سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:10

نصير مرزا: ڪيڏو نه سٺو ٿئي جوا نهن شهرن جي ٽئبلن ۽ گهرن جو ذڪر به  ڪندا هلون، جتي اوهان اهو پنهنجو اهم ناول ويهي لکيو هو.

آغا سليم: مَن! ريڊيو ۾ نوڪري ڪندي، ڪراچيءَ ۾ ايڪسٽرنل سروس واري آفيس ۾ ويهي مون لکيو هو. ڪجهه چيپٽر مون ان جا ان وقت به لکيا هئا، جڏهن مان ريڊيو حيدرآباد تي هوس.

نصير مرزا: آغا صاحب، تاريخ جي پس منظر ۾ جيڪي ناول اوهان لکيا آهن، مثال طور اونداهي ڌرتي... يا ’همه اوست‘ ته ڇا ان لاءِ لکڻ کان اڳ ان موضوع بابت اوهان هوم ورڪ به ڪندا هيا؟

آغا سليم: مون اوهان کي عرض ڪيو ته، اڃا مون ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ شروع نه ڪيو هو ته، مان ’حريت اخبار‘ ۾ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ آرٽيڪل لکندو هوس. اهڙي ئي مطالعي ۽ پنهنجي تاريخ جي Roots ۾ لهندي مون محسوس ڪيو ته، اسان سنڌ وارن ڪيڏا نه ظلم سٺا ۽ عذاب ڀوڳيا آهن ۽ عرض ڪريان ته اهڙي آرٽيڪل لکڻ کان پهرين ان رخ سان مون مطالعو ڪونه ڪيو هو. جڏهن ڪيم ته سوچيم، ڇو نه ان پسمنظر ۾ آئون به هڪڙو ناول لکان. ائين ’همه اوست‘ شروع ڪيم ته ان جي پس منظر ۾ شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت شهيد، جي دور جون تاريخون اٿلايم پٿلايم... ظاهر آهي ته تاريخ جي پس منظر ۾ ڪجهه به لکڻ کان اڳ اهڙو مطالعو نهايت ضروري به هوندو آهي.

اسحاق سميجو: آغا صاحب توهان کان سواءِ، سراج صاحب پنهنجي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾، يا محمد عثمان ڏيپلائي صاحب به پنهنجي ناول ’سانگهڙ‘ ۾ سنڌ کي ڊسڪس ڪيو آهي، اوهين ٻڌايو ته توهان پنهنجي ناولن کي انهن کان ڪيئن ٿا، مختلف ڀانئيو؟

آغا سليم: هاڻي ڳالهه ٻڌ اسحاق- هي جيڪو نئون سنڌ ۾ ماڊرنٽي جو جيڪو دور آيو آهي نه مَن! جيئن انڊيا ۾ ان جو پيرو ڪار لعل پشپ آهي ۽ سنڌ ۾ اسان وٽ ماڻڪ يا مشتاق شورو يا انهن جو جيڪو گروپ هو ۽ انهن سڀني جو آئيڊيل به اِهو لعل پشپ ئي هويا موهن ڪلپنا... پَر مَن! تنهنجي مٿئين سوال جي جواب کان اڳ چوڻ چاهيندس اسان کي ان تي به سيمينار ڪرائڻ گهرجي ته اها ماڊرنٽي آهي ڇا!؟ ته ٻڌ.... هڪڙي ته آهي تاريخ اسلام ’محمد بن قاسم، الله اڪبر.... نعره تڪبير‘ ۽ اها به تاريخ آهي، پر هڪڙو طريقو ٻيو آهي ۽ اهو هي ته اوهين تاريخ کي انٽرپريٽ ڪيو. ۽ اها آهي ماڊرنٽي. مثال طور منهنجو لکيل اسٽيج ناٽڪ آهي، دودي چنيسر بابت ’گل ڇنو گرنار جو‘. ان جو ڪردار رڳو ڪاسٽيوم ۾ دودو ڏيکاريل آهي، گيٽ اپ ۾ دودو آهي، پر ان جي لفظن ۽ ڊائلاگس ۾ مون جديد سنڌ جي حالتن کي بيان ڪيو آهي. ظاهر آهي مان علاءُ الدين خلجيءَ يا ڪلهوڙن جي دور جو ماڻهو ناهيان ۽ ماڊرن سينسيبلٽي جو ماڻهو آهيان. مون، ان ڏس ۾ جيڪڏهن شاهه تي تحقيق ڪئي آهي ته ان ئي پس منظر ۾ ڪئي آهي. مثال طور ڀٽائي صاحب جي سِٽ آهي:

بندر جان ڀئي، ته سکاڻئان ۾ سمهو.

ته ان ۾ بظاهر ته ڪنهن به قسم جي ’سنڌيت‘ يا ’مزاحمت‘ ڪانه ٿي نظر اچي. هاڻي ان جي ٻئي حصي ۾ ڀٽائي صاحب چوي ٿو:

’ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽيءَ منجهه مهي،

پئو سڀ سمهي، مُعلم سندي آسري.‘

معنيٰ ته ڀٽائي صاحب ناکئن کي چوي پيو ته معلم جي آسري تي ڦيڙا ڇڏي وڃي، سمهي آرام ڪريو. هاڻي ڏسو ته ان شعر ۾ ڀٽائي صاحب پهرين ته خوف ٿو ڏياري، ڊيڄاري ٿو ۽ پوءِ وري ائين ٻيڙا معلم جي آسري ڇڏي، فرمائي ٿو ته وڃي سمهي به رهو. معنيٰ ته اها ٿي ڀٽائي  صاحب جي Spirituality، جو پهريان ته هو خوف ٿو ڏياري ته بندر تي ڀئي اٿوَ. پوءِ ڏڍ ٿو ڏئي ته ’نه‘ توهان جنهن معلم (رسول پاڪ) جي آسري آهيو، ته ان جي ڏڍ تي، هاڻي آرام سان سمهي رهو. هاڻي ڏسو ته اها ٿي شاهه صاحب جي Perception، پر مان ان شعر کي ايئن انٽرپريٽ ٿو ڪريان ته، سنڌ جي هيءَ جيڪا سياسي صورتحال سامهون آئي آهي، ان ۾ اصل ئي ناهي سمهڻو. ۽ ڀٽائي صاحب ان سٽ ۾، اسان کي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکي چيو آهي ته:

’بندر جان ڀئي ته سکاڻئان م سمهو.‘

ته مَن! سمجهئو نه... ته منهنجو لکڻ جو، منهنجي ماڊرنٽي جو متو اِهو آهي ته ناولن ۾ تاريخيت کي پنهنجي دور جي تناظر ۾ انٽرپريٽ ڪرڻو آهي.

اسحاق سميجو: تڏهن توهان سراج صاحب جي ناولن ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۽ ’مرڻ مون سين آءُ‘ بابت ڇا چوندو؟

آغا سليم: ها..... هاڻي اچون ٿا سراج جي ناولن تي. منهنجو خيال آهي ته اهو ماڊرن ناهي. ان لاءِ هيئن چوان ته ليکڪ ڪڏهن ڪڏهن ٽيڪنڪ کي قربان ڪري ڇڏيندو آهي، ته سراج به پنهنجي ناول ۾ ٽيڪنڪ کي قربان ڪيو آهي، ۽ سڌي پيغام کي اوليت ڏني آهي. مَن، ڇا آهي ته اسين بنيادي طرح هڪڙي ڊپريسيڊ قوم جا فرد آهيون ۽ جيڪا صورتحال هوندي آهي، اُها به ڊٽرمين ٿي ڪري ماڻهوءَ کي علامه اقبال کي ڏسو، اُهو جي هن دور ۽ حالتن ۾ پيدا ٿي ها ته اهڙو ٿوروئي لکي ها، جهڙو هن لکيو آهي. هو پنهنجيءَ ذات ۾ هڪڙو وڏو شاعر هو. ايڏو وڏو شاعر هو، جنهن جي ڪا حد ڪانهي، پر اهڙي شاعر کي ان دور ۾ مسلمانن جي جيڪا صورتحال نصيب ۾ ملي، ته هن کي اهڙي قسم جو شاعر ٺاهي ڇڏيو.

نصير مرزا: مطلب ته توهين سراج صاحب جي ناولن بنسبت پنهنجي ناولن کي وڌيڪ جديد پيا سمجهو.

آغا سليم: نه.... انهن کي مان ٽيڪنڪ وائيز نه صرف ائپروچ وائيز، الڳ سمجهان ٿو يا ائين سمجهه ته پريزيٽيشن وائيز مان انهن کي ڌار ٿو سمجهان، معنيٰ ته منهنجو جيڪو انداز آهي، اهو اسلامي تاريخي ناولن جهڙو ناهي. جنگين ۽ هنگامن جي بيانن تي ٻڌل به ناهي، جيئن سراج يا ڏيپلائي صاحب جي ناولن جو آهي. ڏيپلائي صاحب ويچاري جو وڏو مسئلو هي هئو جو هُو هند جي زيادتين جو شڪار هو. جن کي هو، ’ڪافر‘ پيو سڏي ۽ سمجهي ۽ ان ڪري هو مسلمانن جي ماضيءَ واري عظمت واري تاريخ کي، پنهنجي ناولن ۾ تلاش ڪرڻ لڳو هو، ۽ ان جي مقابلي ۾ اسان ڳوليو آهي ناولن ۾ سنڌ جي عظمت کي، سنڌ وطن جي درد کي.....

طارق عالم: آغا صاحب اوهان جنهن جدت پسنديءَ جي ڳالهه ڪريو پيا، ان جي ٿوري وضاحت به ڪريو ته ان جو ڇا مفهوم آهي. جيڪو اوهان جي نظر ۾؟

آغا سليم: مثال طور، پهرين پهرين ڳالهه آهي پنهنجي دور لاءِ لکڻ اهو ’جديديت‘ آهي. تاريخ جي باري ۾ اوهان جا رويا ڪهڙا آهن، ڇا اهي ڏيپلائي صاحب جهڙا آهن ’شان اسلام‘ ۽ ’نعره تڪبير‘ وغيره جهڙا؟ ها جي توهين انهن کي به ماڊرن ٽائيمز وانگر انٽرپريٽ ٿا ڪريو ته ان کي به جدت چئي سگهون ٿا.

علي دوست عاجز: ڀلا شاهه کي اوهين ڪهڙي نڪتئه نظر تحت پڙهندا آهيو.

آغا سليم: سڀاوَن جي تضاد مطابق شاهه منهنجي سينسيبلٽيءَ جو شاعر ناهي. چوي ٿو: ’هو چَوَنئي، تون م چئو‘

يا هو جيڪا آئيڊيل عشق جي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته عاشق کي سوليءَ تي چڙهي وڃڻ گهرجي ۽ منهنجو جواب آهي ته، عشق ۾ مان ناهيان چڙهي سگهندو. معنيٰ اِهو منهنجو آئيڊيلزم ئي ناهي ته عاشق سوليءَ تي چڙهي. جئن هاڻي ٿورو ٿورو هڪڙو ماڊرن شعر پيو ذهن ۾ اچيم، جنهن جو مفهوم هئو ته ”مون سان عذاب هي آهي ته مان، Hate به ڪريان ٿو ۽ Love به.“ ته مان به انهن ٻن ڪيفيتن جو شڪار آهيان. ظاهر آهي ته انهيءَ نظم وارو اهو خيال به ماڊرن آهي.... جديد. ماڻهوءَ کي عشق ۾ جان ڏيئي ڇڏڻ گهرجي، اهو ماڊرن ناهي، اهو ڪلاسڪ آهي. ۽ ان حوالي سان شاهه جو عشق به ڪلاسڪ آهي. چوي ٿو:

يعني Body talking to body هيءَ ته ڊي ايڇ لارنس واري ٿيوري آهي. اسين ته سمجهندا هئاسين ته ڊي ايڇ جي ناول ’ليڊي چيٽرليزلو‘ ۾ پورنو گرافي آهي، هي آهي، هو آهي. اها ته وڏي ڊسٽينس جي ڳالهه آهي. مثال طور ڪلاسز آهن. مٿيون ڪلاس Crippled آهي، هيٺئين ڪلاس جو ماڻهو سيڪسيوئلي Potent (طاقتور) آهي. انهيءَ کان پوءِ ان ناول ۾ جيڪي ڊائلاگ آهن، هڪڙي عورت جيڪا عام سوشل گپ شپ ۾ ٿي چوي ته اسين جڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهايون ٿا، تيڏي مهل خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، بلڪل ان طرح سان جنسي عمل ۾ به Body talking to body وارو عمل ٿيندو آهي.... ڀلا سينسيشنس هڪ ٻئي سان ڇو نه ٿا Exchange ڪري سگهون. ته Exchange Senses ... اهو آهي Sex – مرد ۽ عورت پاڻ ۾ آئيڊياز ايڪسچينج ڪري سگهن ٿا ته پوءِ Sensations به ڇو نه ٿا ڪري سگهن، ته چوڻ جو مطلب اهو ته اهي آهن هڪڙا محبت جا ماڊرن رويا. ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو ته: ’عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي‘  اهو پيار جو ماڊرن تصور آهي.

چڱو هتي هڪڙي وري ٻي ڳالهه ٿا ڪريون.... ۽ هڪڙي نئين ٿيوري آئي آهي دنيا ۾ Death of the earth ان ۾ هو چون ٿا ته ليکڪ جنهن مهل لکي ٿو، ان مهل ان جو موت اچي ويو، ختم! ۽ ان کان پوءِ جيڪا لکڻي آهي توهان جي، ان کي Autonomy (خود مختياري) آهي يعني ان جو پنهنجو وجود آهي. ان ڏانهن ئي ڏسو ۽ ان جي ليکڪ کي وساري ڇڏيو. ڏسو ته اُها اوهان سان ڪيئن ٿي ڳالهائي- سو مَن! شاهه سائينءَ کي به بس جنهن مهل پڙهان ٿو. تنهن مهل ڀٽ تي ويٺل شاهه کي مان ڪونه پڙهندو آهيان. تنهن مهل ان جي ڪردارن ۾ ان کي پڙهندو آهيان ته اُهي ڪيئن ٿا مون سان ڳالهائين....

طارق عالم: ڀٽائي صاحب جا ڪهڙا اهڙا بيت يا سٽون آهن، جن کي اوهين پنهنجي تنهائيءَ ۾ ياد ڪندا ۽ لطف ماڻيندا رهندا آهيو؟

آغا سليم: ]بي ساخته چوندي[ مَن! اها سٽ اجهو هي اٿئي:

’سڄڻ سُتا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور‘

ڇا ته رومانس آهي سائينءَ وٽ.... هي ان بيت جي ٻي سٽ ڏسو:

’اڀر چنڊ! پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور‘

هاڻي جيڪو محبوب ولهه ۾ چوٽا ڀري ڪپور، چانڊوڪي ۽ ولهه ۾ ستو پيو هجي ته اهڙو نفيس خيال بس لطيف ئي بيان ڪري سگهي ٿو.

نصير مرزا: ]کلندي پڇي ٿو[ ڀلا توهان لاءِ به ڪڏهن ڪٿي ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور... ڪنهن انتظار ڪيو. (۽ ان سوال تي آغا صاحب بي ساخته ٽهڪ ڏيئي ۽ ڪيئي سيڪنڊن تائين دل کولي کلندو رهيو.)

آغا سليم: من-! هاڻي اهي ڳالهيون به ڪي پڇڻ ۽ ٻڌائڻ جون آهن جو توکي مان ٻڌايان. چڱو هي ڪئيسٽ رڪارڊر بند ڪر ته ٻڌايانءِ ٿو ]۽ رڪارڊر بند ٿو ڪريان.[

نصير مرزا: آغا صاحب، چون ٿا ته مير تقي مير وٽ عشق جو صرف هڪڙو تجربو هو ۽ ان تي هن سڄا سارا شاعريءَ جا ڇهه ديوان سرجيا. توهان بنيادي طرح سان هڪڙا رومينٽڪ افسانه نگار آهيو ته اوهان جيڪي ڪيئي رومانوي افسانه لکيا آهن. اُهي ڪنهن هڪ ئي تجربي تي آڌارڪ آهن يا هر افساني لاءِ توهان کي نئون تجربو ٿيو.

آغا سليم: وحدانيت رڳو الله جو مَرڪ آهي من! ٻيا ته ان کان آجا ئي هوندا آهن، سو مون کان منهنجي عشقن جو تعداد نه پڇو، نه ئي مان ڪو ٻڌائيندس به. ۽ نه ئي ان کان وڌيڪ مان توکي ٻڌائي سگهندس.

طارق عالم: آغا صاحب، اوهان ڀٽائي صاحب کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ته اهو ڇا سوچي ڪيو اٿو؟

آغا سليم: من-! ٻه ٽي ڳالهيون منهنجي سامهون هيون. هڪ ته شاهه لطيف منهنجو Heritage آهي. بنيادي ڳالهه ته اها ئي آهي، ته مون اردو وارن کي اردو ترجمي ۾ ٻڌائڻ چاهيو آهي ته هي ڏسو! منهنجو سائين ڪيڏو وڏو شاعر آهي. ٻيو سائينءَ کي مون پنهنجي پر ۾... منهنجو خيال آهي ته مون ڊسڪور ڪيو آهي. ان اينگل سان سچ ٻڌايانو ته مون کان اڳ هن کي ائين ڪنهن به تلاش نه ڪيو آهي. مثال طور، مون سوچيو هئو ته سسئي تي اردو ۾ ڪو ڪتاب لکان: ’دشت وجود ڪي مسافت‘ ائين مون ان ۾ ڄاڻائڻ ٿي چاهيو ته، سسئي جي جيڪا مسافري آ، اُها وجود جي دشت جي مسافري آ، پنهنجو پاڻ کي Discover ڪرڻ جي مسافري آ، جنهن جي آخر ۾ سسئي چوي ٿي ته ’پنهون پاڻ ٿياس‘ ته ايئن مون تازو سنڌيءَ ۾ به هڪڙو ڪتاب لکيو آهي: ’شاهه لطيف وٽ غم جو فلسفو‘ ۽ ڀٽائي صاحب جو فلسفو آهي ته غم اوهان کي Purify ٿو ڪري جو Purify ڪرڻ کان پوءِ اوهان جڏهن اسٽرلائير ٿا ٿيو ته اوهان کي پنهنجو پاڻ مان، پنهنجو پاڻ نظر ٿو اچي ۽ اُهو پنهنجو پاڻ ڇا آهي؟ يعني ڪيچ وارو پنهون جيڪو آهي سو Irrelevant ٿو ٿي وڃي. سائين فرمائي ٿو:

ڳولهيان ڳولهان مَ لهان، شال، مَ ملان هوت.

اها ته بظاهر هڪ مريضانه سوچ آهي. ڀئي ڳولهيان ته پوءِ ڇو نه لهان. وري اڳتي چوي ٿو:

من اندر جا لوڇ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.

ڀئي لوڇ ڪا اينڊ ان اٽ سيلف آهي ڇا، جيڪڏهن سوچ اينڊ اٽ سيلف آ، ته پوءِ ته اِها بيماري آ. پاڻ کي ايذاءُ ڏيئي ان مان لذت حاصل ڪرڻ وانگر آهي.

-No يعني هن جو يعني سسئي جو جيڪو سفر هلي پيو، ان ۾ هو محسوس ڪري ٿي ته هاڻي

پرتوو پنهونءُ جو، جئن جهڙ ۾ جهالا.

ڏئي پيو ۽ هن کي اُهي جهالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ان جدوجهد ۾ هن کي جيڪو ايذاءُ رسيو آهي، غم نصيب ٿيو آهي، انهيءَ ۾ هن محسوس ڪيو ته پوءِ ٿي چوي پئي ته! ڳولهيان ڳولهيان مَ لها.

ته متان هُن پنهون سان ملنديس ته اِها ڪيفيت، جيڪو درد آهي، اُهو متان ختم نه ٿي وڃي، ته مَن-! ان ڪتاب ڀٽائي جي غم جي فلسفي ۾ مون پنهنجي پر ۾ سسئي کي ڄڻ نئين سر Discover ڪيو. سائينءَ جو هي بيت ٻڌو:

سدا هنيم سُور جي، اڳيان ڪوهيارو،

جو نجس نيکاري، سو پنهون وڌم پاند ۾.

يعني نجس، کي جيڪا شيءَ نيکاري، اُهو غم آهي، پور آهي، ڏات آهي جيڪو پنهون منهنجي ڀتار پاند  ۾ وڌو ته انهيءَ مون کي Purify ڪيو ۽ Purify ٿيڻ کان پوءِ مون پنهنجو پاڻ ۾ پنهون کي ڳولهي لڌو.

طارق عالم: آغا صاحب، لڳي ٿو ڀٽائي صاحب اوهان کي پنهنجي سحر ۾ ايترو ته جڪڙي ڇڏيو آهي جو ’ڪهاڻي‘ هاڻي توهان لاءِ بي معنيٰ بنجي ويئي آهي.

آغا سليم: Yes, توهان صحيح ٿا سمجهو، هاڻي منَ نه مون کي ڊرامو ٿو وڻي، نه اهو لکي ٿو سگهان، نه ڪهاڻي، نه ناول، ٽي ويءَ سان دلچسپي ختم ٿي ويئي اٿم، ۽ بس لطيف سائين ۾ گم رهڻ مون کي پسند اچي ويو آهي.

طارق عالم: ڇا توهان مذهبي ماڻهو بنجي چڪا آهيو؟

آغا سليم: نه مَن! مان ڪو مذهبي ماڻهو ناهيان. اُهي ئي Believes آهن منهنجا، جيڪي پهريان هيا.

علي دوست عاجز: توهان چوندا آهيو ته سائين جو سهڻي سُر، ڏک جو سُر آهي، پر اوهان هتي گهڻا مثال سُر سسئي مان ڏنا ته سهڻي لاءِ ڇا چوندا؟

آغا سليم: مون توهان کي ٻڌايو ته سائين جيڪو سُر سسئي چيو آهي، ته اهو ’دشت وجود ڪي مسافت‘ آهي يعني هوءَ جيڪو سفر ٿي ڪري، اُهو هو پنهنجي وجود ۾ ٿي ڪري يا جيڪو سورٺ راءِ ڏيارچ سُر آهي، ان ۾ Practically ڏياچ ڪوپاڻ کي ڪونه ٿو ماري، اها ته تمثيل آهي. يعني توهان هڪڙي ڪيفيت مان ٻي ڪيفيت ۾ اچو. يعني جڏهن توهان نابود ٿا ٿيو، تڏهين بود ۾ ٿا اچو. معنيٰ توهان جي جڏهن Transformation ٿئي ٿي، جئن مثال وٺون ته هڪڙو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سمجهي ٿو ته مان آغا سليم آهيان، نه سائين لطيف ٿو چوي ته اِها ’بود‘ آهي، نابود ۾ ڪيئن ايندي؟ جڏهن تون سمجهندين ته مان ڪُل جو هڪڙو جز آهيان ۽ مان ڪل آهيان، وحدت الوجود جو به اهو ئي ته تصور آهي ۽ هو جنهن مهل ڪل ۾ شامل ٿئي پيو ڏياچ، ته ان حالت مان مري ٿو وڃي، جنهن حالت ۾ ٻيجل هن سان ملي ٿو. تڏهن ڏياچ ٻيجل کي چوي ٿو ته:

عجب اٿم ايءُ، رات منهنجو ري،

ڪاٽيو تو ڪماچ سان.

ائين ئي وري مومل راڻي ۾ ڏسو، راڻو بي معنيٰ، Irrelevant ٿي ٿو وڃي. مومل جڏهن چوي ٿي ته:

’ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،

راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي جي ناهي ڪي.‘

ته ائين هو پنهنجي پاڻ کي Discover ٿي ڪري ۽ هاڻي ڇا جو راڻو ۽ ڇا جو ڪاڪ محل ۽ ڇاجي سومل! هر پاسي بس راڻو ئي راڻو... ته مون اوهان کي ٻڌايو پئي ته لطيف سائين تمام وڏو شاعر آهي. هاڻي ڇا، آهي ته سڀ معاملو ڌيان جو آهي. جن ماڻهن رسالو Compile ڪيو آهي، انهن بلڪل وڏو ڪم ڪيو آهي، پر اُنهن ڇا ڪيو آهي جو ڇاپي جي Thought جي evolution ڪرڻ نه ڏني اٿن. مثال طور انهن وٽ سسئي پڙهو، ته ان جي Thought جي evolution نظر نٿي اچي. سسئي آبريءَ ۾ سائين سسئي کان چورايو آهي ته: ’پنهون ٿيس پاڻ، معنيٰ ته ختم ٿي وئي نه، پر اڳتي وري چوي ٿي ته: ’قافلو ڪاهيندياس.‘ ۽ جيڪڏهن سسئي جاکوڙ ۾ رڌل هئي ته هي بيت ان سُر جو آخري بيت هجڻ گهرجي ها. جيئن شروع ۾ چوي ٿي: ’الا اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي‘ يعني هڪڙي تمنا آهي ته هو اچن، ۽ هاڻي جڏهن آيا ته انهن جي اچڻ سان ’نهن سين نيڻ ٺريام‘’ڪاجل ڪٺي آهيان‘، اهو بيت اچڻ گهرجي ۽ جنهن مهل پنهونءَ جا ڀائر هن کي وٺيو هليا ٿا وڃن ته فراقيه بيت اچڻ گهرجن. پر رسالي ۾ ڏسو، ان جي ابتڙ آهي. ڪو بيت ڪٿي آهي ته ڪو وري ڪٿي!‘ ۽ ائين سرن ۾ بيتن جي ترتيب، بي ترتيب رکي ويئي آهي، ۽ انهن ۾ مفهوم جي تسلسل جو، ڪوبه خيال نه رکيو ويو آهي.

اسحاق سميجو: ته ڇا توهين ان خيال جا آهيو ته رسالي جي ترتيب نئين سر ٿيڻ گهرجي؟

آغا سليم: بلڪل مون جنهن به هنڌ تي تقرير ڪئي آهي، ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته شاهه سائين جي رسالي جي درست ترتيب تي ڌيان ڏنو وڃي، پر تحقيق جي ميدان ۾ اڌ پڙهيا عالم شاهه تي قابض آهن ۽ اهو ڪم اڃا اڌورو پيو آهي.

اسحاق سيمجو: منهنجي خيال ۾ ته شاهه صاحب تي ڪم ڪرڻ وارا تمام گهڻائي نه- تمام وڏن نالن وارا به آهن....

آغا سليم: ]وچ ۾[ ها هوندا.... ها، هوندا....

اسحاق سميجو: جيئن قليچ صاحب آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي آهي، ڊاڪٽر بلوچ آهي ته اِهي سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبن جا Giants آهن.

آغا سليم: برابر انهن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ شاهه سائين کي Discover ڪيو آهي، وڏي عظمت سان! پر.....

اسحاق سميجو: پر هتي توهان کان پڇڻ آئون هي چاهيندس ته توهان جي خيال ۾، شاهه جي ڪلام جو ’روح‘ يا ان جو بنيادي ’جوهر‘ ڇا آهي؟

آغا سليم: ڀٽائي صاحب جي شاعريءَ جو روح ته آهي، ’وحدت الوجود‘، يعني مان ’پاڻ خدا آهيان‘، جيئن چيو اٿس: ’پُنهُون پاڻ ٿياس.‘ ڀٽائي صاحب ڇاڪاڻ ته هڪڙي وڏي ٺهراءَ وارو شاعر آهي ۽ ان ۾ جمال ئي جمال آهي، نه ڪي جلال.... سچل سائين ٿو چوي: ”آهيان پاڻ الله“ ڀٽائي ته ائين علي الاعلان نٿو چوي، سائين ته وري ڪردارن جي وسيلي ٿو ڳالهائي. پاڻ نه ٿو چوي ته، ’مان ئي هان سڀ ڪجهه.‘ سندس ڪردارن منجهان، جيئن سسئي ٿي چوي ته ’مان ئي هان سڀ ڪجهه.‘ مومل ٿي چوي ته ’مان آهيان‘ ۽ جيستائين توهان جي ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي روح وارو سوال آهي ته ان ۾ وحدت الوجود کان سواءِ ٻي ڳالهه (فلاسفي) آهي ئي ڪانه. جيئن چيو اٿن ته: ’ناٿ ڏٺائون نانهن ۾‘ هاڻي ان کان وڌيڪ، لطيف سائين توهان کي بابا! پنهنجي باري ۾، ڇا ٻڌائي، ته هُو ڇا آهي!؟

اسحاق سميجو: آغا صاحب توهين بنيادي طرح سان ناول نويس، ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار هئا، پوءِ هي تصوف ۽ شاهه لطيف.... طرف ڪيئن هليا ويا. ڇا توهان وٽ ان جو ڪو واضح ڪارڻ آهي؟

آغا سليم: جيڪڏهن مان ڊراما نويس نه هجان ها، افسانه نگار يا ناول نويس نه هجان ها ته مان شاهه کي ائين سمجهي ۽ Express نه ڪري سگهان ها. معافي جو طلبگار آهيان، جيڪڏهن هتي چوان ته شاعر ۽ محقق کان به وڌيڪ، تخليقي نثر نگار جيڪو هوندو آهي، اُهو وڌيڪ Creative هوندو آهي. شاعر ته بس ائين آهي جو رستي تي هلندي ڪا مصرع ذهن ۾ آيس ۽ نوٽ ڪري ورتائين، پر نثر مَن! بس ۾ سفر ڪندي ماچيس تي نه لکي سگهبو آهي. اُهو ڌيان گهرندو آهي، وقت ڊمانڊ ڪندو آهي. ڪردار، ۽ ماحول ان لاءِ جوڙڻو ۽ گهڙڻو پوندو آهي. ڊرامن، ڪهاڻين، ناولن ۾ ڪردار ٺاهڻا پوندا آهن. انهن جي نفسيات... ۽ اهڙو عمل ليکڪ ۾ وڏي Creativity پيدا ڪندو آهي. سو مان سمجهان ٿو ته مان جي فڪشن رائيٽر يا ڪردارن جو گهڙيندڙ نه هجان ها ته لطيف سائين جي ڪردارن، انهن جي روين، احسان ۽ تمثيلن کي سمجهي نه سگهان ها، جيئن محقق جي مقابلي ۾ مون انهن کي سمجهي، پنهنجي انداز سان Discover ڪيو آهي.

علي دوست عاجز: آغا صاحب، توهان نثر لکندا آهيو ته لڳندو آهي شاعري ٿا ڪريو، ته ڇا بنيادي طرح توهان شاعر هئا ڇا!؟

آغا سليم: منهنجي شايد ذهني گُرومنگ اهڙي ٿي آهي. ممڪن آهي ابتدا ۾ مون کي وڏا شاعر وڻندا هجن، جن جي مطالعي منهنجي نثر هيٺان شاعراڻي اڻت ڪري ڇڏي هجي، جنهن سبب اوهان کي منهنجو نثر شاعراڻو پيو محسوس ٿئي.

نصير مرزا: آغا صاحب توهان ڏاڍو ڇرڪائيندڙ اعتراف ڪيو آهي ته، هاڻي توهان کي ڊرامو، افسانو يا فڪشن اٽريڪٽ نٿو ڪري، جڏهن ته توهان ڪنهن وقت مون کي هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته، اوهان نِٽشي جي سپرمئن وانگر، سنڌ واسين کي هڪ آئيڊيل ڪردار پنهنجي ڪنهن ناول ۾ ڏيڻ چاهيو ٿا. ڇا اسين هاڻي توهان مان توقع نه رکون ته اهڙي ڪا شئي هاڻي اوهان ڪڏهن سنڌ واسين لاءِ لکندا؟

آغا سليم: مَن! اهڙو واقعي، مون کي خيال آهي ته، هڪڙو اهڙو ناول لکندس، ۽ اهڙو ڪردار سپرمئن جهڙو تخليق ڪندس، جيڪو وڏيرن کي ماريندو. انصاف ڪندو. هاڻي اهڙي ڪنهن ناول جو اهڙو ٿورو انداز مون کي غلام نبي مغل ۾ نظر اچي ٿو، ۽ ان لاءِ فن جي قرباني البته ضرور ڏيڻي پوي ٿي. جئن مون ٻڌايو ته اقبال، مسلمانن جي وڌندڙ زوال کي ڏسي،انهن ۾ روح پيدا ڪرڻ جي لاءِ، پنهنجي شاعريءَ جي بنيادي روح کي قربان ڪري ڇڏيو يا جيئن سراج جهڙي تمام سٺي ليکڪ، ’سنڌيت‘ جو جذبو قوم ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ناول ’پڙاڏو سو سڏ‘ کي فلمي انداز ڏئي ڇڏيو ۽ فني جوهر جي قرباني ڏيئي ڇڏي. ان ئي ڏس ۾، مون به چاهيو پئي ته سنڌين کي هڪڙو شاونسٽڪ ڪئريڪٽر ڏيان، ’جنگجو هيرو!‘ جيڪو انهن کي سجاڳ ڪري، سو واقعي ماضيءِ ۾ اهڙو خيال هئو منهنجو، پر هاڻي جڏهن،‘ هلڻ هارا منهنجا سپرين‘ واري عمر ۾ اچي پهتو آهيان ته من! هاڻي ڪهڙو ناول.... ڪهڙو ’سپرمئن‘..

طارق عالم: ڇا ڪو اهڙو وقت يا خيال آيو ته پنهنجون افسانوي تحريرون ڦاڙي ڇڏڻ گهرجن جيئن روايت آهي ته، ڀٽائي صاحب پنهنجو رسالو ڪِراڙ ۾ اڇلي ڇڏيو هو؟

آغا سليم: (کلندي) من! هينئر به منهنجو وس پڄي ته اُهي سارا ناول ڪهاڻيون ڦاڙي اُڇلي ڇڏيان، جو هاڻي انهن ڏانهن مڙي ڏسندو ئي ناهيان جو سوچيان ٿو ته انهن کي پڙهڻ سان ڇا محسوس ڪندس، انهيءَ ڪري شرم کان انهن کي پڙهندو ئي ناهيان. انهيءَ حوالي سان هتي هڪڙو مثال ڏيندو هلان، ته لتا منگيشڪر چون ٿا ته جڏهن پنهنجو گيت رڪارڊ ڪرائي وٺندي آهي ۽ جڏهن رڪارڊسٽ ان کي روائينڊ ڪري ٻڌڻ چاهيندا آهن ته، چوندي آهي، ته جڏهن مان هلي وڃان ته پوءِ ٻڌجو. سو مطلب آهي ڪو ماڻهو منهنجي ئي آڏو منهنجي ڪتاب کولي پڙهڻ لڳندو آهي ته منٿ ڪندو آهيانس: ادا! پوءِ پڙهجانءِ.... گهر وڃي.... منهنجي ’منهن تي ته نه پڙهه نه ادا.‘

طارق عالم: ائين ڇو ڀلا؟

آغا سليم: هڪڙي مشهور چوڻي آهي ته ماڻهو Being آهي. يعني، ڪا شئي Stagnant ناهي ۽ هر شيءِ ٿيندي رهڻ واري Process ۾ هوندي آهي. سو  بهتريءَ جي هر شيءِ ۾ گنجائش رهندي آهي ۽ اهڙي سوچ منهنجي به ذهن ۾ هر وقت رهندي آهي ته هي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، يا ڪيو ويو آهي، اُهو ٿوري محنت سان، اڃا به وڌيڪ بهتر ٿي پئي سگهيو.

طارق عالم: توهان تصوف کي پسند ڪريو ٿا ته ڇا اڳتي هلي ڪنهن صوفيءَ وانگر، زندگي گذارڻ جو ڪو ارادو آهي ڇا؟

آغا سليم: ٿورو پنهنجي سڀاوَ جي باري ۾ ٻڌايانوَ ته مون ۾ Reasoning تمام گهڻي آهي ۽ Analytic attitude پڻ يعني سُپر نيچرل شيون.... مثال ڪو اوچتو آواز ٿيو، ته مان ان کي analyze ڪندو آهيان ته اهو ڇو ٿيو؟ ائين نه چوندس ته اهو ڪوئي از غيبي آواز هو... ته مطلب ته باءِ نيچر، باءِ ٽيمپرامينٽ صوفي نٿو ٿي سگهان مان، جئن ماضيءَ وارا صوفي ٿي گذريا آهن. باقي انهن صوفين مون کي گهڙيو ڇِليو ضرور هوندو. جن کان مان متاثر رهيو آهيان.

هتي ان ڏس ۾ من! هيءَ به وضاحت ڪريان ۽ جنهن کي منهنجي خود ثنائي بلڪل نه سمجهجو ته صوفين وانگر پئسي کي مون ڪا اهميت ڏني ئي ڪانهي پنهنجي زندگيءَ ۾ ۽ حوالي سان هي محاورو به ٻڌائيندو هلان ته، I posses so that I may not be possessed سو منهنجي دولت، پئسي ۽ مال جي سلسلي ۾ attitude ٿورو صوفياڻو (Mystical) آهي ۽ پيار، محبت ۽ هيومن رليشن شپ ۾ ئي منهنجو ويساهه آهي، پر توهان جنهن روايتي صوفيءَ کي خيال ۾ رکي مون کان سوال ڪيو آهي ته اُهڙو صوفي، مان ڪڏهن به ٿي نٿو سگهان. بلڪل ئي نه!

طارق عالم: پوءِ ڇا آهيو هن وقت ۽ ڇا رهڻ چاهيو ٿا؟

آغا سليم: دهريو ٻهريو ته مان ناهيان منَ! (۽ کلندي) الله سان بس ٿوري سنگت آهي منهنجي ضرور.

نصير مرزا: آغا صاحب وري ٿورو افسانوي ادب جون ڳالهيون به ڪريون، جي اجازت ڏيو.

آغا سليم: (خوش دليءَ سان) ها، ها ڇو نه، بسم الله، بسم الله. ان موضوع تي ضرور ڳالهايو جو فڪشن کي مان سڀني آرٽس ۾، تمام وڏو آرٽ سمجهندو آهيان ۽ شاعري ۽ مصوريءَ کان به ان کي وڌيڪ ڀائيندو آهيان. ۽ اها منهنجي پنهنجي ذاتي پرسپيشن آهي ۽ ممڪن آهي مان ان ۾ غلط به هجان.

نصير مرزا: آغا صاحب توهان 60 واري ڏهاڪي ۾، جڏهن سنڌ ۾ نيشنلسٽ تحريڪون پوري زور تي هيون، تڏهن توهان ۾ بطور ’فڪشن رائيٽر‘ پاڻ کي ڪيئن سرخرو ڪيو هو؟

آغا سليم: مون وٽ  as such نعرو ڪو به ڪونه هو، منهنجو نڪتئه نظر هي هو ته ليکڪ پاران پڙهندڙن کي ڪلچرڊ بڻائڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته ليکڪ جنهن مهل لکندو آهي ته، ڄڻ ڪيٿارسس پيو ڪندو آهي. سو فڪشن، لٽريچر يا بيوٽيفل شيءَ جيڪا آهي، اها پڙهندڙ جي شخصيت جي اسٽيٽسڪو کي ختم ٿي ڪري. يعني شخصيت جو جيڪو اسٽيٽسڪو يا توازن آهي، جيڪو هُو پاڻ سان کڻيو پيو گهمي، ان کي ڊسٽرب ٿو ڪري. بس اِهو ئي منهنجي تحرير جو  پوشيده سلوگن آهي باقي ’مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون‘ يا ڪو ڪارل مارڪس، وغيره منهنجو سلوگن ناهي. ها! اِهي سڀ شيون منهنجي اندر ۾ برابر ته آهن، پر مون انهن کي پنهنجي انداز سان ئي ڏٺو ۽ بيان ڪيو آهي.

طارق عالم: توهان پنهنجي لکيل ڪنهن ڪهاڻي يا ناول کي ڇا ڊس اون ڪيو ٿا؟

آغا سليم: (کلندي) ڊِس اون ڪيئن ڪبو منَ! مون ته جيڪي گاريون ڏنيون آهن، مان اُهي به ’اون‘ ٿو ڪريان.

طارق عالم: شيخ اياز صاحب چوندو هو ته هو پنهنجي تازو شايع ٿيل ڪتاب، شايع ٿيڻ بعد پڙهي، رکي، وساري ڇڏيندو آهي ۽ نئون ڪتاب لکڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. توهان ٻڌايو ته توهان جو ڪو نئون ڪتاب ايندو آهي ته ان کي گهڻا ڀيرا پڙهندا آهيو؟

آغا سليم: منَ، مان پڙهندو ئي ناهيان، ڊپ هوندو آهي ته، پڙهندس ته ان ۾ عيب ئي نظر ايندا. (کلندي) خير هڪڙو دفعو ته پڙهبو ئي آهي. ان ڳالهه تي هي لطيف ٻڌو. هڪ ڀيري خلقڻهار آيو هيٺ، سک کان پڇيائين، تون ڪير آن، چيائين، مان مکڻي سنگهه آن پوءِ هن پڇيو تون ڪير آن؟ چيائين، مان خلقڻهار! پڇيائين مکڻ سنگهه تون ڇا ڪندو آن؟ چيائين مان ڪنڀر هان، ٿانو ٺاهيندو آن. پوءِ هن پڇيو تون ڇا ڪندو آن. چيائين ماڻهو ٺاهيندو هان، تڏهن سک پنهنجيءَ شڪل ڏانهن اشارو ڪندي چيو: اي بنده بڻايئي..... ۽ پوءِ پنهنجي ٿانون ڏانهن مُنهن ڪري چيائين: ڏس! هي منهنجا ٿانوَ، ڪيڏا  نه خوبصورت آهن، (کِلندي) سو منَ! مقصد اِهو ته جنهن مهل پنهنجو لکيل پڙهبو آهي ته، دل ۾ پيو چئبو آهي: هي لکيو اٿم؟

طارق عالم: ان کي ڇا توهان جي انڪساري سمجهون؟

آغا سليم: نه- منَ! انڪساريءَ جي ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي، پر مان هڪڙي سٺي رائيٽر جو جيڪو Concept آهي، مان ان تي پاڻ کي پورو لهندي نه ڀائيندو آهيان. ڳالهه اِها آهي، باقي ٻين سان پاڻ کي Compare ڪندي، ائين ڪونه پيو چوان. اصل ۾ منهنجيءَ ذات ۾ ڪي آئيڊيل آهن، ته افسانو لکجي ته انهن جهڙو. لکجي. چيخوف ٿي لکجي، دوست وسڪي ٿي لکجي.

اسحاق سميجو: ڇا سنڌيءَ يا اردوءَ ۾ به ڪو آهي، جنهن کي پنهنجي اظهار ۾ ڊڪشن ۾ اوهين بهتر ڏسو ٿا!

آغا سليم: سڀ سٺا آهن منَ! مان ڪنهن کي خراب چوان. شيخ اياز اسان وٽ سنڌيءَ ۾ جيڪي افسانه لکيا آهن، ڏاڍاسٺا آهن. جمال ابڙو آهي، ان سنڌي افساني کي هڪ نئون لهجو ڏنو آهي. نج نبار سنڌي ٻوليءَ ۾ هن اهڙا اهڙا  نثر ۾ مون تاج ٺاهيا آهن، جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي.

طارق عالم: ڀلا ابتدائي جديد افسانه نگارن مان نادر بيگ مرزا؟

آغا سليم: فرسٽ ڪلاس، ڏاڍو سٺو، ورهاڱي کان اڳ وارن افسانه نگارن ۾ نادر بيگ نئين Sensibility جو ماڻهو هو. هن جي افساني کي ماڊرن افسانو سڏي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ ان ئي دور ۾ ايم يو ملڪاڻي صاحب آهي، ائين ان جي لکيل ون ايڪٽ Plays ۾ به ڏاڍا سهڻا ۽ نوان تجربا آهن.

طارق عالم: ڀلا نسيم کرل؟

آغا سليم: بس ٺيڪ آ.... ان پس منظر ۾ وري ٿو اِها ڳالهه ٻڌايانوَ ته علم کان سواءِ، ڪجهه ناهي. نسيم پڙهندو گهٽ هو ۽ بلونت سنگهه ۽ ’چور چاند اور رات‘ جهڙا ڪتاب پڙهي افسانه لکندڙ هو. ڪو شاعر هجي يا افسانه نگار.... هي آورد وارو زمانو ناهي منَ! پڙهي، وڏو مطالعو ڪري ’لکڻ‘ وارو زمانو آهي. هر علم کي پاڻ ۾ داخل ڪري، پوءِ ان جي آڌار تي پاڻ کي اظهارڻ جو زمانوآ هي.

ڪنهن زماني ۾ هڪڙو فقيراڻو نعرو پيو ٻڌبو هو ته ’علمون! بس ڪرين وو يار.....!‘ اِهو بلڪل هڪڙو غلط نعرو آهي. تصوف ۾ بوعلي سينا چوندو هو ته خدا جيڪا پهرين پهرين شيءَ خلق ڪئي، اُهو هئو: عقل...! (الاس! ان جواب ڏيندي موبائيل تي آغا صاحب جو فون ۽ فون تي ڊگهي گفتگوءَ سبب اِهو سندس جواب اڌ ۾ ئي رهجي ويو)

طارق عالم: ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌي اديبن شاعرن ۾ مطالعي جي کوٽ آهي؟

آغا سليم: ها! من! ڇا آهي ته پنهنجو ادب ان سطح تي نه پهتو آهي جتي چئون ته اُهو Assess پيو ٿئي. اِهو منهنجو ذاتي خيال آهي. ۽ ٻيو اهو ته ادب ۾ اسين سهل پسند آهيون. ڪنهن افسانو لکيو ته بس اُهو ان ڏينهن کان افسانه نگار ٿي ويو. جنهن جي طبيعت ۾ ڪا ٿورڙي موزونيت آهي ۽ فاعلاتن فاعلات ڪرڻ ان کي اچي ويو ته، شاعر ٿي ويو اُهو، پوءِ ادبي سنگت ۾ ويو ته اتي دانشور ٿي ويو ۽ منهنجو خيال آهي ته افسانه نگار يا شاعر، ڪنهن به طرح سان دانشور سڏرائڻ جو اهل ناهي هوندو، اهو يا افسانه نگار هوندو آهي يا شاعر ڪو پاڻ کي ائين سڏرائي ٿو ته اِها نهايت ئي غلط ڳالهه آهي. هتي اهو به واضح ڪندو هلان ته مان جي ڪنهن عمل جي negation ٿو ڪريان ته ان جو اِهو مقصد نه سمجهيو وڃي ته پنهنجي Assertion نه پيو ڪريان. رائيٽر لاءِ هن دور ۾ پڙهيو لکيو هجڻ تمام ضروري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو فڪشن رائيٽر آهي ته پاڻ کي وڏو ولوڙڻو پوندو. اسان جوڀٽائي، ان جو مثال آهي ۽ منهنجو اندازو آهي ته جنهن ابن عربي کي پڙهيو ۽ پرجهيو آهي، اهو ئي سمجهي سگهي ٿو ته اسان جي آئيڊيل شاهه لطيف جو مطالعو ڇا هو. سنڌ جي تصوف جي تاريخ جو وڏو ماڻهو مخدوم معين ٺٽوي ڀٽائي جو استاد هو. وحدت الوجود جو درس ڀٽائي صاحب کي ان ئي بزرگ وٽان پلئه پيو هو.

سو منَ! ڳالهه چٽي آهي ته پاڻ وٽ هن دور ۾ سنڌي اديبن ۾ علميت ڪانهي. ڪو سٺو پڙهيو لکيو نقاد ڪونهي ۽ سچ پڇو ته هاڻي نه ڪو وڏو شاعر آهي، نه فڪشن رائيٽر.... ان ڏس ۾ مقابلي طور ٿورو رڳو ’سارتر‘ کي ڏسو. ائين هجڻ گهرجي فڪشن رائيٽر کي، ايترو پڙهيو لکيو (کِلندي). هيڏانهن پاڻ وٽ حالت اِها آهي جو اسان وٽ جيڪو گهران رٺو.... لکيائين ’جيجل ماءُ سنڌڙي مان توتان قربان‘ شعر ۾ لکيائين ’مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون.....‘ شاعر ٿي پيو، وڏو اديب ٿي پيو.... (جذباتي ٿيندي) اِهو ادب ناهي. I tell you ادب ان کان گهڻو اڳتي آهي.

اسحاق سميجو: توهان سمجهو ٿا ته هند- توڙي سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ ڪو ’وڏو ناول‘ ڇو لکجي نه سگهيو آهي!؟

آغا سليم: جيتريقدر ’هند‘ جي يا هند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪن جي ڳالهه آهي ته انهن جا ثقافتي، سياسي، اقتصادي مسئلا پنهنجا آهن. هو هتان ويا ته ڀڳل ڀريل هئا. هاڻي پيرن تي بيٺل آهن ته هنن جا مامرا ٻيا ٿي پيا آهن. ان ڏس ۾ مون هڪ دفعي نند جويري کي چيو ته ڪاوڙجي پيو، چيومانس ته هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسين سنڌي مسلمان گهر، شهر، واهه ٽپي ٻاهر ٿا وڃون ته محسوس ٿا ڪريون ته پرديس ۾ پهچي ويا آهيون، توهان لنڪا..... لنڪا  ڪندا وڃي اتي ٿا پهچو (جئن هندو سنڌ ورڪين بابت شاهه ڀٽائي صاحب اسان کي ٻڌايو آهي) توهان اسان جي مٽي ۽ آبهوا ساڳي آهي، پر ان جو مطلب مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته، توهان وڃو لنڪا نڪرو، پاڻ کي پرديسي نٿا ڀانيو ۽ اسين سنڌي مسلمان واهه ٿا ٽپون ته، جهڙو ديس بدر ٿي وياسين. ٻيو اهو ته اهو الائي ڇا آهي جو، سنڌي هندن ۾ نه ڪو وڏو  گويو پيدا ٿيو، نه وڏو ڪو شاعر جيڪڏهن ڪو ٿيو ته وڌ ۾ وڌ سامي.... يا پوءِ جي دور ۾ نارائڻ شيام ته مون چيو پئي ته سنڌ جي ڪلاسڪ ۾ رڳو شاهه آهي، سچل به نه.... اهو به بيشڪ شاعر آهي، ان کي به وڏو شاعر ڏيکارڻ لاءِ سليڪشن ڪرڻي پوندي ۽ سڀ ان جو به سٺو ناهي، ته خير ڳالهه اسان هند ۽ سنڌ ۾ وڏي ناول نه لکجڻ جي پئي ڪئي ته وڏو ناول سنڌ ۾ به ناهي لکيو ويو. ڇو ناهي لکيو ويو؟ مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ها ايترو بلڪل چئي سگهان ٿو ته پنهنجي پاسي وڏو ناول، ناهي لکيل (ياد ڪندي) ها! مون اوهان کي ٻڌايو پئي ته نند جويريءَ کي مون  چيو ته، توهان ڏي ته ليکڪ ڏاڍو پڙهيو لکيو آهي، پوءِ انهن ۾ ڪو وڏو ناول نگار ڇو پيدا ڪونه ٿيو؟ موهن ڪلپنا ان ڏس ۾ سٺي ڳالهه ڪئي آهي ته اسان واڻين کي ورثي ۾ ادب نه، ’وٽ ۽ تارازي‘ ملي آهي، پر هيڏانهن ٿيندو ائين آهي ته، ادب ۾ جيڪو ’وٽ ۽ تارازيءَ‘ جو هنر ڄاڻي ٿو، اُهو ئي ماڊرن ۽ وڏو ادب لکي سگهي ٿو.

علي دوست: سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏو شاعر نه، پر وڏا شاعر پيدا ٿيا آهن، ڇا منهنجو اهو سوال صحيح آهي!

آغا سليم: (مُرڪندي) منَ! ٿيا هوندا، (۽ ان جواب تي آغا صاحب پاڻ ئي سواليه انداز ۾ ٽهڪ ڏيندي جواب ٿو ڌئي) ادا، هڪڙي ڳالهه منهنجي ياد ڪريو، ته جڏهن مان هتي ڪن شخصيتن جي Negation ٿو ڪيان ته پاڻ کي شامل نٿو ڪريان، جئن متان چئبو آهي ته، ٻين کي نٿو مڃي ۽ رڳو پاڻ کي پيو ٿو پڏائي …No- سو مَن! هوندا وڏا شاعر به....

طارق عالم: واقعي آغا صاحب... لطيف سرڪار ته لطيف آهي، پر توهان اياز صاحب کي به ته وڏو ٽربيوٽ ڏيندا رهيا آهيو!؟

آغا سليم: اياز برابر وڏو شاعر آهي. جڏهن لطيف سرڪار جي ڪلهوڙا دور مان اسين نڪرون ٿا ته اياز جي Sensiblity ۾ شامل ٿيو، ٿا وڃون. لطيف اسان جو ورثو آهي ۽ رهندو، جڏهن ته اسين جڏهن ماڊرن دورن ۾ اينداسين ته اسان کي اياز جو نالو کڻڻو پوندو. سندس هڪ شعر آهي: ’چنگهندي چنگهندي آئي پٽي تي ٽرام‘ اها اياز جي ماڊرن پوئٽري آهي ۽ اياز تمام وڏو شاعر آهي، اسين ۽ اسان جهڙا ته هن جي آڏو جيتامڙا ٻيتامڙا ويچارڙا آهيو. ]۽ ڊگهي وقت تائين هلندڙ انٽرويو دوران آغا ڪئيسٽ هلندي ڏسي، چوي ٿو: مان کي ته ولوڙي ڇڏيو اٿو مَنَ![

اسحاق سميجو: (ٽهڪ ڏيندي) توهان کي اڃا ته وڌيڪ ولوڙينداسين. اڃا ته جهڙوڪر ڪجهه ناهي پڇيو اسان اوهان کان!

نصيرمرزا: آغا صاحب! توهان شيخ اياز صاحب بابت هڪڙو ڪتاب لکيو آهي: ’صدين جي صدا‘ ان ۾ توهان اياز کي هڪڙي ڏاڍي نئين اينگل سان پرکيو آهي. ڇا اِن ڪتاب کي ڪا موٽ ملي آهي؟

آغا سليم: ان ڪتاب کي پذيرائي ان ڪري نه ملي، جو هي دور تاج بلوچ جو دور آهي، انهيءَ جهڙي سوچ ۽ ليول جو دور آهي.

اسحاق سميجو: ان حوالي سان مان هتي اهو پڇڻ پيو چاهيان ته، هڪڙي پاسي توهين آهيو، جيڪي شيخ اياز کي ائين ڊسڪور ڪيو ٿا، دانشورانه ۽ فڪري انداز ۾ ۽ ٻئي پاسي، اهڙا ماڻهو آهن، جن ڏانهن توهان اشارو ڪيو ۽ جن جي هٿن ۾ اياز لاءِ پٿر ئي پٿر آهن، ته اهڙي سوچ رکندڙ بابت ڇا چوندو؟

آغا سليم: اِهو ته طئي آهي ته ٻه گروپ آهن، ۽ اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪي ان جي Negation ڪن ٿا، انهن جو به اياز ڏانهن علمي رويو ناهي. انهن جو نظريو هي آهي ته، هن کي ڊاهيون ۽ ڪيرايون، جئن اسان نمايان نظر اچون، انهيءَ ۾ امداد به ٿي سگهي ٿو ۽ شمشير به- ته من اياز جي سامهون اِهي ڏاڍا ننڍڙا شاعر آهن. هتي چٽائي ڪريان ته اياز منهنجو ڪو مائٽ ڪونهي، پر دل سان ٿو چوان ته، تمام وڏو شاعر آهي. ۽ ڇاڪاڻ ته اياز اڃا پورو اسان کان برداشت نٿو ٿئي، ان ڪري منهنجو ڪتاب ’صدين جي صدا‘ بقول اوهان جي، نئين اينگل سان لکيل ڪتاب، اڃا هر واسي نه ٿي سگهيو آهي. منهنجو خيال آهي ته، جڏهن اسان جي جيءَ ۾ شيخ اياز لاءِ جهروڪو کلندو ته، هو پوريءَ طرح سان Discover  ٿي اسان جي سامهون ضرور اچي بيهندو.

نصير مرزا: آغا صاحب، توهان جو هڪڙو شعر آهي ته: ’سورج بڻجي جرڪندا، ديوانن جا خواب.‘ ته توهان جي اندر جي ديواني شاعر جا ڪهڙا اهڙا خواب آهن جن جي لاءِ شاعر جي دل، خواهش ٿي ڪري ته اُهي سورج بڻجي جرڪن؟

آغا سليم: منَ! 80 ۾ ڪراچيءَ ۾ جيڪو سچل انٽرنيشنل سيمينار ٿيو هو، ان ۾ مون هڪ نظم پڙهيو هيو، جنهن ۾ مون چيو هو ته:

ڪو خواب شاهه عنايت جو

ڪو خواب شاهه بلاول جو

گهاڻي ۾ پيٺل ماس آ،

ڌرتيءَ جو بنيو اتهاس آ.

سو من! ان ديواني شاعر جا خواب اِهي ئي آهن، جيڪي خواب شاهه عنايت ڏٺا، جيڪي مخدوم بلاول ڏٺا ۽ اُهي ئي خواب آهن، جيڪي هاڻي تون ۽ مان ٿا ڏسون ۽ اِهي ئي خواب..... ديوانن جا اُهي خواب آهن، جيڪي هڪ ڏينهن ضرور سورج بنجي جرڪندا.

نصير مرزا: توهان جهڙو نفيس رائيٽر ۽ ريڊيو آفيسر به، ٻڌو ٿئون ته ريڊيو حيدرآباد تان گرفتار ٿي، نارا جيل ۾ پهچايو ويو هو، ته اِهو ڇا قصو هو.

آغا سليم: بس من! هروڀرو (کلندي ۽ ٽاريندي) ان ڪري موڪليو ويس ته، اُتي وڃي شاعري ٻاعري ڪريان، پڙهان... لکان....

اسحاق سميجو: وري به ڪجهه ته ٻڌايو.....

آغا سليم: بس ادا ريڊيو اسٽيشن تي هئا ڪي مهاجر، جن جي چُرچ ٿي.... واٽ ويندي ٻانڀڻ.....

]آغا صاحب جي ان، گول مول ۽ مبهم اعتراف تي اسين کلڻ ٿا لڳون[

نصير مرزا: توهان هي جيڪا شاعري ڪئي آهي، ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘ مجموعي واري اها ڪهڙي ماحول ۾ اوهان سِرجي هئي؟

آغا سليم: سچ ٻڌايان ته، زندگيءَ ۾ جيڪو مون کي شديد شاڪ لڳو، اُهو ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ واري خبر ٻڌي ٿيو هو. يعني ايڏو وڏو ماڻهو، ايڏي بيدرديءَ سان سوليءَ تي ٽنگي ڇڏيائون.

ان شدت ۾ مون کان ڏاڍي شاعري لکجندي وئي. ان جو هڪڙو پس منظر اِهو به هو ته هڪڙي ايڏي وڏي ذهين سنڌي ماڻهوءَ کي ختم ڪيو ويو! ۽ ان حوالي سان هڪڙو ڊپ ۽ خوف مون کي محسوس ٿيو هو ۽ اِهي منهنجا پنهنجا Fears هئا ته ڇا ايڏي آسانيءَ سان هو اسان سنڌ واسين کي به ختم ڪري ڇڏيندا. ان سانحي کان پوءِ ۽ هاڻي تائين جڏهن جڏهن  به مون ڪو شعر لکيو آهي، ان ئي خوف ۽ ان ئي حوالي سان پئي لکيو آهي.

نصير مرزا: چاهيون ٿا ته اڄ اعترف ڪريو ته اوهان جي رومانوي ڪهاڻين ۾ خواتين جا، جيڪي ڪردار آهن، اهي اوهان جا ڏٺل وائٺل آزمايل ڪردار آهن يا محض خيالي....

آغا سليم: اِهي من (ڳالهه کي ٽاريندي) خيالي وڌيڪ آهن يا مشاهدن تي مشتمل آهن، جو ظاهر آهي ته ڏٺو هوندوسين ڪن نوجوانن کي عشق ڪندي.

اسحاق سميجو: توهان به ڪڏهن اهڙا نوجوان رهيا آهيو ۽ توهان به ڪو عشق ڪيو هوندو.....

آغا سليم (زوردار ٽهڪ ڏيندي) ها من!.... ڪيو.... هوندوسين، پاڻ به ڪڏهن ڪو عشقڙو ٻشقڙو..... جو ظاهر آهي هر ڪوئي ٿو ڪري، اها ڪا اهڙي نئين ڳالهه ته ڪانهي نه ادا!

اسحاق سميجو: چڱو ڀلا، تفصيلن نه ئي سهي، اشارن ۾ ئي کڻي ٻڌايو.

آغا سليم: منهنجو هڪڙو اردو شعر آهي ته:

پیاس سے چٹخا ہوا ہے تن بدن

ٹوٹ کر برسے بھی اب کوئی گھٹا-

هڪ دفعي فهميده رياض مون کان پڇيو هو ته اها ڪير!؟ ته وراڻيو مانس: زندگيءَ ۾ ڪو ماڻهو اهڙو ملندو آهي، جيڪو توهان کي بي پرواهه بنائي ڇڏيندو آهي، جيڪو توهان کي Librate ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهڙو سرشار ڪري ڇڏيندو آهي، جو پوءِ.. توهان کي ڪنهن جي پرواهه جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي آهي. سو بس ڪٿان ڪنهن هستيءَ وٽان، اِها Libration مون کي به سچ ٻڌايانوَ ته ايتري ته ملي وئي جو..... بس وڌيڪ جي ضرورت ئي نه پئي.

نصير مرزا: چڱو وري توهان جي تحقيق ۽ ترجمي واري ڪم ڏانهن ٿا هلون، ۽ پڇڻ ٿا چاهيون ته، ڀٽائي ته توهان جو پنهنجو سنڌ جو هو، جنهن کي اوهان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان جي شاعريءَ ۾ غم جي فلسفي بابت ڪتاب لکيو. پر هي بابا فريد گنج شڪر جي پنجابيءَ ۾ لکيل بيتن جي سنڌي ترجمي ڪرڻ وارو خيال ڪيئن آيو؟

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org