سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪافيون

ڀاڱو 5

صفحو :5

 

ڀاڱو پنجون

 

وصل جي واٽ

 

(58)

سچ چو مون کي تون دلبر يار ڪيئَن تو دلڙي آهي پَلي

اهو ڪهڙو زهد ڪهڙي عبادت جنهنجي جهل ۾ آهي جهلي

1_ سمجهڻ مام مرشد جي سان مان تون ويئَي منهنجي هَلي

دم دم جپيم يار جانب کي جان جانب سان آهي رِلي

2_ ٿي روشنائي دل اندر ۾ جوت جانب جي آهي ٻَلي

ٿيس پنهنجي يار سان رلمل ڪنهن نه منهنجي دلڙي ڇُلي

3_ سدا اوريم اور اندر ۾ جا جانب آهي مون کي سَلي

ساهه اندر ۾ ساجن جي سدا پڙهي مون رامَڪلي

4_ جيوت چوي ٿيڙم حاصل مرشد واري مانگي گَلي

ٿيڙي عنايت قوت قايم جتي القيوم يا عَلي

(59)

آيو سهڻو سڄڻ ته نيهي         اڄ پُکي پاڻهي پيئَي

1_ اچي دلبر ديــــد ڏيکــــاري    سڀ مرشد ممتا ماري

ڪيــــو قادر قلــــب قـــــــــراري      سڀ راز سڻايائين ويهي

2_ ڪٽي ڪامل ڇڏيا ڪشالا   پُر ڪري ڏنا تنهن پيالا

ســــڀ سنگتــــي ٿــــيا متــــوالا    ناهي خبر ته دنيا ڪيهي

3_ ٿيو منهنجو ڀاڳ ســــڀاڳو   اٿي سرتيون سڀئَي جاڳو

ڪــــيو پريتــــم لاءِ اوجــــاڳـــو    آيو موٽي اجهو پر ڏيهي

4_ غم جيوت مرشـــد ٽاريــــو   دوئي دور ڪري من ٺاريو

دک درد سڀوئــــي نــــواريــــــو    مون کي مليو ڏيهه ۾ ڏيهي

(60)

آيا اٿم يار مٺڙا آيا اٿم يار

پيهي گهر پاڻهي سچا سردار

1_ ڳوليم جن کي سيئَي مليا

دم نه ٿيندو ڌار

2_ جن جي سڪ گهڻي هئَي مون کي

سيئَي ٿيا سڪدار

3_ آهن مون سان گڏ هميشهه

وِٿِ نه آهي ڌار

4_ جيوت ڇا گڻ ڳائي تن جا

مهما اپر اپار

(61)

جنين جي آءٌ آهيان گولي

تنين جي آهه هردم هولي

1_ روز آو کَٿون مالڪ مون کي

ڏني آهي اِها لولي

2_ مام مرشد جي ساڻ

رڱي ٿئَون يار هيءَ چولي

3_ پسي محبوب مرشد کان

پاتو سي يار مَنِهَه هولي

4_ مليو ڪرشن جيوت کي

ناهي ڪا هاڻي ٻي ٻولي

(62)

ديکو ديکو ميري يار سهڻل ديان

عجب عجب آهن چالڙيان

1_ هس هس جانب جڏهن نهاري

مئَي دلڙي منهنجي جياري

ميٺا دلبر ديان ڳالهڙيان

2_ جا جانب مون کي جان ۾ لائي

بنا دلبر ٻئَي ڪنهن نه سڻائي

واهه رمزان دلبر والڙيان

3_ تات طلب آهي تنهنجي تن ۾

لِنوَ لڳي آهي جنهن جي من ۾

نيڻين وهايون ٿا نالڙيان

4_ جيوت سهجي سهج ۾ آيو

مام مرشد سان نينهڙو لايو

ٽُٽيان دوئي ديان ديوالڙيان

(63)

بابا ناهون سڳن ڪنهن ساٺ   سدا  سنتوک  اسان  وٽ   ماٺ

1_ گيان سنتان جا  اُپجي  گهر    ۾ ٽنهي لوڪن لڳڙي ماٺ

2_ مليو سپتر سدا سک ٿيڙو   ٻي ڪانه رهي گس گا‎ٺ

3_ جيءُ آتما پر  ان  اندريون   هت ڪوئي نه پيڙو ڪاٺ

4_ جيوت  جب  پريتم  مليا    سوئي ملي رهيو منجهه ماٺ

(64)

مليو محبوب  ٿيون  شاديون   ويا درد غم جدائيءَ جا

1_ ملڻ محبوب  پڄاڻا  مون    لٿا سڀ فڪر فنائيءَ جا

2_ سڀين جائين صورت  پرين    آيا سر خيال خدائيءَ جا

3_ مالڪ پنهنجي سان ٿي رلمل   وٺون ٿا ذوق بقائيءِ جا

4_ جيوت سر اَمر ستگور جو  هلاءِ تون حڪم اِلاهيءَ جا

 

(65)

آهي جانــــي منهنجــــو اڏ ول     آءٌ سدا ويٺي ساريان

1_ گهمــــــــي ڏٺــــم جــــڳ ۾     ناهي ڪو اهڙو ٻيو ٽول

2_ ســــدا منهنجي ســــــــاهه ۾    آهي سندن ٻول

3_ پسڻ ســــــــاڻ پريــــن جــــي    ويو مڙيوئي ڀول

4_ هستي هووڻ جيوت جاني  ٽيئَي مٿس گهول

(66)

ويئَي ٻــــي هــــل چــــــل الا        جانب جڏهن نهاريو

1_ ٿيو پرڪاش پرين جــو       ويو موُئي وارو مل الا

2_ ڏٺم هنن اکيــــن ســــان       جو مرشد ڏنڙم ڦل الا

3_ اٺ ئــــي پهر اکيــن تــي      چڙهيو سهڻل جو امل الا

4_ جيوت مليو يــــار ســــان      جيئَن جل ۾ راجل جل الا

(67)

وَوُڙيم ٿي ته ڀنڀور ۾ جاني ڏٺڙم پنهنجي گهر ۾

1_ سدا رهان ٿو يار پنهل سان جئَين مڇي رهي ٿي جر ۾

2_ ڏٺم يار پنهل کي ڪک پن بحر بر ۾

3_ سدا وسي ٿو سهڻل منهنجو ظاهر باطن پر اَپر ۾

4_ جيوت چوي هر جاءِ جاني آهي جانب چر اَچر ۾

(68)

آهي عاشقن کي دل اندر هميشهه يار جي جهولي

جنهن کي لِنوَ مالڪ لاتي تنهن کي ناه ٻي ٻولي

1_ سدائين سڪ جنهين آهي

سدا سي خوش گهمن گهولي

هميشهه سڪ مالڪ جي ۾

وتن سهڻا رنڱيون چولي

2_ ٿيا دک دور تن محبن

جنهين عاشقن سمجهي ٻولي

پاتائون پرت مون جاني

اُهو سهڻل پسي جهولي

3_ جيوت چوي مليم سيئَي

جنهين لئَه آءٌ هيس گولي

اٿس هردم هري هرهر

نه ٿس ڪا يار ٻي ٻولي

(69)

اوريون ٿا اور اندر ۾ جا جانب آهي لائي

راتيان ڏينهان هلندي چلندي نه ٿئَون ڪا ٻي وائي

جا لِنوَ لعلن لائي سا ڏسڻ منجهه آئي

ويئَي دوئي اندر منجهوُن ٿي صاف صفائي

ڏٺم هوت اکين سان آهي مالڪ هر جاءِ جائي

روم روم ۾ جيوت جانب ناهي جدائي

(70)

آهي جاڏي ڪاڏي گَڏُ

هر حال ۾ مون سان ساٿ ڙي

1_ ٻڌ جو يار پنهل جو جيڏيون

اهو انحد وارو سَڏُ

ٿي لنؤ لنوين منهنجي لات ڙي

2_ ڪونه ڏسان ڪاڪ ۾ سرتيون

هوتن جهڙو وَڏُ

ڪنهن سان ڪريان مان بات ڙي

3_ ظاهر باطن آه سهڻل جيڏيون

اسم جسم سڀ هڏ

ڪُل صورت آهي ذات ڙي

4_ سڪ جيوت کي ڪيو جيڏيون

وڃي هوتن سان گڏ

وائي نه اٿس ٻي وات ڙي

(71)

جئَون جو تئَــــون نرهنــــڪار    تنهنجو نام نه روپ آڪار

ورن نــــه چهــــن نڪــــو روپ     توهي سوهنگ ست سروپ

تــــون هــــي نرگــــڻ نـــر آڪار    تون هي سرگڻ سرو آڪار

تون هي آهين ســــڀ ۾ ســــار   تون هي آهين سڀ پاسار

تون هي ڪونه رکين وهنوار    تون هي ڀانئَين مهاڄار

تون هي اندر تــــونهين ٻاهــــر   تون هي باطن تون هي ظاهر

تون هي ڪرين ڏسين سڀ راند   توکي آهي سڀ هنڌ کانڌ

رکــــي کيــــڏ ٺاهــــيءِ جيــــوت    سچ پچ آهين تون چِرُ جيوت

(72)

سدا والي آهين منهنجو جڳان جُڳ رام تون رکپال

1_ اٿم طلب تار ڪرشن تنهنجي بنا تنهنجي ناهي ٻيو خيال

2_ آهي معلوم ڪرشن توکي _ سڀوئي رام منهنجو حال

3_ پنهنجي پيارن تي آهين _ سدائين رام تون ڪرپال

4_ مليو جيوت ڪرشن جائي _ سدا نرڀوَ نرنجن اڪال

(73)

جـــاوان ميــــري رام جــــي                  تيري ٻلهار مئَن

1_ تمــــري ڪرپــــا اپــــــــاء                  انت نهين پارا وار

نينون ســــي تيــــرا ديــــدرا                 ديـــــکيا نـــــــروار مئَن

2_ آکون ۾ انجن تون هي                نور نرنجن تون هي

اٺ سٺ منجن تــــون هــــي                ديکيا هئَه آڌار مئَن

3_ سنتهه پرڪاش تون هي               راج ابناس تونهين

برهم چد آڪاس تــــون هي                ديکيا نر آڌار مئَن

4_ جيوت ديکي تيري جوت                هويا تم سي اوت پوت

رهي دوُجــــي ناهيــــن ڇوت                هويا نر آ ڪار مئَن

(74)

من موُهن ڪا مرلي وڄائي ٿي

انحد جي آلاپ سڻائي ٿي

1_ مرليءَ تنهنجيءَ منڙو موهيو

شڪ سڀيئَي اندر جو کوهيو

نئَي محبت جي ڪا دلڙي ريجهائي ٿي

2_ مرلي تنهنجي آهي رنگبر نگي

اها آهي مون سان سدا سنگي

ساري سرير ۾ سائي سهائي ٿي

3_ مرلي تنهنجي جو آواز مٺو آهي

تنهنجي ساڌن جو سنگڙو سٺو آهي

جن ساڌن لاءِ اها لاتڙي لنوائي ٿي

4_ تون ڪرشن آءٌ گوپي هيڙس

ڪرشن ڪرشن ڪري مان ڪرشن ٿيڙس

ڪرشن بنا ٻي وائي وڃائي ٿي

5_ جيوت مرلي ڪرشن ٽيئَي

رانـــــــد رکـــــــايـــــــئَـــــــه نـــــــالا ســـــــڀيئَي

پنهنجي بلاس لاءِ ڪا کيل کيلائي ٿي

 

 

(75)

ڪرشن جو ديدار جنهن ته ڏٺو آهي هن اکين سان

1_ هلندي چلندي نت پَسي سو

سڀ صورت او انڪار

2_ پنهنجي بلاس لاءِ ڪيو آهه دلبر

ظاهر باطن هيءُ پسار

3_ سدا رهي ٿو تن سان سنگي

وٽ نه وجهي هڪ وار

4_ سي رلمل ٿيڙا يار پنهنجي سان

گويا ۾ گفتار

5_ جيوت صورت جوت جانب جي

نور نرنجن نر آڪار

  

_____
 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org