سيڪشن: فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:1

فلسفي جون راحتون

سنڌيڪار: آغا سليم

ڇپائيندڙ پاران

هيءُ ڪتاب ”فلسفي جون راحتون“ يورپ جي معروف ليکڪ وِل ڊيورانٽ (Will Durant) جي جڳ مشهور ڪتاب (Pleasures of Philosophy) جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار آغا سليم آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي هِن عظيم سنڌيڪار پرڏيهي ادب جي معياري لکڻي کي انتهائي سهڻي انداز ۾ سنڌي لفظن جو ويس پهرائي سنڌي ادب ۾ ترجمي جي اهميت ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادب ۾ فلسفي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو آهي. ترجمو ڪرڻ وارا تخليقڪار پنهنجي مشاهدي مان چون ٿا، ته ترجمي ڪرڻ جو عمل ٻيهر تخليق ڪرڻ برابر آهي، تنهنڪري مترجم کي ٻي ٻولي جي فطرت، مزاج ۽ اُن جي ادبي سڀاءَ جي واقفيت هئڻ گهرجي. اِهي سڀ خوبيون هن ڪتاب ۾ موجود آهن.

سنڌي ادبي بورڊ شروع کان ئي ادب، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت تي اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي ۽ ان کان علاوه پرڏيهي ادب جي ڪيترن ئي معياري ڪتابن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪرائي ۽ انهن اهم ۽ معلوماتي ڪتابن کي شايع ڪري بورڊ پاڻ ملهايو آهي.

بورڊ طرفان عالمي سطح جي هن اهم ڪتاب کي آئون پنهنجي  ايامڪاريءَ ۾ ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.

اميد آهي ته، اسان جي هن ڪاوش کي ادب جي ساڃاهه وندن وٽ ساراهيو ويندو.

 

17- رمضان المبارڪ 1437هه                       الهڏتو وگهيو

23- جون 2016ع                                       سيڪريٽري

 

باب پهريون

فلاسافيءَ جو سحر

شروعات:

اڄ جي دور ۾ اسان کي فلاسافيءَ سان پيار ڪونهي، ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ سائنسون فلاسافيءَ جو اولاد آهن، ان اولاد کيس ورثي، سندس جي جائداد کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري پاڻ ۾ ورهائي، اصل مالڪياڻيءَ کي گهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي. اها ليئر واري احسان فراموشي ۽ بيرحمي آهي. ڪو زمانو هو جو عظيم شخصيتون هن لاءِ جان ڏيڻ لاءِ تيار هونديون هيون. سقراط دشمنن کان ڀڄي وڃڻ جي بدران هن لاءِ جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. افلاطون هن جي رياست قائم ڪرڻ لاءِ ٻه دفعا پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي. مارڪَس آرليئس تخت ۽ تاج کان وڌيڪ هن سان پيار ڪيو. بريونو هن سان وفاداريءَ جي ڏوهه ۾ باهه ۾ ساڙيو ويو. ڪنهن زماني ۾ گرجا ۽ حڪومتون هن کان ڊڄنديون هيون ۽ هن جي پوئلڳن کي جيلن ۾ وجهنديون هيون. جو کين ڊپ هوندو هو ته هُنن جي ڪري سندن حڪومتون ختم نه ٿي وڃن. ايٿنز جي حڪومت پروٽاگورس کي نيڪالي ڏني ۽ اسڪندريا هائيپاٽيئا کان ڪنبندو هو. روم جي هڪ وڏي پادريءَ وڏي نيازمنديءَ سان ايراسمس ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو هو. بادشاهن والٽيئر کي پنهنجن ملڪن کان نيڪالي ڏني ۽ جڏهن مهذب دنيا هن جي قلم جي طاقت آڏو ڪنڌ نوايو تڏهن هو ساڙ ۾ سڙي ويا. ڊائيونيسيئس ۽ سندس پٽ، افلاطون کي سائيرا ڪيوز جي حڪومت جي آڇ ڪئي هئي ۽ سڪندر جي مدد سان ارسطو دنيا جو ڏاهو تسليم ٿيو هو. انگلستان جي هڪ عالم بادشاهه، فرانسس بيڪن کي، ذري گهٽ انگلستان جي قيادت عطا ڪئي ۽ هن کي سندس دشمنن کان بچايو. فريڊرڪ جا جڏهن سارا وڏا جرنيل سمهي پوندا هئا تڏهن هو فلاسفرن ۽ شاعرن سان علم ۽ ادب جون محفلون ڪندو ۽ هنن جي لامحدود ۽ غيرفاني دنيائن سان ريس ڪندو هو.

اهي فلاسافيءَ جا شاندار ڏينهن هئا جو اُن وڏي دليريءَ سان سڀني علمن کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو هو ۽ ذهن جي ترقيءَ جي هر مرحلي تي پاڻ کي اڳيان آندو هو. ماڻهو سندس عزت ڪندا هئا. ان زماني ۾ سچ سان محبت کان وڌيڪ ڪا به شيءِ احترام لائق نه سمجهي ويندي هئي. سڪندر ڊائيوجينس کي پاڻ کان ٻئي نمبر تي وڏو ماڻهو تسليم ڪيو هو. هو جڏهن سندس سامهون اچي بيٺو ته ڊائيوجينس کيس هڪ پاسي ٿي بيهڻ لاءِ چيو جو سڪندر سج جي آڏو بيٺو هو ۽ هن ڏانهن اُس ڪانه ٿي آئي، وڏا وڏا سياستدان، مفڪر ۽ فنڪار خوشيءَ مان اسپيسئا جو ڪلام ٻڌندا هئا ۽ ڏهه هزار شاگرد پري پري کان ڪهي پئيرس ايبي لارڊ جا شاگرد ٿيندا هئا، فلاسافي تڏهن اهڙي بزدل ڪنواري پوڙهيءَ جهڙي نه هئي. جيڪا دنيا جي ڏاڍائين کان ڊڄي پاڻ کي اونداهي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏي. هن جون روشن اکيون ڏينهن جي روشنيءَ کان نٿي ڊنيون. هوءَ خطرن ۾ زندهه هئي ۽ اڻ ڏٺل سمنڊن جا ڏورانهان سفر ڪندي هئي. هن جي بادشاهن جي درٻارن تائين پهچ هئي ۽ هن پنهنجو پاڻ کي انهن حدن ۾ قيد نه ڪيو هو جن ۾ هوءَ اڄ قيد آهي. ان وقت هو هڪ رنگين روشني هئي جيڪا سڀ کان وڌيڪ حساس روحن کي حرارت ۽ نور سان ڀري ڇڏيندي هئي پر اڄ هوءَ تدريسي علمن تائين محدود ٿي وئي آهي. ڪڏهن هوءَ عقل جي دنيا جي مغرور ملڪه هئي ۽ اعليٰ انسان، دل و جان سان هن جي خدمت ڪندا هئا پر اڄ هوءَ پنهنجي حسن ۽ طاقت کان محروم ناداريءَ جي حالت ۾ وچ دڳ تي بيٺي آهي ۽ نادار مان نادار ماڻهو به کيس عزت لائق نٿو سمجهي.

هن دور ۾ فلاسافيءَ سان انڪري محبت نٿي ڪئي وڃي جو هن ۾ هاڻي بي ڊپائي ۽ جرائت ڪانه رهي آهي، سائنس اوچتو حملو ڪري هن کان سڀ ملڪ کسي ورتا آهن. ڪائنات جو علم هاڻي رڳو سيارن ۽ ڌرتيءَ جو علم ٿي پيو آهي فطرت جي فلاسافي هاڻي حياتيات ۽ طبعيات جي علم تائين محدود آهي. ذهن جي فلاسافي هاڻي نفيسات آهي. سڀ اهم علم هن جي دائري مان نڪري ويا آهن. اها هاڻي مادي جي نوعيت، قوت ۽ ان جي اوسر جي اسرارن تي غور نٿي ڪري. ارادي جي آزاديءَ لاءِ هن دليلن جون سوين جنگيون ڪيون. هاڻي اها جديد دور جي مشينن هيٺان چيڀاٽجي وئي آهي. سياست، جنهن جا مسئلا ڪڏهن فلاسافي جا مسئلا هئا، هاڻي ڪم ظرف روحن جي شڪارگاه آهي ۽ هاڻي هن کي فلاسافيءَ جي رهنمائيءَ جي ضرورت ڪانهي. هن جي سلطنت ۾ هاڻي رڳو ويران علائقا آهن. ما بعدالطبعيات جا بيجان مسئلا، فلاسافيءَ جون ٻاراڻيون ڳجهارتون ۽ اخلاقيات جا اجايا بحث، جن جو روزاني انساني زندگيءَ تي ذري جيترو اثر به ڪونهي. اهي ويران علائقا به هن کان کسجي ويندا. نيون سائنسون ايجادون اينديون ۽ پنهنجن تور تڪ جي نون اوزارن سان انهن علائقن ۾ داخل ٿينديون ۽ پوءِ شايد ته دنيا کان وسري ويندو ته فلاسافيءَ جو به ڪو وجود هو، جنهن دلين ۾ جوش جاڳايو هو ۽ سڌي راهه ڏيکاري هئي.

علم ۽ فلاسافيءَ جا ماهر:

گذريل ٻن سؤ سالن ۾ جنهن نموني سان فلاسفرن، فلاسافي لکي آهي ان لاءِ فلاسفيءَ جي بي حرمتي ۽ گمنامي سڀاويڪ هئي، بيڪن ۽ اسپينوزا جي مرڻ کان پوءِ فلاسفيءَ جي ڪهڙي حيثيت رهي آهي. اها گهڻي ڀاڱي علم جي مذهب تي ٻڌل آهي. ان جي حيثيت ٻاهرين دنيا جي وجود جي باري ۾ هڪ صوفياڻي ۽ سمجهه کان مٿاهين واري دليل بازيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي اها ذهانت جنهن جي ڪري فلاسافر بادشاهه ٿي سگهندا هئا، دليل بازيءَ ۾ منجهي پئي آهي ته ڇا سمورا سمنڊ ۽ ٻيا انسان ان وقت به موجود آهن جنهن وقت اهي ڏسڻ ۾ نٿا اچن. دليل بازيءَ جي اها راند گذريل اڍائي سو سالن کان هلندي ٿي اچي جنهن سال نه فلاسافيءَ کي ۽ نه زندگيءَ کي فائدو ٿيو آهي، البت پبلشرن کي فائدو ٿيو آهي. اهڙي صورتحال جي گهڻي ڀاڱي ذميوار ڊي ڪارٽ جي هيءَ سادي ۽ معصوم ڳالهه آهي؛ ته مان سوچيان ٿو، انڪري مان موجود آهيان. ڊي ڪارٽ جي مرضي هئي ته هو پنهنجي فلاسافيءَ جي شروعات گهٽ کان گهٽ مفروضن سان ڪري. هن باقاعدي شڪ جي طريقي سان سڀني تصورن، ايستائين جو ظاهري حقيقتن تي به، شڪ جي نظر وڌي ۽ رڳو ان هڪ ڳالهه جي بنياد تي هڪ لاڳاپيل فلاسافيءَ جو نظام قائم ڪيو. ان نموني سوچ تي وجود جو بنياد رکڻ نهايت خطرناڪ قدم هو. سياڻا ماڻهو پڪ اهو نتيجو ڪڍندا ته ان بنياد تي قائم ڪيل وجود تي رڳو ڪن ٿورن ماڻهن جو حق آهي ۽ هر شيءِ تي شڪ ڪرڻ وارا ماڻهو ان بنياد تي هڪ پوري صنف يعني عورت کي (جنهن کي ويننگر روح کان محروم ڪيو هو)، وجود جي حقيقت کان به محروم ڪري ڇڏيندا.

ان سان فلاسافيءَ کي تمام گهڻو نقصان رسيو. ڇاڪاڻ ته هڪ ماڻهوءَ جي سوچي سگهڻ جي صلاحيت تي دنيا جي حقيقت جو بنياد رکڻ سان ايترا ته مونجهارا پيدا ٿيا جو فلاسفرن جا ڏهه نسل انهن مونجهارن کان پاڻ آجو ڪري نه سگهيا. ڊي ڪارٽ جي انا يا خودي هڪ روحاني حقيقت يا غير مادي روح سمجهي ٿي وئي، جڏهن ته هڪ مادِي وجود ٻئي مادِي وجود سان تعلق جي ڪري چرپر ڪري سگهي ٿو. پر هڪ غير مادي روح دماغ جي مادي جزن تي ڪيئن اثر ڪري سگهي ٿو. ان هڪ مسئلي جي ڪري ماديت، تصور پرستي، نفسياتي متوازيت جا فلسفا پيدا ٿيا. متوازيت وارن چيو ٿي، ته جيڪڏهن ذهن ۽ دماغ هڪ ٻئي کان ايتريقدر مختلف آهن جو انهن مان ڪو هڪ ٻئي تي اثر ڪري نٿو سگهي ته پوءِ اهي ٻئي هڪ ٻئي تي اثر ڪرڻ کان سواءِ معجزاتي طور هڪ ٻئي جا متوازي آهن. ماده پرستن جو چوڻ هو ته جيئن ته ذهن، جسم تي اثر ڪري ٿو ان ڪري اهو جسم مان ئي جڙيل هوندو. تصور پرستن ٿي چيو، ته ڇاڪاڻ ته اصل حقيقت جيڪا ظاهري آهي ۽ جنهن جي هجڻ جي اسان کي پڪ هوندي آهي اها حقيقت ڊي ڪارٽ جي سوچ واري حقيقت آهي. ان کانسواءِ ٻيون سڀ شيون تڏهن حقيقت ٿيون ٿين، جڏهن اسان انهن کي حواسن جي معرفت محسوس ٿا ڪيون ۽ اسان جا ذهن انهن کي سندن شڪل ٿا ڏين. انڪري مادو رڳو خيالن ۽ مشاهدن جو مجموعو آهي. اهڙيءَ طرح مزي واري جنگ شروع ٿي وئي، هاڻي اها جنگ ته موجود آهي پر ان مان مزو ختم ٿي ويو آهي. ڪٿي ڪٿي فلاسافي جي علم جو اهڙو ماهر به  نظر اچي ٿو جنهن جي منهن تي مُرڪ آهي، جيئن بريڊلي ۽ وليئم جيمس. ڪڏهن ڪڏهن ڊيوڊ هيوم جهڙو ڪو مفڪر به پيدا ٿيندو آهي جنهن کي خبر هوندي آهي ته هن جي فلاسافي رڳو راند آهي، جنهن کي هو شاطراڻي انداز سان کيڏي ٿو. پر هن کانسواءِ ٻيا سڀ سنجيدگيءَ ۾ ورتل هوندا آهن. جان لاڪ کان وٺي روڊولف آؤڪن تائين سڀني جا منهن سنجيدا آهن ۽ هر نئين نسل سان سندن سنجيدگي وڌندي ٿي وڃي ۽ اداسيءَ ۾ اضافو ٿيندو ٿو وڃي ته جيئن هو پنهنجي اداس فلاسافيءَ جو ڀرم رکي سگهن، پادري برڪلي اعلان ڪيو ته ڪنهن به اهڙيءَ شيءِ جو وجود ڪونهي جيڪا انسان يا خدا جي مشاهدي ۾ نٿي اچي. اسان کي خبر آهي ته پادري برڪلي جي منهن تي ڪڏهن به مرڪ نه آئي، جڏهن ته آئرلينڊ جي اهڙي ذهين فرزند کان اهڙي سنجيدگيءَ جي اميد ڪري نٿي سگهجي.

هاڻي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪنهن به ذهن لاءِ رڳو اهي شيون حقيقت آهن، جن جو هو مشاهدو ٿو ڪري، انهن کانسواءِ ٻين شين جي ڪا حقيقت ڪانهي. ان بيان ۾ زمين آسمان جو فرق آهي ته جيڪا شيءِ مشاهدي ۾ نٿي اچي ان جو ڪو وجود ڪونهي. برڪلي معاملي کي منجهائي ڇڏيو هو. اهڙو مونجهارو انهن فلاسفرن لاءِ ضروري هو جيڪي موليسچاٽ ۽ بيجنر جي کهري ۽ بي حس ماديت کان هيسيل هئا. برڪلي جي ڪوشش شاندار هئي جو هن چالاڪيءَ واري هڪ ئي ڌڪ سان ثابت ڪيو، ته مادِي جو ڪو وجود ڪونهي ۽ اهڙيءَ طرح ماديت کان نجات حاصل ڪيائين. اها منطق جي وڏي فتح هئي. ان ۾ فلاسافيءَ جي شاگردن لاءِ اهو سبق آهي ته هو ڪنهن به فلاسافيءَ تي ٻئي اکيون کولي نظر وجهن جو اها ڪوشش دوکي واري هئي ۽ هڪ پادريءَ کي اهڙي چڱائي واري دوکي کان پاسو ڪرڻ گهريو هو. اناطول فرانس چيو آهي ته انسان ۽ حيوان ۾ ڪوڙ ۽ ادب، فرق پيدا ڪندو آهي. هاڻي سوچڻ جي ڳالهه آهي ته تصور پرستيءَ جي اهڙي فلاسافي ڪهڙيءَ حد تائين ادب جي دائري ۾ اچي سگهي ٿي؟

ان جي معنيٰ اها نه آهي ته فلاسفيءَ جي علم جا مسئلا ڪونهن. فلاسافيءَ جي علم جا سچ پچ ته گهڻا مسئلا آهن جن جي اسان کي خبر پوندي، پر اهي ڳجهارتون ته شاهد ۽ مشهود جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي. اهو طريقو جنهن سان ڄاڻڻ وارو ڄاڻ ۾ اچڻ واري شيءِ جي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. ڄاڻ جا موضوعي ۽ معروضي جزا ڪهڙا آهن. زمان ۽ مڪان جي معروضيت ۽ جيڪي خاصيتون يا وصفون اسان ڪنهن  شيءِ ڏانهن منسوب ڪيون ٿا اهي ڪيتري حد تائين ان شيءِ ۾ يا ان شيءِ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري جي ذهن جون آهن. اهي پنهنجي تفصيل ۾ نفسيات جا مسئلا آهن. وَر وَر مشاهدي ۽ تجربي جون ڳالهيون آهن. هي مسئلا ڀُڳل ڳائي گوشت جي ڪيميائي تجزيي وانگر، فلاسفيءَ جا مسئلا نه آهن. جي اهي فلاسافيءَ جا مسئلا آهن ته پوءِ دنيا جا سڀ مسئلا فلاسافيءَ جا آهن. اهو هڪ افسوسناڪ حادثو آهي ته جديد سوچ ۽ فڪر جي عظيم ڊرامي ۾ هڪ ايڪٽر زوري سڀئي پارٽ کسي پاڻ ٿو ادا ڪري ۽ سڀئي ڊائلاگ پاڻ ٿو ڳالهائي.

دين جا عالم:

فلاسافيءَ جي باري ۾ ائين سوچڻ به غلط آهي ته فلاسافيءَ جو ڪم سائنس جي طريقن تي تنقيد ڪرڻ آهي. اهڙي سوچ جو سبب عقل کان وڌيڪ خواهش آهي. پروفيسر جڏهن مادي جي وجود کي دليلن سان رد ڪري نه سگهيا تڏهن هنن ارادو ڪيو ته هو سائنس لاءِ به ثابت ڪن ته ان تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي. ماخ پيئرسن ۽ پوائن ڪاري اها ڳالهه مڃي هئي ته سائنسي نتيجا قدرت جي طريقن جو مختصر بيان آهن ۽ قدرت جو پوريءَ طرح مشاهدو ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. هنن ته پنهنجي پر ۾ سائنس جي باري ۾ انڪساري ڏيکاري هئي پر هنن جي ان انڪساريءَ کي مذهبي عالمن کنيو ۽ ان مان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته عقل تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي. سائنسي نتيجا آخري نه آهن پر امڪانن تي ٻڌل آهن. انڪري ضروري آهي ته اسان جي ٻالپڻ وارن عقيدن کي ميوزم مان ڪڍي انهن کي نئون لباس پارائي، منجهائيندڙ اکرن ۽ جملن سان سينگاري، نئين نسل تي وڪڻجن ۽ وڪڻڻ مهل کين سمجهائجي ته گهڻو وقت گذرڻ ڪري اڏوهيءَ انهن کي ٿورو نقصان رسايو آهي. پوءِ ته چئني طرفن کان بزرگ اُٿي کڙا ٿيا. حساب جي اصولن، زمان ۽ مڪان جي تصورن، انگن ۽ ماپن، گهڻائيءَ يا چڱائيءَ جو جائزو ورتو ۽ وڏي عالماڻي جاه و جلال سان اعلان ڪيو ته انساني ذهن ۾ غير منطقي عقيدن لاءِ وڏي جاءِ آهي.

اهڙي بدديانتي واري چالاڪيءَ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو ديانتدار ماڻهو فلاسافيءَ کان بدگمان ٿي وڃي ته ان ۾ تعجب ٿيڻ نه گهرجي. اهڙي منطق مان ڪهڙو فائدو جنهن جي ساري نعري بازي انسان جي بدنيتيءَ جو سهڻو اظهار هجي. بريڊلي چيو آهي ته مابعد الطبعيات اهڙو علم آهي جنهن ۾ اسان پنهنجن جبلتي عقيدن لاءِ ڪمزور دليل ڳولهيندا آهيون ۽ اهڙا دليل ڳولهڻ به اسان جي جبلت آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان اهڙا دليل انڪري ڳولهيندا آهيون ته جيئن انهن دليلن سان اسان ٻين کي به اهو مڃائي سگهون جيڪو اسين پاڻ مڃون ٿا. والٽيئر سچو هو جو چيو هئائين ته منهنجي خواهش آهي ته منهنجو نوڪر ۽ نوڪرياڻي پنهنجي زماني ۾ پنهنجي علائقي وارن پراڻن عقيدن تي قائم رهن ته جيئن ان ڳالهه جو امڪان گهٽ ٿي وڃي ته هو منهنجي گهران زيور چورائيندا يا مون کي زهر ڏيندا. ديانتدار نٽشي لکيو هو ته گهڻو ڪري فلاسفر اهو ظاهر ڪندا آهن ته هنن جا خيال بنان تعصب واري منطق تي ٻڌل آهن، جڏهن ته سندن خيال سندن خواهشن جو عڪس هوندا آهن جن کي فلاسافيءَ جو رنگ ڏيندا آهن ۽ انهن جو بچاءُ ڪندا آهن.

اهڙين اوڻائين فلاسافيءَ کي ڇيهو رسايو آهي، سچ جي ڳولها سچ جو مان گهٽايو آهي. ائين فلاسافي وقتي عقيدن جي معذرت ٿي ويندي آهي ۽ هن ۾ دانشمنديءَ وارو ضمير، سچائيءَ لاءِ تحمل واري عزت ۽ احترام، ناڪاري ڳالهين ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ. وارين خصلتن همبولٽ يا ڊارون جهڙن سائنسدانن ۽ ليونارڊ يا گوئٽي جهڙن ادبي فلاسفرن کي مٿاهون رتبو ڏنو آهي. عالم جن کي غلطيءَ سان فلاسفر سمجهيو ٿو وڃي، بنياديءَ طرح دينيات جا عالم هئا جن سچ جي ڳولها کي عقيدي جي تبليغ جي تابع ڪيو. هنن جا ڪتاب اصل ۾ ان جهاد جو حصو هئا جيڪا روم جي وڏي پادريءَ شرڪ جي خلاف شروع ڪئي هئي. هو چوندو هو ته فلاسافي دينيات جي تابع آهي ۽ جيتوڻيڪ جديد فلاسافي جي بانين، جهڙوڪ بيڪن، ڊي ڪارٽ ۽ اسپونيزا فلاسافيءَ جي تذليل تي احتجاج ڪيو هو، پر اڄ سندن پوٽن ۽ ڏهٽن ان پراڻي روايت اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. مذهبيت جي ان عيب مان فلاسفيءَ ۾ موروثي مرض جهڙيون خرابيون ڦُٽيون آهن. فلاسافيءَ جي مقبول نه ٿيڻ جو سبب ان جي پنهنجي بدديانتي کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ان جي مقبول نه ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته اها سچ کان پري ٿي وئي آهي ۽ هن جا ڪائناتي تصور سمجهه کان مٿاهان ٿي ويا آهن. پر هي ڪي اهڙا سبب نه آهن جيڪي ماڻهوءَ کي فلاسافيءَ کان بِرُ ڪري ڇڏن. شيلي جا خيال سمجهڻ سولا نه آهن پر پوءِ به ماڻهو، ٻيو نه ته به زباني ڪلامي هن جو قدر ڪن ٿا. عورت ڳجهارت آهي پر جنهن به مرد جي رڳن ۾ خون ٿو ڊوڙي اهو عورت کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي. جديد فلاسافي ٻئي نوع جي ڳجهارت آهي. ماڻهو جڏهن سچ ڳالهائيندو آهي تڏهن هن لاءِ سچ کي سمجهڻ سولو هوندو آهي پر جڏهن افسانو بيان ڪندو آهي تڏهن ڏکيو هوندو آهي، جو هن جو تصور حقيقت کي ڪيترن پڙدن ۾ لڪائيندو آهي ۽ ڪو ماهر ماڻهو ئي پنهنجي تصور جي افساني طرازيءَ کان حقيقت کي بچائي سگهندو آهي. اهڙا تصور وارا ماڻهو ڪڏهن به فلاسفر ٿي نه سگهندا آهن. سياست کي هن جي ضرورت وڌيڪ هوندي آهي ۽ مذهبي فلاسافي گهٽ درجي جي ناول نويسن جي حصي ۾ ايندي آهي ۽ هنن جا افسانا حقيقي دنيا جي ڇهاءَ سان ڀڄي ڀُري پوندا آهن. اصل ۾ ديانت نه هجڻ جي ڪري جديد فلاسافي اندران خالي ٿي وئي آهي. جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ضمير تي ويساهه نه هوندو آهي اهو زندگيءَ جي مسئلن کان لنوائيندو آهي. ڇاڪاڻ جو زندگيءَ جي وسيع تجربيگاهه، ڪنهن به مهل هن جي ننڍڙي ڪوڙ کي اگهاڙو ڪري کيس حقيقت جي سامهون بيهاري پنهنجي ئي ڪوڙ لاءِ ڪنبائي سگهي ٿي. انڪري هو پنهنجي لاءِ ڏکين ڪتابن ۽ ڏاهپ جي پستڪن ۾ پناه گاهون ٺاهيندو آهي. هو رڳو پنهنجن تِڏ کاڌل ڪتابن ۾ پنهنجي ڀلائي سمجهندو آهي ۽ پنهنجي گهريلو زندگيءَ جي حقيقتن ۾  به کيس سڪون نه ملندو آهي. هو زمان ۽ مڪان جي انهن مسئلن کان ڀڄندو آهي جن ۾ هن جي نسل جا ماڻهو ڦاٿل هوندا آهن. هو فلاسافيءَ جي اصل مسئلن کان ڊڄندو آهي. هو معاملن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ کان ڪيٻائيندو آهي ۽ پنهنجي زماني جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ  بدنظميءَ ۾  نظم پيدا ڪرڻ کان جان بچائيندو آهي. هو ڊڄي هڪ ڪُنڊ ۾ لڪي ويهندو آهي. ۽ زندگيءَ سان لاڳاپو نه رکڻ لاءِ اکرن ۽ ورقن جي تهن جي هيٺان لڪندو آهي. هو پاڻ فلاسفر ٿي نه سگهندو آهي. البت فلاسافيءَ جي مهم جو ماهر ٿيندو آهي.

يونان ۾ ائين نه هو. اُتي فلاسفر ڳالهيون گهٽ ۽ ڪم وڌيڪ ڪندا هئا. پارميڊس علم جي اوسر تي سوچيندو هو. سقراط کان اڳ وارن فلاسافرن جون نظرون ڌرتيءَ تي ڄميل هيون. هو دليل بازيءَ سان نه پر مشاهدي ۽ تجربي سان حقيقت جا راز ڳولهي لهندا هئا. هنن ۾ نواڻ جو شوق گهٽ هو. ٿورو ٽهڪ ڏيڻ واري فلاسفر ڊيموڪريٽس جو تصور ڪيو، هو پڪ انهن فلاسفرن جو خطرناڪ ساٿي ثابت ٿيندو هوندو، جيڪي ننڍن ننڍن مسئلن؛ جيئن سُئيءَ جي چهنب تي گهڻا فرشتا ويهي سگهن ٿا، تي وڙهندا هئا. ٿوروٿيلس لاءِ سوچيو، جنهن اهو الزام ثابت ڪرڻ لاءِ ته فلاسفرن ۾ عقل گهٽ هوندو آهي، هڪ مارڪيٽ تي قبضو ڄمايو ۽ سال اندر چڱي دولت ميڙي ورتائين. اناڪسگورس جيڪو يونان جو ڊارون هو تنهن پيريڪلس کي هڪ بهاني باز سياستدان مان هڪ مفڪر ۽ مدبر بڻائي ڇڏيو، سقراط جو تصور ڪيو جيڪو ستارن ۽ سيارن جي گردش کان بي نياز يونان جي نوجوانن جو وڏي زنده دليءَ سان اخلاق خراب ڪندو هو ۽ حڪومتن جون پاڙون لوڏي ڇڏيندو هو. هو هجي ها ته اڄڪلهه جي بي جان ۽ بي همت فلاسفرن کي الائجي ڇا ڪري ڇڏي ها جيڪي ڪنهن زماني ۾ علمن جي راڻيءَ جي درگاهه ۾، گوڏا کوڙي ويٺا آهن. افلاطون ۽ هنن کان اڳ وارن فلاسفرن لاءِ، جيڪي وڏا بي ڊپا هئا، ڄاڻ جي فلاسافي، محبت جي شروعاتي مرحلن وانگر، فلاسافيءَ جو ڏاڪو هئي، اهو ٿوري وقت لاءِ ڏاڍو وڻندڙ هوندو هو ان تخليقي ڪمال کان خالي هو جيڪو عاشقن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، ڪٿي ڪٿي افلاطون ننڍن ننڍن جملن سان مشاهدي ۽ علم سان ڪنهن عاشق وانگر کيڏندو ٿو نظر اچي پر سنجيده گهڙين ۾ هن جي نظر وسيع ميدانن کي پنهنجي دائري ۾ آڻيندي محسوس ٿئي ٿي. هو پنهنجي لاءِ مثالي رياستون تعمير ٿو ڪري ۽ انسان جي فطرت ۽ تقدير تي غور ٿو ڪري. ارسطوءَ جي فلاسافيءَ جي وسعت جي به وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي. هن فلاسافيءَ جي سڀني محلاتن جو سير ڪيو، انهن کي نهايت سٺي نموني سينگاريو. هن وٽ هر مسئلي جو پنهنجو مقام آهي ۽ هر سائنس عقل جو ڏن ٿي ڀري. هنن کي خبر هئي ته فلاسافيءَ جو ڪم اهو نه آهي ته اها علم جي تجزيي ڪرڻ ۾ پوري هجي پر اُن جو ڪم آهي ته هوءَ هر علم جي سلطنت ۾ بنان ڪنهن ڊپ جي داخل ٿئي ۽ جدا جدا علمن جي نتيجن کي انساني شخصيت ۽ انساني زندگيءَ کي روشن ڪرڻ لاءِ گڏ ڪري. هنن کي خبر هئي ته فلاسافيءَ جو ڪم اهو نه آهي ته هو ڪي غير اهم آسماني ڳجهارتون ڀڃي، جن جو انساني معاملن سان ڪو واسطو ڪونهي، پر فلاسفيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته هوءَ هن لامحدود ۽ وسيع ڪائنات ۾ انسان جي مقام ۽ سندس ارتقا جي امڪانن جو پتو لڳائي.

سائنسدان:

هي ڳالهيون فلاسافي نه آهن ۽ فلاسافي هئڻ به نه گهرجن. هاڻي ڏسڻو آهي ته فلاسافي ڇا هئڻ گهرجي؟ ڇا اسان علم جي هن راڻيءَ کي هن جو پراڻو مقام ڏياري سگهون ٿا؟ ڇا اسان ان کي هڪ ڳنڍيل علم سمجهي سگهون ٿا جيڪو زندگيءَ کي به ڳنڍي ٿو؟ ڇا اسان فلاسافيءَ جو اهڙو نقشو چٽي سگهون ٿا جنهن سان محسوس ٿئي ته فلاسافي پنهنجن عاشقن کي پهريان پنهنجو پاڻ تي، پوءِ ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جي لائق بڻائي سگهي ٿي يعني فلاسافر بادشاهه پيدا ڪري سگهي ٿي.

اسان جيئن اڳ فلاسافيءَ جي تشريح ڪئي هئي ته اها مڪمل تجربي جو مطالعو يا مڪمل تجربي جي حوالي سان ان جي ڪنهن هڪ حصي جو مطالعو آهي. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته ڪوبه مسئلو، جنهن جو ان جي پوري پسمنظر ۾ يا انساني تجربي ۽ خواهشن جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪري سگهجي، اهو فلاسافيءَ جو مواد ٿي سگهي ٿو. فلاسافي ذهن جي رڳو اها خاصيت نه آهي ته اها جلد مسئلن کي سمجهي سگهي پر ان ۾ وسعت ۽ ان جي سوچ ۾ وحدت هجي. اسان اسپنوزا جي دوامي نقطه نظر جي بدران ڪل جو نطريو اختيار ڪنداسين. ٻئي نقطه نظر هڪ ئي نتيجي تي مرڪوز آهن. جيئن ٻه اکيون هڪ ئي شيءِ تي مرڪوز هونديون آهن، جڏهن ته انسان پنهنجي تجربي کي هڪ وحدت ۾ ڳنڍي سگهي ٿو. شين کي دوامي نقطه نظر سان ڏسڻ، ديوتائن جو ڪم آهي جن جو شايد ته ڪو وجود ڪونهي.

سائنس ۽ فلاسافيءَ ۾ جيڪو لاڳاپو آهي ان جي وڌيڪ وضاحت ضروري آهي. سائنس اهڙي دري آهي جنهن مان فلاسافي دنيا کي ڏسندي آهي. سائنس حواس آهي ۽ فلاسافي روح آهي جنهن کانسواءِ سائنس جو علم، ڪنهن چريي ماڻهوءَ جي احساسن وانگر وکريل آهي. اسپينسر سچ چيو هو ته ’فلاسافي عام علم آهي‘ پر هن جي اها ڳالهه صحيح نه هئي ته فلاسافي رڳو علم آهي. فلاسافيءَ لاءِ مشڪل پسندي ۽ وڏي نظر جي ضرورت آهي جنهن سان علم اعليٰ ٿي ويندو آهي. ۽ خواهشن ۾ ترتيب ۽ وحدت پيدا ڪندو آهي. هن ۾ اها اعليٰ خاصيت آهي جنهن کي دانائي چيو ويندو آهي.

سائنس کانسواءِ فلاسافي بي جان آهي ڇاڪاڻ ته دانائي محنت سان حاصل ڪيل علم، بي غرضي ۽ تعصب کان خالي ذهنن جي ڪيل مشاهدي ۽ تحقيق کانسواءِ وڌي نٿي سگهي. سائنس کانسواءِ فلاسافيءَ تي زوال اچڻ شروع ٿيندو آهي ۽ ان ۾ ديانتداري ڪانه رهندي آهي انساني ترقيءَ کان ڪٽجي ويندي آهي ۽ اهڙو علم ٿي ويندي آهي جنهن مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿئي. سائنس بيان جو علم آهي. سائنس جيڪي به ڏسندي آهي ان کي جيئن جو تيئن بيان ڪندي آهي. هن جو ڪم آهي ته هوءَ حقيقت جو غور سان مشاهدو ڪري ۽ انساني مقصدن کان بي نياز ٿي ان کي بيان ڪري ڇڏي. مثال؛ هي نائٽرو گلوسرين ۽ ڪلورين گيس آهن. سائنس جو ڪم آهي ته هوءَ انهن جو تجربو ڪري ٻڌائي ته انهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا جزا آهن ۽ انهن جون ڪهڙيون خاصيتون آهن ۽ اهي گيس ڇا ڇا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن اهي ڪنهن ڀري تري شهر کي تباهه ڪري سگهن ٿا، انساني هنر جي بهترين مندرن کي برباد ڪري سگهن ٿا ۽ تهذيب جي سموري سونهن ۽ دانائيءَ کي مٽائي سگهن ٿا ته سائنس اسان کي ٻڌائيندي ته شهر واسين (جيڪڏهن ڪو زندهه رهيو ته) تي بار وجهڻ کان سواءِ اهو ڪم ڪيتري سولائي ۽ جلدائيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. ڇا اسان تهذيبن کي مٽائڻ ٿا گهرون؟ ان سوال جو جواب ڪهڙي سائنس ڏيئي سگهي ٿي. ڇا زندگي، مال ملڪيت حاصل ڪرڻ سان يا تخليق ۽ تعمير سان سٺي ۽ وڻندڙ ٿي سگهي ٿي. ڇا علم حاصل ڪرڻ ۽ خود فريبن کان جان ڇڏائڻ، حسن جي مشاهدي جي وقتي سرشاري کان بهتر آهي. ڇا اسان کي پنهنجن اخلاقي زندگيءَ لاءِ سڀني آسماني احڪامن کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي. ڇا اسان جي ذهن کي مادي ۽ مادي کي ذهن جي نقطئه نگاهه سان جاچڻ گهرجي. انهن سوالن جا سائنس وٽ ڪهڙا جواب آهن. انهن سوالن جا جواب ۽ ڪي نتيجا اسان کي اسان جي سموري تجربي مان، ان دانائيءَ مان جنهن جو علم رڳو ڪچو مواد آهي ۽ سائنس جي خزاني مان جنهن سان اسان ۾ ترتيب پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪا اسان جي رهنمائي ڪري ٿي، حاصل ٿي سگهن ٿا.

سائنس جُزا بيان ڪندي آهي جڏهن ته فلاسافي ڪُل يا جُز جي ڪُل جي حوالي سان تشريح ڪندي آهي. سائنس ذريعن ۽ وسيلن لاءِ ڪاميٽي آهي ۽ فلاسافي مقصدن ۽ پروگرامن لاءِ ڪاميٽي آهي. حقيقتن ۽ قانونن جي اهميت ۽ قدر انساني خواهشن جي حوالي سان ئي آهي. خواهشون ڪنهن مرڪز سان ڳنڍيل هجن، شخصيت جو منظم جُزُ هجن ۽ زندگيءَ جو اڻ ٽٽندڙ حصو هجن. ائين ڪرڻ پڻ فلاسفيءَ جو ڪم آهي.

فلاسافي سائنس کان وڌيڪ مفروضن تي ٻڌل هوندي آهي. سائنس شروعاتي نقطي طور بيشڪ مفروضا استعمال ڪري. پر جيڪڏهن سائنس کي سائنس رهڻو آهي ته پوءِ اُن کي ثابت ڪري سگهڻ وارن مشاهدن تي قائم رهڻو پوندو. ان جي ابتڙ فلاسافيءَ جي شروعات سائنس ۽ مشاهدي تي ٻڌل علم سان ٿيندي آهي. (جيڪڏهن ائين نه آهي ته هاڻي ائين هئڻ گهرجي.) فلاسافي وٽ انهن مسئلن جي حل لاءِ ڪوبه مواد ميسر نه هوندو آهي پر پوءِ به هوءَ اڳتي ايندي آهي ۽ وڏي پيماني تي مفروضا قائم ڪندي آهي. اها ماڻهوءَ جي سمجهه جي خطري واري تصوراتي تڪميل آهي. هي اسان جي دنيا جي باري ۾ سائنٽيفڪ علم جي خالن کي انهن مفروضن سان ڀريندي آهي جن جا ثبوت تجربي جي ذريعي حاصل ٿي نه سگهندا آهن. ان لحاظ کان هر شخص فلاسافر آهي. هڪ محتاط شڪ ڪرڻ وارو يا اگناسٽڪ (جيڪو چئي ته خدا ۽ آئيندي لاءِ ڪابه ڄاڻ حاصل ٿي نٿي سگهي) يا وري عمل پسند (جيڪو ماڻهوءَ جي عمل مان سندس نفسياتي ڪيفيتن جو اندازو لڳائي ويندو آهي) جيڪو ان وقت به فلاسافي ڳالهائيندو آهي جڏهن ساري دنيا جي اڳيان احتجاج ڪندي اعلان ڪندو آهي ته فلاسافي بي معنيٰ آهي. جيڪڏهن هڪ اگناسٽڪ پوريءَ طرح غيرجانبدار ٿي زندگي گذاري سگهي، هو خدا جي وجود کان نه انڪار ڪري ۽ نه اقرار، جيڪڏهن هو پنهنجن خيالن ۽ اعمالن کي غيرجانبداراڻي طريقي سان هاڪار ۽ ناڪار ۾ ورهائي سگهي ته پوءِ شايد هو فلاسافيءَ تي هڪ بي جان ۽ غير متحرڪ اخلاقي نظام، هڪ فڪري بي حسي، هڪ ڪائناتي بي هوشي طاري ڪري ڇڏي. پر اهڙي حالت ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ ڏکي ۽ ناممڪن آهي. ڏٺو وڃي ته اسان هڪ واٽ کي ٻي واٽ تي ترجيح ڏيندا آهيون. اسان ائين عمل ڪندا آهيون ڄڻ اسان انهن مونجهارن ۽ مسئلن مان جن جو مجموعو فلاسافي آهي، ڪا هڪ واٽ اختيار ڪري ورتي آهي. اسان نيوٽن وانگر مفروضا پيش ڪندا آهيون. سچ جي ڪشش اسان کي فلاسافيءَ ڏانهن ڇڪيندي آهي.

ڇا اسان مڃون ته فلاسافيءَ جي تاريخ، هڪ فڪر کي ٻي فڪر سان رد ڪرڻ آهي؟ ۽ فلاسفر هڪ ٻئي کي مارڻ جي جنون ۾ ورتل آهن ۽ جيستائين هو سچ جي سلطنت ۾ پنهنجي هڪ هڪ حريف کي ختم نٿا ڪن، کين ننڊ نٿي اچي. ڀلا جيڪو اهڙن مسئلن ۾ ڦاٿل هوندو ان وٽ ايترو وقت ڪٿي هوندو جو اهو عالماڻن تضادن جو نبيرو ڪري سگهي يا ان جهيڙي کي ختم ڪري سگهي. ڇا اهي فلاسافيون هڪ ٻئي کي پوريءَ طرح ختم نه ٿيون ڪن؟ ان لاءِ عمر خيام جي تجربي تي نظر ٿا وجهون:

مان جڏهن ننڍو هيس ته وڏي شوق سان عالمن ۽ درويشن وٽ ويندو هيس، ۽ هِنَ ۽ هُنَ جي باري ۾ سندن دليل ٻڌندو هيس پر پوءِ مان ان ساڳئي در مان موٽي آيس جنهن مان اندر ويو هيس.

شايد عمر خيام مذاق ٿي ڪيو. شايد هو ان ساڳئي دروازي مان ٻاهر نه نڪتو جنهن مان هو داخل ٿيو هو ۽ شايد هو مسجد جي دروازي وٽ پنهنجن جوتن سان گڏ پنهنجو عقل به ڇڏي آيو هو. ڪوبه ماڻهو عظيم فڪرن جي محفل مان اٿندو ته هزارين اهم مسئلن بابت هن جي سوچ ۾ وڏي وسعت اچي چڪي هوندي. اها آخر ڪهڙي شيءِ هئي جنهن عمرخيام جي ننڍپڻ واري مذهب کي حسن ۽ انگور جي مذهب ۾ بدلائي ڇڏيو هو. هن شاعريءَ کي جيڪڏهن فلاسافيءَ نه ته پوءِ ٻيو ڪنهن عظمت بخشي هئي.

ماڻهو سائنس جي تاريخ پڙهندو ته کيس خبر پوندي ته اهي تضاد جيڪي فلاسافيءَ کي غير يقيني ٿا بڻائن اهي هڪ بنيادي هم آهنگيءَ ۾ بدلجي ٿا وڃن. نيبولر جو مفروضو آخر ڪهڙي ڏورانهين ستاري ڏانهن اڏامي ويو؟ ڇا سيارن جو هاڻوڪو علم ان مفروضي کي مڃي ٿو. اڄ ڪٿي آهن نيوٽن جا قانون؟ جڏهن ته آئن اسٽائن ۽ منڪوسڪي عالمن پنهنجي سمجهه ۾ نه اچڻ واري اضافيت سان سموري ڪائنات کي اٿلائي پٿلائي ڇڏيو آهي. ماده جو ٺوس پڻو ۽ توانائيءَ جي بقا، جديد طبعيات ۾ ڪيڏانهن هليا ويا. ويچارو اقليدس جيڪو درسي ڪتابن جو تمام وڏو ليکڪ هو اڄ ڪٿي آهي. حسابدانن نون نون ايجادن سان نوان نوان رُخ پيدا ڪيا آهن. جيڪي هڪ ٻئي جو حصو ٿي سگهن ٿا ۽ هو اهو به پيا ثابت ڪن ته سياست وانگر طبعيات ۾ به سڌي ليڪ ٻن نقطن جي وچ ۾ سڀ کان ڊگهو فاصلو آهي. اڄڪلهه ورثي جو علم ڪٿي آهي. هاڻي ورثي جي جاءِ ننڍپڻ جي پرورش ورتي آهي. اڄ جارج مينڊل ڪٿي آهي جو هاڻي علم نسل جا ماهر، ڪن خاص ڪردارن جي خاص خاصيتن کي نٿا مڃن. هو شريف سڀاءُ وارو تخريبڪار ڊارون ڪٿي آهي جو هاڻي ارتقا جي تبديلين جو سبب نيون خاصيتون مڃيون ٿيون وڃن. ڇا اها نيون خاصيتون ٻن جدا جدا نسلن جي ميلاپ جون پيداوار آهن ۽ ڇا اسان کي انهن جي وضاحت لاءِ ان نظريي ڏانهن موٽڻو پوندو ته هڪ نسل پنهنجي پرورش سان حاصل ڪيل خاصيتون ٻئي نسل کي وراثت ۾ ڏيندو آهي. ڇا اسان وري هڪ صدي پٺتي موٽون ۽ ليمار جي جانور زراف جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي ڇڏيون. اسان پروفيسر ونڊٽ جي اعليٰ تجربيگاهه ۽ سٽينلي هال جي سوالن جي فهرست کي ڇا ڪيون جو هاڻي ماڻهوءَ جي عمل سان سندس اندر جي نفسياتي ڪيفيت جو تعين ڪرڻ واري نظريي جي پوئلڳن مان ڪوبه پاڻ کان اڳ وارن عالمن جي خيالن کي فضا ۾ وکيرڻ کانسواءِ جديد نفسيات جو هڪ صفحو به لکي نٿو سگهي. تاريخ جي ”نئين“ سائنس ڪٿي آهي جو هاڻي مصري نسلن جي شجرن جي ماهرن، شجرن جي جدا جدا ڏاڪڻ ٺاهي آهي جيڪا هڪ ٻئي کان سالن جي فاصلي تي آهي. اڄ ”علم انسان“ جا سٺا ماهر، ٽائيلر، ويسٽر مارڪ ۽ اسپينسر جو مذاق ٿا اڏائن ۽ فريئر لاءِ چيو ٿو وڃي ته پراڻن مذهبن بابت هو ڪجهه به نه ڄاڻندو هو. اسان جي سائنس اسان کي ڪيڏانهن وٺي ٿي وڃي. ڇا سائنس پنهنجا ازلي سچ وڃائي ويٺي آهي. ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته قدرت جا قانون انسانن جي مشروط بيانن جهڙا هجن. ڇا هاڻي سائنس ۾ ڪو استحڪام ۽ يقين نه رهيو آهي.

شايد اسان جڏهن روح ۽ ذهن جي امن جو استحڪام ڳولهيون ته پوءِ اهو اسان کي سائنس جي بدران فلاسافيءَ ۾ ڳولهڻو پوندو. فلاسفرن جا پاڻ ۾ اختلاف، خيالن کان وڌيڪ هنن جي پنهنجي پنهنجي دور جي ڳالهه ڪرڻ جي انداز جا هوندا آهن ۽ ان ڪري انهن ۾ اختلاف نظر ايندا آهن. اصل ۾ فلاسفرن جا گهڻي ڀاڱي اختلاف سائنس جي ڦرندڙ گهرندڙ خصلت جي ڪري هوندا آهن. سائنس ڪجهه وقت هڪ مفروضي تي قائم هوندي آهي پر پوءِ ان تان ڦري ويندي آهي ۽ ڪو ٻيو مفروضو قائم ڪندي آهي. فلاسفرن جي ڳالهه ڪرڻ جي جدا جدا انداز کي سندن خيالن سان ملايو وڃي ته انساني زندگيءَ جي باري ۾ سندن خيالن ۾ تمام گهڻي هڪ جهڙائي نظر ايندي. سنتيانا ايتري نهٺائي ڏيکاري جو چيائين ته مون کي ارسطوءَ جي فلاسافيءَ ۾ ڪوبه واڌارو ڪرڻو نه آهي. مون کي رڳو هن جي فلاسافيءَ کي هاڻوڪن حالتن مطابق بيهارڻو آهي. هن جي ڀيٽ ۾ جدليات، طبعيات يا حسابن جو ڪو ماهر، يونان جي ڪنهن پراڻي سائنسدان لاءِ ائين چئي نٿو سگهي. اڄ جي سائنس هر وک تي ارسطوءَ جي سائنس کي رد ٿي ڪري پر هن جي فلاسافي ان وقت به وڏي گهرائي ۽ وسعت واري هوندي جڏهن ايندڙ زمانو هن جي سائنس کي گهٽ نظر سان ڏسندو.

سائنسن جي راڻي:

اسان شايد هاڻي به محسوس ڪيون ته فلاسافي علمن جي راڻي آهي ۽ جيڪڏهن فلاسافي پنهنجو پراڻو شاهاڻو لباس پائي، سائنس کي پنهنجي خدمتگار بڻائي ۽ سڀني علمن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي ته اڄ به ماڻهو کيس علمن جي راڻي مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندا، هي سارو جهان ۽ ساري ڪائنات هن جا موضوع آهن ۽ جهڙيءَ طرح ڪا داناءُ راڻي پنهنجي سلطنت جا جدا جدا علائقا عقلمند گورنرن جي حوالي ڪندي آهي. اهي گورنر پنهنجن زبردست ڪارندن جي وسيلي سلطنت جي معاملن جو تفصيل گڏ ڪندا آهن ۽ پوءِ حاڪم اعليٰ سان گڏجي ان تفصيل کي ترتيب ڏيندا ۽ نوان منصوبا جوڙيندا آهن. ائين فلاسافي به پنهنجي سلطنت کي گهڻن صوبن ۾ ورهائيندي آهي ۽ هن جي فڪر جي جنت ۾ هزارين محل آهن.

ان سلطنت جو پهريون صوبو جنهن کي فلاسافيءَ جو دروازو چئجي. منطق جهڙي خشڪ نالي سان سڏيو ويندو آهي. ائين ٿو لڳي ته فلاسافي پنهنجي حسن کي اوپرن ماڻهن جي نگاهن کان لڪائڻ لاءِ پنهنجي سڀني عاشقن کي ان آزمائش مان لنگهڻ جو حڪم ڪندي آهي ته جيئن هو سندس مزا ماڻڻ جهڙا ٿي سگهن. ڇاڪاڻ جو فلاسافيءَ جا مزا انتها درجي جي اعليٰ محبت جي مزن جهڙا هوندا آهن جيڪي معمولي روح ماڻي نه سگهندا آهن. اسان جيستائين انهن آزمائشن ۽ امتحانن مان نه لنگهنداسين تيستائين اسين ان کي ڪيئن سڃاڻي سگهنداسين؟ پائليٽ(1) جي سڪائيندڙ سوال جو جواب ڪيئن ڏيئي سگهنداسين. هن جي جواب لاءِ ڇا اسان کي پنهنجي بي ڊپي پر هيڻي عقل، پنهنجي گهري پر اونداهي وجدان، ۽ ڪنن، اکين ۽ هٿن جي فيصلن تي ڀاڙڻو پوندو. اسان پنهنجن حواسن ۽ خيالن کي مسخ ڪندڙ پنهنجن تعصبن ۽ اسان جي ذهنن ۾ رکيل  بتن کان ڪيئن آجو ڪنداسين ته جيئن سچ اسان جي اندر داخل ٿي پنهنجو مقام ماڻي سگهي. اسان ڪيئن پنهنجي تربيت ڪريون جو اسان سچ کي ڳولهي لهون.

پوءِ سلطنت جي مرڪز کان گهڻو پري آزمائش جو هڪ ٻيو هنڌ آهي جتي فلاسافيءَ جي علم جو اجگر رهندو آهي. جيڪڏهن اسان جا ٿڪل قدم منطق جي اڻانگن رستن تي ٿڙيا ته پوءِ اسان جون اکيون اوندهه ۾ بيڪار ٿي وينديون ۽ اسين وڏي دٻڻ ۾ ڦاسي وينداسين. ٿي سگهي ٿو ته اسان اجگر جي وات جي ويجهو پهچي وڃون، هن جي عاليشان ڪلام جي جادوءَ ۾ جڪڙجي وڃون ۽ هميشه لاءِ هن جي خلائن ۾ قيد ٿي فلاسافر ٿي وڃون. پر اسان کي ان آزمائش مان هر حال ۾ لنگهڻو آهي ۽ علم ۽ مشاهدي جي دنيا جي حقيقت جي ڳجهارت کي جائز طريقي سان سمجهڻو آهي. اهڙيءَ طرح شايد اسان ان راڻيءَ جي درٻار تائين پڄي سگهون.

ما بعدالطبعيات هڪ تمام وڏو پر اونداهو صوبو آهي جيڪو اسان جي پنهنجي روشنيءَ سان  جرڪي ٿو ۽ جنهن ۾ اسان جي روحن لاءِ وڏا خزانا لڪل آهن. هن ۾ سموري ڪائنات جا جوهر پوشيده آهن ۽ هي اسان کي پنهنجن اشارن سان پريشان ڪري ٿو. هتي فلاسافي پنهنجو اهو اعليٰ گيت ڳائيندي آهي جيڪو هن پيٿاگورس کي ٻڌايو هو. هن جي معرفت فطرت شعور حاصل ڪندي آهي ۽ پنهنجن مقصدن تي تنقيد ڪري پنهنجو پاڻ کي معنيٰ ڏيندي آهي. هتي اسان مادي زندگي، دماغ ۽ ذهن، ماديت ۽ روحانيت، ميڪانڪيت ۽ مقصديت، جبر ۽ خودداري جهڙن مسئلن تي غور ڪندا آهيون. انسان ڇا آهي؟ ڇا تارن، پرزن ۽ ڦيٿن جي ٺهيل ڪا شيءِ آهي جنهن آسمان ۽ زمين جي قوتن کي حرڪت ۾ آندو آهي. يا هو پنهنجي ڪين جهڙي ۽ کِل جهڙي حيثيت ۾ هڪ تخليقي ديوتا آهي؟

هو ٻيو صوبو آهي جنهن کي تاريخ چيو ٿو وڃي جتي لکين ڪروڙين عام ماڻهو ۽ ڪي اعليٰ هستيون ڏورانهن ملڪن ۽ پُراڻن زمانن مان پنهنجا ڪي داستان کڻي ايندا آهن ته جيئن انهن کي ڳنڍي انهن مان اسان ڪو سبق حاصل ڪيون، ماضيءَ جو مطلب ڇا آهي. ڇا ترقي ۽ زوال جا به ڪي قانون آهن جن جي مدد سان اسان، تهذيبن، نسلن، قومن ۽ فردن جي لاهين چاڙهين کي سمجهي سگهون؟ هتي اسان موٽسڪو ۽ بڪل کي انسان جي ترقيءَ تي جاگرافيائي حالتن جي اثرن جي باري ۾ تقريرون ڪندو ٻڌنداسين. هتي اسان ڪونڊور کي، جيڪو هاڻي پوئين پساهن ۾ آهي موت جي ايذاءُ کي ترقي ۽ انساني ڪمال جي لامحدود امڪانن جي تصور سان وندرائيندو ڏسنداسين. هتي هيگل پنهنجي جدليات جي چوپڙ ٿو وڇائي ۽ ڪارلائل دنيا جي عظيم الشان شخصيتن جو ذڪر ڪندو نظر ٿو اچي. هتي نسل پرست پنهنجي نسل جي نج ۽ اعليٰ هجڻ جا گيت ڳائيندا ۽ وحشين جي پيدا ٿيڻ تي روئندا نظر ايندا. هتي مارڪس پنهنجي تاريخ جي اقتصادي نظريي کي ثابت ڪرڻ لاءِ انگن اکرن جا پهاڙ کڙا ڪري ڇڏيندو. هتي اسان کي ٻه چار اهڙا چرياڻ به ملندا جيڪي انهن ڏاهن کي چئي ڏيندا ته هنن حقيقتن جي رڳو ڪن پاسن جون تشريحون ڪيون آهن، سڄيون ساريون حقيقتون بيان ناهن ڪيون، فطرت ۽ تاريخ ۾ اڃا الائجي ڪيترا اسرار آهن جن جو هو پنهنجي فلاسافيءَ ۾ تصور به ڪري نه سگهيا آهن. پريان ڪنڊ ۾ اداس نٽشي ويٺو آهي جيڪو ازلي تخريب ۽ تعمير جا گيت ڳائيندو نظر ٿو اچي ۽ اسپنگلر مغربي دنيا جي زوال جون اڳڪٿيون ٿو ڪري.

اسان جيڪڏهن ٻئي صوبي ڏانهن رُخ ڪنداسين ته اسان کي سياست جي باري ۾ گفتگو ٻڌڻ ۾ ايندي ۽ اسين پريشان ٿي وينداسين ته ڪٿي اسان آمريڪا ته ڳولهي نه لڌو آهي. پر اهو ٿي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو هي ماڻهو بنان عزت واري جمهوريت ۽ بنان ڊپ ڊاءَ واري انارڪزم جي باري ۾ بحث ٿا ڪن. اشتراڪيت جي خامين جي ڄاڻ هوندي به ان سان پيار ٿا ڪن، رئيسن جي، معمولي ماڻهن سان اختيار ڪيل رويي کان کين بڇان ٿي اچي پر پوءِ به هو رئيست جي وڏي عزت ٿا ڪن. ڪڏهن ڪڏهن هو نوجوانن سان ”ڌرتيءَ جي جنت“ جو وڏي احترام سان ذڪر ٿا ڪن جتي ڏاها ماڻهو حڪومت ڪندا آهن، شهر ڏاڍو سهڻو ۽ خوشحال آهي.

اهي پويان اکر اسان جي روحن ۾ موسيقيءَ وارو تاثر ٿا پيدا ڪن ۽ اسان ان ملڪ جي وچ ۾ پڄي ٿا وڃون، اسان اصل فلاسافيءَ سان آمهون سامهون ٿا ٿيون. هتي فلاسافي ڪيڏي نه سٺي، سهڻي ۽ غير فاني آهي. فلاسافي اندر خاني فن سان ساڙ ڪندي آهي ۽ فن ۾ حسن لاءِ جيڪو تخليقي جوش آهي ان سان کيس حسد ٿيندو آهي. هن جي حريف سائنس نه پر فن آهي جو گهڻي ڀاڱي اعليٰ انسان فن سان ئي لاڳاپيل آهن،. شايد ڏاهپ دل سان اهو مڃي ته حسن جي عبادت سچ جي ڳولها کان وڌيڪ بهتر آهي ڇاڪاڻ ته سچ کي حاصل ڪرڻ ايڏو ته ڏکيو آهي جو اسان ان جي پَلوَ کي به ڇُهي نه سگهون، جڏهن ته حسن فاني آهي انڪري اُن جي عبادت ڪجي ته هو خوش ٿيندو آهي ۽ اسان کي ان جو صلو ڏيندو آهي. فلاسافي نهٺائيءَ سان حسن جو مطالعو ڪندي آهي جڏهن ته فن حسن جو احترام ڪندو ۽ ان کي نئين سر تخليق ڪندو آهي. فن تمام گهڻي ويجهڙائي وارين گهڙين ۾ حسن کي محسوس ڪندو آهي. هن کي عمارت سازيءَ جي عبادتگاهن، سنگ تراشي جي شاندار نمونن، رنگن جي گرمي، لفظن جي موسيقي ۽ آوازن جي هم آهنگيءَ جي ميٺاج ۾ محسوس ڪندو آهي پر افسوس ته فلاسافي رڳو حسن جي مسئلن سان واسطو رکندي آهي. حسن ڪٿان آيو ۽ حسن ڇا آهي. ڇا حسن واقعي شين ۾ هوندو آهي يا حسن اسان جي اندر جي طلب جو نالو آهي؟ هي جماليات جو صوبو آهي جنهن کي صدين کان عالمن بي چسو رکيو آهي پر پوءِ به ان ۾ حيرتون ۽ مسرتون آهن.

سلطنت جي وچ ۾ اخلاقيات جو صوبو آهي، هي صوبو درسي نوع وارن تصورن جي ڪري تمام گهڻو غيرآباد آهي پر ڪيترن رخن کان فلاسافيءَ جو نهايت آباد علائقو به آهي، ڇاڪاڻ جو زندگيءَ جو فن، فن جي زندگيءَ کان اعليٰ آهي، ۽ اخلاقيات زندگيءَ جي فن جو داستان آهي. هتي فلاسافي پنهنجن جدا جدا قسمن جي علمن کي زندگيءَ جي دانائيءَ وارو اعليٰ رتبو بخشيندي آهي ۽ پنهنجن سڀني قلعن مان انسانيت جي هدايت لاءِ علم گڏ ڪندي آهي، سٺي زندگي ڇا آهي، نيڪيءَ جو ڪهڙو فائدو آهي، طاقت ڪڏهن چنگيزي ٿي ويندي آهي، ڇا اخلاق جو ڪمال سقراط جي دانائي، نٽشي جي بي ڊپائي ۽ مسيح جي سٻاجهائي ۾ آهي، ڇا اسان زينو ۽ اسپينزا وانگر بيراڳي يا ايپي ڪيورس ۽ رينان وانگر لذت پرست ٿي وڃون. ڇا زندگيءَ جو مقصد مسرت ماڻڻ آهي. ڇا محبت رڳو قانون جي حدن ۾ جائز آهي. عدل ڇا آهي ۽ اهو اسان جي صنعتي تهذيب جي باري ۾ ڇا ٿو چئي. اهي وڏا اهم سوال آهن جن سان تهذيب جي تقدير لاڳاپيل آهي جيڪي هر رياست ۽ فرد لاءِ اهم آهن جن آڏو سائنس پنهنجي حساب ڪتاب، پنهنجن سخت شين ۽ گئسن سميت بيڪار ٿي لڳي ۽ لڳي ٿو ته ان جو زندگيءَ سان تعلق ڪونهي، هوءَ زندگيءَ جي دوست پر بنان ارادي ۽ نيت جي موت جي ساٿياري آهي.

پر موت پاڻ فلاسافيءَ سان لاڳاپيل آهي ۽ جڏهن سڀ بحث ختم ٿي ويندا آهن تڏهن ماڻهوءَ جي سوچ هن عظيم دشمن ڏانهن ويندي آهي ۽ فلاسافي مذهب جي بادشاهت ۾ داخل ٿيندي آهي. فطرت کان مٿاهين هستين ۽ انهن جي ماڻهوءَ سان تعلق جو علم دينيات آهي. فلاسافي انهن هستين بابت ڪجهه نه چوندي آهي. ان جو واسطو زندگي ۽ شين جي اصليت سان هوندو آهي ۽ اها انهن جي شروعات ۽ انهن جي انجام جون ڳالهيون ڪندي آهي. جيئن ان جو واسطو ٻين مسئلن سان آهي ائين انسان جي بقا سان به آهي، شايد اسان کي فلاسافيءَ جي تشريح ائين ڪرڻ گهرجي ته فلاسافيءَ جو سڌوسنئون واسطو موت ۽ خدا سان آهي. دينيات واري ان خدا سان نه جيڪو ڪائنات کان ٻاهر آهي پر فلاسفرن واري خدا سان جيڪو دنيا جو قانون، دنيا جي جوڙجڪ، قوت ۽ عزم آهي. جيڪڏهن ڪو ذهن هن ڪائنات جي رهنمائي ڪري رهيو آهي ته فلاسافي ان ذهن کي وڏي احترام سان سمجهڻ ۽ ان سان گڏ ڪم ڪرڻ ٿي گهري. پر جيڪڏهن ڪو اهڙو ذهن ڪونهي ته فلاسافيءَ کي بنان ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي ان جو به اعتراف ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ستارا، (ٻي معنيٰ) وکريل  ميڙ آهن. جيڪڏهن زندگي رڳو هڪڙو حادثو ۽ اجتماعي طور تي سدا رهڻ واري پر انفرادي طور فاني آهي. جيڪڏهن انسان رڳو هڪ طبعياتي مرڪب آهي جنهن جو مقدر ۽ انت، انتشار ۽ فنا آهي. جيڪڏهن فن جي تخليقي سرمستي، عالم جي ٻاجهاري حڪمت، صوفين جي بي لوث سخاوت، جذبات جي دنيا جا ڪي روشن واقعا آهن ۽ هر مسئلي جو جواب ۽ موت هر روح جو انجام آهي ته فلاسافي ان کي به منهن ڏيندي ۽ ان سوڙهي دائري ۾ به انسان جي عظمت ۽ اهميت لاءِ جاءِ پيدا ڪندي.

هاڻي اسان پنهنجي سفر جي شروعات ٿا ڪيون.


(1) رومي وائسراءِ پائليٽ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org