سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: سقراط جي گفتگو

باب: --

صفحو :15

 

41

هن چيو ته، هاڻي اچو ته ڪم هٿ ۾ کڻون، ۽ پهريائين، جيڪڏهن اوهين ڀانيو ته مون اوهان جون حجتون وساري ڇڏيون آهن ته اهي وري ٻڌايو. آءُ ڀانيان ٿو ته، سمئس کي خوف ۽ شڪ آهي ته روح جيتوڻيڪ جسم کان وڌيڪ مقدس ۽ اعليَ آهي، تڏهن به هو هڪڙي همسازي (Harmony) جو قسم آهي، ۽ تنهنڪري متان جسم کان اڳ ناس ٿي نه وڃي. جيڪڏهن آءُ ڀلو نه آهيان ته، ڪيبيز قبول ڪري ٿو ته، روح جسم کان وڌيڪ جٽائدار آهي؛ پر هو چوي ٿو ته ڪوبه چئي ڪين سگهندو ته ڪو روح، گهڻائي دفعا گهڻن جسمن جوڙڻ بعد، پوئين جسم مان پاڻ ڇڏڻ وقت ناس ٿي نٿو وڃي، ۽ شايد موت جي معنيَ ئي کڻي هجي روح جو ناس ٿيڻ؛ ڇو ته جسم جو ناس ٿيڻ ته سدائين پيو ٿو هلي. سمئس ۽ ڪيبيز، آهي ڪجهه ٻيو، جنهن تي اسان کي غور ڪرڻو آهي؟

هنن ٻنهي قبول ڪيو ته، اهي ئي سوال آهن.

هن پڇيو ته، اسان جيڪي اڳي نتيجا ڪڍيا آهن، سي سڀئي اوهين رد ڪريو ٿا، يا فقط انهن مان ڪي؟

هنن جواب ڏنو ته، انهن مان فقط ڪي.

هن چيو، چڱو، اوهين اسان جي انهيءَ عقيدي بابت ڇا ٿا چئو، جنهن موجب علم يادگيري آهي، ۽ تنهنڪري اسان جا روح اسان جي جسمن ۾ قيد ٿيڻ کان اڳ ضرور ڪٿي حيات رهيا هوندا؟

ڪيبيز جواب ڏنو ته، مون کي انهيءَ عقيدي اڳي ئي چڱي طرح خاطري ڏياري هئي، ۽ هاڻي ڪوبه ٻيو عقيدو نه آهي، جنهن ۾ مون کي وڌيڪ ويساهه هجي.

سمئس چيو ته، ۽ منهنجو به اهو ئي خيال آهي؛ بلڪه تڏهن مون کي تمام گهڻو عجب لڳندو، جڏهن آءُ انهيءَ کي ڪڏهن کڻي ڦيرائيندس.

سقراط چيو ته، پر، منهنجا ٿيبيس وارا دوست، توکي اهو خيال بدلائڻو پوندو، جيڪڏهن تنهنجو هي رايو بيهڻو آهي ته، همسازي (Harmony) هڪڙي مرڪب چيز آهي، ۽ روح جسم جي عناصرن جي پوري ميلاپ مان جڙيل همسازي (Harmony) آهي. تون پاڻ کي ائين چوڻ جي اجازت ڏئي ڪين سگهندين ته ڪو همسازي (Harmony) انهن شين کان اڳ حيات هوندي، جن مان هوءَ جڙي آهي؟ تون ائين ڪري سگهندين؟

سقراط! بلڪل نه.

پر تون ڏسين ٿو ته تنهنجن لفظن مان هيءَ معنيَ نڪري ٿي ته روح انسان جي جسم ۽ شڪل ۾ اندر اچڻ کان اڳ حيات هو، ۽ تنهن هوندي به هو اهڙن عنصرن مان جڙيل آهي جيڪي اڃا حيات نه هئا؟ تو واري همسازي (Harmony) اهڙي نه آهي جهڙيءَ سان تون هن کي ڀيٽين ٿو. سرندو ۽ تارون ۽ آواز، سر ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي زنده هئا؛ ۽ همسازي (Harmony) سڀني کان پوءِ پيدا ٿي ٿئي، ۽ سڀني کان اڳ ۾ ناس ٿي ٿئي. تنهنجو هي ويساهه تنهنجي ٻئي عقيدي سان ڪيئن ڀچي ايندو؟

سمئس جواب ڏنو ته، اهي ڪين ڀچندا.

هن چيو ته، ۽ تنهنڪري همسازي (Harmony) بابت دليل ۾ اختلاف جي جاءِ هئڻ نه گهرجي.

سمئس چيو ته، تحقيق، نه.

هن چيو ته، پر تنهنجي دليل ۾ اختلاف آهي. توکي فيصلو ڪرڻ کپي ته تون ڪهڙو عقيدو رکندين، علم يادگيري آهي، ڪين روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي.

هن جواب ڏنو ته، سقراط، ضرور پهريون رکندس. پويون ڪڏهن به منهنجي اڳيان ثابت نه ٿيو آهي؛ اهو فقط ممڪن ۽ چڱن سببن تي بيٺل آهي، جن جي ڪري هو عام ماڻهن جو رايو ٿي پيو آهي. مون کي معلوم آهي ته جن عقيدن جون ثابتيون ممڪن ڳالهين تي بيٺل هونديون آهن، سي دولابي هوندا آهن، ۽ اهي، جيڪڏهين خبردار نه رهبو ته، جاميٽريءَ ۾ توڙي ٻيءَ سڀ ڪنهن ڳالهه ۾، اڪثر ڪري گمراهه ڪندا آهن. پر يادگيري ۽ علم وارو عقيدو اهڙي بنياد تي بيٺل آهي جو اعتبار تي دعويَ ڌري سگهي ٿو. اسان قبول ڪيو هو ته روح جسم ۾گهڙڻ کان اڳ زنده آهي، ۽ انهيءَ ڳالهه جي ايتري قدر خاطري آهي جيتري انهيءَ جوهر جي، جنهن جو نالو آهي خالص هستي. ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته آءُ انهيءَ جوهر ۾ حق جي ڪري ۽ پوريءَ گواهيءَ جي ڪري اعتبار رکان ٿو. ۽ آءُ سمجهان ته انهيءَ ڪري نڪي آءُ پاڻ کي ۽ نڪي ڪنهن ٻئي کي اجازت ڏئي سگهندس ته چئجي ته روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي.

 

42

سقراط چيو ته، سمئس، هن سوال کي ٻيءَ طرح به جاچ، تون ڀائين ٿو ته ڪا همسازي (Harmony) يا ڪا ٻي مرڪب شيءِ ڪنهن ٻيءَ حالت ۾ زنده رهي سگهندي، انهيءَ حالت کان سواءِ جا انهن عنصرن جي آهي، جن مان هوءَ جڙيل آهي؟

بلڪل نه.

نه ئي وري آءُ ڀانيان ٿو ته، هوءَ ڪجهه ڪري سگهندي يا سهي سگهندي انهيءَ کان وڌيڪ جيڪي هو ڪري سگهن ٿا ۽ سهي سگهن ٿا.

هن هائو ڪئي.

تنهنڪري ڪابه همسازي (Harmony) جن عنصرن جي هوءَ جڙيل آهي تن جي رهبر ٿي ڪين سگهندي، هن کي ضرور هنن جي پٺيان هلڻو پوندو؟

هن اها ڳالهه قبول ڪئي.

۽ هوءَ  ڪنهن به صورت ۾ پنهنجن جزن جي برخلاف چري، يا آواز ڪڍي، يا ٻيو ڪجهه ڪري ڪين سگهندي.

هن ورندي ڏني ته، تحقيق ڪري ڪين سگهندي.

چڱو، ائين ڪين آهي ته سڀڪا همسازي (Harmony) پنهنجي فطرت موجب اهڙي همسازي (Harmony) آهي جهڙيءَ طرح هوءَ بنائي وئي آهي؟

هن جواب ڏنو ته، آءُ تنهنجي ڳالهه سمجهي نٿو سگهان.

هن چيو ته، جيڪڏهن هوءَ وڌيڪ ۽ زيادهه حد تائين سر تي آندي وڃي، جي ائين ممڪن هجي، ته پوءِ هوءَ وڌيڪ همسازي (Harmony) ۽ وڌيڪ حد واري همسازي (Harmony) ڪين ٿيندي، ۽ جيڪڏهن هوءَ گهٽ ۽ ٿوري حد تائين سر تي آندي وڃي، ته جيڪر هوءَ گهٽ همسازي (Harmony) ۽ ٿوريءَ حد واري همسازي (Harmony) ڪين ٿيندي؟

تحقيق.

چڱو، روح بابت ائين چئي سگهبو؟ ٿي سگهندو هڪڙو روح ٻئي کان ڪنهن به درجي ۾ زياده روح ۽ وڌيڪ حد وارو روح، يا گهٽ روح ۽ ٿوري حد وارو روح؟

هن جواب ڏنو ته، بلڪل نه.

هن چيو ته، چڱو تڏهن مهرباني ڪري مون کي هي ٻڌاءِ؛ چيو ڪين ويندو آهي ته هڪڙو روح کي هوش ۽ زهد آهي ۽ هو نيڪ آهي، ۽ وري ٻئي روح لاءِ چيو ويندو آهي ته هن ۾ حماقت ۽ قباحت آهي ۽ هو بد آهي؟ ۽ اها ڳالهه برابر ڪين آهي؟

هائو، تحقيق.

تڏهن اُهي، جيڪي چون ٿا ته روح هڪڙو همسازي (Harmony) آهي، ڇا چوندا زهد ۽ قباحت بابت، جيڪي اسان جي روحن ۾ آهن؟ هو چوندا ته زهد هڪڙي ٻي همسازي (Harmony) آهي ۽ قباحت هڪڙي ٻي ناسازي آهي؟ چوندا هو ته نيڪ روح سر تي بيٺل آهي، ۽ هو پاڻ هڪڙي همسازي (Harmony) آهي، ۽ پاڻ اندر وري ٻي همسازي (Harmony) اٿس ۽ بد روح پاڻ سر کان نڪتل آهي، ۽ پاڻ اندر ٻي ڪابه همسازي (Harmony) ڪانه اٿس؟

سمئس چيو ته، آءُ چئي نٿو سگهان. پر ايترو صاف آهي ته هنن کي اهڙيءَ طرح ڪجهه چوڻو هوندو.

هن چيو ته، پر ايترو قبول ڪيو ويو آهي ته، هڪڙو روح ٻئي روح کان وڌ يا گهٽ روح نه آهي. يعني، اسان قبول ڪيو آهي ته هڪڙي همسازي (Harmony)، ٻيءَ همسازي (Harmony) کان وڌيڪ يا زياده حد واري، يا گهٽ يا ٿوري حد واري ڪڏهنبه نه ٿيندي. ائين ڪين آهي؟

هائو، تحقيق.

۽ جيڪا همسازي (Harmony) نڪي وڌيڪ ۽ نڪي گهٽ همسازي (Harmony) آهي، سا وڌيڪ يا گهٽ سر تي ٿي ڪين سگهندي. ائين آهي؟

هائو.

۽ جيڪي نه وڌيڪ نه گهٽ سر تي آهي، تنهن کي همسازي (Harmony) جو وڌ يا گهٽ حصو هوندو، ڪين برابر حصو هوندو؟

هن کي برابر حصو هوندو.

تڏهن، جنهن صورت ۾ هڪڙو روح ٻئي روح کان ڪڏهين به وڌ يا گهٽ روح نه آهي، تنهن صورت ۾ هو وڌ کان گهٽ سر تي نه هوندو.

برابر.

تنهنڪري هن کي همسازي (Harmony) يا ناسازي جو وڌيڪ حصو نه هوندو.

بلڪل نه.

۽ تنهنڪري هڪڙي روح ۾ ٻئي روح کان وڌي قباحت يا زهد نه هوندو، جيڪڏهن قباحت جي معنيَ آهي ناسازي، زهد جي معنيَ آهي همسازي؟

ڪنهن به حالت ۾ نه.

سمئس، جيڪڏهن بلڪل برابر طرح ذڪر ڪيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته، چئي سگهبو ته جيڪڏهن روح هڪڙي همسازي آهي ته ڪنهن به روح ۾ قباحت ڪانه هوندي. آءُ سمجهان ٿو ته ڪنهن به همسازي جا ڪامل همسازي آهي، ناسازي هرگز نه هوندي.

تحقيق نه.

نڪي ڪنهن به روح ۾، جو درست روح آهي، قباحت هوندي؟

نه، جيڪي چيو ويو آهي تنهن مان ضرور اهائي معنيَ نڪري ٿي.

تڏهن هن مباحثي جو نتيجو هي نڪرندو؛ جيڪڏهن پنهنجي فطرت موجب سڀ روح هڪ جهڙا آهن ته ائين سڀني جاندار شين جا روح هڪ جهڙائي نيڪ هوندا.

هن چيو ته، هائو، سقراط، آءُ ائين ٿو ڀانيان.

هن پڇيو ته، تون ڀائين ٿو ته ائين برابر آهي، ۽ اسان جي مباحثي جي هيءَ پڄاڻي ٿئي ها، جيڪڏهن اهو وهم ته، روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي، برابر هجي ها ته؟

هن جواب ڏنو ته، نه، بلڪل نه.

 

43

هن چيو ته، چڱو، مون جيڪر ڪين چرين ته، انسان جي سڀني ڀاڱن کان وڌيڪ روح، خاص ڪري هوشمند روح، حڪومت ڪري ٿو؟

هائو.

هو جسم جي گهرجن جي راءِ رکي ٿو، ڪين انهن جي مخالفت ڪري ٿو؟ منهنجي معنيَ هيءَ آهي ته جڏهن جسم گرم ۽ اڃايل آهي تڏهن روح انهيءَ کي گهلي وڃي ٿو۽ انهيءَ کي پيئڻ کان روڪي ٿو، ۽ جڏهن هو بکايل آهي تڏهن هو هن کي کائڻ کان روڪي ٿو؟ ۽ اسين ڪين ڏسندا آهيون ته ٻين هزارن نمونن ۾ روح جسم جي گهرجن آڏو ايندو آهي؟

هائو، تحقيق.

پر اسان اهو پڻ قبول ڪيو آهي ته، جيڪڏهن هو هڪڙي همسازي (Harmony) آهي ته، هو ڪڏهن به، جن عنصرن جو هو جڙيل آهي تن جي اينگهڻ، سڪڙجڻ ۽ جنبش ۽ ٻين ڦيرن گهيرن جي برخلاف آواز ڪڍي ڪين سگهندو؛ مطلب ته هو هنن جي پٺيان هلندو، ۽ ڪڏهن به هنن جو رهبر ٿي ڪونه سگهندو. برابر؟

هن ورندي ڏني ته، هائو، اسان برابر اها ڳالهه قبول ڪئي آهي.

چڱو، هاڻي اسين ڪين ٿا ڏسون ته روح انهيءَ ڳالهه جي بلڪل ابتڙ ٿو هلي، ۽ جن عنصرن جو چيو وڃي ٿو ته هو ٺهيل آهي تن کي هلائي ٿو، ۽ سموري حياتي گهڻو ڪري سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ هنن جي سامهون ٿئي ٿو؛ ۽ سڀ ڪنهن نموني ۾ هنن تي حڪومت هلائي ٿو، ۽ هنن کي تنبيهه ڪري ٿو، ڪڏهن سختي سان دردناڪ ضابطي سان، جيئن روزش ۽ دوائن سان، ۽ ڪڏهن نرمائي سان؛ ڪڏهن هو خواهشن ۽ گهرجن ۽ خوفن کي ڌمڪائي ٿو ۽ ڪڏهن هنن کي سمجهائي ٿو ته، ڄڻ ته هو پاڻ کان ڪنهن ٻيءَ طرح جي شيءِ سان ڳالهائي ٿو، جيئن هومر شاعر پنهنجي آڊاسي واري آکاڻي ۾ آڊيسيوس پهلوان کان ڪرائي ٿو، جتي هو چوي ٿو ته:

”هن پنهنجي ڇاتيءَ تي ڌڪ هنيو،

۽ پنهنجي دل کي تنبيهه ڪيائين:

سهه، منهنجي دل،

انهيءَ کان به وڌيڪ سختي تو سٺي آهي.“

تون ڀائين ٿو ته جڏهن هومر هي لکيو، تڏهنهن روح کي هڪڙي همسازي (Harmony) ڪري ليکيو ۽ هن کي جسم جي گهرجن پٺيان هلڻ وارو ڪري سمجهيو، ۽ نه اهڙي فطرت وارو، جو هو هنن کي هلائي ۽ هنن جو سردار ٿي رهي، ڇو ته هو پاڻ همسازي (Harmony) کان گهڻو اعليَ ۽ مقدس شيءِ آهي؟

تحقيق، سقراط، آءُ ائين نٿو ڀانيان.

تڏهن، منهنجا فاضل دوست، ائين چوڻ بلڪل غلط آهي ته روح هڪڙي همسازي (Harmony) آهي. ڇو ته تڏهن، تون ڏسين ٿو ته، اسين نڪي مقدس شاعر هومر سان متفق راءِ ٿينداسون، ۽ نڪي پاڻ سان.

هن ورندي ڏني ته، ائين برابر آهي.

 

44

سقراط چيو ته، تمام چڱو؛ آءُ ڀانيان ٿو ته اسين پنهنجي ٿيبس واري هومونيا کي چڱي فتحيابي سان راضي ڪري سگهيا آهيون. هن چيو، ڪيبيز، پر اڃا ڪئڊمس رهيو پيو آهي. اسين هن کي ڪيئن راضي ڪنداسون ۽ ڪهڙن دليلن سان؟

ڪيبيز چيو ته، آءُ پڪ سان چئي سگهان ٿو ته تون ئي لهي سگهندين ته ايئن ڪيئن ڪجي، لٿي پٿي تو اهڙي ته نموني ۾ بحث ڪري ڏيکاريو آهي ته روح همسازي (Harmony) نه آهي جو انهيءَ مون کي تمام گهڻي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جڏهين سمئس پنهنجو اعتراض پئي ظاهر ڪيو، تڏهين مون کي عجب ٿي لڳو ته ڪيئن ڪو هن جي بحث کي باز آڻي سگهندو، تڏهن مون کي وڏو عجب لڳو جڏهن ڏٺم ته تنهنجي پهرئين حملي سان اهو پري وڃي پيو. مون کي اچرج ڪونه لڳندو جيڪڏهن ڪئڊمس جي بحث جي به ساڳي ئي قسمت ۽ پڄاڻي ٿيندي.

سقراط چيو ته، منهنجا سڄڻ، گهڻو باور نه ڪر، متان ايندڙ بحث کي ڪنهن جي نظر لڳي وڃي. ٺهيو انهيءَ ڳالهه کي اسين خدا جي مرضيءَ تي ٿا ڇڏيون. اچو ته هاڻي، هومر جي پهلوئن وانگر دليري سان اڳتي وڌي، ڏسون ته جيڪي تون چوين ٿو تنهن ۾ به ڪجهه آهي. توکي اهوئي ڪجهه کپي ٿو: تون گهرين ٿو ته آءُ توکي ثابت ڪري ڏيان ته روح اڻ مٽ ۽ لايموت آهي، ڇو ته جيڪڏهن ائين نه هجي ته، تون ڀائين ٿو ته فيلسوف جو اعتقاد، جنهن کي موت ۾ باور آهي، ۽ نهن کي ڀروسو آهي ته جڏهن هو مري ويندو تڏهن ٻيءَ دنيا ۾ سندس نصيب بيحد موچارو ٿيندو. انهيءَ کان جيڪر پڄي ها ته هو هن دنيا ۾ ٻيءَ طرح حياتي گذاري ها، سو اجايو اعتقاد آهي. تون چوين ٿو ته ايترو ڏيکارڻ بس نه آهي ته ڪو روح مضبوط ۽ مقدس آهي. ۽ هو اسان جي انسان ٿي پيدا ٿيڻ کان اڳ حيات هو؛ ڇو ته اهي ڳالهيون هروڀرو سندس ابديت ثابت نٿيون ڪن، پر فقط ايترو ثابت ڪن ٿيون ته هو گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿو، ۽ گهڻو وقت حيات رهيو آهي، ۽ اڳئين حالت ۾ گهڻيون ئي ڳالهيون سمجهيون اٿس ۽ ڪيون اٿس. پر انهن ڳالهين هوندي به هو ڪو وڌيڪ لايموت نه آهي. هن جو انسان جو جسم ۾ خود اچڻ، ڪنهن بيماريءَ وانگر، سندس ناس ٿيڻ جي شروعات هئي. ۽ تون چوين ٿو ته، هو هيءَ حياتي درماندگيءَ ۾ گذاري ٿو، ۽ نيٺ جنهن شيءِ کي اسين موت سڏيون ٿا ته، تنهن ۾ ناس ٿي وڃي ٿو، تون ڀائين ٿو ته، روح جسم ۾ هڪڙو دفعو گهڙي يا گهڻا دفعا گهڙي، تنهن ڳالهه مان اسان سڀني جي خطرن ۾ ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي؛ ڇو ته ڪنهن بيوقوف کان سواءِ ٻيو سڀڪو موت جو خوف رکندو، جيڪڏهن هن کي خبر نه آهي ۽ ثابت ڪري نٿو سگهي ته ڪو روح لايموت يا اڻ مٽ آهي. آءُ ڀانيان ٿو ته، ڪيبيز، اها آهي تنهنجي اعتراض جو مطلب، آءُ وري وري پاڻهي انهيءَ کي بيان ٿو ڪريان ته جيئن ڪجهه به اسان کان گسي نه وڃي، ۽ جيئن تون پنهنجي مرضيءَ تي انهيءَ ۾ ڪجهه ڳنڍي سگهين يا انهيءَ مان ڪجهه ڪڍي سگهين.

ڪيبيز ورندي ڏني ته، نه، اهائي آهي منهنجي معنيَ. هن وقت آءُ ڪجهه به ڳنڍڻ يا ڪڍڻ نٿو گهران.

 

45

سقراط ڪجهه وقت ترسيو ۽ خيال ڪيائين. پوءِ هن چيو ته، ڪيبيز تو ڪو سولو سوال نه اٿاريو آهي. اسان کي پيدا ٿيڻ ۽ ناس ٿيڻ جي سببن جي سڄي مسئلي تي پوري طرح جاچ جوچ ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته، آءُ خود پنهنجا تجربا تو اڳيان پيش ڪريان، ۽ جيڪڏهن تون ڀائين ته جيڪي آءُ چوان تنهن مان ڪنهن ڳالهه کي تون ڪم آڻي سگهين ٿو ته، تون ڀلي انهيءَ کي پنهنجن خطرن دور ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻ.

ڪيبيز چيو ته، تحقيق، منهنجي مرضي آهي ته آءُ تنهنجا تجربا ٻڌان.

هن ورندي ڏني ته، ڪيبيز، تڏهن به ته ٻڌايانءِ، جڏهن آءُ جوان مڙس هوس تڏهن مون کي انهيءَ حڪمت لاءِ بيحد شوق هو، جنهن کي علم طبعي سڏين ٿا، آءُ ڀائيندو هوس ته سڀ ڪنهن شيءِ جي سبب مان واقف ٿيڻ ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي؛ ته ڇو ڪا شيءِ هستيءَ ۾ اچي ٿي، ۽ ڇو اها ناس ٿئي ٿي، ۽ ڇو اها حيات رهي ٿي. آءُ سدائين پيو پاڻ کي اهڙن مسئلن سان هلاک ڪندو هوس ته ائين آهي ڇا ته، زنده شيون ڪا خاص صورت اختيار ڪن ٿيون، گرميءَ ۽ سرديءَ جي جوش ڪري، جيئن ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي؟ جنهن شيءِ وسيلي اسين تصور ڪريون ٿا سا رت آهي، هوا آهي، يا باهه آهي؟ يا انهن مان ڪابه نه آهي، پر مغز آهي جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۽ سنگهڻ جا حواس ڏئي ٿو، ۽ حافظو ۽ خيال ان مان اُڀرن ٿا، ۽ جڏهين حافظو ۽ خيال آرام جي حالت ۾ آهن تڏهن علم الهام جي صورت ۾ اچي ٿو؟ وري، آءُ انهن شين جي ڊهڻ، ۽ زمين ۽ آسمان جي انقلابن تي غور ڪندو هوس. تان جو مون محسوس ڪيو ته، آءُ اڀياسن جو بلڪل ۽ بنهه لائق ڪين هوس. اها ڳالهه آءُ توکي چڱي طرح ثابت ڪري ڏيکاريندس. انهن اڀياس جي ڪري آءُ اهڙو ته انڌو ٿي پيس جو جيڪي اڳي پاڻ توڙي ٻين بابت چڱي طرح ڄاڻندو هوس، سو به وساري ويٺس. جيڪي آءُ ڀائيندو هوس ته ڄاڻان ٿو سو سڀ دل تان لاهي ڇڏيم؛ خود انسان جي واڌ جو سبب به، اڳي آءُ صاف  سمجهندو هوس ته واڌ جو سبب آهي کائڻ ۽ پيئڻ؛ ۽ ته، جڏهن کاڌي مان گوشت تي گوشت چڙهي ٿو، هڏ وڌي ٿو، ۽ ساڳئي نموني ۾ جسم جي ٻين ڀاڱن ۾ سندن ضروري جزا ملايا وڃن ٿا، تڏهن درجي بدرجي ننڍو قدم وڌي وڏو ٿئي ٿو، ۽ ائين ڇوڪرو مرد ٿئي ٿو. تون نٿو ڀائين ته منهنجو خيال واجبي هو؟

ڪيبيز چيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته اهو واجبي هو.

اڃا ٻيو به تجربو تنهنجي اڳيان پيش ڪندس. منهنجي دل ۾ ڪوبه شڪ پيدا نه ٿيندو هو، جڏهن آءُ ڪنهن ڊگهي ماڻهوءَ کي ڪنهن ڪوتاهه قد ماڻهوءَ جي ڀر ۾ بيٺل ڏسندو هوس، ته هڪڙو ٻئي کان سر جيترو سوايو آهي، يا، ساڳئي دستور موجب، هڪڙو گهوڙو ٻئي کان وڏو نظر ايندو آهي. هيءَ ڳالهه ته پاڻ منهنجي لاءِ وڌيڪ صاف هوندي هئي ته ڏهه، اٺن کان ٻن جي جوڙ سان وڌيڪ آهن، ۽ ڪا شيءِ ٻه هٿ ڊگهي، پنهنجي ڊيگهه جي اڌ جيتري وڌيڪ لنبي آهي ان شيءِ کان جا هڪ هٿ ڊگهي آهي.

ڪيبيز پڇيو ته، ۽ هاڻي تون ڇا ٿو سمجهين؟

آءُ ڀانيان ٿو ته مون کي ڪوبه يقين نه آهي ته ڪو مون کي انهن ڳالهين مان ڪهڙي جي به سبب جي خبر آهي. ڇو ته، جڏهن هڪ هڪ سان جوڙ ڪيو وڃي ٿو، تڏهن مون کي پڪ نه آهي ته اهو هڪ جنهن سان هڪ جوڙ ڪيو ويو آهي سو ٻه ٿي پيو آهي، يا اهو هڪ جو جوڙ ڪيو ويو آهي ۽ اهو هڪ جنهن سان هو جوڙ ڪيو ويو آهي، سي جوڙ سبب، ٻه ٿي پيا آهن. آءُ سمجهي نٿو سگهان ته ڪيئن، جڏهن اهي گڏ ڪيا ٿا وڃن، اهو ميلاپ، يا هڪڙي جو ٻئي جي ڀرسان رکڻ، سبب ٿئي ٿو هنن جي ٻن ٿيڻ جو، ڇو ته، جڏهن اهي جدا هئا، تڏهن انهن مان هر ڪو هڪ هو، ۽ اهي ٻه نه هئا. نڪي، وري، جڏهن هڪ کي ٻن ۾ ورهائجي ٿو، مون کي يقين ٿئي ٿو ته هي ورهاڱو ئي سبب ٿئي ٿو هڪ جي ٻن ٿيڻ جو؛ ڇو ته تڏهن ڪا شيءِ ٻه ٿي ٿئي بلڪ مخالف سببن منجهان. پهرينءَ حالت ۾ ائين ٿيو ڇو جو ٻه ايڪا گڏ آندا ويا، ۽ هڪڙو ٻئي سان جوڙ ڪيو ويو، ۽ هاڻي وري ائين ٿئي ٿو جو هو ڌار ڪيا وڃن ٿا، ۽ هڪڙو ٻئي کان ورهايو وڃي ٿو. نڪي، وري آءُ پاڻ کي قبول ڪرائي سگهندس ته آءُ ڄاڻان ٿو ته ڪيئن هڪڙو پيدا ٿئي ٿو، مطلب ته، هي دستور ڪنهن به شيءِ جي پيدا ٿيڻ، ڊهڻ يا زنده رهڻ جو سبب مون کي ڏيکاري نٿو سگهي. مون کي پنهنجي دل ۾ هڪڙي ٻئي طريقي جو منجهيل خيال بيٺل آهي، پر آءُ هن دستور کي لحظي لاءِ به قبول ڪين ڪندس.

 

46

پر هڪڙي ڏينهن مون هڪڙي ماڻهوءَ ڏي ڪن ڏنو، جنهن چيو ٿي ته، هن انئڪسئگورس جو ڪو ڪتاب پڙهيو هو. جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته ضمير ئي آهي جو حڪم ڏئي ٿو ۽  سڀني شين جو سبب آهي. هي قياس مون کي پسند آهي؛ مون کي اها ڳالهه برابر نظر آئي ته، ضمير سڀني شين جو سبب ٿيڻ گهرجي، ۽ مون کي پنهنجي اندر ۾ ويچار ڪيو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته ائين ضمير هر ڪنهن شيءِ کي سڀ کان سهڻي نموني ۾ انتظام ۽ حڪم هيٺ ٿيڻ يا ڊهڻ يا حيات رهڻ جو سبب هٿ ڪريون، ته اسان کي معلوم ڪرڻ گهرجي ته ڪيئن اها شيءِ سڀ کان سهڻي دستور موجب حيات رهي سگهندي، يا ڪم ڪري سگهندي يا مٿس ڪم ٿي سگهندو، تنهنڪري ماڻهوءَ کي فقط ايترو تصور ڪرڻ گهرجي ته سڀ کان سهڻي ۽ واجبي ڳالهه سندس لاءِ، يا ٻين شين لاءِ، ڪهڙي آهي، ۽ پوءِ ضرور اهو نتيجو نڪرندو ته هو ڄاڻندو ته خراب ڳالهه ڪهڙي آهي؛ ڇو ته اهي ٻئي ڳالهيون هڪڙي ئي علم ۾ چي وڃن ٿيون. انهن خيالن مون کي گهڻي خوشي ڏني. مون سمجهيو ته مون پنهنجي دل موافق هستي جي سبب جو ڄاڻندڙ انئڪسئگورس ۾ هٿ ڪيو آهي، ۽ مون اميد ڪئي ته هو پهريائين مون کي ٻڌائيندو ته ڌرتي سئين آهي يا گول، ۽ پوءِ مون کي انهيءَ جو سبب به ضرور سمجهائيندو، ۽ چوندو ته سڀ کان بهتر ڳالهه ڪهڙي آهي، ۽ ڪيئن ڌرتيءَ لاءِ اهڙي صورت هئڻ سڀ کان بهتر آهي. جيڪڏهن هو چوندو ته ڌرتي ساري ڪائنات جي وچ تي آهي ته مون ڄاتو، هو سمجهائيندو ته هن جو انهيءَ هنڌ رهڻ هن جي لاءِ سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي؛ ۽ آءُ تيار هوس ته هو جيڪڏهن مون کي هيءَ ڳالهه صاف ڪري ڏيندو ته آءُ ٻئي ڪنهن قسم جو سبب نه پڇندس. هن ساڳي ئي دستور موجب آءُ تيار هوس. سج، چنڊ ۽ تارن بابت سوالن پڇڻ لاءِ ۽ انهن جي متعلق رفتارن ۽ گردشن ۽ ڦيرن نسبت؛ ۽ آءُ تيار هوس ته ٻڌان ته ڇو انهن مان هر هڪ لاءِ سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي ائين ڪرڻ ۽ ٿيڻ جيئن ٿي رهيو آهي. مون بلڪل نٿي ڀانيو ته، جڏهن هن چيو ته سڀ شيون ضمير جي حڪم هيٺ آهن، تڏهين هو انهن جي ائين هئڻ لاءِ هن کان سواءِ ڪو ٻيو سبب ڏيندو ته، هنن لاءِ ائين رهڻ سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي. مون ڄاتو ته هو هرهڪ شيءِ لاءِ سبب ڄاڻائيندو، ۽ هن عالم جو به سبب ڏيندو، ۽ پوءِ مون کي سمجهائيندو ته، هر هڪ شيءِ لاءِ سڀ کان سهڻي ڳالهه ڪهڙي آهي، ۽ سڀني جي چڱائي ڇا ۾ آهي. ڪيترو به کڻي حاصل ٿيم ها ته به جيڪر آءُ پنهنجون اميدون ڪين وڪڻان ها مون وڏي شوق مان اهي ڪتاب هٿ ڪيا، ۽ جيترو جلد ٿي سگهيو ايترو انهن کي پرهيم، انهيءَ لاءِ ته خبر پويم ته سڀ کان سٺي ڳالهه ڪهڙي آهي ۽ خراب ڪهڙي آهي.

 

 

47

منهنجا دوست، منهنجون سڀئي عاليشان اميدون چٽ ٿي ويون، ڇو ته جيئن آءُ پڙهندو ويس، تيئن مون ڏٺو ته مصنف ضمير مان ڪوبه ڪم نه ورتو، ۽ هن شين جي انتظام لاءِ ڪي به سبب نه ڏنا،هن جيڪي سبب ڏنا سي هئا، هوا، لاوا، ۽ پاڻي، ۽ ٻيون ڪيتريون عجيب شيون. مون سمجهيو ته هو بلڪل اهڙي ماڻهوءَ وانگر آهي جو شروع ۾ چوي ته، جڏهن هو منهنجي هر هڪ فعل جي سبب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، تڏهين چوي ته، پهريون ته، آءُ هٿ هينئر ويٺو آهيان، ڇو جو منهنجو جسم هڏن ۽ رڳن جو جڙيل آهي، ۽ هڏا سخت آهن ۽ هڪٻئي کان سنڌن جي ڪري جدا ٿيل آهن، ۽ رڳون ڇڪي ۽ ڍريون ڪري سگهجن ٿيون، ۽ اهي گوشت سميت، ۽ کل سميت جا هنن کي گڏ رکي ٿي، هڏهن کي ڍڪين ٿيون؛ ۽ تنهنڪري، جڏهن هڏا پنهنجن جاين تان کڙا ڪيا وڃن ٿا، تڏهن رڳن جي ڍرائي ۽ ڇڪ مون لاءِ ممڪن ڪري ٿي ته، آءُ پنهنجا عضوا نوڙائي سگهان ۽ چوري سگهان، ۽ اهوئي سبب آهي منهنجي هن وقت هت ڄنگهن لڙڪائي ۽ وهڻ جو. ۽ انهيءَ ساڳيئي دستور موجب هو سمجهائيندو ته ڇو آءُ اوهان سان ڳالهايان ٿو: هو آواز، هوا ۽ ٻڌڻ، ۽ ٻيا هزارين سبب ڏيندو؛ پر سچو سبب ڏيڻ هن کان بلڪل ڀلجي ويندو، جو آهي ته جنهن صورت ۾ اٿينس واسين مون کي ڏوهاري ٺهرائڻ واجبي سمجهيو آهي ته جنهن صورت ۾ هتي وهڻ ۽ جيڪا به سزا هو مون تي مقرر ڪرڻ برابر سمجهن سا قبول ڪرڻ، مون واجب سمجهيو آهي؛ ڇو ته، مون کي مصر جي ڪتي جو سنهن آهي ته آءُ ڀانيان ٿو ته هي رڳون ۽ هڏا گهڻو اڳي جيڪر ميگارا يا بويوشيا ۾ وڃي نڪرن ها، ۽ اها ڳالهه جيڪر هنن جي نظر ۾ سڀ کان سهڻي لڳي ها، پر مون سمجهو ته چڱائي ۽ عزت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته جيڪا به سزا سرڪار مقرر ڪري سا سهجي، ۽ ڀاڄ وسيلي جند نه ڇٽائجي. پر اهڙين شين کي سبب سمجهڻ اجائي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ائين چيو وڃي ته هڏن ۽ رڳن توڙي پنهنجي جسم جي ٻين ڀاڱن کان سواءِ، آءُ جيڪر پنهنجن ارادن کي عمل هيٺ آڻي ڪين سگهان ها، ته اها ڳالهه برابر ٿئي ها. پر ائين چوڻ ته جيڪي آءُ ڪريان ٿو، تن جا اهي سبب آهن، ۽ ته اهو ئي دستور آهي، جنهن موجب آءُ ضمير جي وسيلي ڪم ڪريان ٿو، ۽ نه جيڪا سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي تنهنجي اختيار ڪرڻ سان، سو آهي ڳالهائڻ جو نا محڪم ۽ بي احتياط نمونو. انهيءَ جي معنيَ فقط هيءَ آهي ته ڪو ماڻهو سچي سبب کي انهي کان سواءِ سڃاڻي نه سگهي، جنهن کان سواءِ سبب سبب ٿي نٿو سگهي، ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته؛ اهوئي آهي جنهن کي، عام ماڻهو، اونداهي ۾ هٿوراڙيون ڏيندي، سبب ڪري سڏين ٿا، ۽ هن کي اهڙو نالو ڏين ٿا جو هن جو نه آهي. ۽ اهڙي طرح ڪو ماڻهو چوي ٿو ته ڌرتيءَ جي چوگرد اونهون ڪن آهي، ۽ عرش هن کي کنيو بيٺو آهي. وري ڪو ٻيو چوي ٿو ته ڌرتي هڪ سنئين تئي جي مثل آهي، ۽ هوا تي بيٺل آهي. پر هو انهيءَ طاقت کي معلوم ڪرڻ جو ڪوبه خيال نٿا ڪن جا انهن شين کان وڌيڪ چڱائي آهي؛ نڪي هو ڀائين ٿا ته اهڙي طاقت کي قدرتي زور اصل آهي. هو اميد رکن ٿا ته کين خبر پوندي ته ڪو وڌيڪ سگهار ۽ جٽائدار ۽ هوشيار پهلوان ائٽلس وانگر هوندو جو دنيا کي جهليو بيٺو آهي. ۽ ذري برابر به اهو نٿا ڀائين ته ڪو چڱائي جو مصبوط زور ئي آهي جو دنيا جي شين کي جهليو ۽ کنيو بيٺو آهي. آءُ جيڪر گهڻي خوشيءَ سان انهيءَ سبب جي فطرت جو احوال ڪنهن ماڻهوءَ کان سکان؛ پر انهيءَ کي پاڻهي ڳولي هٿ ڪرن ۾ يا ڪنهن ٻئي وٽان سکڻ ۾ آءُ بلڪل ناڪامياب ٿيو آهيان. پر، منهنجي ڪمان کي ٻي تند به هئي، ۽ شايد، ڪيبيز، تون چاهيندين ته آءُ توکي بيان ڪري ٻڌايان ته ڪيئن مون انهيءَ سبب جي ڳولا ۾ قدم کنيون.

هن ورندي ڏني ته، سچ پچ آءُ گهڻو چاهيان ٿو ته تنهنجو بيان ٻڌان.

 

48

هن چيو ته، جڏهن مون سچي هستيءَ جي ڳولا کي ڇڏي ڏنو، تڏهن مون خيال ڪيو ته مون کي خبرداري وٺڻ گهرجي ته متان منهنجو حال انهن ماڻهن وانگر ٿئي، جيڪي گرهڻ وقت سج ڏي نهاريندا آهن. ڇو ته هو اڪثر ڪري پنهنجي اکين جي ديد وڃائي ويهندا آهن، پر ان صورت ۾ پنهنجي ديد بچائي وٺندا آهن جڏهن هو پاڻي ۾ يا ڪنهن ٻيءَ اهڙي شيءِ ۾ سج جي پاڇي کي پسندا آهن، انهيءَ خطري جو مون کي خيال ٿيو. مون کي خوف ٿيو ته جيڪڏهن آءُ شين ڏي پنهنجن اکين سان نهاريندس، ۽ هنن کي پنهنجن حواسن جي وسيلي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ته منهنجو روح شايد بلڪل انڌو ٿي پوندو. تنهنڪري مون ويچار ڪيو ته آءُ خيالن جي مدد وٺان، ۽ انهن جي وسيلي هستيءَ کي جاچيان، شايد منهنجو مثال بلڪل برابر نه آهي. آءُ اها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان ته جو ماڻهو هستيءَ تي خيالن جي معرفت غور ڪري ٿو. سو فقط تصورن سان وهنوار رکي ٿو، ۽ ڪجهه به وڌيڪ معلوم نٿو ڪري، انهيءَ ماڻهوءَ کان جو هستيءَ کي ائين جاچي ٿو جيئن اها ظاهري شين ۾ پاڻ پڌرو ڪري ٿي. ڪيئن به هجي پر مون ڪم هن ريت شروع ڪيو: هر حالت ۾ جيڪو اصول مون کي سڀني کان وڌيڪ مضبوط نظر آيو سو مون کڻي قابو جهليو؛ ۽ پوءِ جيڪي به، سبب يا ٻيو ڪجهه، انهيءَ سان ڀچي آيو سو مون سمجهيو ته صحيح آهي، ۽ جيڪي به انهيءَ سان ٺهڪي نه ٿي آيو سو مون غلط ليکيو. منهنجي مرضي آهي ته آءُ پنهنجو مطلب وڌيڪ صاف ڪري سمجهايان. آءُ نٿو ڀانيان ته ڪو تون اڃا منهنجي ڳالهه سمجهي سگهين ٿو.

ڪيبيز چيو ته، تحقيق آءُ اڃا اُها تمام چڱي طرح نٿو سمجهان.

 

49

هن چيو ته، آءُ ڪا نئين ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان، آءُ اها ئي ڳالهه ٿو ڪريان جا مون وري وري پنهنجي اڄوڪي گفتگو ۾ توڙي ٻين وقتن تي پئي ڪئي ۽ ورجائي آهي. جنهن سبب صحيح ڪرڻ تي آءُ سعيو ڪندو رهيو آهيان تنهن کي توکي سمجهائڻ لاءِ آءُ ڪوشش ڪندس، ۽ آءُ موٽي انهيءَ ڳالهه تي ايندس جنهن جو اسان ڪيترا دفعا ذڪر چوريو آهي، ۽ آءُ انهيءَ قياس سان گفتگو شروع ڪندس ته خالص حسن، ۽ خالص خوبي، ۽ خالص عظمت زنده آهن، ۽ ٻيون به اهڙيون خالص شيون آهن، جي هميشه رهڻيون آهن. جيڪڏهن تون هيتري ڳالهه قبول ڪندي، ۽ مڃيندين ته اهي حيات آهن، ته پوءِ مون کي اميد آهي ته آءُ توکي ڏيکاري سگهندس ته منهنجو سبب ڪهڙو آهي، ۽ آءُ ظاهر ڪري سگهندس ته روح لايموت/ اڻ مٽ آهي.

ڪيبيز چيو ته، تون کڻي سمجهه ته آءُ تنهنجي ايتري ڳالهه قبول ٿو ڪريان؛ هاڻي تون پنهنجو اثبات بيان ڪر.

هن چيو ته، تڏهن جيڪو هن مان نتيجو نڪري تنهن ۾ تون مون سان هم راءِ آهين؟ مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن ڪا شيءِ خالص حسن کانسواءِ سهڻي آهي، ته اها فقط انهيءَ ڪري ائين آهي جو هوءَ خالص حسن مان وجود وٺي ٿي، ۽ دنيا ۾ جيڪي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو تنهن سڀ لاءِ منهنجو ساڳيو ئي رايو آهي. تون اهڙي قسم جو سبب قبول ڪرين ٿو؟

هن ورندي ڏني ته، آءُ قبول ڪريان ٿو.

هن چيو ته، چڱو تڏهن، انهن ٻين عقلي سببن کي آءُ نڪي سمجهي سگهان ٿو ته ۽ نڪي سڃاڻي سگهان ٿو: جيڪڏهن ڪو مون کي چوي ٿو ته ڪا شيءِ سهڻي آهي انهيءَ ڪري جو هن کي تيز رنگ آهي، يا ڊولائتو ڏيک ڏئي ٿي، ته آءُ اهڙيءَ ڳالهه ڏي ڪوبه ڌيان نٿو ڏيان، ڇو ته اهڙي ٻولي مون کي فقط منجهائي ٿي؛ ۽ هڪڙي سادي ۽ صاف ڳالهه ته اها شيءِ سهڻي فقط انهيءَ ڪري ٿئي ٿي جو خالص حسن انهيءَ ۾ موجود آهي يا انهيءَ ۾ گهڙي ٿو، تون انهيءَ کي جيڪي به کڻي سڏين- ميلاپ جي انهيءَ فطرت تي آءُ زور ڏيڻ نٿو چاهيان، پر جنهن ڳالهه جي مون کي خاطري آهي سا اها آهي ته اها شيءِ خالص حسن ئي آهي جا سڀني سهڻين شين کي سهڻو ڪري ٿي. هي جواب ئي مون کي سڀ کان وڌيڪ سلامتيءَ وارو نظر اچي ٿو، جو آءُ پاڻ کي يا ٻين کي ڏئي سگندس؛ آءُ ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن آءُ هن ڳالهه تي برقرار رهندس ته مون کي ڪوبه جيتي ڪونه سگهندو؛ پاڻ کي يا ٻين کي هي جواب ڏيڻ سلامتي جهڙو آهي، اها شيءِ خالص حسن ئي آهي جا سهڻين شين کي سهڻو ڪري ٿي. تون ائين نٿو ڀائين؟

آءُ ائين ٿو ڀانيان.

۽ اها شيءِ مقدر ئي آهي جا وڏين شين کي وڏو ڪري ٿي، ۽ وڌيڪ وڏين شين کي وڌيڪ وڏو ڪري ٿي، ۽ ڇوٿائي آهي جا وڌيڪ ڇوٽين شين کي وڌيڪ ڇوٽو ڪري ٿي؟ هائو.

۽ جيڪڏهن ڪو توکي کڻي چوي ته هڪڙو ماڻهو ٻئي کي سر جيترو ڊگهو آهي، ۽ بندرو ماڻهو سر جيترو ڇوٽو آهي، ته تون اها ڳالهه ڪين قبوليندين. تون اعتراض وٺندين ۽ چوندين ته وڌيڪ وڏو وڌيڪ وڏو آهي مقدار جي ڪري، ۽ مقدار ئي سبب آهي انهيءَ جي وڌيڪ وڏي ٿيڻ جو. تون ائين چوڻ کان ڊڄندي ته ڪو ماڻهو سر جيترو وڏو يا ننڍو آهي، انهي ڪري ته متان توکي جواب ملي ته، پهرين ڳالهه ته وڏو وڏو آهي ۽ ننڍو ننڍو آهي ساڳيءَ شيءِ جي ڪري، ۽ ٻي ڳالهه ته، وڏو وڏو آهي سر جي ڪري، جو هڪڙي ننڍڙي شيءِ آهي، ۽ اها هڪڙي عجيب عالهه آهي ته هڪڙي ننڍڙي شيءِ (سر) ڪنهن ماڻهو کي وڏو ڪري. تون ائين چوڻ کان ڊڄندين ڪين؟

ڪيبيز کلي چيو ته، هائو، تحقيق.

۽ تون ائين چوڻ کان ڊڄندين ڪين ته ڏهه اٺن کان وڌيڪ آهن ٻن جي ڪري، ۽ ٻه سبب آهن انهي سرسائي جو. تون چوندين ڪين ته ڏهه اٺن کان وڌيڪ آهن عدد جي ڪري، ۽ عدد سبب آهي انهيءَ سرسائي جو؟ ۽ ساڳيئي دستور تون ائين چوڻ کان ڪين ڊڄندين ته ڪا شيءِ ٻه هٿ ڊگهي ڪنهن ٻيءَ شيءِ هڪ هٿ ڊگهيءَ کان پنهنجي ڊيگهه جي اڌ جيترو ڊگهي آهي، ڊيگهه جي ڪري ۽نه مقدار جي ڪري، برابر؟

هائو، بلڪل برابر.

وري، تون ائين چوڻ کان خبردار ڪين ٿيندين ته، جيڪڏهين هڪ هڪ سان جوڙ ڪيو ويندو ته اهو جوڙ ٻن جو سبب ٿيندو، يا جيڪڏهن هڪ ونڊيو ويندو ته اها ونڊ ٻن جو سبب ٿيندي؟ تون وڏي واڪ اعتراض وٺندي ته توکي ڪنهن ٻه ٻئي طريقي جي خبر نه آيه جنهن ۾ ڪا شيءِ پيدا ٿي سگهي، ۽ چوندين ته فقط پنهنجي خاص جوهر مان بهرو وٺڻ سان هوءَ پيدا ٿي سگهندي؛ ۽ تون چوندين ته تون ٻن جي پيدا ٿيڻ جو هن کانسواءِ ڪوبه ٻيو سبب ڏئي ڪين سگهندين ته هو ٻيائي مان بهرو وٺن ٿا؛ ۽ چوندين ته سڀ شيون جيڪي ٻه ٿيڻيون آهن سي ضرور ٻيائي مان بهرو وٺنديون، ۽ جيڪي به هڪ ٿيڻو آهي تنهن کي ضرور هڪڙائي مان بهرو وٺڻو پوندو. تون انهن سڀني ونڊن ۽ جوڙن ۽ ٻين اهڙين سڀني مونجهاري وارين ڳالهين جو تفسير پاڻ کان وڌيڪ عاقل ماڻهن جي هٿ ۾ ڇڏيندين. جيئن ته چوڻي آهي تيئن تون پنهنجي پاڇي ڀر ۽ پنهنجي جهالت. کان ڊڄندين، ۽ اسان جي اصول واريءَ سلامتيءَ کي پختو جهليندين، ۽ انهي موجب پنهنجو جواب ڏيندين. پر جيڪڏهن ڪو خود انهيءَ اصول تي حملو ڪندو. ته تون خيال ڪري وٺندين ته انهيءَ جا نتيجا مواقف آهن يا نه، ۽ جيڪڏهن توکي انهيءَ اصول جو احوال ڏيڻو پوندو ته تون اهو ساڳئي دستور موافق ڏيندين، ۽ ڪو ٻيو اصول انهيءَ ڪم لاءِ اختيار ڪندين جو تنهنجي نظر ۾ پهرئين اصول کان اعليَ هوندو، ۽ اهڙيءَ طرح هليو ويندين، جيسين ڪِ ڪنهن پسند جهڙي سلامتيءَ واري هنڌ پهچندين. جيڪڏهن توکي سچ پچ حياتيءَ جو ڪو احوال معلوم ڪرڻو هوندو ته، تون پهرئين اصول ۽ انهيءَ جي نتيجن کي پنهنجي مباحثي ۾ وچڙائي ڪين وجهندين، جيئن رواجي بحث ڪندڙ ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن جي مرضي نه هوندي آهي ته ڪو هڪڙو لفظ خيال اهڙي طرح صرف ڪجي. ڇو ته هو چالاڪ هوندا آهن ۽ پاڻ کي بلڪل خوش ڪري سگهندا آهن، پوءِ کڻي سندن مباحثو نسوري نيستي هجي. پر تون، آءُ ڀانيان ٿو ته، جيڪڏهين فيلسوف هوندين ته، ائين ڪندين جيئن آءُ توکي چوان ٿو.

سمئس ۽ ڪيبيز گڏجي چيو ته، بلڪل برابر.

ايڪيڪرئٽيز- فيدو، اُهي صحيح هئا، آءُ ڀانيان ٿو ته هن جي مباحثي جي صفائي بلڪل موڳي ماڻهوءَ کي به صفا عجيب لڳندي.

فيڊو: تحقيق، ايڪيڪرئٽيز، جيڪي اتي حاضر هئا انهن به ائين سمجهو.

ايڪيڪرئٽيز- اهڙي ئي طرح اسين به ٿا سمجهون، جيڪي اتي حاضر نه هئاسون، ۽ تنهنجي ڳالهه پيا ٻڌون، پر انهيءَ کان پوءِ مباحثو ڪيئن هليو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا  1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org