سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان

باب:

صفحو:24 

سائين ملهه خان پالاري جا ابا ڏاڏا پڻ وڏا مالدار ڀاڳيا هئا، جنهن ڪري ڄمندي ئي سندس واسطو مال سان ٿيو. مال لاءِ ٻني هجڻ ضروري آهي.

سندس مائٽن جون چڱيون باراني ٻنيون هيون پر سائينءَ پاڻ به پنهنجي ذاتي محنت سان ٻنيون ٺاهيون ۽ کوهه کوٽائي آبادي ڪرائي.

وَسَ تي آڌار ڪندڙ ڪوهستان جهڙي ملڪ ۾، (مينهن) بنا ٻنين سان وڏيون محنتون ۽ هلاکيون ڪرڻيون پونديون آهن.

وڏيري ملهه خان پالاريءَ کي ٻنين جو شوق عشق جي حد تائين آهي. اڄ به ڏينهن رات ٻنيءَ ۾ محنت ڪندي نه ٿڪبو آهي. هن مهل سائينءَ جي ڄمار ماشاءَ الله سو سالن کان به چڙهيل آهي. پاڻ اڃا به جڙد مڙد ۽ پنهنجي منٽ موٿاڄي ۽ هٿين پيرين آهي.

ٻنين تي تڳڻ، ٺوٺ پوٺي ملڪ ۾ ڄڻ ڪوڙ وڍڻ آهي. سو زندگيءَ جي گذر سفر لاءِ ورهاڱي کان به اڳ پاڻ گاڏي (ٽرڪ) وٺي ڪارو بار شروع ڪيائين جيڪو اڄ تائين جاري آهي. اڄ سندس پوٽا اهو ئي ڪارو بار ڪري رهيا آهن. انهيءَ ڪارو بار بابت پاڻ چوي ٿو ته، ”انهيءَ زماني ۾ يعني ورهاڱي کان به اڳ برادرم سيٺ علي محمد بڪڪ پڻ اهو ئي ڪاروبار شروع ڪيو هو.“

آئون (ج.ع. منگهاڻي) جڏهن پنهنجي لکڻين ۾ چوندي لکندي آهيان ته لفظ، ’وڏيري‘ جي باري ۾ گهٽ وڌ نه ڳالهايو وڃي، بيعزتي نه ڪئي وڃي يا ڪو گٿو لفظ نه ڳالهايو وڃي ته، منهنجي اڳيان وڏيري ملهه خان پالاري جهڙائي سچا، محنت ڪش، پورهيت، مهربان ۽ معتبر ’ڪوهستاني وڏيرا‘ جن جي سچائي، انصاف پسندي، ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪري زندگي حق حلال جي ڪمائي کائي گذاريندڙ سٻاجها ۽ اڻمول انسان هوندا آهن. جيڪي هڙان وڙان ڏئي وٺي ماڻهن جون مشڪلون، مسئلا ۽ ڏک ٽاريندا آهن. نه ڪي آٽهڙو، واٽهڙو، اڙي ٿڙي کان کسي ڦري پنهنجا ڀڀ ڀري جُهجَهه (وڏا پيٽ) ڇاڻيندا آهن.

سُوار ڏڪار هڪ جهڙا، ٿورو کائي گهڻو شڪر ڪندڙ شَنبِيءَ (هاٺي ڪاٺي/ اسٽڪچر) سُهڻا. جن جو جيئرو مثال وڏيرو ملهه خان پالاري آهي، جيڪو ڪڏهن به ٿلهو نه رهيو. سنهو سيڌو، سنئون سپڪ، قداور ۽ بردبار.

ڪَشن ساڻِ ڪَسي، ڏِيلَ ڪَيائُون ڏُٻَرا

پَيٽ نه هَير يَائُون پَانهنجا، چَوري سَاڻِ چَسي

وَيراڳين وَسي، رَامُ سَدائين رُوحَ ۾.

(شاهه رح)

سائين ملهه خان وڏيري جي ٻاجهه، نياز ۽ نوڙت جو هي تازو شاندار نمونو ته ڏسو! آئون جيڪا سندس اولاد جي برابر آهيان يا اڃا به ننڍي، اها جڏهن کيس سندس عزت ڀرئي، شانائتي ۽ پروقار زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيان ته موٽ ۾ چوي ٿو ته، ”مون کي منهنجي نياڻي محترمه ج.. ع. منگهاڻي صاحبه کان حڪم پهتو ته آئون پنهنجي زندگيءَ جو مختصر احوال لکي کيس موڪليان انهيءَ لاءِ عرض آهي ته....“

آئون جيڪا سندس نياڻي آهيان، ننڍي آهيان، عرضدار آهيان. ان کي ’حڪم‘ ڏيندڙ ٿو چوي!! پاڻ جيڪو وڏو آهي، پيءُ جو مقام رکندڙ آهي، حڪم ڏيندڙ آهي اهو ’عرض‘ ٿو ڪري!!

اها آهي ٻاجهه، اها آهي نوڙت. اها آهي وڏائي ۽ اها آهي معتبرائي. ’ڍوليو تنهين ڍار، هيٺاهيون هلن جي‘.... هونئن ته سائين ملهه خان پالاري صاحب خوبين جو ڀنڊار آهي. پر جيڪا اڻ لڀ حيرتناڪ خوبي منجهس آهي. اها آهي پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ واسطيدارن جي هرهڪ شادي ۽ غميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ.

مون کي ياد آهي (ڪيئن ٿيون وسري سگهن اهي محبتون ۽ يادگيريون)، ته اسان جي خاندان جي هر ڏک ۽ سک ۾ پاڻ شريڪ ٿيندا رهيا آهن ۽ دعوتون ڏئي پاڻ وٽ گهرائيندا رهيا آهن.

سندس دوستن جو حلقو تمام وڏو آهي ۽ پاڻ وري اهڙو مهلائتو مڙس، جو مجال ناهي ڪنهن جي ڪا مهل ٽري يا رهجي وڃي. حالتن ۽ موسمن کان لاپرواهه پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ سنگت ساٿ سان ساڻ رهندو ساٿ نڀائيندو رهيو آهي. اهو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو،

”ڪافي وقت گذري ويو آهي. زندگيءَ جي نما شام آهي. الله العالمين جو شڪر آهي. حياتيءَ جا ڏينهن عزت سان گذري ويا. باقي جيڪي بچيا آهن شال عزت سان گذرن. پنج ئي وقت نماز پڙهيو پيا رب کان اها دعا گهرون. اسان پنهنجو وقت امن امان سان گذاريوسين. ڏاڍو سٺو وقت هو، محبتون، عزتون هيون. نه ڪو لوڀ، نه ڪا لالچ. اڄ ته راڄن جا ڌڻي لالچ ۾ اچي راڄ ڇڏي پيسي جا واپاري بنجي پيا آهن، جتي ڪٿي اک اٿن. الله سائين سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي آمين ثم آمين.“

آخر ۾ اسان ڪوهستانين جي هڪ آس آهي ته، الله سائين کيس تندرستي ۽ خوشين سان گڏ وڌيڪ جياري ۽ دنيا جي وڏي کان وڏي ڄمار واري انسان جو ريڪارڊ ٽوڙي ڪوهستان جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ درج ڪرائي. اسان کي خوشيون ۽ فخر ڏي. آمين ثم آمين.

تَان ڪَي سَاڻَنِ اَورِ، جَان آهِين اَوطاقنِ ۾

ڏَههَ ڏَههَ ڀَيرا ڏِينهن ۾، پَاڻَ مَٿاهِين گَهورِ

وِيا جَي هِنگلَورِ، تَه ڪَرَمَ مِلَندَئِي ڪَاپَڙِي

(شاهه رح)

نوٽ: هي مضمون قابل احترام وڏيري ملهه خان پالاري جي حياتيءَ ۾ لکيم، جنهن کي پڙهي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو.  سندس وفات 05- ڊسمبر 2011ع تي ٿي.

 

هڪ سريلو ڪردار ۽ نڙ جو بي تاج بادشاهه

نابين شاهه محمد بڪڪ(ٽوڪاڻي)

 

هر هڪ  قوم جو پنهنجو  پنهنجو مزاج، طريقو، انداز، ريت، رواج ۽ قدر مختلف ۽ ڌار هوندا آهن، اهي سڀ ’جينس‘ جا معاملا آهن، جيڪي کين پنهنجي خاندان ۽ رت مان حاصل ٿيندا آهن.

ائين ڪي قومون مادر پدر آزاد هونديون آهن ته ڪي وري، پنهنجي صديون پراڻي ريتن، رسمن ۾ جڪڙيل بلڪ انهن جون پائبند ۽ پاسداري ڪندڙ هونديون آهن.

’بڪڪ‘ به ڪوهستان جي هڪ اهڙي سگهاري ۽ معتبر قوم  آهي جنهن وٽ پنهنجو عزت ڀريو تاريخي ورثو آهي، جيڪو سندن رڳن ۾ رت وانگيان گردش ڪري ٿو.

وٽن عزت ۽ معتبرائي جا ڪي ماڻ ۽ ماپا آهن جن کان جيڪو به انحرافي ڪندو آهي، اهو ڄڻ ته انهن کان ڇڄي ڌار ٿي ويندو آهي. مثال طور سچائي ۽ بهادري اهڙا نج جرڪندڙ موتيءَ جهڙا ڳڻ آهن، جيڪي ڄڻ ته، ’بڪڪ‘ قوم جي آئين جا بنيادي نقطا آهن. ڪوڙي ۽ ڪانئر ماڻهوءَ جي وٽن ڪا وقعت ڪانهي. اهڙو ماڻهو ٿڪيارو ٿي تڙجي ويندو آهي. اهڙي لولي کين ماءُ پاران پينگهي ۾، ۽ ٻنڌڻن ۾ سَوتي واريءَ سُتيءَ سان گڏ مليل آهي.ٻار جڏهن اهو سڀ ٻڌي وڏو ٿيندو آهي ته سندس لاءِ اهوضروري هوندو آهي ته هو سچو ۽ بهادر ٿيئي.

وقت سان گڏ انهن ۾ ضرور ڪجهه تبديلي ۽ فرق آيو هوندو. پوءِ به ’بڪڪ‘ قوم جا ماڻهو اڄ به ڪوهستان ۾ سٺي ساک واري حيثيت رکن ٿا. جن جي رهڻي ڪهڻي ۽ رک رکاءُ نهايت عزت ڀريو، ۽ معتبراڻو آهي. هو ڳالهه جا پڪا ۽ سچا آهن. اهي دوستي، دشمني نباهي ڄاڻندا آهن.

وٽن ظاهري ڌن دولت جي ڪا به حيثيت نه هوندي آهي، نه ئي هو  اهڙن کان متاثر ٿيندا آهن، جن وٽ ڌن گهڻو ۽ ڪردار گهٽ هوندو آهي. ڪردار جي وٽن وڏي اهميت آهي.

’بڪڪ‘ قوم جي اڳيان ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو شعبو يا کڻي چئجي ته اهو ڌنڌو سندن خيال موجب لنگهن کي جڳائي. جيئن ڪنڀار ٿانو، موچي جوتا، مهاڻا مڇي وغيره سان منسوب آهي. تيئن ڳائڻ ۽ وڄائڻ لنگهن سان ئي منسوب آهي. دنيا ۾ به گهڻو ڪري راڳ ڳائڻ ۽ وڄائڻ ميراثين جي حوالي هوندو هو.

ان هوندي به ’بڪڪ‘ قوم پنهنجن لنگهن کي عزت ۽ برابريءَ جي نگاهه سان ڏسي ٿي. کين سندن پورو پورو حق ۽ احترام ملي ٿو.

اسين ڏسندا آهيون ته ٻين قومن ۽ راڄن جا لنگها نهايت غريب ۽ ويچارا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جن کي سندن راڄ جا ماڻهو حقارت سان ڏسندا آهن، ۽ انهن کان گهٽ درجي وارا ڪم وٺندا آهن. اهي به دڙڪي، داٻ ۽ رُعب سان.

جڏهن ته، ’بڪڪ‘ قوم جا لنگها پنهنجي راڄ ۾ عزت ۽ احترام ملڻ جي ڪري ٻين راڄن ۾ به عزت وارا هوندا آهن. اهي ڪنهن به ٻئي راڄ ۾ بنا دعوت جي نه ويندا آهن. ٻين راڄن جا لنگها ساڻن سڱ ڳنڍيندي فخر سمجهندا آهن ته، ”وڏي راڄ جا عزت وارا لنگها آهن.“

’بڪڪ‘ قوم جي لنگهن ۾ مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن، استاد حاجي آمن (مشهور سارنگي نواز)، حاجي ڪيوڙو، حاجي الله ڏنو، مشهور فنڪار شفيع جمن، اويس جمن، مشهور ڍولڪ نواز استاد داؤد، بينسري نواز هارون، الله ورايو عرف گندو، عبدالرحيم عرف مُنڍو، خداڏنو ۽ ٻيا؛ اهي سڀ ئي مشهور ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ جا فنڪار آهن/هئا. يعني، ’بڪڪ‘ قوم ڳائڻ ۽ وڄائڻ کي لنگهن تائين محمدود ڪيو آهي. جي ڪنهن به سندن قوم جي ماڻهوءَ ڳايو يا وڄايو ته ان تي لنگهي جو ٺپو لڳي ويندو آهي، جنهن جي ڪري اڳ ته اڳ پر هن جديد دور ۾ به بڪڪ قوم جو ڪوبه فرد ڳائڻ ۽ وڄائڻ واري دنيا ۾ وارد نه ٿيو آهي. ڪوبه مائٽ پنهنجي اولاد کي ڳائڻ ۽ وڄائڻ جي اجازت نه ڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اڄ تائين سواءِ شاهه محمد بڪڪ جي ٻيو ڪوبه ماڻهو انهيءَ ميدان ۾ نه آيو آهي.

شاهه محمد بڪڪ ڄڻ ته پهريون ۽ آخري ’بڪڪ‘ آهي جيڪو فن جي اوکي دنيا ۾ داخل ٿيو. انهيءَ سريلي دنيا جي افق تي وهائو تاري جيان جرڪي اڀريو، جنهن جو مثال ۽ برابري ڪندڙ اڄ تائين پيدا ٿي نه سگهيو آهي.

رهبر سنڌ سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڪتاب، ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ شاهه محمد بڪڪ جو ذڪر نهايت عزت سان ڪيو آهي، ”هن کي خدا ڏات ڏني هئي جنهن جي ڪري ان ۾ مهارت حاصل ڪري ويو. مختلف راڳڻيون، ڪافيون، لهرا، ڦوڪون وڄائي ويندو هو. ريڊين تان مختلف طرزون ٻڌي پنهنجي نيون طرزون ايجاد ڪيون هئائين. ساز سرود سان کيس عشق هوندو هو. نڙ وڄائڻ مهل وجد ۾ اچي ويندو هو. نانگ وانگر آواز تي جهولڻ لڳندو هو. نانگ ٻئي جي آواز تي مست ٿيندو آهي. هي پنهنجي آواز تي جهولندو نظر ايندو هو.

”سندس اهڙي طرح وجد ۾ اچڻ ۾ عجيب موج هوندي هئي. کيس ڪراچي شهر ۾ ڪيترين مجلسن ۾ نڙ وڄائڻ جو موقعو مليو، جتي دنيا جي ڪيترن ملڪن جي سفيرن، آفيسرن مردن ۽ عورتن کيس ساز وڄائيندي ڏٺو.

”اها اکين ڏٺي ڳالهه آهي ته هن جي نڙ وڄائڻ مهل ساري مجلس محويت جي عالم ۾ اچي ويندي هئي ۽ مثنوي مولانا روم جو بيت دل تي تري ايندو هئو ته،

بشنواز ني چون حڪايت مي ڪند

از جدائي ها، شڪايت مي ڪند

(نڙکان سندس ڪهاڻي ٻڌو، جو وڇوڙي ۾ دانهون ڪري رهيو آهي) (ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“، (جلد ٻيو)، ص 393، 1979ع)

شاهه محمد بڪڪ هڪ غريب مارو ماڻهو هو. هن آڻين ۽ چاڙهين جي مڪمل تشبيهه ٿيل گهراڻي ۾ جنم ورتو هو. سندس پيءُ رمضان بڪڪ ۽ ماءُ مريم بڪڪ ٻئي سادي طبيعت جا مومن ماڻهو هئا. انهن سادن سودن جي جهول ۾ قدرت اهڙو انمول ۽ ناياب موتيءَ داڻو وڌو هو جيڪو جڳ جرڪائي ويو.

هونئن به جبل جو ماڻهو فطرتي طرح سان سادو سودو، قناعت پسند ۽ معصوم هوندو آهي. هارَهُورَ (هارڻ اڇلائڻ) ڪرڻ ۽ شَتان پتان (ڦاڙي خراب) ڪونه ڪري. صبر ۽ شڪر جا ته ڄڻ مثال هوندا آهن. هڪ مهل کاڌائون ته ٻيءَ مهل لاءِ آڱر کڻي مٿي سَڃيندا ته، ”هير (هينئر) ڏنائين آهي وري به ڏيندو.“

جبل هڪ خطو ڪونهي دنيا آهي/ ڪائنات آهي. جتي لمحي لمحي ماڻهپي جا نت نوان، حيرت ناڪ ۽ معتبراڻا نظارا عام ڏسجڻ ۾ ايندا آهن.

شاهه محمد بڪڪ جنهن کي لاڏ مان، ’شاهو‘ چيو ويندو هو؛ ڄاپندئي نور کان وانجهيل نه هو، کيس ٻاروتڻ ۾ ماتا جي بيماريءَ سبب نور جهڙي الاهي نعمت کان محروم ٿيڻو پيو.

جبل ۾ چيو ويندو آهي ته، ”الله هڪڙي لٽيندو آهي ته ٻي پٽيندو آهي.“ اها ئي مهرباني قدرت شاهه محمد بڪڪ سان خصوصي طور ڪئي جو، هن کان ظاهري نور کسي کيس سراپا نور ڪري ڇڏيو. سندس اندر ٻاهر ايڏو سوجهرو ڪيائين جو کيس اکين واري نور جي حاجت ئي نه رهي، پرواهه ئي نه رهي.

’نڙ‘ جبل ۾ سڀني سازن کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي. هڪ ته ’نڙ‘ جي ڦوڪ واري سوز ۽ درد کي هو پاڻ سان واڳيل سمجهندا آهن. ٻيو وري هو نڙ پاڻ ئي ٺاهيندا آهن. جنهن جي ڪري ٻين سازن جي ڀيٽ ۾ ’نڙ‘ وڌيڪ آسان هوندو آهي. ٻئي نمبر تي ’دنبورو‘ سندن پسنديده ۽ وڻندڙ ساز آهي جيڪو پڻ پاڻ ئي بنائيندا آهن.

جبل جا ماڻهو ’نڙ‘ جي لئي تي پنهنجي/ پرائي شاعري ڳائيندا آهن. دنبوري تي اڪثر مورا ڏيندا ۽ ڳائيندا آهن. دهل ۽ ڌڪڙ جو رواج جبل ۾ ڪونهي.

رمضان بڪڪ کي ڇهن پٽن: شاهه محمد بڪڪ، سليمان بڪڪ، محمد رحيم بڪڪ، امير بخش بڪڪ، مينهن وسايو بڪڪ ۽ جمعي بڪڪ جو اولاد هو. جن ۾ ماءُ ۽ پيءُ جي ساهه اٽڪيل هئي (’ساهه‘ جبل ۾ مونث آهي). سندن ماءُ مريم بڪڪ هڪ معصوم سادي ۽ ٻاجهاري عورت هئي. سندس سادي طبيعت بابت هي ڳالهه اڄ به اسان وٽ مشهور آهي ته، سندس ننڍي پٽ جمعي بڪڪ جو، جيڪو ڪنهن گاڏيءَ ۾ ڪلينر هو ايڪسيڊنٽ ٿيو. جنهن ۾ هو ڊرائيور عبدالمجيد بڪڪ سان گڏ زخمي ٿي پيو. اها خبر جڏهن سندس ماءُ کي پهتي ته اها روئندي پٽيندي ڪراچي ۾ پهچي وئي، اتي سندس پٽ، ڊرائيور عبدالمجيد جي گهر ۾ علاج هيٺ هو. ٻئي زخمي هڪ ئي گهر ۽ هڪ ئي ڪمري ۾ هئا. جڏهن ماڻهو کين پڇڻ ايندا هئا ۽ جي هو ستل هوندا هئا ته پڇندا هئا ته، ”بيمار ڪٿي آهن؟“ ته هوءَ عبدالمجيد ڏانهن اشارو ڪري چوندي هئي، ”هو عثمان (عبدالمجيد جو پيءُ) جو آهي ۽ پنهنجي پٽ ڏانهن اشارو ڪري روئي چوندي ته، ”هيءُ الله جو آهي.“

اهڙن پيار ڪندڙ مائٽن جي اڳيان سندن پٽ (شاهه محمد)، نور کان محروم هو جنهن کي ڏسي هو سدائين جهڄندا ۽ کجندا هئا. پر شاهه محمد بڪڪ ته هڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو. پنهنجن سڀني ڀائرن کان گهڻو مختلف ۽ نفيس هو. سندس رويا ۽ پسند سڀني کان ڌار ۽ منفرد هئي. هن ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي پيءُ سان ’نڙ‘ جي خواهش ڪئي جيڪا سندس پيءُ کيس ’نڙ‘ ڏئي پوري ڪئي.

پوءِ ته ’نڙ‘ ۽ شاهوءَ جي ”سنگت“ (سنگت جبل ۾ مذڪر آهي) .ايڏو ته پڪو ٿي ويو جو ڄڻ سندن وچ مان سڄي دنيا هٽي وئي هئي ۽ هو ٻئي هڪ ٻئي ۾ تحليل ٿي هڪ ٿي ويا هئا. لطيف رح چواڻي، ’هينئڙي ۾ حل ٿيا....‘

هو پنهنجي ڳوٺ، ’عيسيٰ بڪڪ‘ ۾ رهندو هو. هي ڳوٺ دڙي ۽ لائق پور جي وچ ۾، تعلقي ميرپوربٺوري ۾ آهي.

’نڙ‘، جبل جو ساز آهي. ماڻهو ٻڌندا ۽ وڄائيندا آهن. پر شاهوءَ ان ۾ عجيب درد ڀري ڇڏيو هو. هڪ ته نڙ جو آواز پاڻ ئي سراپا سوز ۽ درد هوندو آهي. لطيف پاڪ فرمائي ٿو ته،

وَڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪُوڪاري

هِن پَنَ پنهنجا ساريا، هوءَ هَنجون هَڏن لَئه هاري.

لطيف رح هي بيت سسئيءَ جي حوالي سان چيو آهي. سندس بي انتها گهڻي ڏک ۽ درد کي نڙ جي سوز ۽ درد سان سلهاڙيو آهي، جيڪا رڻن ۽ رڃن ۾ رلندي دانهون ڪوڪون ڪندي، جبلن ۽ ڇپرن ۾ جلندي ۽ ڇلندي پنهنجي پرينءَ جي ڳولا ۾ مروئن ۽ دردندن سان ٿاجا (ڏک واريون گڏ جاڻيون/ تعزيتي ميڙا) ڪندي مُونجرَندَ (مبهم ۽ غير واضح رستا) پي وئي. جنهن جي درديلن دانهن کي لطيف رح مڪمل طرح نڙ سان تشبيهه ڏني آهي.

وَڍيل ٿِي وَايُون ڪَري، ڪُٺل ڪُو ڪاري

هُن پَنَ پنهنجا ساريا، هيءَ هنجون هَڏن لاءِ هاري.

بيت جي لفظي معنيٰ آهي ته،

’وڍيل ٿي وايون ڪري‘معنيٰ = نڙ جي وڍيل ڪاٺي، جنهن کي پنهنجي وجود (وڻ) کان وڍي ڌار ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري هوءَ دانهون ڪري رهي آهي.

’ڪٺل ڪوڪاري، معنيٰ = سسئيءَ کي پنهنجي محبوب پنهونءَ کان ڌار ڪري ڄڻ کيس ڪٺو ويو آهي. جيڪا انهيءَ وڇوڙي ۾ ڪوڪون پئي ڪري.’هُنَ پَنَ پنهنجا ساريا‘ معنيٰ= نڙ جي ڪاٺيءَ پنهنجا پن ۽ ساوڪ ياد ڪئي آهي. ’هيءَ هنجون هڏن لاءِ هاري‘ معنيٰ = هيءَ/ سئي پنهنجي انهيءَ وجود لاءِ جنهن کان کيس ڪهي ڌار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لاءِ پئي روئي رڙي. ۽ هنجون هاري.

نابين شاهه محمد بڪڪ کي اهڙو ڪهڙو سوز ۽ درد هو جيڪو نڙ جي سوز ۽ درد تي به حاوي ٿي ويو هو، جنهن ۾ هو پنهنجي ڦوڪ اوتي هرهڪ ماڻهوءَ کي مست الست ڪري ڇڏيندو هو.

شاهوءَ کي ڏات قدرت جي پاران سوکڙيءَ جيان ملي هئي پر درد ۽ سوز کيس اکين جي نور کان محروميءَ ڪري هو، يا ڪنهن اهڙي سبب جي ڪري هو جنهن جي باري ۾ هُن پاڻ سائين جي.ايم.سيد کان سوال ڪيو هو. جنهن لاءِ سائين چوي ٿو ته، ”اهو ڪهڙي شيءِ جو فراق هو جو شاهه محمد نابينا ۾ ايترو سوز ۽ گذاز پيدا ڪندو هو؟

”هن رزا کي عمومي طور سمجهڻ لاءِ زماني قديم کان مغرب ۽ مشرق جي عالمن، فيلسوفن ۽ درويشن پي ڪوششون ڪيون آهن. يونان جي عالمن ”ٽريجڊي“ (Tragedy) صنف جا ڊراما لکيا ۽ ان جون فلسفيانه تشريحون ڪيون، جنهن تي اڄ تائين به يورپ جا عالم ۽ فيلسوف لکي رهيا آهن. جيڪڏهن اسان مشرق ۾ صرف، ايران ۽ سنڌ جي درويشن جي ڪلام مان ان مسئلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون ته به راز جي اهميت ۽ عظمت جو پتو پئجي ويندو.

”مولانا روم ان جو سبب نڙانڊيءَ جي زبان  کان هينئن طرح چوائي ٿو،

ڪز نيستان تا سرا ببريده اند

از نفيرم مردوزن ناليده اند

(جڏهن کان مون کي نڙلي کان وڍي جدا ڪيو ويو آهي مون ۾ ان جي فراق اهو درد پيدا ڪيو آهي جو مرد ۽ عورتون منهنجو آواز ٻڌي غمگين ٿيو پون) .

شاهه محمد بڪڪ جي انهيءَ سوز ۽ درد جو راز ڇاهو؟/ سبب ڪهڙو هو؟ اهو ڪوبه نه ڄاڻي سگهيو آهي. ايتري قدر جو هو پاڻ به بيچين ٿي سائين جي.ايم.سيد جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي اڪثر چوندو هو، ”عام منهنجو نڙ ٻڌي تعريف ڪن ٿا پر منهنجي اندر جي سوز کان واقف ناهن. اميد ته تون واقف هوندين؟“ ۽ ان وقت سائين جي.ايم.سيد کي مولانا روم جو هي بيت ياد اچي ويندو هو،

هر ڪسي ازظن خود شد يارمن

وزد رون من نجست اسرار من

(سڀ ڪنهن پنهنجي نقطي نگاهه کان مون کي پسند ڪيو آهي ليڪن منهنجي اندر جي احوال طرف نگاهه نه ڪئي).

’نڙ‘ اڄ به جبل جي ’ساز‘ جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو آهي. نابين شاهه محمد بڪڪ انهي جبل جي سڃاڻپ رکندڙ ساز ’نڙ‘ سان ڏاڍو نڀايو. نڙ جي حيرت ناڪ فنڪار جي حيثيت سان، سڃاپجي دنيا جي اڳيان اچي نڙ کي پنهنجن چپن سان ڇهي ڄڻ کيس عرشن تائين پڄائي ڇڏيو هو.

واقعي به اهو ان ساز (نڙ) جو عرش تي پڄڻ هو. جڏهن چين جي وزيراعظم چواين لائي جي اڳيان ڪراچيءَ ۾ شاهه محمد بڪڪ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هو ته هُو دمبخود ٿي ويو. ڪجهه دير ته هو انهيءَ حيرت ۾ ويٺو رهيو. پوءِ اٿي اچي اسٽيج تي ساڻس مليو هو. جڏهن کيس خبر پئي ته اهو عظيم فنڪار نابين آهي ته هو سندس هٿ مان نڙ وٺي کيس ڏسندو ئي رهجي ويو. پوءِ کيس انهيءَ ئي مهل پنهنجي ملڪ چين جي اچڻ جي باضابطه دعوت هڪ وزيراعظم جي حيثيت سان ڏني، ته سڀ ئي ويٺل کيس اهڙي عزت ملڻ تي حيرانيءَ مان تڪڻ لڳا. پرجبل جي غيرت مند پٽ ائين چئي چين وڃڻ کان معذرت ڪئي ته، ”سائين، اوهان جي وڏي مهرباني. پر آئون اوهان جي ملڪ نه ٿو اچي سگهان، ڇو ته جڏهن آئون ڪجهه ڏسي نه ٿو سگهان ته پوءِ، اوهان جي ملڪ ۾ اچي ڪيئن اوهان جو ملڪ ۽ ماڻهو ڏسي سگهندس.“

سندس انهيءَ جواب وزيراعظم چين مسٽر چواين لائيءَ کي حيران ڪري ڇڏيو هو:

ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڀِنيءَ ويهي ڀان

راڄا رتولن ۾، سيباڻو سلطان

”آءُ مٿاهون مڱڻا، مقابل ميدان

گهوريان لک لطيف چئي، تنهنجي قدمن تان قربان

مٿو هي مهمان، هلي آءُ ته هُتِ ڏيانءِ!“

(شاهه رح)

چون ٿا ته پوءِ سندس لاءِ چين جي حڪومت پاران وڏي رقم موڪلي وئي جيڪا کيس ملي نه سگهي هئي. اها وچ ۾ ئي واڳن جي وات ۾ هلي وئي. جنهن جي جبل جي صابر ۽ شاڪرپٽ شاهه محمد بڪڪ نڪا شڪايت ڪئي، نڪا ئي کيس ضرورت ۽ پرواهه هئي. کيس اڪثر وڏين وڏين محفلن ۽ مجلس جون دعوتون ملنديون هيون پر هو لاپرواهه ۽ مرضيءَ وارو هوندو هو، وڃي نه وڃي سندس مرضي هوندي هئي. سندس راڄ جا لنگها جيڪي تقريباً سڀيئي مشهور فنڪار هئا، اهي سندس خدمت ۾ جتي ڪٿي ساڻس گڏ هوندا هئا.

استاد محمد جمن جو وڏو ڀاءُ حاجي الله ڏنو جيڪو پاڻ به سرندي ۽ دنبوري وڄائڻ جو استاد هو، ۽ سٺو ڳائيندڙ هو جنهن جو ذڪر استاد محمد جمن تي لکيل پروفائيل ۾ تفصيل سان آيل آهي اهو جسم ۾ مضبوط ۽ لحيم شحيم ماڻهو هو. اهو ته ڄڻ سندس باڊي گارڊ ۽ محافظ هوندو هو. هلندي جي رڪاوٽ ۽ ڪو کڏو وغيره نظر آيس ته هڪدم سنهڙي پر قداور ۽ خوبصورت شاهه محمد بڪڪ کي پنهنجي گُونڊي (پٺيءَ) تي کڻي هلندو هو. سڀ راڄ جا لنگها ساڻس ايڏو پيار ڪندا هئا جو کيس زمين تي پير رکڻ به نه ڏيندا هئا.

نابين شاهه محمد بڪڪ غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هو. جيئن چئبو آهي ته، ”الله هڪڙي لٽي ٻي پيٽندو آهي“. تيئن ئي ڄڻ ته هن کان اکين جو ظاهري نور کسي سڄي ڪائنات جو روشنيون، سندس اندر ۾ اوتي کيس سوجهراين جو مسڪن ڪري ڇڏيو هو.

هن ڪڏهن به ڪنهن سان به، ’نور‘ وڃائڻ بابت ڏک نه اوريو، ڄڻ ته کيس غرضي ئي نه هئي انهيءَ ڪميءَ جي. هو پنهنجي ٻانهن تي ٻڌل عام مروجه واچ ۾ نهاري وقت ٻڌائي سگهندو هو.

هڪ ڀيري هو اسان جي گهر آيو ته ڪنهن هن کان ٽائيم پڇيو ته، منهنجي وڏي ادا قادر بخش بڪڪ کيس مشڪي چيو، ”شاهو، پنهنجي ٻانهن واري واچ ۾ نه پر اسان جي ديوار تي لڳل گهڙيال ۾ نهاري ٽائيم ٻڌاءِ؟“ هن ديوار ۾ لڳل گهڙيال ۾ نهاري صحيح صحيح وقت ٻڌائي ڇڏيو. ٻي وڏي ڳالهه اها ته سڄي زندگي ڪنهن به چيز سان ٽڪرائجي هن ڌڪ نه کاڌو.

هن مضمون لکڻ مهل مون پنهنجي ڀاءُ پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش بڪڪ کان شاهه محمد بڪڪ جي شڪل ۽ شبيهه بابت معلومات وٺڻ چاهي ته کلي ٻڌايائين ته، ”جڏهن فلم ديدار ۾ دليپ ڪمار کي انڌي جي ڪردار ۾  ڏٺم ته مون کي شاهو ڏاڍو ياد آيو. بلڪل ائين ئي هو شاهو. ائين ئي ڪنڌ ٻيڻو ڪري سِسي (مٿو) نمائي، آهستي ڳالهائڻ جو انداز، ائين ئي هلڻ... لڳم ته دليپ ڪمار شاهوءَ کي ڏسي اهو ڪردار ڪيو آهي. يعني فلم ديدار ۾ دليپ ڪمار جي هر ادا ۾ مون کي شاهو نظر آيو.“

ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سندس وڄايل نڙ جي ڪابه ريڪارڊنگ ريڊيو تي موجود ناهي. چيو وڃي ٿو ته ان لاءِ پاڻ منع ڪئي هئائين. جيڪو سچ به ٿي سگهي ٿو. ڇو جو هن پنهنجي قوم، ’بڪڪ‘ جي سامهون ڪڏهن به ’وڄائڻ‘ واري جي روپ ۾ پاڻ کي آڻڻ پسند نه ٿي ڪيو. هن ڪڏهن به پنهنجي قوم (بڪڪ) وارن جي اڳيان نڙ نه وڄايو هو.

ڪراچيءَ ۾ ڪنهن نجي محفل ۾ کيس پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻو هو. هن محفل ۾ شريڪ ٿيندڙن جا نالا پڇيا. جن ۾ حاجي مريد خان بڪڪ جو نالو به کيس ٻڌايو ويو. نالو ٻڌي هن نڙ وڄائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ جڏهن سندس ملاقات حاجي مريد خان بڪڪ سان ٿي ته هن چيو، ”اتي جي مان نڙ وڄايان ته آئون به ڦڪو (شرمندو) ٿيان ۽ اوهان به...“ اهڙو ئي هو روايتن جو پابند نابين شاهه محمد بڪڪ.

ان جي باوجود به انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو منطق ڪونهي ته ريڊيو وارا سندس ڪوبه آئٽم محفوظ نه ڪن. اهو ته ريڊيو جو پنهنجو اصول هئڻ گهرجي ته ڪنهن به عظيم شيءِ کي هو محفوظ رکن، جيڪو سندن فرضن ۾ شامل آهي.

شڪر آهي ته ڪن ريڪارڊن ۾ سندس وڄايل نڙ موجود آهي، جن ۾ استاد محمد ابراهيم جا ڳايل ڪلام

1-منهنجي ٻاروچل کي ٻاجهه پوي، آهيان ڏونگر ڏوري الا

2- لڳي لاهوتين سين الا، جوڳي من ۾ مچ مچائي ويا.

استاد محمد ابراهيم ته ڄڻ سندس عاشق هو. هڪ شاديءَ جي محفل ۾، جڏهن شاهه محمد بڪڪ گذاري ويو هو ته هن روئندي چيو هو ته، ”واهه واهه سبحان الله، شاهه محمد نابينا جهيڙو عظيم فنڪار هاڻي پيدا نه ٿيندو. آئون سندس نڙ بناڄڻ اڌورو آهيان. محفلن ۾ مون سان اهو ئي ساٿ ڏيندو هو.“

شاهه محمد بڪڪ انهيءَ ئي رمز ۾ بيمار ٿيو. ائين ئي سنڌي فنڪارن سان روايتي اڻ پڇائيءَ واري حالت ۾ ميرپور بٺوري جي هڪ عام اسپتال ۾ 5 مئي 1957ع تي گذاري ويو. مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن به ائين ئي غربت ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ گذاري ويو هو.

انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اهو آٿت ضرور آهي ته، رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد کيس زبردست مڃتا ڏئي ويو! سندس قبر تي مقبرو بنائي، پاڻ اتي وڃي سندس ميڙو لڳائي کيس امرتا بخشي ويو.

جن جون سيڻ لهن سارون، تن تان ڏکندو ڏور ٿئي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته، ”جنهن وٽ گهٽ آهي اهو نه پر جيڪو گهڻي جو حرص رکي ٿو اهو غريب آهي.“

واقعي به شاهه محمد بڪڪ کي محفلن ۾ انعامن جي صورت ۾  الائي ڪيترو ملندو هو، جيڪو هو پاڻ سان گڏ هلندڙ لنگهن ۽ ٻين غريبن ۾ ورهائي هٿ سکڻا ڪري اٿي ويندو هو.

جبل جي عظيم پٽ نابين شاهه محمد بڪڪ کي ڀيٽا ڏيندي آئون، هڪ جبل واسيءَ جي حيثيت ۾ ڏاڍو فخر ۽ خوشي محسوس ڪري رهي آهيان.

ڳجهه پنهنجي ڳجهه سين، رند رساڻي لاءِ

اجل اڀو آهه، پٺيءَ تو پلاڻيو.

(شاهه رح)

ڪوهستان جي مدر ٽريسا

ماسي مهران بڪڪ (زهرياڻي)

جبل کي ورهه ٿيا ڇڏي ڪراچيءَ ۾ تڏهن آئي جڏهن سندس شادي ٿي هئي. پوءِ به جبل سان سندس ناتو جڙيل رهيو. اچڻ وڃڻ، ڏيڻ وٺڻ ۽ آڻڻ نيئڻ سڀ ئي سلسلا هلندڙ هئا.

شڪل شبيهه جي هوءَ سنجيده، سوبر ۽ رعب دار هئي. منهنجو وڏو ادا قادر بخش بڪڪ کيس ’مهاراڻي وڪٽوريه‘چوندو هو، هوءَ واقعي به مهاراڻي وڪٽوريه سان نهايت گهڻي مشابهت رکندي هئي.

هوءَ ٻاجهاري ۽ ڪَندل (ڪرڻ واري) هئي. هر ڪنهن جو خيال رکڻ، کارائڻ پيارڻ، ڌوتي سيتي ڪرڻ، ڳَنڍَ سَنڍَ ۽ چِير اَوٽي، سڀ جو مَڏالو (ذميداري) مٿي تي هوندو هيس.

جبل مان ڪو اگهو سگهو ايندو هو ته به وٽس اچي رهندو ۽ ٽڪندو هو. رڌي پچائي عزت سان اڳيان رکندي هئي. دوا دارو، حڪيم ڊاڪٽر، پير فقير سڀني ڏانهن پئي آڻيندي نيندي هئي.

رڌڻ پچائڻ جي به وڏي سَراز (ماهر) هئي. سائو مرچ به جي، آمريءَ پِچو ۽ ڪڻو لوڻ جو انبوري، گهه ذرو ڪڻڇي ۾ وجهي تريائين ته ماڻهو آڱريون چٽي ويهي رهي.

جبل ۾  جڏهن ڪنواري هوندي مائٽن جي گهر ۾ هئي ته به سندس رڌيل پچايل کاڌو مشهور هو. چون ٿا ته ڪنهن ڏڪار مهل وٽن ڪو مهمان آيو ته ماني رُکي هئي (بنا ٻوڙ جي)، جيڪا مهمان جي اڳيان نه ٿي رکي سگهيا. ڳولڻ سان کيس گهر ۾ پيل هڪ ٻه پراڻيون سُسيل، سُڪل موريون هٿ آيون. ماءُ چيس، ”هيءَ ڪهڙي ٿي خواري ڪرين؟ مهمان کي ماني ۽ جهڻ (لسي) جو ڪٽورو ڏبو بس!“ هن نه مڃيو، ڇا ڪيائين جو اهي سڪل موريون ڌوئي پوئي، پتيلي ۾ پاڻي چاڙهي. ان ۾ سڄيون موريون وجهي ڇڏيائين. جڏهن اهي نرم ۽ ڪونئريون ٿيون ته پاڻي مان ڪڍي، ڇِلي، کُري، ڪُٽي رکيائين. سڄا ڳاڙها مرچ، سڪل ٿوم، ذرو بصر اکريءَ ۾ ڪٽي پَتيلي ۾ گهه وجهي، ان ۾ مصالحو وجهي ڀُڃي ان ۾ ٻاڦيل ڪٽيل موريون وجهي، ڀُڃي ڀُڃي ذرو لوڻ ۽ ٿوري دهي وجهي دم تي رکي ڇڏيائين.

ٿوري دير کان پوءِ پتيلي جو ڍڪ لاٿائين ته خوشبوءَ مان سڄو گهر واسجي ويو. ڄڻ فائيو اسٽار هوٽل جي ڪا اسپيشل ڊش هجي. مهمان ته کائي چريو ٿيو. پر سندس گهر وارا به جيڪي سندس سوادي کاڌي کائڻ جا رهيگ (عادي) هئا. اهي به ڏڪار ۾ اهڙي سٺي ٻوڙ (ٻوڙ=جبل ۾ مونث آهي.) کائي خوش ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org