي ۽ نماڻي طبيعت وارو ماڻهو هو. خداوند ڪريم پاران ايتريون صلاحيتون ملڻ کان پوءِ به هن مرد مجاهد ۾ ڪا به وڏائي ۽ تڪبر نه هو. سدائين پيو کلندو ۽ مشڪندو هو. هن تمام وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا. بڪڪ ڳوٺ ۾ بجلي، گيس، روڊ، رستا، سيوريج سسٽم، اسڪول، پليون ۽ ٽيلي فون جون سهوليتون ڏنائين، سڄي قبرستان ۾ لائٽون لڳرايائين.

هو  وقت جو نهايت پائبند هو، جيڪو وقت ڏيندو هو ان تي پهچندو هو. صبح جو 8 وڳي کان رات جو 1 وڳي تائين آفيس ۾ ويهي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو. هر ننڍي وڏي کي عزت ڏيندو هو. هن ذات برادريءَ وارو فرق نه رکيو، پنهنجي هڙان وڙان ڏئي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو. سنڌ ۽ بلوچستان کان پري پري جا ماڻهو سندس اوطاق تي ديرو ڄمائي ويٺا هوندا هئا، سدائين ميلا متل هوندا هئا.“

قادر بخش بڪڪ صاحب ۾ سڀني بي مثل خوبين سان گڏ، هڪ اها به حيرت جهڙي خوبي هئي ته هو هڪ لاجواب نثر نويس پڻ هو. اسڪول جي زماني کان اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون وغيره لکندو هو. ڪاليج واري لائيف دوران سندس لکڻ جو ذڪر برک شاعر ۽ دانشور محترم تاج بلوچ صاحب پنهنجي مضمون، ”سنڌ جو گمنام سپاهي قادر بخش بڪڪ“ (سوجهرو 2004ع) ۾ ڪندي چيو آهي ته، ”ايس.ايم ڪاليج ۾ مشهور ڪهاڻيڪار غلام نبي آگرو جيڪو بي.اي فائنل جو شاگرد هو ان کي ڪاليج مخزن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. مون سندس مخزن لاءِ ڪجهه بيت لکيا جيڪي مقبول ٿيا. ائين محدود پيماني تي هڪ شاعر طور سڃاڻ ملي. ان کان اڳ واري ڪاليج مخزن ۾ قادر بخش بڪڪ نالي ڪنهن شاگرد جو مضمون شايع ٿيو هو. ان مضمون جي ٻوليءَ جو ڏاڍو چرچو هو. سائين احسان بدوي مرحوم سان ته اسين پهرين ڏينهن کان ئي نه ٺهياسين. باقي مرحوم پروفيسر اياز قادري جون اسان پارن ڏنگن شاگردن تي بيپناهه شفقتون هيون. هو لاجواب انسان ۽ بهترين استاد هو. انهيءَ قادر بخش بڪڪ جي مضمون جي ڪوهستاني لهجي جي تز واهپي جي ڳالهه ڪندي، بڪڪ صاحب جي انداز کي ”سير ڪوهستان“ جي ليکڪ جي ٻوليءَ سان پي ڀيٽيو. پر افسوس جو وڙول جي باوجود همراهه سان ملاقات نه ٿي سگهي. هو شايد ريگيولر ڪلاسز اٽينڊ نه ڪندو هو يا ڪندو هوندو ته اسان واري شرارتي عاشق مزاج ۽ شيطاني ٽولي کان ڌار هو. اهو ئي سبب هو جو مضمون جي شهرت جي باوجود ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي ۽ پوءِ ڊگهي عرصي کان پوءِ جڏهن 1983ع ۽ 1986ع ۾ ساڻس مختصر ملاقاتون مرحوم فقير محمد لاشاري ۽ محمد عرس ملاح جي معرفت ٿيون ته، ساڻس ملي ڪاليج واري دور ۾ بي خيالي ۾ ڏٺل سندس اڻ لکائتو خاڪو ذهن ۾ جاڳي پيو. قد جو پورو پنو، بت ۾ ڀريل، جانٺو جوان، چهري تي سنجيدگي، گفتگوءَ ۾ ڌيرج ۽ باڊي لينگئيج ۾ ايڏي پختگي ۽ اعتماد ۽ نمرتا جو نه ڀانءِ ته سندس خاڪي کي ڪهڙا رنگ ڏجن ۽ ڪنهن سان ڀيٽ ڏجي.

هن سان ملي خبر پئي ته هن واري پاليٽڪس اسان واري ئي هئي. پر هن جي سياسي ساڃاهه ۽ ڪارڪردگي جو دائرو ڪراچيءَ جا مسڪين ماڻهو  ۽ انهن جون قديم وسنديون هيون. جن کي ٻاهران لوڌ جي آيل ڪيئي حيلا بهانا هلائي يا ته مسمار ڪري رهيا هئا يا کين اتان تڙي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ هئا ته، جيئن شهر مان هلي ويل سنڌي هندن جي جائدادن ۽ جاگيرن تي قبضي کانسواءِ، ڪراچيءَ شهر جي اندر ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ مسڪين ماروئڙن جا پراڻا پڍ اصلي وارثن کان کسي پاڻ ان جا مالڪ بنجن.“

قادر بخش بڪڪ نه رڳو ذات ۽ برادرين ۾ ڪو فرق نه رکندو هو پر سندس خدمتن، محبتن ۽ شفقتن واري ”دين“ ۾ ڪنهن به مذهب جو قيد ۽ شرط نه هوندو هو. سندس لاءِ هندو، مسلمان، عيسائي... سڀ هڪ جهڙا مستحق هوندا هئا.

گلزار شفيع بڪڪ پنهنجي مضمون، ”هر دل تي نقش...“ ۾ پڻ ان پاسي ڏانهن اشارو ڪندي لکيو آهي ته، ”مان ۽ ٻيا سندس ڪارڪن ساڻس گڏجي هڪ علائقي حسن ڪالوني وياسين. جيئن ئي اتي پهتاسين ته اتي جا  ماڻهو کيس ڏسندي ئي پري کان ڊوڙندا آيا ۽ اچڻ ساڻ کيس ڀاڪر پائي هٿ ملائڻ لڳا. پر اسين ٻيا جيڪي ادا سائينءَ سان گڏ آيا هئاسين، انهن سان ڪنهن به هٿ نه ملايو. پوءِ اهي ماڻهو ڪرسيون ۽ هڪ ميز کڻي آيا جيڪا انهن ادا قادر بخش بڪڪ صاحب جي اڳيان رکي ۽ پوءِ اهي چانهه بسڪيٽ ۽ ڪيڪ وغيره کڻي آيا جيڪي انهن ميز تي رکيا. اسان ڏٺو ته رڳو هڪڙو ئي ڪوپ هو جنهن ۾ انهن چانهه ڀري ادا سائينءَ کي ڏني جيڪا وٺي هو پيئڻ لڳو. اسين ساڻس گڏ آيل سڀئي حيران ۽ وائڙا هئاسين ته اسين به ته ادا سائينءَ سان گڏ آيا آهيون. چانهه وغيره ته ٺهيو انهن ته اسان سان هٿ به نه ملايو آهي اهو ڇا آهي؟ ڪهڙي ماجرا آهي!

ادا قادر بخش انهن سان ڳالهائڻ، سندن مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ محو ٿي ويو. واپسي ۾ جڏهن اسان هن کان اها ماجرا معلوم ڪئي ته چوڻ لڳو، ”اهي سڀ ئي عيسائي خاڪروب آهن! ڇا اوهين انهن سان هٿ ملايو ها! انهن جي آندل چانهه پيئو ها؟“ پوءِ پاڻ ڏکارو ٿي چوڻ لڳو، ”انهن ويچارن جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي“. پوءِ اسان کي نصيحت ڪرڻ لڳو ته، ”بابا، ماڻهوءَ کي ماڻهو ئي سمجهو، هندو مسلم ۽ عيسائيءَ جي ورڇ نه ڪريو، غريبن جي پارت اٿو.“

قادر بخش بڪڪ ڄڻ سائين بلهي شاهه جو پوئلڳ هو ته،

ڇڏ جهڳڙا مسجد مندر دا

گهن طور طريق قلندر دا.

(بلهي شاهه سائين)

غير معمولي ذهين، اولياءَ صفت، صوفي منش قادر بخش بڪڪ، جنهن لاءِ محترم فقير محمد لاشاري پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته، ”قادر بخش بڪڪ دنيا داري نباهيندي هڪ درويش صفت شخص هو. جيڪا ڳالهه ڏاڍي ڏکي ۽ ورلي آهي. ڪنهن کي ڪو ڪم ڪار نه هجي ۽ سٺيون ڳالهيون چوي سا ڳالهه اهميت نه ٿي رکي. ڳالهه آهي تتي ٿڌي ۾ ڪاهڻ جي باوجود قادر بخش جي مزاج ۾ اهڙيون صفتون هيون جيڪي بلاشڪ اعليٰ چئجن ٿيون.“

قادر بخش بڪڪ نوجوان، ذهين، خوبصورت، اعليٰ تعليم يافته، پوليٽيڪل سائنس، اڪنامڪس ۽ انٽرنيشنل رليشنس ۾ پوسٽ گريجويٽ ۽ لا گريجوئيٽ هو. جنهن وٽ دنيا جي تاريخ ۽ تهذيب جي ايڏي وڏي ڄاڻ ۽ معلومات هئي، جو جڏهن هو پنهنجي پياري گنڀير، نرم ۽ ملائم آوزا ۽ لهجي ۾ ڳالهائيندو هو ته، ڄڻ ڪائنات هم تن گوش ٿي ويندي هئي ۽ ٻڌندڙ حيرت زده ٿي کيس ٻڌندا هئا. سندس علم جي پالوٽ ۾ ڀڄندا، سرشار ۽ سرسبز ٿيندا رهندا هئا.

ڪَنُ ٿِي ڪَيچِين ڪُڇيو، ڪُڇُ مَ ٿا ڪُڇَنَ

اِشارتون اُن جَون، سُڪُو تَان سُڄَنَ

وٽان ويهي تِنِ، سُڻُ ته سوز پرائين.

(شاهه رح)

سندس ڪچهرين مان ماڻهو وڏا فيض پرائي اٿندا هئا، جن ۾ ماڻهن کي پنهنجي ذات جي سڃاڻ ۽ حق جي ساڃاهه ملندي هئي. ايڏو مهان ماڻهو ائين اوچتو ئي اوچتو ڪمهلو هليو وڃي ته، اهو نقصان ۽ هاڃو رڳو سندس گهر ۽ ڪٽنب جو  ئي ناهي، پر سڄي سنڌي قوم جو نقصان بلڪه قومي سانحو آهي.

محترم فقير محمد لاشاري چوي ٿو ته، ”مون کي اهو مفروضو سمجهه ۾ نه آيو ته ڀلوڙ ماڻهو ائين اوچتو بنا اطلاع ڏيڻ جي، موقعي مهل جي ضرورت ۽ خيال کان لاپرواهه ٿي تڙ تڪڙ ۾ ايترو پري ڇو هليا ويندا آهن. سو به سوچڻ کانسواءِ ته پٺيان ڪهڙي ڪربلا ٿيندي؟ قادر بخش بڪڪ جهڙوڪر عملي سمجهاڻي ڏئي ويو اٿم ته، هو ڊارون جي ارتقائي نظرئي جي هڪ قانون  Survivol of the fittest (ڏاڍو سو گابو) جي ڊوڙ ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ٿو. هن پنهنجي محبت ۽ خلق جي خدمت جي ذريعي جيئڻ ٿي گهريو.

هو ٺونٺيون هڻي زور زبردستي سان اڳ ڪڍڻ جي خلاف هو. پنهنجي جيئڻ لاءِ ٻين جي جياپي تي ڌاڙ ڪرڻ بدران، پنهنجي حياتيءَ جون گهڙيون ٻين کي خوش ڪرڻ جي حوالي ڪري هن پاڻ تي ڪا به ميار رکڻ نه گهري، جيئڻ جو هن پنهنجو هڪ خاص ڍنگ قائم ڪيو. ٻين کي مان ڏيڻ، ٻين کي اهنج ۾ ڪم اچڻ، ٻين جون بيواجبي ڪاوڙون سهڻ ۽ مٿن ڪاوڙ ڪرڻ وارن جي وڌيڪ ڪم اچڻ، جهيڙن فسادن کي ٽارڻ ۽ هر هڪ کي پنهنجائپ ڏيڻ اهڙا ڪم آهن، جن ۾ قادر بخش بڪڪ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي.

قادر بخش بڪڪ دنيا کي امن، پيار ۽ پنهنجائپ سان رهڻ جو نياپو ڏئي ويو. پر کيس ائين هليو نه وڃڻ کپندو هو. شايد کيس ٻين جي سڀني تڪليفن جو احساس هيو پر اهو نه سمجهيائين ته سندس ائين بي مهل هلئي وڃڻ سان ڪيترين دلين تي ڪاتيون وهي وينديون.

محترم تاج بلوچ صاحب چوي ٿو ته، ”سندس وفات جو ٻڌي آئون حيدرآباد مان آيو هئس ۽ سندس ڪانڌپي ۾ آيل ماڻهن جي اشڪبار انبوهه دل ڏاري ڇڏي هئي، شام غريبان جو منظر هو.“

شير محمد کهاوڙ صاحب چوي ٿو ته، ”اهو 2 فيبروري 1988ع جو اڀاڳو ڏينهن هو، جڏهن دردمند دل رکندڙ سنڌ جو هي دادلو فرزند هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو هو. سندس وفات جي ڏينهن حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ ۾ ڄڻ ڪو زلزلو يا قيامت آئي هئي. هر طرف روڄ راڙو هو. 20 سالن پڄاڻا جڏهن آئون کيس ياد ڪري رهيو آهيان ته منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو آهي.“

صديق منگيو صاحب چوي ٿو ته، ”هي جهان مانجهاندي جو ماڳ آهي. انسان جي مٽي ڀور آهي جيڪا اوس ڀرڻي آهي. هتي ڪوبه رهڻو نه آهي هر ماڻهو پنهنجي حصي جو ٿڪ ڀڃي موٽڻو آهي. پر پيار ۽ پنهنجائپ جي آوي ۾ پڪل ڪي اهڙا جيءَ جيارا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي سورن جي ڳنڍ پاسي تي رکي ٻين لاءِ سوچيندا ۽ لوچيندا آهن. اهي پنهنجي جيون مند ۾ جيڪو پوکيندا آهن ان جي لاڀ کان اڳ ئي وڇڙي ويندا آهن.

اڄ قادر بخش بڪڪ اسان وٽ ڪونهي پر سندس يادون سينن جي لاڪرن ۽ اکين جي اوطاق ۾ اڄ به محفوظ آهن. جيستائين هن جهان ۾ هڪ به سچي انسان جو وجود آهي، قادر بخش مرڻو ناهي. مون وٽ لاکيڻي لطيف جي هن بيت کان سواءِ کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي.

لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا

هٿان حبيبن، ڪڏهن ڪونه ڏکوئيو.“

حضرت دائود عليه السلام فرمايو آهي ته، ”جيڪي ماڻهو زندگيءَ کي هڪ مقدس فرض سمجهي گذارين ٿا اهي ڪڏهن به ناڪام نه ٿا ٿين.“ گلزار شفيع بڪڪ صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته، ”ادا قادر بخش بڪڪ صاحب جنهن وقت گذاريو هو، ان وقت آئون ساڻس گڏ هئس ڏينهن جو تقريبن هڪ وڳي ادا وفات ڪئي. سندس وفات جي خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي. هونئن جڏهن به ڪو ماڻهو مرندو آهي ته ان جا عزيز دوست ۽ مائٽ مٽ واسطيدار ماڻهن کي اطلاع ڪندا آهن. پر ادا جي وفات جي خبر بلڪل جهنگ جي باهه وانگيان پکڙجي وئي هئي. جنهن هزارين دلين کي ڏک، ماتم ۽ صدمي ۾ ساڙي رک ڪيو هو. جنهن به ٻڌو ان پنهنجي اوڙي پاڙي کي ٻڌائي ڇڏيو. اسين جيڪي سندس ويجها مائٽ، دوست، عزيز هئاسين، انهن کي ته ان مهل ڪنهن ڳالهه جو هوش نه هو، خبر ئي نه ٿي پئي ته ماڻهن جو اهو سمنڊ ڪٿان اٿليو آهي، هر طرف دانهون، ڪوڪون ۽ رڙيون هيون. ماتم ۽ روڄ راڙي جو هي نظارو اسان اڳ ڪٿي به نه ڏٺو هو، اسان ڪنهن کي به نه ٿي سڃاتو ته ڪير آهي هر قوم ۽ هر مذهب جا ماڻهو اچي پهتا هئا ۽ سندس موت تي واڪا ۽ رڙيون ڪري رهيا هئا. سندس ديدار ڪرڻ لاءِ ماڻهن جون وڏيون قطارون هيون. سندس جنازي کي قبرستان تائين پهچڻ ۾ الائي ڪيترا ڪلاڪ لڳي ويا. جيڪو سندس گهر کان بلڪل ويجهو هو. جڏهن کيس لحد ۾ لاٿو ويو ته مون کي ويساهه ئي نه ٿي آيو ته هي جسم ڪو بي جان جسم آهي. الله سائين سندس مغفرت ڪري. سچ به جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگي ماڻهن جي خدمت لاءِ وقف ڪندا آهن، اهي ڪڏهن به نه مرندا آهن سدائين جيئرا رهندا آهن. اسان جي علائقي جا سڀيئي ماڻهو پوءِ ڀلي ڪهڙي به قوميت ۽ مذهب سان واسطو رکندا هجن. اڄ به يعني 20 سالن کان پوءِ به سندس نالو وٺڻ سان روئي ڏيندا اهن ۽ ڪنهن لاءِ لڙڪ لاڙڻ معمولي ڳالهه ناهي هوندي تڏهن ئي ته ماڻهو اڄ به اهو نعرو هڻن ٿا ته، ”هر دل ۾ نقش، قادر بخش قادربخش.“

نصرت لاشاري پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته، ”هڪ ڏينهن ڪنهن اچي ٻڌايو ته قادربخش صاحب گذاري ويو آهي! مون کي ياد آهي اهو ڏينهن، ان ڏينهن حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي ڪنهن به گهر ۾ ڪني نه چڙهي هئي، هر اک آلي ۽ دل اداس هئي. زندگي بيوفا ڪنهن سان وفا ڪئي آهي؟ پر قادربخش بڪڪ  صاحب جو اوچتو موڪلائڻ سوين دلين کي درد ڏئي ويو. مون ڪيترا ڀيرا بابا (ف.م لاشاري) کي قادربخش بڪڪ صاحب لاءِ ڏوکويل ڏٺو. هن ماڻهن سان ايتريون ته نيڪيون ڪيون جو ماڻهو کيس وساري ئي نٿا سگهن.

قادر بخش بڪڪ صاحب پنهنجي حيثيت ۽ وت کان وڌيڪ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ايڏو ته ڪم ڪري ويو آهي جو ڪراچيءَ جو چوڌاري آباد سنڌين جا ڳوٺ سندس ئي ڪري اڄ به آباد آهن. اهڙن خوشبوءِ جهڙن اندر جي اجرن ماڻهن لاءِ ئي شايد ڀٽ ڌڻي بادشاهه چيو آهي، ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“

قادر بخش بڪڪ جي پهرين ورسي (2 فيبروري 1989ع) تي هلال پاڪستان اخبار ۾ لکيل پنهنجي مضمون، ”توکي ساريندي سپرين“ ۾ محترم فقير محمد لاشاري صاحب لکيو آهي ته، حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي رونق کي گم ٿيئي اڄ سال پورو پيو ٿئي. قادر بخش جي هلئي وڃڻ کانپوءِ جيڪا اٻاڻڪائي پيدا ٿي، سا اڃا ختم نه ٿي آهي بلڪه ان مختلف شڪليون ورتيون آهن. هيڏو سارو خال ڪيئن ڀرجي! ڪو ماڻهو قادر بخش بڪڪ ٿي پوي ته اها ننڍڙي ڳالهه ناهي ۽ قادربخش بڪڪ اڻ مندائتو سڀ ڪم ڪاريون رڻ ۾ رولي هليو وڃي ته اها به ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي.

سٺو ماڻهو پنهنجي وجود سان شعوري توڙي غير شعوري طرح ننڍن توڙي وڏن نقصانن کي روڪي ٿو. قادر بخش بڪڪ جو ڇڏيل خال بڪڪ ڳوٺ ۾ بلڪل واضح آهي. زندگي موجود آهي، جايون ڀتيون، وڻ، هوا،  پکي، پکڻ سڀ آهن، تعداد جي لحاظ کان ماڻهن جي به اڻاٺ ڪانهي پر جيڪو پيار ڪراچي شهر جي هن ڪنڊ ۾ موجود هو سو ناهي! قادر بخش جا ڀائر پروفيسر رسول بخش، انجنيئر محمد بخش ۽ مولا بخش به ڏاڍا قربائتا مڙس آهن. نهايت ڀلا ماڻهو. راڄ وارن هڪ ٻئي شخص کي ڪائونسلر بنائي، ڪائونسلر وارو خال ڀريو آهي.

ڌنڌا کفا به هر ڪنهن جا هلي رهيا آهن ڪو به اڙيو نه ٿو رهي. پوءِ به هڪڙو پختو احساس ڳوٺ جي ننڌڻڪائي جو موجود  آهي، ۽ اهو اسان جي هن يار جي وڃڻ سان ٿيو آهي.

اڳي سڄي ڳوٺ جي طرفان قادربخش سوچيندو هو، هاڻي هر ڪنهن کي خدشا آهن.

قادربخش ڳوٺ وارن لاءِ، پنهنجن پراون لاءِ، جنهن کي به اڙيل ڏٺائين، تڪليف ۾ ڏٺائين، هٿ وڌائيندو هو. اهڙو چشمو جتان هر اڃايل پوءِ اهو ڪير به هجي اڃ اجهائي سگهندو هو.

خلق جو بنيادي مسئلو هي آهي ته ان کي خاطري کپي. ٻين لفظن ۾ ضمانت کپي، احساس جي ضمانت، ڪنهن همدرد دوست جي موجودگيءَ جي ضمانت، ڀلي ان وٽان ڪجهه به نه ملندو هجي، پر اها پڪ هجي ته هن شخص جي هوندي اڪيلائپ محسوس نه ٿيندي ته اهو تمام وڏو آٿت آهي.

قادر بخش جي وڃڻ جيڪو خال پيدا ڪيو آهي سو  ڇو نه ٿو ڀرجي؟ اهو هڪ ڌار سوال آهي.پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش، انجنيئر محمد بخش ۽ مولابخش ۽ ٻيا سڌا سنوان سچا ماڻهو آهن. ڏاڍو پيار ڪندڙ، گهٽ ۾ گهٽ مون کي قادر بخش جي کوٽ محسوس ڪرڻ نه ڏني اٿن. پر اصل کوٽ جيڪا پنهنجي جاءِ تي آهي سا آهي قادر بخش جي کوٽ. قادربخش جي کوٽ ان ڪري آهي جو هن پنهنجي جاءِ پاڻ ٺاهي هئي. قادربخش پنهنجي جاءِ قبضي جي پلاٽ تي نه ٺاهي هئي. هن جي ذهن ۽ روش ۾ محبتن جا جيڪي باغ هئا، تن جون چڪيون هن پاڻ پوکيون هيون. هرڪو ماڻهو پنهنجي جاءِ پاڻ پيدا ڪري ٿو. هاڻي قادر بخش پنهنجي پاڻ پيدا ڪيل جاءِ خالي ڪري هليو ويو، سا جاءِ ڪو به ٻيو ماڻهو ڪٿان ڀريندو! جيستائين وس پهتو تيستائين جاءِ ڀري وئي. قادربخش جي وفات سان ڪائونسلر جي جاءِ خالي ٿي ته اها ڀائرن گڏجي ڀري ڇڏي. هو جنهن گهر ۾ هو اتي به خير سان ٻيا گهرڀاتي آهن، هو جيڪو کاڌو کائي ها، اهو کاڌو کائڻ لاءِ به ماڻهو آهن. پر هو  پنهنجي نيڪ نيتي، ساٿ ڏيڻ ۽ نباهڻ، هر ڪنهن جو هڏ ڏوکي ۽ ڪل وقتي سماجي ڪارڪن هجڻ جي حوالي سان، خلق سان جيڪو رشتو جوڙي ويو، ان رشتي جو خال ڪٿان ڀرجي سگهندو!

ياد ٿو اچيم ته جڏهن پاڻ ڪائونسلريءَ جي چونڊ جي مهم هلائي رهيو  هو، تڏهن سندس ڪنهن ڪارڪن هڪ ڌر جي ماڻهن خلاف ڳالهايو ۽ چيو ته، ”انهن جي خلاف پنهنجا ماڻهو به فلاڻي يا فلاڻي پروپئگنڊا هلائين. مون ڏٺو ته قادربخش کي اها ڳالهه صفا نه وڻي. پر اها به حقيقت هئي ته ڳالهه ڪرڻ وارو سندس حمايتي ڪارڪن هو. عام حالتن ۾ پنهنجي حمايتي ڪارڪن سان سو به چونڊن جهڙي عمل ۾ ڇينڀ نه ڪڍبي آهي. هن پيار واري انداز ۾  کيس منع ڪئي پر مون ڏٺو ته سندس اهو انداز هو به فيصلي وارو، ”ياد رکي ڇڏيو چونڊن کي دشمنيون وڌائڻ جو ذريعو بنجڻ نه ڏبو، اليڪشن کٽڻ لاءِ ڪا به ڪريل حرڪت ناهي ڪرڻي، ڪو ٻيو گند ڪري ته ان کي ڏسي پاڻ به گند ڪريون ائين نه ٿيندو!“ لڳ ڀڳ اهي لفظ هئا قادر بخش جا ۽ پوءِ هن همراهه کي توڙي ٻين کي به ٻڌائي ڇڏڻ ۽ قائل ڪرڻ لاءِ قادربخش ڳالهايو ۽ ڪنهن به ذهن ۾ ان ڳالهه متعلق ڪو مونجهارو رهڻ نه ڏنائين.

قادربخش وٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڳوٺن جي، ورهاڱي کان پوءِ ٿيندڙ لاڳيتي تباهيءَ جا وڏا احوال هئا. وٽس ان قصي جا سڀ تفصيل هئا. جنهن جي شروعات ۾ ڪراچيءَ جا سنڌي ڳوٺ سکيا، ستابا، مالوند ۽ ٻني ٻاري وارا هئا ۽ قصي جي هاڻوڪي ماڳ ۾ اهي مال، ٻني ٻاري ۽ گهرن گهاٽن ڇا ڳوٺن کان وانجهجهي چڪا آهن، بيمار آهن، بي روزگار آهن، جهيڙوڪار آهن، ڏينهن راتيون گهرن ۾ جهيڙا ڪن ٿا، وٽن زندگيءَ جو ڪو جواز نه رهيو آهي، وٽانئن زنده رهڻ جا سبب کسجي چڪا آهن. قادربخش انهن ماڻهن لاءِ آسرو ۽ اميد هو ۽ وڏي ڳالهه ته مايوس به نه هو. سنڌي ماڻهن جي مستقبل ۾  قادربخش جو  ويساهه ڪڏهن ته ايڏو گهڻو هوندو هو، جو ان جا ظاهر سبب به سمجهه ۾ نه ايندا هئا. ايترو سو سمجهندو هئس ته معصوم ماڻهوءَ جو ويساهه پنهنجي جاءِ تي سگهاري حقيقت هوندو آهي. اها حقيقت ۽ اها ضمانت، پنهنجي ماڻهن جي لاءِ اها خاطري، جيڪا قادربخش جي روپ ۾ حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ ۾ موجود هئي سا هاڻي هتي ڪانهي، پر اهو به سچ آهي ته اها حقيقت هتي هئي! هڪڙي شيءِ هئي ۽ اها شيءِ ڪانهي. انهن ٻن حقيقتن جو سچ، محسوس ڪرڻ جي شيءِ آهي. ان کي بيان نه ٿو ڪري سگهجي.“ ”وڃڻ ويل سندس آخري سفر پڻ حيرت جهڙو ۽ نهايت عجيب طرح جو هو، ڪيترن ئي ماڻهن کي سندس وڃڻ واري صدمي سبب هارٽ اٽيڪ ٿيا. ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجا مٿا ديوارن سان ٽڪرائي ڦاڙي ڇڏيا، جن جي رتن جا نشان ڪيتري وقت تائين سندس گهر، اوطاق ۽ آفيس جي ديوارن تي هئا. روئڻ ۽ ماتم ڪرڻ جو اڻ ويساهه ڏيندڙ حيرت ناڪ اهو انداز، اڄ تائين ڪنهن جو ڏٺل ۽ ٻڌل ناهي نه هو. جو سندس اوچتي وڃڻ جو ٻڌي هزارين ماڻهو ديوانه وار سندس گهر پهتا ۽ مايون، مرد، ٻار سڀ ئي پنهنجا مٿا ۽ گوڏا ايڏي ته زور سان سٽي رهيا هئا، جو سٽڻ جي زوردار آوازن ۾ روئڻ جو شديد آواز دٻجي ويو هو. الائي ڪيتري دير تائين اهو سٽڪن جو هل ۽ آواز زمين ۽ آسمان ٻوري رهيو هو.

سندس ديدار مهل الائي ڪيترا ماڻهو سندس خوبصورت نوراني ۽ دلدار چهرو ڏسي، سندس جنازي جي چوڦير ڦري پاڻ کي گهوري ۽ صدقو ڪري رهيا هئا، ۽ رڙيون ڪندي چئي رهيا هئا ته، اسان جي جان وڃي ۽ هي زنده ٿي پوي. ڪيترائي نوجوان سندس قبر ۾ ليٽي/ سمهي پيا هئا ته سندس بدلي ۾ اسان کي دفن ڪريو!

رات جو ٻين وڳي سندس آخري سفر پورو ٿيو هو. سندس چهرو نور جا تجلا ڏئي رهيو هو. ڪنهن چيو ته، ”بتيون ڪٿي آهن؟ پري کان آيل ماڻهو ديدار ڪرڻ ٿا چاهين.“ ته ان وقت ڪي.ايم.سي جو اپوزيشن ليڊر ۽ هاڻوڪو گڏيل قومن ۾ ملڪ جو مستقل نمائندو عبدالله حسين هارون صاحب ۽ ڪائونسلر صديق راٺوڙ صاحب روئندي چوڻ لڳا. ”بتين جي ڪهڙي  ضرورت آهي ! اسان جي يار جو چهرو ته چنڊ جيان چمڪي رهيو آهي.“

قبرستان ۾ به ڪيتري دير تائين سندس ديدار جو سلسلو جاري هو. کيس دفن ڪرڻ لاءِ ڪنهن  جي به دل نه ٿي چاهيو.

سندس آخري سفر ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا هئا جن ۾ عالم سڳورا پڻ شامل هئا انهن ٻڌايو ته اسان جنازي کي ڪلهو ڏيندي ڪيترن جنن ۽ فرشتن کي به ڏٺو هو جيڪي پڻ ڪلهو ڏئي رهيا هئا. رات جو سندس جنازي سان گڏ پکي به اڏامي رهيا هئا، جن لاءِ مشهور آهي ته اهي رات جو  نه ٿا اڏامن جتان جتان به سندس جنازي جو سفر هو اتان گهرن جي ڇتين ۽ گيلرين مان عورتون گلاب جا گل ۽ عرق گلاب ڇٽي رهيون هيون ۽ ٻارڙا آڌيءَ رات جو به روئندي رڙيون ڪندي، سندس جنازي کي سلامي ڏئي رهيا هئا. جنازي جي مٿان پيل ڇاڙن، اجرڪن، شالن ۽ هارن جو ته ڪو شمار ئي نه هو ۽ گهر ۾ ڪانڌپي جي موقعي تي ۽ فاتحه لاءِ هر مڪتبه فڪر، پارٽي، فرقي ۽ مذهب سان واسطو رکندڙ ماڻهو آيا هئا. جن ۾ پير سائين پاڳارو، سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، سيد غلام شاهه، سيد قائم علي شاهه (موجوده وزير اعليٰ سنڌ)، ممتاز علي ڀٽو (جنهن سندس والد سيٺ علي محمد بڪڪ سان تعزيت ڪندي چيو ته، ”هي نقصان رڳو اوهان جو ناهي پر سڄي سنڌ جو  نقصان آهي“). عبدالحفيظ پيرزادو (جيڪو پاڻ به گهڻو بيمار هو ۽ دبئي کان آيو هو). شفيع محمد ڄاموٽ، سردار مهر الله مينگل، سردار منير مينگل، سردار گهرام خان مينگل، سردار علي نواز زهري، رسول بخش پليجو، علي نواز ٻٽ، شعبان بخت، اعجاز شاهه شيرازي، اڪبر لاسي، سائين احمد شاهه ذاڪري، سردار احمد گبول، ستار گبول، نبيل گبول، محمد صالح ڀوتاڻي، وڏيرو ملهه خان پالاري، سائين منير شاهه ذاڪري، عبدالحڪيم بلوچ، رسول بخش بلوچ، مولوي نعمت الله،  پروفيسر غفور احمد، حسين هارون، الحاج شميم الدين، عبدالله بلوچ، زهير اڪرم نديم، حنيف طيب، صديق راٺوڙ، محسن ڀوپالي، فقير محمد لاشاري، تاج بلوچ، شير محمد کهاوڙ ۽ ڪراچيءَ جا ته اٽڪل هرهڪ پارٽي جا ماڻهو آيا هئا. سياسي پارٽين جي وومين ونگز جون سڀئي عهديدار عورتون پڻ سندس گهر ۾ سندس ماءُ ۽ ڀينرن سان تعزيت ڪرڻ آيو ن هيون.

لکڻ لاءِ ته قادر بخش بڪڪ تي ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن، پر هتي وڌيڪ رڳو لطيف سرڪار جو بيت ڏيندس،

جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي خان

مٽي ان مڪان، هئي اصل ايتري.

ٿامس ڪارلائل جي جڳ مشهور ٿيوري آهي ته، ”هيرو هر دور ۾ پيدا ٿيندو آهي پر ماحول جي ٺاپر، لاتعلقي ۽ لاپرواهي کيس اڀري اچڻ جو موقعو نه ڏينديون آهن. اهڙي ريت نامناسب ماحول سبب هيرو اڻ ڄاتل، اڻ سڃاتل، اڻ ڳاتل هتان هليو ويندو آهي.“

ڪارلائل جي اها ٿيوري محترم قادربخش بڪڪ جي زندگيءَ تي مڪمل ٺهڪي اچي ٿي. قادربخش بڪڪ هڪ حقيقي هيرو هو جيڪو ساڳين ڪارلائل جي ڄاڻايل سببن جي ڪري سنڌ جي گهڻائيءَ تائين ٻڌجي، سڃاڻپي ۽ ڳائجي نه سگهيو، ۽ ائين ئي اڻ ڄاتل، اڻ سڃاتل ۽ اڻ ڳاتل اهو هيرو هتان هليو ويو.

وِيو ٻَارَو چَونِڪري، هاڻي ڪَريان ڪِئين

سِجَ اُلَٿي سِينئن، سَٽُون ڏينديس سُڃَ ۾

(شاهه رح)

فيبروريءَ جو مهينو هڪ گهر لاءِ نه، سڄيءَ سنڌ لاءِ سُوءَ (سوڳ) ڀريو ڀاسندو اٿم! 2 فيبروري 1988ع محترم قادر بخش بڪڪ جي وفات جي تاريخ آهي. ائين کڻي چئجي ته اها تاريخ سنڌ جي پيڙهيل، واڙيل ۽ مظلوم سنڌين جي سورن، ڏکن ۽ دردن جي واڌاري جي هڪ نئين تاريخ آهي جنهن بابت کين خبر ئي ناهي ته انهيءَ تاريخ، سندس لاءِ سوچيندڙ، لوچيندڙ، جاکوڙيندڙ ۽ پتوڙيندڙ، ڪيڏي وڏي شخصيت انهن کان کسي آهي!

کين پتوئي ناهي ته انهيءَ اڀاڳي رات (2 فيبروري 1988ع) ۾ هو انهيءَ شخص کان محروم ٿي ويا آهن، جيڪو سندس لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون روشن راهون ڳوليندڙ، سندس من ۾ سنڌين جي سک ۽ آجپي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا واسيل هٻڪاريل ماڳ هئا ۽ پنهنجن ڏکين ماروئڙن جي سک ۽ خوشين لاءِ سندس روشن ماڻڪين ۾ ڪيڏا جرڪندڙ خواب هئا.

افسوس، اهو تعليم جي زيور سان مڪمل آراسته (ٽرپل ايم. اي ۽ ايل.ايل.بي) انسانيت جي مڪمل تصوير، خوبصورت ۽ ذهين شخص پنهنجي خوابن جي تعبير ۽ مقصد حاصل ڪرڻ کان اڳ، اوچتي سڏ تي تڙ تڪڙ ۾ دنيا ڇڏي هليو ويو. ڄڻ هُتي جن کي به پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ سندس شديد گهرج هئي.

ڏونگر ڀُونِين ڪِيرَ، سَڄَڻَ مَيخُون ڏُونگرَين

هَهِڙَا سَيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهنديئين ڪَي ٻيا.

(شاهه رح)

آئون ڄاڻان ٿي ۽ مون کي خبر آهي ته هو ڇا هو! هُو منهنجو وڏو ڀاءُ هو. ڪراچيءَ جا سڀ ئي اصلوڪا رهاڪو ڄاڻن ٿا ته، هو سنڌ جو ڪيڏو سچو سپوت هو، ڪيڏو سنڌين جو گهڻگهرو هو ۽ اهي سندس انهن قولن کان پڻ واقف آهن. جيڪي هو محفلن، مجلسن، ميٽنگن ۽ ڪچهرين ۾ چوندو ۽ ڳالهائيندو ۽ پوءِ انهن تي عمل به ڪندو هو.

ماڻهوجڏهن ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي جي ڳالهه ڪندا هئا ته پاڻ ان مهل چوندو هو، اسان کي خوشحال سنڌ نه ٿي کپي! اسان کي سنڌي خوشحال کپن ٿا!“ سندس اهو چوڻ/ قول اڄ به ماڻهن جي دلين تي چٽيل آهي.

پوءِ به دل چاهي ٿي ته سڄيءَ سنڌ کي ٻاڪارون ڪري ٻڌائجي ته،

قادر بخش بڪڪ هڪ فرد جو نالو ناهي،

قادر بخش بڪڪ هڪ مشن جو نالو آهي،

قادر بخش بڪڪ هڪ تحريڪ جو نالو آهي،

قادر بخش بڪڪ هڪ روشن ماڳ جو نالو آهي.

ڇو جو، قادر بخش بڪڪ هڪ بيحد وسيع ذهن ۽ فراخ دل رکندڙ انسان هو، جنهن وٽ هڪ هڪ سنڌيءَ جي آس، اميد ۽ گهرج ائين ساريل هئي، جيئن هڪ ماءُ کي پنهنجي هرهڪ ٻچي جي آس، اميد ۽ گهرج ساريل هوندي آهي.

قادر بخش بڪڪ پنهنجي سڄي زندگي سنڌين جي سک ۽ خوشحاليءَ لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪراچيءَ جي هڪ هڪ ڏکايل سنڌيءَ لاءِ پوءِ اهو ڪراچيءَ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾، ڪنهن به ڳوٺ ۽ جاءِ ۾ رهندو هجي. هن سڀني غاصبن سان ويڙهه وڙهي هئي، پوءِ اهو غاصب کڻي ڪيڏو به باحيثيت ۽ طاقتور ڇو نه هجي. انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ جا ثبوت ڪراچيءَ جي اهم جاءِ تي واقع کنڊو ڳوٺ جي ڪورٽ ذريعي طاقتور چنبي کان آزادي، ڪلفٽن جي قيمتي خطي ۾ واقع ڀنڊن جي ڳوٺ کي ليز ڏيارڻ يا ماروئڙا ڳوٺ کي وسائڻ ۽ بچائڻ جا چٽا پٽا واضح ثبوت آهن.

جيئن سچل ڳوٺ ۾ وسيل ماڻهو چون ٿا ته جڏهن شروع ۾ اسين ڪراچيءَ ۾ آيا هئاسين ته، قادر بخش بڪڪ خرچ پيسا ڏئي رهايو هو ته ڪراچي اوهان جي آهي! جيئن اتي جوئي تپيدار شاهد نوح پوٽو چوي ٿو ته جڏهن اسين ڪنڊياري مان ڪراچي آيا هئاسين ته ڏاڍا پريشان هئاسين. پر محترم قادر بخش بڪڪ صاحب اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي ۽ هاڻي اسين ڪراچيءَ ۾ خوش ۽ آباد آهيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org