سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:16 

سراج الحق ميمڻ: جديد سنڌي صحافت جو باني

محمد خان سيال

جديد سنڌي صحافت جي باني، ٻوليءَ جي ماهر ۽ دانشور سراج الحق ميمڻ جي وڇوڙي سنڌي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ڀرڻ ڪو سولو ڪم ناهي!

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، مئي 1972ع کان ’هلال پاڪستان‘ اخبار جو ڪراچيءَ وارو ايڊيشن شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ايڊيٽر مقرر ڪرڻ جو ڪم، سينيٽر قمرالزمان شاهه جي حوالي ڪيو ويو، جنهن وري سراج الحق ميمڻ کي اهو ڪم سونپيو، جنهن پڻ ايڊيٽر جي ڳولا ڪئي، پر صحافت جو تجربو رکندڙ ڪو اهڙو ماڻهو راضي ڪونه ٿيو. آخر قمرالزمان شاهه سراج الحق ميمڻ کي چيو ته توهان ايڊيٽر ٿيو، جنهن تي هن شروع ۾ هٻڪ کان ڪم ورتو ۽ چيائين ته کيس صحافت جو تجربو ڪونهي، پر قمرالزمان شاهه جي زور ڀرڻ تي ايڊيٽر ٿيو ۽ اهڙو ذڪر سراج پنهنجي هڪ مضمون ۾ به ڪيو هو. هلال پاڪستان، ڪورٽ ويو بلڊنگ (پراڻي بئنڪ آف انڊيا بلڊنگ) بندر روڊ کان نڪتي، جيڪا ان وقت جي هڪ معياري اخبار هئي ۽ ڏسندي ڏسندي ماڻهن ۾ مقبول ٿيندي وئي. اخبار ڪراچيءَ کان ته نڪتي، پر سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ دير سان پهچڻ جي باوجود، ان اخبار جو ايڊيٽوريل پيج ئي هو، جنهن ۾ نهايت ئي معياري مضمون ڇپجندا هئا. ان ۾ ايڊيٽوريل کان سواءِ مضمون، پراڻي صحافي عبدالڪريم سعديءَ جو ڪالم ’جهاتيون‘، امر جليل جو ڪالم ’تنهنجون منهنجون ڳالهيون‘ به شامل هئا. انهيءَ صفحي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي تقريرن جا متن، بين الاقوامي مخزنن، نيوز ويڪ ۽ ٽائيمس تان کنيل آرٽيڪل، ترجمي سان شايع ٿيندا هئا. انهيءَ کان سواءِ وڏن ليکڪن جا آرٽيڪل وقت به وقت ايندا رهندا هئا. سراج صاحب هر آچر ڏينهن پاڻ انگريزيءَ ۾ به ايڊيٽوريل لکندو هو ۽ سنڌي اخبارن ۾ باقاعدگيءَ سان انگريزي ايڊيٽوريل لکڻ جو رواج هن وڌو.

سراج الحق رات جو دير تائين آفيس ۾ ويهي پاڻ ڪم ڪندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته هر مضمون هو خود پاس ڪري. جڏهن ته ڪنهن تڪراري خبر جي باري ۾ اسان کانئس ڪليئرنس وٺندا هئاسين ۽ آخر ۾ ڇپجڻ کان اڳ ڪاپي پاڻ ڏسندو هو ۽ ڪا اختلافي خبر هوندي هئي ته ڪڍرائي ڇڏيندو هو. اخبار جڏهن شايع ٿيندي هئي، ته ٻئي ڏينهن ان جو تنقيدي جائزو وٺي، غلطيون ٻڌائيندو هو.

اخبار ۾ چار شعبا هئا، جن ۾ صبح جي شفٽ جو انچارج منظور قريشي، شام واري شفٽ جو انچارج محمود يوسفاڻي، ڪمپوزنگ سيڪشن جو انچارج محمد يونس ۽ سرڪيوليشن جو انچارج اشوڪ گنگواڻي هو. سراج الحق هڪ ڀيري لکيو هو ته ”جڏهن ڪراچيءَ کان سنڌي اخبار ڪڍڻ جي باري ۾ هو يونس (فورمين) سان مليو هو ۽ کيس سنڌي اخبار ڪڍڻ جي باري ۾ ٻڌايائين ته هُن هيٺان کان مٿي تائين کيس ڏٺو ۽ پوءِ چيائين ته ”چريو ته نه ٿيو آهين.“ بهرحال سراج الحق اهو به لکيو هو ته يونس ڪڏهن ڪڏهن کيس دڙڪا به ڏيندو هو. هلال پاڪستان مئي 1972ع کان نڪتي ته تن ڏينهن ۾ مان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ سنڌي نيوز ٽرانسليٽر طور ڪم ڪندو هوس ۽ اسان جو ساٿي عبدالمنان عاقلاڻي ميمڻ مون کي به هلال پاڪستان ۾ وٺي ويو، جتي اسان ٻئي سب ايڊيٽر هئاسين. اها هڪ تاريخي حقيقيت آهي ته هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي نڪرڻ کان اڳ سنڌي اخبارون، اردو اخبارن جو مڪمل چرٻو نڪرنديون هيون، جنهن جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته تن ڏينهن ۾ رات واري شفٽ جي انچارج لکيو ته ”جهاز کي ماري ڪيرايو ويو“. اردو خبر جو هُوبهو ترجمو هو، جيڪا هئي: ”جهاز ڪو مارگراديا“. مون انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو ڪم ڪيو ۽ منهنجو ٻانهن ٻيلي عبدالمنان ميمڻ ٿيو. گهڻو وقت پوءِ انور پيرزادو، هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر ٿي آيو ۽ سندس چواڻي صحافت ۾ اهو سندس پهريون ڏينهن هو، تنهن پڻ انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪئي.

ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان ٽيليويزن جي ڪراچي سينٽر ۾ اعجاز عليم عقيلي (جنرل مئنيجر پي ٽي وي نيشنل) جي آفيس ۾ مان عقيلي صاحب ۽ جي اين مغل (جيڪو تن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان ۾ اسٽاف رپورٽر ۽ هن وقت عوامي آواز جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر آهي)، تنهن اعجاز عقيليءَ کي چيو ته اڳ سنڌي اخبارون اردو اخبارن جو مڪمل چرٻو نڪرنديون هيون ۽ مون هلال پاڪستان ۾ اچي سنڌي صحافت کي ان کان ڇوٽڪارو ڏياريو، تنهنڪري منهنجي اها خدمت ڪٿي نه ڪٿي رڪارڊ ٿيڻ گهرجي. حقيقت ۾ هلال پاڪستان جو اهو وڏو ڪارنامو، ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ کان سواءِ ممڪن نه هو.

روزاني هلال پاڪستان ۾ هر دوست جذبي تحت ڪم ڪندو هو ته جيئن اخبار کي ڪامياب ڪجي، جنهن جو هڪ مکيه سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪراچيءَ کان سنڌي اخبار گهڻي وقت کان پوءِ نڪتي هئي ۽ ڪيترا ماڻهو اضافي ڪم به رضاڪاراڻي طور ڪندا هئا. مثال: تن ڏينهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ريڊيو خبرن جي مانيٽرنگ ٿيندي هئي. سا آءٌ ڪنهن به اضافي اجوري کان سواءِ ڪندو هوس جڏهن ته اردو اخبار ۾ مانيٽرنگ لاءِ الڳ ملازم رکيل هوندو آهي.

اسان اخبار جي آخري ڪاپي رات جو بي بي سيءَ جون هڪ بجي واريون انگريزي خبرون ٻڌي پوءِ ڇپائيءَ لاءِ موڪليندا هئاسين. ڇپائي تن ڏينهن ۾ ’مشرق‘ پريس ۾ ٿيندي هئي ۽ اخبار سان شامل مخزن به باقائدگيءَ سان نڪرندي هئي، جن جي ڇپائي شاندار هوندي هئي.

هلال پاڪستان جيڪي سنڌي صحافت ۾ لاڙا رائج ڪيا. تن ۾ ’انويسٽيگيٽنگ رپورٽنگ‘ به شامل هئي. تن ڏينهن ۾ اسان جو فوٽوگرافر ظفر احمد هو، جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ننڍڙي قد ۽ ڦڙتيلي هئڻ سبب ويٽڪانگ سڏيندو هو. تن ڏينهن ۾ ويٽڪانگ گوريلا ويٽنام ۾ آمريڪي هاٿيءَ کي ڊاهڻ ۾ رُڌل هئا، جن آخرڪار سال 76-1975ع ۾ آمريڪي فوجن کي ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ظفر احمد ۾ اها خوبي هئي ته هو نه رڳو فوٽو بهتر ڪڍندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن ان سان خبر به پاڻ لکندو هو ته اها به جامع هوندي هئي. هڪ ڀيري ڪراچي پورٽ ۾ اناج جون هزارين ڳوڻيون کلئي آسمان هيٺان سڙي رهيون هيون، سو ظفر احمد کي موڪليائين، جيڪو مال گاڏيءَ جي دٻي ۾ لڪي ويو ۽ فوٽو ڪڍي آيو ۽ پوءِ تصويرن سان ساري خبر، اخبار جي پهرئين صفحي تي شايع ٿي. حيدرآباد شهر جي ٻاهران ڪولهين لاءِ شهيد ڀٽي خاص طور پڪا گهر ٺهرايا هئا، جن جي ڀتين ۾ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڏار پئجي ويا. سا خبر هلال پاڪستان ۾ ڇپي، جنهن تي تن ڏينهن ۾ مڪاني ادارن وارو وزير ڄام صادق علي مڇرجي پيو ۽ پرپُٺ کين گهٽ وڌ ڳالهائيندي رهندو هو، جنهن جو مان پاڻ به ذاتي طرح گواهه آهيان.

هڪ ڀيري کاڌ خوراڪ واري صوبائي وزير بشير احمد شاهه (ٺٽي واري) جي باري ۾ تفصيلي خبر شايع ڪيائين ته ٻوڏ ستايلن ۾ امدادي سامان ڪونه ورهايو ويو ۽ الڳ فوٽو سيشن ڪيو ويو هو. تن ڏينهن ۾ وزيرن خلاف اهڙي خبر شايع ڪرڻ وڏي ڳالهه هئي!

ڪراچي شهر مان ورهاڱي کان اڳ ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون نڪرنديون هيون، سي بعد ۾ بند ٿي ويون ۽ روزاني الوحيد اخبار، جنهن پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو، سا پڻ 1994ع ڌاري بند ٿي وئي.

ٻه سنڌي اخبارون ’نواءِ سنڌ‘، جيڪا اڳوڻي وڏي وزير خان بهادر ايوب کهڙي جي هئي ۽ ٻي اخبار ’روزاني مهراڻ‘ پير پاڳاري جي هئي. سي 1963ع ڌاري ڪراچيءَ کان شفٽ ٿي حيدرآباد هليون ويون ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪا به سنڌي روزاني اخبار نه رهي. البت مولانا دين محمد وفائيءَ جي فرزند علي نواز وفائي مرحوم جي هفتيوار اخبار ’آزاد‘ پاڪستان چوڪ کان نڪرندي هئي. جڏهن ته ايڪڙ ٻيڪڙ مخزن ۽ ڪتابي سلسلا ڪڏهن ڪڏهن ڪراچيءَ کان شايع ٿيندا رهيا. جيڪي نه هئڻ جي برابر هئا.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زوردار مطالبي تي ڪراچيءَ کي سنڌ کان ٻيهر شامل ڪرڻ کان پوءِ، ان کي سنڌ جي گاديءَ وارو شهر بڻايو ويو، جنهن ڪري ڪراچي توڙي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ سنڌين ۾ جان پئجي وئي ۽ هنن ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو، نه ته امر جليل ڪنهن هنڌ لکيو هو ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن ٻه سنڌي پاڻ ۾ ملندا آهن ته ڪيتري دير تائين هڪ ٻئي کي ڏسندا رهندا آهن. نئين صورتحال ۾ هلال پاڪستان جو ڪراچيءَ وارو ايڊيشن نڪرڻ وڏي ڳالهه هئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ روزاني هلال پاڪستان معياري صحافت پيش ڪري پاڻ ملهايو ۽ سنڌين ۾ احساس پيدا ٿيو ته سنڌي صحافت اردو اخبارن جي چرٻي جو نالو ناهي، پر انهن جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو.

سراج الحق بنيادي طور اديب هو ۽ صحافي نه هو، تنهنڪري سندس ايڊيٽوريل ۾ ادبي رنگ وڌيڪ هوندو هو. جيتوڻيڪ اُهي صحافتي انداز ۾ نه هئا، پر انهن ۾ جاندار دليل ڏنل هوندا هئا، جن کي نظرانداز ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو.

سراج الحق ڪميشن ذريعي انڪم ٽيڪس آڦيسر بڻيو هو ۽ جنرل يحيٰ خان، جن 303 بيوروڪريٽس کي الزامن هيٺ ملازمت کان ڪڍيو هو، تن ۾ سراج الحق ميمڻ جو به نالو هو. جنهن اڳتي هلي انڪم ٽيڪس پريڪٽيشنر طور پرائيويٽ ڪم ڪيو. بهرحال ڪجهه دوستن کي اها شڪايت رهي ته اخبار ۾ سراج الحق جو بيوروڪريٽس وارو رويو رهيو ۽ ملازمن کي يونين ٺاهڻ ۽ پنهنجا حق وٺڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي.

مون فيبروري 1977ع ۾ هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي، پي.آءِ.اي جي پي.آر.او جي نوڪري ڪئي ته منهنجي استعيفا قبول نه ڪيائين ۽ چيائين ته اوهان جهڙا ماڻهو به سنڌي صحافت کي ڇڏي ڏيندا ته باقي ڇا بچندو؟ بعد ۾ پي.آءِ.اي جي جنرل مئنيجر پبلڪ رليشن صلاح الدين صديقيءَ مون کي ذاتي طور ٻڌايو هو ته سراج الحق جي ڪوشش هئي ته مان سنڌي صحافت ۾ رهان، اُن کي نه ڇڏيان. بعد ۾ اسان جي ساٿي جي. اين. مغل مون کي ٻڌايو ته جڏهن کيس سرڪاري نوڪري ملي ته سراج الحق ميمڻ سندس استعيفا به قبول نه ڪئي ۽ چيو هو ته اوهان جهڙن نوجوانن جي سنڌي صحافت کي وڌيڪ ضرورت آهي. شايد هُن چاهيو ٿي ته نوجوان سنڌي صحافت ۾ رهن.

جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ’سنڌ ٿرو سينچريز‘ (’سنڌ صدين کان‘) ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي سيمينار ڪرايو ته انهيءَ لاءِ سوينئر ڪاميٽي ٺهي، تنهن ۾ سراج الحق ميمڻ جو به نالو هو. جڏهن ته انهيءَ موقعي تي روزاني هلال پاڪستان ڪراچي تاريخي ايڊيشن ڪڍيو هو.

سراج الحق ميمڻ، جيڪو ’س. م. لاهوتي‘ جي نالي سان اخبار ۾ ڪالم لکندو هو، تنهن سنڌي ٻوليءَ کي رومن رسم الخط ۾ لکڻ جي به مهم هلائي هئي، پر ان کي ڪا گهڻي موٽ ڪانه ملي.

مختصر ته سراج الحق ميمڻ کي جديد سنڌي صحافت جو باني ڪوٺي سگهجي ٿو ۽ سندس صحافتي خدمتن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.

 

سراج ۽ هلال پاڪستان

اسلم آزاد

فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو،

ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سِر سَڀڪهين!

مهربان ساٿيو، اڄ هتي اسان سنڌ جي اهڙي عاشق کي ڀيٽا ۽ مڃتا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جنهن جي شخصيت جا مختلف روپ آهن. هتي منهنجو مقصد سراج صاحب جي ’صحافتي روپ‘ تي ڳالهائڻ آهي، جنهن کي ’جديد سنڌي صحافت جو ابو‘ يا ’باني‘ چئي سگهجي ٿو.

اپريل 1972ع ۾ جڏهن آءٌ ۽ منهنجو سينئر ساٿي محمود يوسفاڻي، ڪراچيءَ ۾ سراج صاحب سان ملياسين ته ان وقت جي هلال پاڪستان آفيس، بنيادن کانسواءِ هئي. ان ڏکئي دور ۾ سراج، اخبار کي ڪهڙيءَ طرح نڀايو، ان جو آءٌ ته اکين ڏٺو شاهد آهيان. سراج صاحب جي پهرين صفت مون اها ڏٺي ته هو عارفن وانگر هُنر جو ڳولائو ۽ عيبن کي نظرانداز ڪندڙ هو. اخبار جي اشاعت کان پوءِ پهريون بحران، اسان تي ان دور ۾ ٿيندڙ هنگاما هئا، جيڪي ٻوليءَ واري بِل جي آڙ ۾ سنڌ تي ٿاڦيا ويا هئا؛ ايتريقدر جو ٻه ڏينهن اسان کي اخبار بند ڪرڻي پئي هئي. سندس انسان دوستيءَ جو پهريون مثال مون اهو ڏٺو ته جڏهن هنگامن جي ڪري اسٽاف نه آيو ته آفيس مان نڪرڻ وقت سراج صاحب مون کي ۽ منان ميمڻ کي پاڻ سان گڏ کنيو ۽ مون کي پنهنجي گهر ۾ ڀاتين وانگر رهايائين. ان دور ۾ سراج صاحب سان بيشمار ساٿي موجود هئا ۽ هر ساٿي پنهنجي وِت آهر ڪم ڪندو هو. مون اچڻ سان ئي ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ۽ پريس ڪلب وارن سان رابطو ڪيو ته هنن اسان کي ’ٽريڊ يونين نيٽ ورڪ‘ ۾ اچڻ لاءِ چيو ۽ ’هلال پاڪستان‘ ۾ ’ڪي. يو. جي يونٽ‘ ٺهيو، جنهن جو چيف دستگير ڀٽي هو. ان کان پوءِ ’هلال پاڪستان ايمپلائيز يونين‘ به ٺهي، پر رواجي اخبار مالڪن وانگر سراج صاحب اسان جي ٽريڊ يونين سرگرمين تي ڪوبه اعتراض نه ڪيو، ڇوته هو پاڻ صحافي ۽ پريس ورڪر به رهيو هو.

1972ع ۾ ئي سراج صاحب کي مون عرض ڪيو ته ’ويج بورڊ ايوارڊ‘ مطابق عهدا ۽ پگهارون ڏيڻ گهرجن، جنهن تي مون کي چيائون ته ’جنگ‘ ۽ ’ڊان‘ وارن کان معلومات وٺي ڏي. مون کين اُهي تفصيل ڏنا ته اسٽاف کي ’ويج بورڊ‘ مطابق پگهارون ملڻ لڳيون. اهو سراج صاحب جو وڏو ڪارنامو هو ته ڪا سنڌي اخبار، ڪراچيءَ جي اخباري ملازمن جيتري پگهار، پنهنجي اسٽاف کي ڏئي.

سنڌي صحافت ۾ سراج صاحب جو ٻيو وڏو ڪارنامو اسٽاف کي بونس ڏيڻ هو. اخبار جي ٻي سالگرهه تي اسان کي ٻه بونس، ٽين سالگره تي ٽي بونس ۽ چوٿين سالگره تي چار بونس مليا. سرڪيوليشن جي محاذ تي به هن وڏا قدم کنيا ۽ سليمان برادرز جهڙي معروف ڊسٽري بيوٽرز کي ڇڏي، اخبار ٻن هاڪر ڀائرن کي ڏنائين، جن جو ادارو ’مشتاق نيوز ايجنسي‘، اڄ اخباري دنيا ۾ هڪ وڏو نالو آهي. مارڪيٽنگ جي فيلڊ ۾ به، پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت هجڻ جي باوجود مسئلا هئا، پر سراج صاحب هن محاذ تي به ايئن وڙهيو، جو اخبار بونس ڏيڻ لڳي. اخبار لاءِ پنهنجي پريس جو تصور به شروعاتي ٻن سالن اندر پورو ٿيو ۽ جديد ترين ’چار ڪلر يونٽ‘ واري پريس اسان کي ملي وئي. ان زماني ۾ سراج صاحب ذاتي طور اخبار ۾ صبح ڏهين يارهين کان ٽين بجي تائين ۽ رات جو نائين کان هڪ بجي ڪاپي پريس ڏانهن وڃڻ تائين ويهندو هو؛ پر هن ڪڏهن به ڪنهن جي پروفيشنل ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي. ’عبرت‘ اخبار ۾ هجڻ تائين مون کي ياد آهي ته چاليهه کن صفحن جو ايڊيشن ايوبي دور جا ڏهه سال پورا ٿيڻ تي ’عبرت‘ شايع ڪيو هو، پر ’هلال پاڪستان‘ جا سراج صاحب 60 کان 100 صفحن تائين جا ايڊيشن به ڪڍيا.

سندن ڪاوشن ۾ ”سنڌ ٿُرو سينچريز“ سيمينار به شامل آهي. اُن موقعي تي هلال جو ايڊيشن اسان لاءِ مسئلو بنجي ويو هو. ان جي ٽائيٽل تي موهن جو دڙو، قديم ڏاند ۽ ڪِنگ پريسٽ ۽ قرآن پاڪ رحل سميت موجود هئا ۽ آرٽسٽ ارشاد ’راهي‘ سراج صاحب جي اُن تخيل کي فن جو روپ ڏنو ته سنڌ ڌرتي پنج هزار سالن جي تهذيب ۽ پوءِ اسلام جي اچڻ جو پرتوو آهي. رجعت پرستن ان ايڊيشن تي هنگامو کڙو ڪري ڇڏيو ته ڏاند جي هيٺان پاڪ ڪتاب ڇو ڇاپيو ويو. بهرحال ان مسئلي کي به سراج صاحب پنهنجي زماني شناسيءَ ۽ تجربي سان ٽاري ڇڏيو. سراج صاحب لاءِ ڪجهه مسئلا آءٌ به پيدا ڪندو هيس، پر هن شخص بيشمار موقعن تي منهنجي ملازمت کي بچايو ۽ پاڻ تي الزام کڻي ويو. انور پيرزادي جي مشوري تي مون موڪل جي اعلان ۾ ”شب برات“ کي ”ڦٽاڪن واري عيد“ لکيو ته مولوي صاحبان جو اسلام وري خطري ۾ پئجي ويو. ڳالهه ان وقت جي وزير مذهبي معاملا مولانا ڪوثر نيازيءَ تائين پهتي، جنهن سراج سان ڳالهايو. موٽ ۾ سراج صاحب مون کي هڪ ميمو ڏنو، جنهن ۾ پاڻ لکيائون ته: ”مذهبي معاملن ۾ ڇڙواڳي برداشت نٿي ڪري سگهجي“. بهرحال يادگيرين جو سلسلو وسيع آهي، جن کي آءٌ سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ آهيان.

سراج ’مجسمِ سنڌ‘ ۽ ڪراچي ’جانِ سنڌ‘

تاج جويو

02 فيبروري 2013ع تي، صبح جو 08.58.40 وڳي، ڊاڪٽر فهميده حسين جو موبائيل تي ’ميسيج‘ (msg) پهتو: ”ادا سِراج هليو ويو، اسان کي يتيم ڪري!“ ميسيج پڙهي مون کان ’رڙ‘ نڪري وئي، ”الا! اڄ نه رڳو سراج جو خاندان، پر سڄيءَ سنڌ جي دانش يتيم ٿي وئي!“ هڪدم امداد ڊرائيور کي فون ڪيم. اڪثر موڪلن وارن ڏينهن تي ڊرائيور فون نه کڻندا آهن، پر اڄ امداد فون کڻي ورتي. هو حيدرآباد شهر کان پرڀرو، ڪِرڙ سولنگيءَ جي ڳوٺ ۾ باءِ پاس سان لڳولڳ رهندو آهي. کيس چيم ته رڪشا ڪري آفيس ۾ تُرت پهچي وڃي، ڏهين وڳي ڪراچيءَ پُڄڻو آهي، جو سراج صاحب گُذاري ويو آهي. ڪجهه دوستن کي به موبائيل تي هن المناڪ واقعي جو ’ڄاڻُ‘ ڏنم. سيد قلندر شاهه لڪياري، محمد عثمان ميمڻ، مدد علي سنڌي ۽ زاهد اوٺي فون تي پڇا ڪئي ته ڪراچيءَ لاءِ ڪيڏي مهل نڪرندؤ؟ مون کين ’ڏهين‘ وڳي جو ٻڌايو، ۽ خود رڪشا تي آفيس پهتس. امداد ۽ سڀ همراهه ڏهين بجي تائين پُڄي ويا. هڪدم ڪراچيءَ روانيا ٿياسون. واٽ تي مختلف چئنلن- آواز، سنڌ، مهراڻ ۽ ڪي.ٽي.اين جي نمائندن، سراج صاحب بابت تعزيتي تاثرات وٺڻ شروع ڪيا. نوري آباد مس ڪراس ڪئي هونديسون ته سن مان منهنجي ڀائيٽي مارئيءَ جون فون آيو. سندس روئڻهارڪو آواز ٻڌي، هڪدم چيم: ’ڇو بابا‘، ڇا ٿيو؟‘ هڪ سيڪنڊ جي خاموشيءَ ۽ سُڏڪن گاڏڙ لفظن ۾ چيائين: ’چاچا! توهان؟..... چئنل تي اوهان لاءِ پٽي پئي هلي....“ ”ڇا بابت؟“ ”... ته توهان گذاري.....“ هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي. اِئين ڪراچي تائين ڏهاڪو کن دوستن جا به فون آيا ۽ هڪ دوست ٻڌايو ته اوهان جي فيس بُڪ تي به اوهان بابت فوٽوءَ سان ’ڄاڻُ‘ ڏنو ويو آهي‘. ڏاڍي حيرت ٿي ته جنهن چئنل، سڀ کان اڳ سراج صاحب بابت مون کان تعزيتي تاثرات ورتا هئا، اُن تي ئي منهنجيءَ وفات جي پٽي پئي هلي! هڪدم شوڪت چاچڙ ۽ تولارام سوٽهڙ سان موبائيل تي رابطو ڪيم ته آفيس وڃي منهنجي ’فيس بڪ‘ تان منهنجي موت جي خبر هٽائي. سراج صاحب بابت ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ستين جلد لاءِ ڪمپوز ڪيل پروفائيل رکي ڇڏين، هُنن ائين ئي ڪيو، تڏهن وڃي دوستن يارن جي فونن ۾ گهٽتائي آئي. مون سوچيو: ’هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو؟ آءٌ جيئرو آهيان ۽ سراج صاحب هُن پار اُسهي ويو آهي! ڇا اِئين ته نه آهي ته سراجُ اسان سڀني کي زندگي بخشي، پاڻ پَرلوڪ پڌاري ويو!‘

 ها، اها حقيقت آهي ته قومن جا سچا اديبَ، پنهنجي زندگين جي ڀيٽا ڏئي، وطن ۽ قوم کي جياري ويندا آهن، جاودان زندگي بخشي ويندا آهن. سنڌ جي سچن اديبن ۽ شاعرن به هميشه اهو ئي پيغام ڏنو آهي:

’سنڌڙي رهي، اسان نه رهياسين ته ڇا ٿيو؟‘

             - رشيد ڀٽي

’جو قوم جياري، اُهو جيئندو رهندو،

جو عامُ اُجاري، اُهو جيئندو رهندو؛

مون کي تاريخ ۽ تقديرَ ڏني پڪ آهي،

جو سِنڌ سنواري، اُهو جيئندو رهندو!

- اُستاد بخاري

اُن ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن ته ’سراج‘، ’سنڌ- سنوار‘ ۽ ’قوم- اُجار‘ اديب ۽ دانشور هو. هن جي سوچَ، قلمَ ۽ عملَ ۾ سنڌ جو ’اوجل آئيندو‘ هو. هن جا سپنا ۽ هن جون ساڀيائون، سنڌ سان ئي واڳيل هيون. هن جا آدرشَ ۽ هن جون محبتون: جَديد، حسين، ترقي پذير، خوشحال ۽ هر ڦرلٽ کان آجي، خودمختيار ۽ خُود اختيار سنڌ لاءِ هيون. هو ’مجسم سنڌ‘ هو. هن جو هر حوالو مڪمل هو. هو هڪ مڪمل ’انسان‘ هو. هڪ مڪمل پيءُ ۽ مڪمل ڀاءُ هو. مڪمل اديب ۽ دانشور هو؛ مڪمل ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار هو؛ مڪمل ناٽڪ نويس ۽ محقق هو؛ مڪمل ماهر- لسانيات ۽ قانوندان هو، مڪمل ايڊيٽر ۽ صحافي هو. پر هو انهن سمورن حوالن سان گڏ هڪ ’مڪمل شاعر‘ به هو، جنهن جي شايد ڪيترن کي خبر نه هجي، يا ڪن جي لاءِ هڪ انڪشاف هجي! هن ايڏي پختي، ايڏي جٽادار، ايڏي سگهاري ۽ ايڏي فڪري ۽ فني طور ڀرپور شاعري ڪئي آهي، جو هُو مشقِ سخن جاري رکي ها ته اياز کڻي نه به ٿئي ها، پر شمشير ۽ امدادَ جي جوڙَ جو شاعر ضرور ٿئي ها! اها منهنجي دعويٰ آهي، عقيدت نه آهي. شاعريءَ جا نقاد- سڳن آهوجا، الهداد ٻوهيو ۽ ذوالفقار راشدي زنده هجن ها ته اُهي مون سان ضرور اتفاق ڪن ها- ڀلا، سراج جي اُها ڪهڙي ادا ۽ خصوصيت هئي؛ اهو سراج جو ڪهڙو گڻ يا ڪهڙي صلاحيت هئي، جو علم ۽ ڄاڻ جو پروهت، محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي قرآن پريس تي پروف ڏسندڙَ، ويپيون ڪندڙَ ۽ ترجما ڪندڙَ، 19-20 سالن جي ڳڀرو جوانَ، بي.اي جي نوجوان شاگرد، سراج کي، ڇڪي ادبي بورڊ ۾ وٺي آيو- ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته هنن ٻنهي پورهيت اديبن، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ويهي، ’سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾، ڪيترو نه اڳڀرو ۽ پاڻڀرو ڪيو!

سراج جي ٻين سمورن حوالن تي، ’تعزيتي رفرنس‘ ۾ موجود ڏاها ۽ اديب ڳالهائيندا. پر آءٌ جيئن ته ڪنهن وقت شاعر هئس، ۽ شاعري اڃا به منهنجيءَ سرشت ۽ منهنجي رت ست ۾ سمايل آهي، اُن ڪري، آءٌ چاهيان ٿو ته آءٌ سراج جي شاعرَ واري رُخ تي ئي روشني وجهان.

مون کي سراج جي شاعريءَ جو بنهه ٿورڙو ذخيرو هٿ آيو آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:

1.      گيت، 5 عدد

2.     نظم، هڪ عدد

3.     آزاد نظم، 5 عدد

4.     سنگيت ناٽڪ، هڪ عدد (تند تنوار.... سُر ڀيرويءَ تي مبني آزاد نظم ۾)

5.     منظوم ترجما، 2 عدد

جهڙيءَ ريت، قاضي قاضن جا ’ست بيت‘ لڀي، ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب کيس اَساسي دور جو اهم شاعر قرار ڏنو هو- ۽ اڄ ’هيري ٺڪر‘ جي تحقيق کان پوءِ هُو نه رڳو سمن- ارغونن جي دور جو اهم، پر وڏو شاعر ثابت ٿي چڪو آهي. تهڙيءَ ريت سراج کي هنن ’ڏهن ٻارهن شعرن‘ جي بنياد تي پنهنجي دور جو ’اهم شاعر‘ سڏيندي، آءٌ ڪنهن به صورت ۾ گهٻراهٽ جو شڪار نه آهيان، باقي کيس ’وڏو شاعر‘ سڏڻ جي جسارت نه ٿو ڪري سگهان، ڇو ته ’نمبرن جي قطار‘ جا اُميدوارَ شاعر ڪٿي مون کي ’سنگسار‘ نه ڪري وجهن! آءٌ فقط ’مُٺ مان خرار جي خبر‘ پوڻ واري ڪسوٽيءَ ۽ تنقيد جي سِراڻ تي، سراج جي گيتن، نظم، آزاد نظمن ۽ سنگيت ناٽڪ جا ڪجهه ٽڪرا ۽ هڪ مڪمل ’آزاد نظم‘ هن محفل ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهران ٿو:

’گيت‘ جي وصف، ٻوليءَ ۽ احساسن کان، اوهان سڀ اديب، شاعر ۽ ادب دوست آگاهه آهيو، اُن ڪري، اُنهن رُخن تي قلم آرائي ڪرڻ بدران آءٌ صرف گيتن جا ڪجهه بند پيش ڪريان ٿو:

گيت (1):

ساٿـــي! باقـــي ٿـــــوري رات!

چانڊوڪي ڏس جهاتيون پايو،

دل کي وجهي ٿي گهايو گهايو،

ساهُه سُڪائي تنهنجي تات!

ساٿـــي! باقـــي ٿـــــوري رات!

تارا تنهنجي راهه ڏِسن ٿا،

ٿڪجي ٿڪجي نيٺ کِڙن ٿا،

شايـــد ٿيندي ائـيـن پـــرڀات!

ساٿـــي! باقـــي ٿـــــوري رات!

-  (ڇهن بندن مان ٻه بند)

 

گيت (2):

ذهن ۾ اُڀريا چنڊ ستارا-

ماڪ ڀري ڪا مُکڙي،

ڄڻ ته کِلي ڪُو مائي!

تنهنجي ياد جو آئي... مٺڙا!

مَن ڏُسڪيـو، آشا تــڙپـي-

آس جي شمع اُجهاڻي،

لُڇندي راتِ وهاڻي!

تنهنجي ياد جو آئي... مٺڙا!

- (ڇهن بندن مان ٻه بند)

گيت (3):

مُرڪ اُها جا ورهيه پُراڻي،

پنهنجي چپن تي کولين ڇو ٿي؟

منهنجي مُنهن ۾ هر هر، جاني!

پنهنجي پاڻ کي ڳولين ڇو ٿي؟

ياد ته هوندءِ...

پريتِ ڇني، تو ناتو ٽوڙي،

مون کان هو ڪئن پلئُه ڇڏايو!

مُنهنجي اکين جي هن ساگر ۾،

هاڻ ته ڪو به ڪنارو ناهي؛

پوءِ ڀلا هي تنهنجي اکين ۾،

طوفانن جو اِشارو ڇاهي؟

ياد ته هوندءِ...

نينهن نهوڙي، تو منهن موڙي،

مون کان هو ڪئن پلئه ڇڏايو!

- (چئن بندن مان پهريان ٻه بند)

مٿيان گيتن جا مختصر مثالَ پڙهي ۽ ٻڌي، ٻوليءَ، هيئت، احساسن، ڪيفيتن، ڏانءَ ۽ ڏات جي خيال کان ڪير چوندو ته سراج جا هي گيت بردي، تنويرَ، اُستاد ۽ امدادَ جي گيتن کان ڪي گهٽ معيار وارا گيت آهن!

هتي آءٌ سراج جي هڪ ئي خوبصورت  نظم ’ڪونج‘ جي ’مطلع‘

واريون ٻه سٽون ۽ هڪ بند نموني طور ڏيان ٿو، هي نظم هڪ مطلع، چئن بندن ۽ هڪ مقطع تي مشتمل آهي. نظم جي هيئت جو بنهه نئون انداز آهي، ته اُن جو وزن به بنهه مُترنم!

آڪاشَ جي بي انت سِياهين ۾ رُڳي رُڃَ،

تنهنجي ته اکين ۾ ٿي ازل کان ئي بَکي اُڃ،

او ڪونج، سندءِ رُوح سندي پياسَ ٻُجهي ڪيئن؟

ٿي رُوح کي ڀنڀلائي سندءِ درد ڀري لاتِ،

ڄڻ ياد جو پڙلاءُ، اُمنگن کي ڌُتاري-

’ڳولا‘ جي صنم خاني ۾ ڏُسڪي ٿي پئي راتِ،

ماحول به خاموش رهي لُڙڪ ٿو هاري؛

او ڪونج، سندءِ رُوح سندي پياسَ ٻُجهي ڪيئن؟

ڇا، هي نظم پڙهندي، اُن ۾ آبشار جهڙي رواني ۽ ترنم ۽ تاثر جي وحدت محسوس نه ٿي ٿئي؟ جي ها، ته ’فراق گورکپوريءَ‘ جي نظم لاءِ پيش ڪيل ڪسوٽيءَ تي هن نظم کي اَوس پرکي سگهي ٿو.

سراج جا، منهنجيءَ ‘Collection’ (ميڙيءَ چونڊيءَ) ۾ پنج آزاد نظم آهن: (1) ’پريم پارڪ ۾....‘، (2) ’ڪراچي‘، (3) ’بازگشت‘، (4) ’اندر سڀا‘ ۽ (5) ياد جا تابوت- جڏهن ته سنگيت ناٽڪ ’تند تنوار....‘ به آزاد نظم جي فارم ۽ هيئت تي لکيل آهي. هتي هڪ آزاد نظم بنا تبصري ۽ سنگيت ناٽڪ جو ٽڪرو پيش ڪرڻ کان پوءِ ’آزاد نظم‘: ’ڪراچي‘ جو مختصر جائزو پيش ڪندس:

پريم پارڪ ۾...! (آزاد نظم)

رات، آءٌ سوچيندو رهيس، چُپ چاپ،

- ڪيڏي عظمت آ چنڊ تارن ۾!

دل چيو ته پَر لڳائي اُڏامجي،

نِيلگون آسمانَ جي اڱڻ ۾،

چنڊ تارن سان گڏجي رقصُ ڪجي!

راتِ جي دلنواز دوشيزه،

جڏهن سنواري دراز زلفن کي؛

- مان، سحر جي شعاعِ نُور سان گڏجي،

گُل جي سيني ۾ جذب ٿي وڃان!

۽ پنهنجي ذِي حيات خوشبوءِ سان،

حسنِ تخليق کي بخشيان اهڙي سُڳنڌ،

جا منهنجي معصوم لُڙڪن سان واسجي،

ڪائنات جي عظيم وسعتن ۾،

زندگيءَ جي اُداس ويرانين کي،

- ڪا نئين حيات بخشي...!

- ۽ جيڪڏهن،

”هوءَ“، ڪٿي نظر جي سامهون،

رقص ڪندي ۽ مُرڪندي اچي،

- هُن جي نرم ۽ گَداز سيني ۾،

دائمي خوابُ بنجي سُمهي رهان!

پر هن ڪارِگاهه هستيءَ ۾،

ايڏي فُرصت ڪٿي، جو ڪو ڏسي سگهي،

- پنهنجي خُوابن جو هيءَ حسين تعبير!

ڪاري رات ۽ پريم پارڪ ۾،

آءٌ زندگيءَ جي ساز تي نغمه گُو،

خاموشين جي سيني ۾ جذب ٿي،

سوچيندو رهيس، چُپ چاپ-

اڄ به پيرن ۾ آهي اُها ئي زنجير،

اُهي ئي پابنديون، اُهو ئي دستور،

- چند جابر- ۽ هزارها مجبور....!!

- سنڌيءَ ۾ پهريون سنگيت ناٽڪ/ منظوم ڊرامو (Opera)، مرزا قليچ بيگ، ’ليليٰ مجنون‘ 1880ع ۾ لکيو هو، اُن کان پوءِ ٻيو سنگيت ناٽڪ، مشهور شاعر ارجن ’شاد‘ جو ’ڏاهيون ڏک ڏسن‘ (1966ع) ملي ٿو، جنهن کان پوءِ شيخ ايازَ جا ٽي سنگيت ناٽڪ: ’دودي سومري جو موت‘، ’رنيڪوٽ جا ڌاڙيل‘ ۽ ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ ملن ٿا. پهريان ٻئي سنگيت ناٽڪ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ ڪتاب (1960ع) ۾ ڇپيل آهن ۽ آخري سنگيت ناٽڪ هن 1971 ڌاري لکيو هو. سنڌي سنگيت ناٽڪن ۾ هن وقت تائين صرف اهي ناٽڪ ئي شمار ڪيا ويندا آهن؛ جڏهن 1964ع ڌاري سراج به هڪ سنگيت ناٽڪ ”تُنهنجي تند تنوار....“ لکيو هو، جيڪو سدا سُهاڳڻ راڳڻي ڀيرويءَ جي سُر تي مُبني، آزاد نظم هو ۽ فني پيشڪش ۽ ڏيکن جي حوالي سان، اياز جي سنگيت ناٽڪن سان بر ميچي بيٺو آهي. هن ناٽڪ جي ڏيک پهرئين جي ڪجهه جهلڪ پيش ڪريان ٿو:

ڏيک پهريون

]پسمنظر ۾ ڪنهن لَنگهي جو دهل وڄائي، پڙهو ڏيڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي- ۽ اُن سان گڏ ماڻهن جو شور به ٻڌجي ٿو، ايڪشن شروع ٿيڻ تي پڙهي جو آواز صاف اچي ٿو.[

”جيڪو جو ڌو، سنڌ جي راجا

ڏياچَ جو سِرُ آڻيندو،

ٿالهه ٽَڪن جو سو ماڻيندو!“

(ڀير تي ڏونڪي جو آواز، ۽ پوءِ دُهل جو آواز ۽ ماڻهن جو شور تمام جهڪو ٿي وڃي ٿو.)

ٻيجل جي زال: او ٻيجل جي ماءُ،

ٻيجل ماءُ ٻُڌين ٿي،

شهر- لنگهو پيو اَڄ هوڪا ڏي!

راڄ- مُکيءَ جي هي پڌرائي،

شهر- لنگهي پئي ڳائي:

’جيڪو جوڌو،

سنڌ جي راجا،

راءِ ڏياچ جو سر آڻيندو،

ٿالهه ٽڪن جو سو ماڻيندو!“

ٻيجل ماءُ:  ٿالهه ٽڪن جو؟

ڇا جي لاءِ؟

ڏياچَ جو سِرُ ڇا جي لاءِ؟

هاءِ الا،

انسانن کي ٿيو ڇاهي!

انسانُ ڌڻيءَ جو پاڇو،

اُن جي سِر جي قيمت،

ٿالهه ٽڪن جو؟

ماڻهو پو ماڻهو ڇا جو؟

جهنگ مرونءَ ۽ ماڻهوءَ ۾،

فرق تڏهن رهندو ڇا جو؟

هي چئن ڏيکن تي مشتمل ناٽڪ، هڪ شاهڪار ناٽڪ آهي، جيڪو سنڌ جي هڪ لوڪ داستان/ لوڪ روايت تي مشتمل آهي. آخر ۾ آءٌ، سراج جو اُهو شاهڪار آزاد نظم ’ڪراچي‘ پيش ڪري، اُن جي جائزي تي پنهنجو مقالو پورو ڪندس:

”ڪراچي“

- اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي رُوحِ وطن،

تنهنجي ’ماضي‘ کي سلام!

تنهنجي ماضيءَ- منهنجي ماضيءَ- کي سلام!

ها، اُهو ماضي جو بيحد روشن و تابان هيو-

جنهن ۾ روشن ها اُميدن جا چراغ؛

آرزوئن جا هزارين چنڊ اُڀريا ۽ اُميدن جا ستارا جاڳيا؛

اَمن و آزاديءَ سندي آڪاشَ تي!

ڪلپنائن ۽ اُمنگن جي ٿڌيءَ چانڊاڻ ۾،

هلڪي هلڪيءَ جوتِ جي مانڊاڻ ۾،

مٺڙا مٺڙا گيت ٿي مُرڪيا هتي-

ڄڻڪ هي ڪو ديسُ ئي گيتن جو هو،

گيتن ۽ نغمن جو ديس!

گيت اهڙا جن ۾ هو

ڪنهن سهاڳڻ سُندريءَ جي نرگسي نيڻن جو ڪيف-

ڇلڪندڙ آبِ حيات!

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

اي ستارن جي زمين، اي اَپسرائن جا وطن،

تنهنجي مٽيءَ جي مٿان

اڄ به آهن چمڪندڙ ماضيءَ جا نقش:

تنهنجي مِٽيءَ مان اچي ٿي جا سُڳنڌ،

سا ٻڌائي ٿي هزارين داستان:

اڄ به تنهنجون ’بلڊنگون‘ ٿيون ساکَ ڏين،

اڄ به تنهنجا ’گُلڪدا‘ ٿا ڏَڪندّي ڏَڪندي چون:

(جن جي بنيادن تي بيٺل هي ’تجارت گاهه‘ ٿا

کوکلي تهذيب جي چُغلي هڻن!)

سنڌ جي ماضيءَ جي عظمت تون هُئينءَ،

تون هئينءَ سنڌ جي تهذيب جو سُورج مکي:

ڄڻ هئينءَ تون ’شاهه‘ جي هڪ سورمي!

مذهبي ويڇن کان دور،

تو ۾ هو ڄڻ امنِ عالم جو مثال-

زندگِيءَ جي عزم جي تابندگي،

آدميت جو سُهاڳ!

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

اڳ به تون سوداگرن جو شهر هُئينءَ،

اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن-

پر ٻنهي ’سوداگرن‘ ۾ فرق آهه!

اڳ جا سوداگر ڪندا ها صرف هڪ سوداگري-

سِرُ ڏئي پنهنجي وطن کي ’غير‘ کان ڳِنهندا هئا:

اڄ جا سوداگر ته پيا نيلام ڪن پنهنجو وطن،

’ڪڻڪَ جي مُٺِ‘ تي وِڪامي ٿو ’بهشت‘!

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

تنهنجو هي ماحول ڏس ڪيڏو نه آهي اجنبي!

تنهنجو ساگر ڪيترو مايوسُ آهه!

هر گهٽيءَ ۾ لُٽجي پيو ٿو آدميّت جو سُهاڳ-

سون چانديءَ جي سجايل ’جانڊهن‘ ۾،

اندران ئي اندران ڏِس زندگيءَ پسجي پئي؛

آبرو لُٽجي پئي،

امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور!

’غير‘ ڏس ڪيڏو نه آهي سر بلند،

ڪيترو مضبوط آ هِت سامراج!

- اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

تنهنجي رنگينيءَ جي پردي ۾ لڪل

ڏسجي ٿو ڪو انقلاب!

وقت جون واڳون ورڻ لاءِ بيقرار!

تنهنجي رستن مان اچي ٿي سرمدي رَت جي پُڪار-

گلشنن جا گل ٿا ڏسجن خُونچڪان،

تنهنجي خاموشين ۾ شايد ٿو هُري سُڏڪن جو سازا

ڪيستائين رهندو آخر هي فريب:

مدتن کان آ زمانو منتظر،

ڪَر ٿو موڙي هت نئون ڪو دَور ڏس-

ڏس ته ڏورانهين اُفق تي پِرهه آ جاڳڻ لڳي،

چاڪ ٿيندو ظلمتن جو پردهء تاريڪ تر،

هر طرف روشن ’حقيقت‘ ٻهڪندي،

سر بلند ٿيندو وري هت لوڪ راج،

سر نوائي نيٺ ڀڄندو سامراج!

هڪ ٿي ويندينءَ سنڌڙيءَ سان اي ڪراچي نيٺ تون،

روح پنهنجي جسم سان ملندو وري!

اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار اي روحِ وطن،

اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن!

هي آزاد نظم، سراج، ’ڪراچي‘ سنڌ کان کسي مرڪز جي حوالي ڪرڻ وقت لکيو هو. نظم لکڻ جو اصل سال ته خبر نه آهي ڪهڙو هو، پر پهريون ڀيرو، سماهي مهراڻ، 3- 1956ع ۾ ڇپيو هو، ۽ اڄ اُن کي 57 سال گذري ويا آهن. نظم جو متن، نفسِ مضمون، اڄ جي حالتن سان ڪيڏو نه ٺهڪندڙ ٿو لڳي. هي سٽون ٻُڌو:

اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

اڳ به تون سوداگرن جو شهر هُئينءَ،

اڄ به تون سوداگرن جو آن وطن-

پر ٻنهي ’سوداگرن‘ ۾ فرق آ!

اڳ جا سوداگر ڪندا هئا صرف هڪ سوداگري-

سِرُ ڏئي پنهنجي وطن کي ’غير‘ کان ڳِنهندا هئا:

اڄ جا سوداگر ته پيا نيلامُ ڪن پنهنجو وطن،

ڪَڻڪ جي مُٺِ تي وِڪامي ٿو ’بهشت‘!

هن بند ۾ ’اڳ‘ جي ۽ ’اڄ‘ جي ’سوداگرن‘ جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي. ’اڳ جا سوداگر‘ يا ته ’سنڌ ورقي‘ هئا، جيڪي ٻاهران ڪمائي اچي ڪراچيءَ کي ’سونو‘ بنائيندا هئا، يا اُهي سورما هئا، جيڪي ٻاهرين حملي آورن کان ڪراچيءَ جو سُهاڳُ/ سنڌ وطن جو سُهاڳ بچائيندا هئا. اڄ ڪراچيءَ جي صورتحال ڇا آهي؟ ’ڪَڻڪ جي مُٺ‘ تي ڪراچيءَ جو ’بهشت‘ وڪرو ڪيو پيو وڃي، ۽ ڪراچيءَ ۾ انسانيت جي سُهاڳ ۽ آبرو کي ڪيئن لُٽيو پيو وڃي، اچو ته سراج جي 57 سال اڳ لکيل آزاد نظم مان معلوم ڪريون:

اي ڪراچي، جانِ سنڌ، روحِ وطن،

تنهنجو هي ماحول ڏس ڪيڏو نه آ اجنبي!

تنهنجو ’ساگر‘ ڪيترو مايوسُ آهه!

هر گهٽيءَ ۾ لُٽجي پيو ٿو آدميت جو سُهاڳ-

سون چانديءَ جي سجايل ’جانڊ هن‘ ۾،

اندران ئي اندران ڏس زندگي پِسجي پئي؛

آبرو لُٽجي پئي،

امن و آزاديءَ سندي ظاهر ظهور!

’غير‘ ڏسُ ڪيڏو نه آهي سربُلند،

ڪيترو مضبوط آ هِت سامراجُ!

سراج جي علامت ’جانڊهن ۾ زندگيءَ جو پِسجڻ‘ جديد دور جي ’ٽارچر سيلن‘ سان مشابهه نه آهي؟ اڄ ڪراچيءَ وٽ ’سنڌو ساگر‘ مايوس نه آهي؟ ڪراچيءَ جو ماحول ’ٻاهرين جي آمد (Influx) سبب اجنبي نه ٿو لڳي؟ پٺاڻ، پنجابي ۽ پناهگير، سامراج جي صورت اختيار ڪري نه چڪا آهن؟ سراج، مستقبل بين شاعرَ، سچ نه لکيو آهي؟

ها، البت ’ڪراچي سنڌ کان کسجڻ‘ کان پوءِ به سراج اُميد پرست رهيو هو ته: ’زمانو منتظر آهي، نئون دور ڪَر موڙي رهيو آهي، پِرهه جاڳڻ واري آهي، ڪراچي، سنڌڙيءَ سان هڪ ٿي ويندي!“ - ۽ ائين ٿيو، ڪراچي سنڌ کي واپس ملي، سنڌ جي راڄڌاني بڻي؛ پر اڄ وري ’مهمان‘، ’مالڪ‘ ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن. آءٌ چاهيان ٿو ته هن موقعي تي سراجَ جي دوست، سراج جي رفيقَ، ويهين صدي ۽ ايڪيهين صديءَ جي وڏي شاعرَ، شيخ اياز جو 1985ع ۾ لکيل ’رڻ تي رم جهم‘ ڪتاب (1986ع) ۾ ڇپيل، ’ڪراچيءَ‘ بابت، ساڳئي سراج واري بحر وزن ۾ لکيل آزاد نظم پڻ هتي پيش ڪريان، ۽ موازنو ڪريان ته ٻنهي همعصرن، ڪراچيءَ کي ڪهڙيءَ نظر سان ڏٺو آهي. سراج جو نظم 57 سال پراڻو ۽ اياز جو 37 سال پراڻو نظم آهي:

شيخ اياز:

جِهلملائيندڙ ڪراچي!

روشنيءَ جا گيت ڳائيندڙ ڪراچي!

سنڌ جي آهين ڪراچي!

اڄ به مان

تنهنجي رستن کي مُنڊي جئن ڄڻ ته پُورو ٿو اچان!

اڳ گرومندر کان ٿورو اڳڀرو ويندي هئينءَ،

شامَ جو ڪيئي ٽَلا ٽهه ٽهه ڪندا نيندي هئينءَ،

ڪويلين جي ڪوڪ ڏي جي ڌيان ويندو هو ڪڏهن،

چنڊ ايندو هو نظر آڪاسَ ۾ ويندو تڏهن،

۽ ڪڏهن تارا هوا ۾ جُگنوئن جئن جڳمڳائيندا هيا،

پير منهنجا ڊگمگائيندا هيا،

عاملياڻين جي پٺيان-

اڄ به مان

تن کي ساري تن جي خوشبوءَ ۾ وڃان ٿو ويڙهجي،

ڪوڪ ڪويل جي ٻڌان ٿو تن جي جادوءَ ۾ وڃان ٿو ويڙهجي،

تنهنجو لالو کيت، اورنگي به مون لئه اجنبي

ناهن ڪُنوار!

مون رُنو هو زار زار

’تانتيا ٽوپي‘ جڏهن ڦاهي چڙهي مردانه وار

ڪالهه رَسيءَ ۾ لُڏيو بي اختيار

مون ڇُهيا ها پير اُن جا بار بار،

ڪاش! هُن جا هم وطن

ايترو سمجهي سگهن

ڪيئّن آزادي ملي؟

ڪير ها ورتي هُئي جن

شاهراهن کي ڇڏي سوڙهي ڳِلي؟

اڄ به مان هي ٿو چوان

ڪاش، ٽيپوءَ جئن مران!

ڪوبه دکن کان ڪراچيءَ ۾ اچي

ان ڪري مون لاءِ ناهي اجنبي،

هِت به آهن تُنهنجي اوچن بنگلن،

مير صادق وانگيان ننگِ وطن،

پاڻ سان غدار آهن

زندگيءَ جي هار آهن،

تن کي ڪيئي نوڪريون ۽ ڪيئي ڪاروبار آهن

پو به ڪجهه ناهي وَٽن،

جي نه آ مٽي ته پوءِ ڪهڙو ڪفن!

تون ڀلي ڪشمير کان ڪارو منڊل تائين لڳين

منهنجي دل ۾ ٿي وسين؛

تون سڄي تاريخ آهين

ڌرتتيءَ جي چيخ آهين

دل ڏکائيندڙ ڪراچي!

جهلملائيندڙ ڪراچي!

اڄ به مان،

تنهنجي رستن کي مُنڊيءَ جئن ڄڻ ته پورو ٿو اچان!

سچ چيو آهي ڪنهن ته: ‘Peaks of Mountains see each other’ يعني: ’پهاڙن جون چوٽيون ئي هڪ ٻئي کي ڏسنديون آهن‘. سنڌي ادب جي هنن ٻن پهاڙن جي سوچ جي يڪسانيت، فڪري گهرائي، چئلينجن تي نظر ۽ مستقبل بينيءَ ۾ مماثلت ڪمال جي آهي. ’جهلملائيندڙ ڪراچي‘ نظم لکڻ وقت اياز جي شعور، لاشعور يا تحت الشعور ۾ سراج وارو نظم ’ڪراچي‘ هو يا نه، پر ٻنهي جي آزاد نظمن جي ابتدا ۾ پنهنجي شهر لاءِ ’محبت ۽ رومانس‘ ساڳيو آهي. اياز وٽ ڪجهه ذاتي/ رومانوي ۽ سراج وٽ ڪجهه تاريخي ۽ رومانوي- جڏهن ته سراج جي نظم جي پڇاڙي، ڪراچي، سنڌ کي واپس ملڻ واري اُميد پرستيءَ واري جذبي سان معمور هئي، ۽ اياز پنهنجي نظم ۾ ’تانتيا ٽوپي‘ (جهانسيءَ جي راڻيءَ جي ساٿي، بهادر وطن پرست) جي هم وطنن کي مخاطب ٿي جيڪي ڪجهه چيو آهي، ڪيڏو نه سچ آهي. ڪيڏو نه ڪڙو اظهار آهي! پوءِ به ڪراچي، سندس دل ۾ وسي ٿي، اسان جي دل ۾ وسي ٿي:

ڪوبه دکن کان ڪراچيءَ ۾ اچي،

اُن ڪري مون لاءِ ناهي اجنبي،

هِت به آهن تنهنجي اوچن بنگلن،

مير صادق وانگيان ننگِ وطن،

پاڻ سان غدار آهن،

زندگيءَ جي هار آهن،

تن کي ڪيئي نوڪريون ۽ ڪيئي ڪاروبار آهن،

پو به ڪجهه ناهي وٽن،

جي نه آ مٽي ته پوءِ ڪهڙو ڪفن!

تون ڀلي ڪشمير کان ڪارو منڊل تائين لڳين،

منهنجي دل ۾ ٿي وسين؛

تون سڄي تاريخ آهين

ڌرتتيءَ جي چيخ آهين

دل ڏکائيندڙ ڪراچي!

جهلملائيندڙ ڪراچي!

اڄ به مان،

تنهنجي رستن کي مُنڊيءَ جئن ڄڻ ته پورو ٿو اچان!

ڪراچي، اياز جي ’دل ۾ ٿي وسي‘، ’هوءَ سڄي تاريخ ۽ ڌرتتيءَ جي چيخ‘ آهي، ۽ اياز اُن جي ’رستن کي مُنڊيءَ جئن پورو ٿو اچي‘- ۽ سراج لاءِ ڪراچي، ڪلهه به، اڄ به سڀاڻي به ’سنڌ جو سينگار‘ ۽ رُوح- وطن آهي:

اي ڪراچي، سنڌ جا سينگار، اي روحِ وطن!

اي ڪـــراچي، جانِ سـنـــڌ، روحِ وطــن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org