سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪافيون

ڀاڱو 3

صفحو :3

 

ڀاڱو ٽيون

آراڌنا ايشور کي

 

(34)

سدا سڪي تنهنجي سڪ ۾ دل دلبر تولئه يار

ڏي دلداري يار مون کي سهڻا دلدار دلبر يار

1_ مرڪي ڏٺو تو يار مون ڏي آيا برهه سدا سربار

دلڙي کسي آهي تو دلبر هاڻي آهيان مان لاچار

2_ موڙنه منهن تون يار مون کان طلب تنهن جي آهي تڪرار

راتيان ڏينهان طلب تنهن جي لنو ۾ تنهن جي آهي تار

3_ ملي ٿيءُ يار مون ساڻ هڪ ڪڏهن نه هجان مان توکان ڌار

ٿي رلمل يار توسان ٻڌان هر دم تنهن جي گفتار

4_ جيوت چوي مل جاني ٿئي دلڙي منهنجي بهار

هجي نالو سدا منهنجو اسم اعظم قائم نروار

(35)

ٻي ڪا نه رکان ٿو آش مٺا

تنهنجي درشن جي ٻَههُ پياس مٺا

1_ نيڻ سدائين ٿا توڏي نهارن_

گوش گفتار ٿا تنهنجي ٿا ڌارن

هرد م هر هڪ ساسَ مٺا

2_ دل ۾ ڌيان تنهنجو ٿا ڌاريون_

مُک سان تنهنجو گيان اچاريون

نڪ کي تنهنجو واس مٺا

3_ هٿ به هاج تنهنجي ۾ آهن_

پير سدائين توڏي ڪاهن

سڀ عضوا آهن داس مٺا

4_ ڏي درسن تون دلبر جاني_

دلڙي تو لئه آهي ديواني

لاءِ جيوت لُنوَ لاس مٺا

(36)

تنهنجي خاطر هيءَ ٻانهي گهمي ٿي مست ديواني

1_ هميشهه يار هج مون سان

ٿئَي مون سئَر سلطاني

2_ ظاهر باطن سڀين جائين

پسان صورت سبحاني

3_ ڏسان پنهنجو پاڻ کي سائين

سيرت صورت رباني

4_ جيوت نالو ناهي تنهنجو

آهين بي نام لاثاني

(37)

مئَن عيبدار گنهگار بَدِوِڪار هوُن

تون داتا مئَن منگتا جو چاهون سو لهون

1_ حاضر حضور ۾ تيري سدا مئَن رهون

آدانت جڳان جڳ تيري ديکُون رنگ ٻهوُن

2_ ساسون ساس ڌيرا نام جپون مئَن سوهوُن

جا پڪي تيرا نام تياڳون نانا ٻِڌِ آهون

3_ اسم ذاتي هئَه صورت ميري دگرنا چهوُن

رهي هئَه القيوم نام ميرا جيوت نا ڪهوُن

(38)

قاصد ڪيچ ڌڻي کي  منهنجو ساري ڏيج سلام

1_ آءٌ اُنهيءَ تي آهيان سائين

جيڪو ڪَيَوَ يار اعلام

2_ هلندي چلندي تات تنهنجي

ٻيو ڪنهن سان ڪيون نه ڪلام

3_ آهيون سڪ تنهنجي ۾ جاني

محبت تنهنجي آهي مدام

4_ مل جيوت کي سهڻل سائين

ڪڍ دوئيءَ سندا سڀ دام

(39)

درسن خاطر تنهنجي  لکين ٿا ساڌ ليلهائن

1_ راتيان ڏينهان سدا سڪ ۾

توکي ٿا  رام ساراهن

اٿن طلب تار ڪرشن تنهنجي

بنا تنهنجي نه ٻيو چاهن

3_ سدا سڪ سوز ۾ جاني

طرف تنهنجي ٿا ڪاهن

4_ مليو جيوت جا ئي تن کي

جيڪي لاڳاپا ٿا لاهن

(40)

عجب عجب منهنجي يار جي   هـــــــيءَ بــــــازي بڻــــــي آهــــــي

1_ انــــــــدر اواَنڪـــــــار جــــي     جــــــي ســــــچي مڻي آهــــــي

2_ ڪـــــــچ سڀوئــــي ڪپيــــو    هــــــيءَ هــــــيري ڪڻي آهــــــي

3_ پرين جي تــــــه پسڻ جــــي    مـون کــي گهرج گهڻي آهـــــــي

4_ هرجائي جيوت ستگوروئي   ســــــدا ســــــاٿي ڌڻــــــي آهــــــي

(41)

تجهه بن ڪوئي دوجا ناهين              ستگور ائين سکايا هي

1_ جت ڪٿ تونهين تيري صورت

تيرا روپ سمايا هي

سانگ تون هي سانگي به تون هي

تون هي کيل رچايا هي

2_ نام تون نامي به تون هي

دل وچ ڀيد نه پايا هي

نام بنا بي نام ڀي تون هي

آپ ۾ آپ ڇپايا هي

3_ جام تون هي ساقي به تون هي

آپ شراب پلايا هي

شام تون هي گوپي به تون هي

ايهه کيل تيري ڪون پايا هي

4_ گور تون هي ڀيد به تون هي

جيوت جوت جڳايا هي

تيري قدرت تون هي ڄاڻين

دوُسر اَنت نه پايا هي

(42)

اپني بلاس ڪارڻ ڪيتا پسارا           ايهه جڳ سارا

1_ نــــانــــــــــــا روُپ رنــــــــگ بنايــــــــا       سهسين نام ڌرايا

2_ آپ ڪوُن ويکــي آپ سنگه کيلي    آپي چوڄ ڪرايا

3_ آهــوُن ڀــــاو ڪــــوُن کــــڙا ڪــــــــر      ڪرتا جيوَ ڪهايا

4_ نــــــر اڀمــــانــــي ايش امــــر پــــرڀ      بيحد سانگ سينگاريا

5_ ســــــــرٻ ويــــا پــــي آد نـــــرنجــــن      نرمل نوُر ڇپايا

6_ اپني رائي ريجهــــه اِههَ ڪيِنــــي       جيوت جوڳه ڪمايا

(43)

منهنجو مالڪ آهين داتا مدام

سامي سندر سدا تون رام

1_ ظاهر باطن هر جاءِ جاني

سڀ نينن ۾ آهين تون شام

2_ مهر ڪرين ٿو تون جنهن تي جاني

ٿا عشق تنهنجي ۾ وڌائن گام

3_ ٿا رلمل ٿين مام تنهنجي ۾

توڙي عاقل هجن توڙي خام

4_ ظاهر مخفي جيوت جاني

آهي رلمل تنهنجي منجهه اَعلام

(44)

ڇـو نــــه جيئَنــــدس جــــڳ ۾               ٿي مان ڪرشن سڃاڻا

1_ جت ڪٿ ڪرشن سانورو              مان ٻيو نه ٿي ڄاڻا

مالـــــڪ ولايــــت مرشــــد جا                 مون کي سخن سيباڻا

2_ سڀ سَمَ ڏٺم حضـــور ۾              راجا ۽ راڻا

صــــورت سڀ صاحبن جــــي               توڙي غريب نماڻا

3_ بــــنا رام ڪــــرشن جــــي               ٻيو ڪير سهي ماڻا

ســــــــدا در ڪــــرشـــــن جــــي                آهن مون ٿاڻا

اصــــــــــــل در دوستــــن جــــي               ٿا رهون وڪاڻا

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org