سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪافيون

ڀاڱو 6

صفحو :6

 

ڀاڱو ڇهون

 

سڪ جا سياپا

 

(76)

ملڻ محبوب تنهنجي سانگي

ٿي اٺ ئِي پهرِ دلڙِي تانگهي

1_ ائين تڙڦي ٿِي دل تو لئَه جانيِ

جئَين سِڪي سِپَ بوُند وانگي

2_ ڏي دل ديوانيءَ کي جانِي

جيڪي توکوُن ٿي دان مانگي

3_ راتيان ڏينهان تنهنجي سڪ ۾

ڦرون ٿا تو لئَه نانگي

4_ تنهنجي سڪ يار جيوت کي

لنگهايا يار سڀ لانگهي

(77)

صبا نياپو نينهن جو              تون ته ڏيج نيئَي نروار

1_ برهه تنهنجي جي برسات جاني

دم دم وسي يار

2_ درسن خاطر هِيءَ ديوانِي

برهه تنهنجي ڪئَيِ بي اختيار

3_ سڪا سڀ ساوا ٿيا

برهه تنهنجي ۾ باغ بهار

4_ آئي بوُءِ باغ برهه جي

لُنوَ لُنوَ ٻولي ٿي اواَنڪار

5_ ملي پاڙج يار جيوت سان

جيڪي ڪيڙءِ قول قرار

(78)

جنهين کي سڪ سهڻل تنهنجي تنهين کي ناهه ٻي وائي

1_ سدا اٿن ساهه ۾ جانِي_ جاتو يار آههَ لائي

2_ هميشهه طلب تنهنجيءَ ۾ _ برهه جي پنڊتن چائي

3_ ٿيا ڍاول اُهي جاني _ جنهين انبرت پيتو جائِي

4_ جيوت جن پرت مون پيتو _ تنهين پر واهه ناهي ڪائي

(79)

تنهنجي سهڻل تات ڙي                   آهي دل منهنجيءَ کي يار جاني

1_ سدا ڏسان ٿي سڀ ۾ _ تنهنجي مٺا مان ذات ڙي

2_ ساهه سڪي تو لئَه جاني _ جاتو پاتي آهي جهاتڙي

3_ ڪڏهن وسري ڪين ڪي سائين _ جاتو لِنوَ آهي لاتڙِي

4_ سڪ تنهنجي جي يار جيوت کي _ برهه پڙهائي آهي باتڙِي

(80)

وســـــــــــري ڪيــــن ويــــو          آهي دم دم دلبر دل ۾

1_ نظر يــــار دلبــــر جــــي         مون کي ڪيڙو يار کِيو

2_ اصلاً يــــار پنهل جــــو         آهي مون کي پيچ پِيو

اٿــــــــــــــم دلبــــــــــــر دل ۾ ڪونه ڪنديس وَر ٻيو

4_ جيوت چوي منهنجو الا        سنگ سهڻل سان ٿيو

(81)

جنهن جو نالو آهي الله

آءٌ ته انهن جي آهيان

1_ ساري هن سنسار جو

جنهن ته ٺاهيو آهي ٺاهه

2_ برهه انهن جي بِرِ ڪيڙو

سدا ساري تن کي ساهه

3_ سڪ انهن جي ڪنهن کي سليان

آهي ته کين آگاهه

4_ بنا ڪيچ ڌڻِيءَ جي سرتيون

ناهي ڪو مون ٻيو چاهه

5_ جيوت جاني هر جاءِ جيڏيون

آهي شاهن شاهان شاه

(82)

جيڪــــــــــا لائي آهي ڪـــــــرشن تــار      سا سڌ ناهي ڏيڻ جي

1_ مون کي تنهنجي دلبر جـــــــــــاني     سدا دل ۾ سار

2_ ٿي وڄي ويل سڀڪنهن سائــــــــــين      تنهنجي تند تنوار

3_ سڪ تنهنجي ڪئَي سبزي جاني    لنوَ لنوَ ٿي گلزار

4_ مل جيوت کــــي رانجها سائيــــن     ٻُڌي برهه پڪار

(83)

سدا منهنجو ساهه ڪرشن توکي

دم دم رام ٿو ساري

1_ کسيَيءَ دلبر دلڙي منهنجي

محبت مِيء مون پياري

2_ دنيا جي دؤر ۾ دلڙي

ڪڏهن ڪين توکي وساري

3_ ظاهر باطن سڀين جائين

تنهنجي بنا تِلِ نه نهاري

4_ جيوت چوي مئَي دلڙي

نظر سان يار وڌءِ جياري

(84)

رام سدائين رهندوِ ياد

يار پنهنجي کي ڪڏهن نه وساريان

1_ يار جي يارِي آهي پيارِي

مٺو اٿس ته سواد

چکيون چکيون چوڄ چتاريان

2_ جانب جوت تکي آهي سڀ کون

آهي اڪال اناد

سائي صورت سدا ويٺي ساريان

3_ دلبر بَرَ ۾ بِين وڄائي

مرگَهه سڀيئَي ٿيا ماد

آءٌ ڀي انهن جان ٿي هيءُ سِر هاريان

4_ جيوت عاشق آهي انحد تي

ڪري سدا آراڌ

ٻڌي راڳ دم تنهن سان گذاريان

(85)

واهه واهه رام ڪرشن تنهنجي ياري

منهنجي دل کي لڳي آهي پياري

1_ هر جاءِ ڏسان ٿو رام ڪرشن کي

پرش هجي توڙي نارِي

2_ رکي جنهن رام ڪرشن سان ياري

تنهن سر برهه آهي ڏاڍو باري

3_ دم دم ساري جو رام ڪرشن کي

تنهن راند کٽي آهي ساري

4_ جيوت ٻڌ تون ٻولي ڪرشن جي

دم دم انحد واري


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org