سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪافيون

ڀاڱو 4

صفحو :4

 

ڀاڱو چوٿون

نينهن نيزاري

 

(45)

آءٌ ته تنهنجي آهيان کوٽي ۽ توڙي کري

ڏيئي درسن دوست جاني ڪيو مان کي مست چري

1_ عشق تنهنجي سر اسانجي لاتي آهي يار ڌڙي

بنا خيال سهڻا تنهنجي گهاريان ڪانه آءٌ گهڙي

2_ ڏي ڪو درسن دوست مان کي شوق مون سهڻا وري

بنا ملڻ محب تنهنجي آءٌ ته ويندس يار مري

3_ مل منهنجا تون يار ڍوليا کول ڪا درسن دري

رمز تنهنجي جي وڄي ٿي جيءِ اندر جاني چڙي

4_ مام مالڪ ولايت جي ٻڌ دم به دم جيوت وري

صاف ڪر سينو اندر تون ته پنهنجي يار مڙهي

(46)

تون منهنجو سائين آءٌ تنهنجي ٻانهي

مون کي قسم آهي تنهنجو جاني

1_ پل پل ٿي آءٌ توکي ساريان

ڪڏهن ڪين مان توکي وساريان

آهين ظاهر توڙي نهاني

2_ جاتي ڪا ٿي آهي تنهنجو نظارو

آد انت هيءُ جڳ سارو

آهين نور نرمل عياني

3_ ڏاڍو برهه آهي تنهنجو باري

جنهن دوئي اندر موُن وساري

آهين لاحد سر سبحاني

4_ جيوت نالو آهي تنهنجو صفاتي

سدا آهين تون ظاهر ذاتي

آهين نور نرنجن لاثاني

(47)

توکي ڏسان ٿي خوش ٿيان ٿي

دلڙي رهي ٿي منهنجي بهار

1_ ناز نيڻ ڀريا کڻي ڏسين ٿو

مرڪي محب دلڙي کسين ٿو

لنوُ لنوُ تنهنجي سار

2_ مهر ڪر تون مون تي جاني

اصلوُن آهيان تنهنجي ٻانهي

تو لئه ڦران ٿي دلبر يار

3_ مل محبوب تون دلبر جاني

هي سر صدقي تو توُن قرباني

نيڻين وهايون ٿا مٺڙا نار

4_ مل جيوت کي سهڻا جاني

بي مثل تون آهين لاثاني

سدا هج مون سان دلدار

(48)

جڏهن پکي تنهنجي مان پيئَي، تڏهن پرواهه رهي مون کي ڪيهي

1_ ڏس نه عيبن ڏي منهنجي جاني، تنهنجي آهيان جيهي تيهي

2_ جنهن جو جادو لڳو هو جيءَ ۾، سڄڻ مليم سيئَي

3_ ٿيڙس رَلمل يار پنهنجي سان، وچون دوئي سڀ ويئَي

4_ پيچ پيڙءِ جيڪو يار جيوت سان_ سو ڪڏهن ته ڪين ڇٽيئَي

(49)

نيهڙو لائي دل کسي

وئين دل کوُن دلبر يار پري

1_ آهي اندر ۾ اور تنهنجي

تن کي طلب مور تنهنجي

منهنجي توبن ڪين سري

2_ هيءَ گنهگار يار تنهنجي

تون سهائي لهه سار منهنجي

ڪر لامڪاني هٿ ڌري

3_ آءٌ سوالڻ يار تنهنجي

هٿ آڻ دل دلدار منهنجي

ڏي جام جمشيدي ڀري

4_ جيوت کي آهي تار تنهنجي

سدا روح ۾ سار تنهنجي

بنا تنهنجي ڪير وري

(50)

مل منهنجا تون دل جاني

وڃي هينئڙي تان حيراني

سدا سڪ سوز تنهنجي ۾

گهمي ٿي هيءُ تنهنجي ٻانهي

1_ اٿم وائي وات تنهنجي دلبر

ناهي ڪو ٻيو تو وٽ ساني

ظاهر باطن سڀين جائين

آهين تون نور نوراني

2_ ڪيو آهي نينهن نشي تنهنجي

رهان ٿي مست مستاني

ڪڏهن ملندين تون دل دلبر

مٺا محبوب لاثاني

3_ دم دم آهي تنهن جي وائي

سهڻا دلدار دل جاني

نظر نيڻن دلبر تنهن جي

ڪئَي آهي دل ديواني

4_ سدا ساري ٿي دل توکي

ڪر مهر مهرباني

سدا اور تون پرين کي

رهي جيوت جاوداني

(51)

واهه واهه صورت تو يار سينگاري

پنهنجي دلبر سهڻا يار

1_ نٿڙي ناز ڪري ٿي نڪ ۾

عجب سرخي آهي تنهنجي چپ ۾

نيڻن ۾ تنهنجي ڪجل ڌار

2_ عجب عجب جاني ويس ڪرين ٿو

دلڙي کسڻ جا ڊوُل ڌرين ٿو

مل سهڻا تون رس نه يار

3_ ناز ڀريا نيڻ تنهنجا خماري

سهڻي صورت آهي تنهنجي ساري

ڪا را نانگه ڪلهن تي وار

4_ ڪر جيوت سان ملڻ وائي

وڃي وچون دوئي جدائي

ڏي دلداري تون دلبر يار

(52)

ڪر نه ماڻا يار هاڻي دل منهنجي تو سوگهي ڪئَي

هٿ ٻڌي ٿو آزيون ڪيان آهي دل منهنجي دستوُن وئي

1_ حال پنهنجي دل جو نٿو سگهان توکي چئَي

خوش کلي مل يار مون سان وڃي دل جي ڪس لهي

2_ ڏسي ڏور تنهنجي مور منهنجي ڪل وئي توسان ٺهي

کلي خوب سهڻا من موهڻا تو نظير نيڻن منجهه ڪئَي

3_ آهيان پناري تنهنجي آڌاري در تنهنجي آءُ پئَي

ڪڍي ڪر جاني ڪولِ پنهنجي دستگير تون دست ڏئي

4_ جيوت چوي دل منهنجي ۾ طلب تنهنجي آهي رهي

اچي انتريامي يار تون دل منهنجي ۾ ويهه رهي

(53)

ڪانگل چئَج پنهل کي           ڌاريل ڪجه نه ڌار يار

1_ اٺ ئي پهر اندر ۾ جاني

آهي تنهنجي سار يار

2_ هج هميشـﮧ يار تون مون سان

نٿو گهران اُٿ وار يار وائي

3_ ڪر ملڻ جي ڪا يار وائي

لُنو لُنو ۾ آهي تنهنجي تار يار

4_ ٿي رَلمل يار جيوت سان

سدا گڏ تون گهار يار

 

(54)

عشق لڳو پوءِ گهوُنگهٽ ڪهڙو

مٿي ڪر منهن توُن پردو نقاب

1_ راتيان ڏينهان طلب ته تنهنجي

ناهي نيڻن کي دلبر خواب

2_ برهه تنهنجي جاني باهيون ٻاريون

ڏي درسن تون دوست شتاب

3_ اُڻ تڻ آهي اندر ۾ تنهنجي

هر دم وڄي ٿو چنگ رباب

4_ جيوت جلوو آهه هر جاءِ تنهنجو

پوءِ ڇو ڪرين تون يار حجاب

(55)

منٿ مُئَيءَ جي تون مڃ_ منهنجا رام ڪرشن ڙي

ٻانهي اوهانجڙي آهيان

1_ رمــــــــــــز ازل کــــون پيتــــو            دستون تنهنجي مل

2_ قايم قلب ۾ ٿيءُ تون جاني          وڃي ٻي هِل چل

3_ هج هميشـﮧ يار تون مون سان           دم‎دم تون رَل مل

4_ بــــــــي مثــــل تــــون لاثانــــــي           نانهه تنهنجو ڪو تل

5_ جيوت جاني هر سوُءِ مڪاني        سدا آهه نهچل

(56)

پرڀو موڪوُن طلب مايا دي

ڪجهه نهين طلب ڪايا دي

1_ دل ميري ڪس ڪو نهين چاهت

نهين سُڌ آيا جايا دي

2_ نهين ديکيا ٻڌ اهنڪارا

نهين سڌ چت ڀرمايا دي

3_ چاهه مجهي نام تيري ڪي

ستگور دي رنگ لايا دي

4_ ڪريا ڪرو جيوت گور موپهه

اپني ساٿ سمايا دي

(57)

مئَن هار پڙيو پرڀ هوءِ سهائي

تجهه بن ميرا متر نه ڀائي

تون پران ناٿ پورن مين سڀ جائي

اَب هاٿ پڪڙ مو ڪوُن پار لنگهائي

اس مشڪل سي مو ڪون ڪرو خلاصا

جيوت سد رهون تيري نام ڪا داسا

 ____
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org