سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:23 

ويو وڻجارو اوهري

(تاثرات)

سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،

رُئان رهن نه سُپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟

مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري!

سراج يارن جو يار

سراج الحق ميمڻ منهنجو جگري دوست هو، هن صحافتي دنيا توڙي ادب جي دائري ۽ علمي ميدان ۾ هڪ ئي وقت ڪم ڪيو آهي، سراج الحق ميمڻ نماڻي قسم جو انسان پڻ هو، سراج جو مون سان ڀائرن وارو ناتو هوندو هو، سراج الحق ميمڻ علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ايترو ته ڄاڻو انسان هو، جو جيڪڏهن ادب ۽ علم جي ميدان ۾ ساڻس ڪا ڳالهه ڪبي هئي ته سندس ردعمل دل پسند ۽ علمي لحاظ کان لاجواب هوندو هو، سراج الحق ميمڻ ۽ مون سڄي زندگي گڏجي گذاريو ۽ علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي، توڙي جو سراج الحق مون کان عمر ۾ ننڍو هو، پر کيس وڏي ڄاڻ هوندي هئي، تنهن ڪري ڪنهن وقت هو منهنجو استاد به بڻجي ويندو هو، افسوس ته آءٌ وڏي عمر وارو زنده رهجي ويس ۽ هو ننڍيءَ عمر وارو اسان کان الڳ ٿي ويو، سندس وڇوڙي تي تمام گهڻو صدمو پهتو آهي، هو وڏي همٿ ۽ حوصلي وارو انسان هو، هن ادب ۽ علم جي دائري ۾ وڏي قابليت، همٿ ۽ حوصلي سان ڪم ڪيو، جنهن وقت آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هيس، تنهن وقت سراج ميمڻ پهرين اسسٽنٽ طور مون سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ ان دور ۾ بورڊ اندر جيترو ڪم ٿيو، اُن ڪم ۾ سراج ميمڻ جو ڀرپور ڪردار هو، سراج ميمڻ صحافتي دنيا ۾ اچي وڏي مقبوليت ماڻي ۽ صحافت ۾ نوان لاڙا پيدا ڪيا ۽ پنهنجي دور ۾ صحافتي دنيا ۾ اُڀار آندو، سراج الحق ٻن دلين وارو انسان هو ۽ يارن جو يار هو.

- محمد ابراهيم جويو

جديد ادب جو وڏو ماڻهو

سراج الحق ميمڻ هڪ ماڊرن ماڻهو هو، هو هڪ انسان، انقلابي، اديب ۽ دانشور هو، هو جديد ادب ۽ علم ۾ وڏو ماڻهو هو، هو وزن دار شخصيت جو مالڪ هو. سراج الحق ميمڻ ڪمزور ڳالهيون نه ڪندو هو  هو سوچيندو هو ته سنڌي قوم ۾ تبديلي ڪيئن آڻجي ۽ انقلابي لاڙا ڪيئن آڻجن، سراج ڪڏهن به پنهنجي لياقتن جو فائدو وٺي پاڻ وڌائڻ وارو ڪو به ڌنڌو نه ڪيو، هو ان خيال جو ماڻهو هو ته سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿين پنهنجي وطن جا مالڪ بڻجي تعليم حاصل ڪن، هو پاڪستان جو حامي ضرور هو ته سنڌ پاڪستان ۾ هجي، پر غلام نه هجي، نه مرڪز، نه وڏيرن جي غلاميءَ ۾ هجي،  هو هوائي ڳالهيون ڪندڙن مان بيزار هوندو هو، هن جي وڃڻ سان جيڪو نقصان ٿيو آهي، اُن نقصان جو پورائو ٿي نٿو سگهي، اهڙا ماڻهو گهٽ هوندا آهن، جيڪي توڙ نڀائين ٿا، جيڪي پلٽا نٿا هڻن، وڏيرن جا چمچا نه ٿيندا آهن، سراج انهن ماڻهن مان هڪ شخصيت هو، سراج جهڙا ماڻهو روز روز پيدا نه ٿيندا آهن.

- رسول بخش پليجو

سنڌ جو محافظ

چاچا سراج ميمڻ جي گهر ۾ هن نوٽ بوڪ تي تعزيتي جملا لکندي به اڃا يقين نٿو اچي ته چاچا سراج ميمڻ هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو ۽ اڃا به ’مرحوم‘ لفظ سندس نالي سان گڏ لکي نه ٿي سگهان. اهو پوري يقين ۽ عزم سان چئي سگهجي ٿو ته جديدسنڌ کي ادبي، سماجي ۽ ڏاهپ جي ٻين حوالي سان جديد مزاج متعارف ڪرائڻ، نيون شيون نئين رخ ۽ زاويي سان ڏيکارڻ وارن ۾ سراج الحق ميمڻ جهڙن  ماڻهن جو شاندار ۽ بيباڪ ڪردار رهيو آهي. امان اختر بلوچ جي ڪتاب ’قيدياڻيءَ جي ڊائري‘ ۾ لکيل اُن برجستي، پر سادي مهاڳ کي ڪيئن ٿي وساري سگهان، اسڪول جي آخري سالن ۾ جيجي زرينه جي ڏنل ڪتاب ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي مزاحمتي ڪردارن جي بهادر سوچ ۽ سندن آزاديءَ واري ويڙهه جي  هر اکر ۾ ’سراج‘ جي خود پنهنجي دل جو عزم محسوس ٿيو ته ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“. ۽ پوءِ ٻيا ناول، جن جي ڪن ڪردارن پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ يلغار ڪندڙن تي آگ ۽ باهه پئي وسائي ته ڪي ڪردار  انتهائي اميراڻي ٺاٺ باٺ سان وڏن شهرن جي بال رومز ۾ حسينائن جي چيلهه ۾ هٿ وجهي، عظيم موسيقارن جي ڌنن تي رقص ڪري رهيا هئا. پر هڪڙي شيءِ، جيڪا هر ڪردار منجهان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عيان هئي ته ناول جو بنيادي خيال، پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ، ان جي دفاع لاءِ سڀ ڪجهه ڪري گذرڻ واري ڳالهه هئي، جيڪا چاچا سراج جي پنهنجي سوچ هئي، خيال هو، خواب هو ۽ جنهن جي تعبير لاءِ هڪ روشن ۽ لبرل سنڌ لاءِ، اها ڳالهه هن سنڌ واسين کان وٺي گهروارن ۾ به منتقل ڪئي.

- سسئي پليجو

هڪ مهان شخص جي موڪلاڻي

سنڌ جي دانش، علم ادب، تحقيق ۽ تخليق ۾ مان اڄ ايڏي مهان شخصيت نٿو ڏسان. اسان کان وڇڙي ازل جي دائمي سفر ۽ محل ڏانهن ورانو ٿيو. سراج جي جدائي ايڏو وڏو خال ڇڏي وئي آهي، جيڪو ڪيترين صدين تائين آسانيءَ سان پُر نه ٿيندو. منهنجي رفاقت ساڻس تمام گهڻي رهي. هڪ ته هيءُ منهنجو سول سروس (انڪم ٽيڪس سروس جي حوالي سان) جو ساٿي رهيو. اسان جي بئچ تمام ذهين، آفيسرن جي بئچ هئي، جنهن جي پهرين ٽن آفيسرن مان هو ۽ پنهنجي پيشي ۾ پهرين نمبر تي هوشيار آفيسر هو. ٻئي طرف اسان جي سروس ۾ هن ڪو ثاني نه هو. هو علم، ادب، تخليق، تحقيق ۽ دانش جي ميدان ۾ سنڌ ۾ نه فقط پهريون اديب هو، پر سنڌي زبان تي سندس وڏو احسان آهي، جيڪو ڪيتري عرصي تائين ڪو وساري نه سگهندو. هو علم ۽ تحقيق جو patron هو ۽ وڏا وڏا قدم کڻي خدا وٽ سرخرو ٿي روانو ٿيو. منهنجي لاءِ سندس وڇوڙو ڪي سال منهنجي ساهه سان لڳل رهندو.

- مظهرالحق صديقي

سراج، بااصول ۽ وطن پرست

سراج الحق جهڙا مضبوط ارادي وارا سنڌ سان اٿاهه محبت ڪندڙ سنڌي تمام ورلي پيدا ٿيا آهن. اسان لاءِ هي وڏو الميو آهي. هر ڪنهن کي هلڻو آهي، پر هيتري ڀرپور، با اُصول ۽ وطن دوستيءَ جي زندگي، ڪنهن کي نصيب ٿئي ٿي!

- روچي رام

سراج، تاريخ جو روشن سِج

اڄ تاريخ جو روشن سج، پنهنجون سڀ تابناڪيون سهيڙي، زمين جي هنج ۾ سمهي پيو، اڄ سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن باب پورو ٿيو. سنڌ جو عاشق، صحافي، محقق ۽ اديب، سنڌ ۽ سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏئي، سنڌ ۽ سنڌ واسين تي هڪ وڏو قرض چاڙهي ويو آهي. هو پنهنجي خواهش مطابق ڪم کي تڪميل تي پڄائي ويو. ناولن کيس شهرت گهڻي ڏني، البت سنڌي ٻوليءَ تي ڪيل سندس ڪم کي به اوتري ئي پذيرائي ملي. هڪ دلير، سهڻو، باوقار، بردبار ۽ سنڌ جو سپوت سراج الحق ميمڻ به اڄ رب جي راهه وٺي، ابدي زندگيءَ جو راهي ٿيو. مان پاڻ کي خوشقسمت ٿي سمجهان ته مون کيس ڏٺو، پڙهيو، ٻڌو ۽ ساڻس شناسائي حاصل ڪيم. الله هن جي مغفرت فرمائي..!

- مهتاب اڪبر راشدي

سندس نالو سدائين زنده رهندو

سنڌ چند هستين جي سهاري تي ڪنڌ کنيو ٻيٺي آهي. ادا سراج انهن منجهان هڪ هو، سراج صاحب جو ڪم نه ته لڪل آهي ۽ نه ئي تعريف جو محتاج. اصل معاملو سنڌ جي محروميءَ جو آهي. سراج صاحب جهڙا سنڌي، جيڪا جاءِ خالي ڇڏيندا وڃن، اُن کي ڀرڻ وارا هاڻي اسان وٽ ڪونه رهيا آهن. اهو يقين ضرور آهي ته سنڌ وٽ ۽ سنڌين وٽ اهو نالو سدائين زنده رهندو ۽ اُنهن کي اهو فخر ڏياريندو رهندو، جيڪو ڪنهن به ڌرتيءَ ۽ قوم کي زنده رکڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿو.

سراج صاحب جو ڪم سنڌ ۾ زنده رهندو. سنڌي وڏي فخر سان سندس نالو کڻندا. سنڌي وڏي فخر سان سندس ڪم کي دنيا آڏو پيش ڪندا.

- نورالهديٰ شاهه

ماڻهو سڀ نه سهڻا

سراج، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ برک ليکڪ، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ مترجم هو، جنهن اسان کي ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۽ ’مرڻ مون سين آءُ‘،

’اي درد هلي آءُ‘ ۽ ’اٺون ماڻهو‘ جي عنوان سان ڪهاڻين جا مجموعا ڏنا. ’سنڌي ٻولي‘ جهڙي اهم تصنيف ڏني، اهو سمورو ڪم نه رڳو سراج کي بلڪ سنڌي ٻوليءَ کي پڻ زندهه رکندو.

سراج مون کان سينئر هو، پر منهنجو دوست هو. ڇاڪاڻ ته اسان جو سٻنڌ، سنڌ جي نئين ادب سان آهي. اسان جو تعلق گهرو تعلق هو. سراج جا ڊاڪٽر فهميده، عبدالحق عظيم سان ذاتي واسطا رهيا آهن. بلڪ مون سندن پيءُ سائين محمد يعقوب سان گڏجي لغت آفيس ۾ پڻ ڪم ڪيو. سراج اڄ اسان وٽ نه آهي، پر هن جي پيرن جا نشان اسان لاءِ واٽ جي لاٽ آهن.

ماڻهو ســڀ نـه سهڻا، پکـي سڀ نـه هنجهه،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي!

 

- امداد حسيني

شال سدائين سندس پاڇو سنڌ تي رهي!

ادا سراج وڇوڙو ڏئي ويو. هي وڇوڙو، هي ڏک، نه صرف اُن جي خاندان جو آهي، پر اسان جو ۽ سڄي سنڌ جو آهي. هي ڏکئي وقت ۾ اسان جو رهبر رهيو. هاڻ هڪ هڪ ڪري وڃي رهيا آهن. سنڌ خالي پئي ٿئي، شل! هي ماڻهو جت به وڃن، سنڌ ۽ سنڌ واسين جا دعاگو رهن. اڄ ڪلهه سنڌ ۾ اهڙا زندگيون وقف ڪرڻ وارا گهٽ آهن. شل! الله پاڪ ادا سراج جو پاڇو سنڌ واسين تي سندس وڃڻ کان پوءِ به رکي. شل! اڳتي ويندڙن کي اسان نه وساريون، اُنهن جي جوت جلندي رهي.

- سلطانه وقاصي

سراج سنڌ جو املهه ماڻڪ هو

محترم سراج الحق ميمڻ سنڌ جو هڪ انتهائي شاندار انسان ۽ روشن ستارو هو. سندس لاڏاڻي سان سنڌ ۾ هڪ تمام وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي، جو ڀرجڻ تمام مشڪل آهي. منهنجي نظر ۾ سراج صاحب سنڌ جو هڪ املهه ماڻڪ هو ۽ ٻوليءَ ۽ ادب جي حوالي سان سندس نالو هميشه ياد رهندو. هو هڪ اديب، عالم، ليکڪ، مفڪر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ صحافي هو. ساڳئي وقت هو سنڌ جو هڪ مڃيل وڪيل پڻ هو، سندس سنڌ جي قومي حوالي سان ڪافي خدمتون هيون. پاڻ سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ هن وقت سوسائٽيءَ جو صدر هو. پاڻ حيدرآباد ۾ سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ قائم ڪري، سنڌ جي تعليمي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتائين. مجموعي طور تي سراج صاحب سنڌ جو هڪ عظيم انسان هو. سندس خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس تحقيق هڪ مثالي تحقيق آهي.

- پروفيسر اعجاز قريشي

سنڌ سراج جي ڪمي محسوس ڪندي

سراج الحق جي تعريف ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي. منهنجي سائينءَ سان اها قربت هئي، جو هو جڏهن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هو، تڏهن مان هلال پاڪستان ۾ قطعا لکندو هوس. سنڌ سراج جي ڪمي محسوس ڪندي، سنڌ ٻُسي ٿي پئي آهي.

- هدايت بلوچ  

سنڌ جو سڄڻ، سراج صاحب

سنڌ جو سڄڻ سراج الحق ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو برک اديب، ناول نگار، محقق، ٻوليءَ جو ماهر ۽ مفڪر هو. سندس ناولن سنڌ ۾ تاريخي شعور پيدا ڪيو ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي نسلن جي تربيت ڪئي آهي ۽ اڃا به ڪيترائي نسل سندس لکتن مان اتساهه حاصل ڪندا رهندا. ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس خدمتون به سنڌ جا ماڻهو سدائين ياد رکندا. هن سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت يا ٻئي ڪنهن ٻوليءَ مان نڪتل بدران اصل حقيقت ٻڌائي ته سنڌي ٻولي سنڌ جي ٻولي آهي، جيڪا هتان ئي ڄائي ۽ هتي ئي نپني آهي. سراج صاحب کي سنڌ صدين تائين ساريندي رهندي، بلڪ جيستائين هي جڳ آهي، هو اسان وٽ زنده رهندو.

 

- ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

سراج سدا حيات آهي

سراج الحق ميمڻ جسماني طور اسان کان جدا ضرور ٿيو آهي، پر پنهنجي ڪم جي حوالي سان زنده رهندو. سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل ڪم، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ مان نڪتل ٻولي قرار نه ڏنو، پر اُن تي ڳوڙهي تحقيق ڪئي ته سنڌي ٻولي پنهنجي اصل نسل مان ڄاول آهي. سراج الحق نه رڳو ٻوليءَ تي ڪم ڪيو، پر سندس ناول، ڪهاڻيون، مقالا، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل آهن. ان حوالي سان سراج الحق سدا حيات آهي ۽ رهندو.

- اياز عالم ابڙو

رهجي ويا ڳڻ، مارن جا ملير ۾!

سراج، سنڌ جي ساڃاهه وند ٽهيءَ جو اُهو ڪردار هو، جنهن کي ديومالائي ڪردار چئبو ته واڌارو نه ٿيندو. دنيا ۾ جيڪي ماڻهو وقت جي ڌارا سان هلڻ کان انڪار ڪن ۽ پنهنجو رستو ۽ رند جوڙڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن کي تاريخ جي ورقن ۾ دائمي ۽ لازوال درجو حاصل ٿيندو.

سراج پنهنجي لکڻين ۽ وابستگيءَ سان سنڌ جي ٽن پيڙهين تي اثرانداز ٿيو. هن ادب کي محض ادب سمجهڻ کان نابري واريندي، ادب کي قومن جي تقدير بدلائڻ ۾ اهم ڪارج طور ڪتب آندو، جنهن ڪري سندس لکڻين کي مهانتا حاصل ٿي.

 

- امان الله شيخ

 

اسان جدوجهد جي واٽ سراج کان سکي

سراج الحق ميمڻ هڪ فرد نه، پر پنهنجي دور جي تاريخ آهي. اسان جي نسل اڄ سماج ۾ جيتري به مڃتا حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، اُن جي ذهني اوسر ۽ تربيت ۾ سندن ڦهليل روشن خيالي آهي.

اسان ادب سان ڪمٽمينٽ توهان کان سکي سگهيا آهيون. ادب ذريعي سماج ۾ جدوجهد ڪرڻ جي واٽ توهان ئي ڏيکاري آهي. روشن خياليءَ جو ٻج، جيڪو توهان ڇٽي ويا آهيو، اهو هاڻي هميشه ڦهلجندو رهندو. توهان کي ايندڙ نسل به سدائين سلام ڪندو.

- عطيه دائود

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org