سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪافيون

ڀاڱو 7

صفحو :7

 

ڀاڱو ستون

گيان جا گفتا

 

(86)

منهن نه مٺل ايڏهون موڙجانءِ موڙجانءِ

ٻانهون ٻڌي هٿڙا جوڙ جانءِ

1_ ڀلا سائين جيڪي ستگور سڻايو سو ته ساسون ساس

اورجانءِ اورجانءِ

2_ ڀلا سائين سمرڻي سچي ستگور جي دل اندر ۾

سورجانءِ سورجانءِ

3_ ڀلا سائين گوبند جن جي من ۾ ٻيو ڏيهڙو نه

ڏورجانءِ ڏورجانءِ

4_ ڀلا سائين جيوت تنهنجيءَ سڪ ۾ چرخو اندر ۾

چورجانءِ چورجانءِ

(87)

صورت رام ڪرشن جي

تون ته دم دم دل ۾ ڌار

1_ راتيان ڏينهان رام ڪرشن لئَه

تون ته باهه برهه جي ٻار

2_ سمجهي مام ستگور جي سائين

تون ته ساسون ساس ويچار

3_ کائيندي پيئَندي رام ڪرشن جا

تون ته چرن ڪنول چِتار

4_ جاڏي ڪاڏي سمرٿا سوامي

تون ته سڀ گهٽ ويا پي نهار

5_ رهج هميشهه داني چاندي

تون ته صورت ڪرشن آڪار

6_ ڏيو جيوت مرشد مالڪ کي

تون ته نر آڌارا آڌار

(88)

سدا رهه تون رام سان ٻي وائي ڪر نه تون ڪن

1_ هرجاءِ ڏس سهڻل کي سائين        تون ڏيئَي ٻيائي ٻن

2_ سيئَيِ سڌريا جڳ ۾ جانــــي                   نالو جپيو مٺو جن

3_ رانيان ڏينهان اور انــــــــدر ۾          وائي محبوبن

4_ جيوت کي آهــي روم روم ۾        ٻولي ٻارو چن

(89)

اٿي پرميشور جي پياري

جاڳي جپ جڳديس مَراري

1_ سمجهڻ ۾ ڪجهه ساءُ نه آهي

ويهي جاڳِي جپُ ڪَر جاري

2_ جپڻ سان ڪر جار گهڻيرو

ٿئَي امن امان ڪراري

3_ ساسون ساس تون جپ گوبند کي

رک تات اهائي تاري

4_ ٻيو ڪَمُ ڪَمِ نه ايندُءِ ڪوئي

هڪ گوبند ڪندُءِ ستاري

5_ جيوت جاپُو اَجاپي جپيو

ملي رِڌ سِڌ نَوَ نِڌ ساري

(90)

ڀــــول مــــڙيئَــــــــي تــــــــون ڀڃ     ته مطلب ٿيني من جا

1_ ســــدا پنهنجــــي ســــاهه ۾    تون ته مام مرشد جي مڃ

2_ سمجهي مام مرشد جي سائين   تون ته انهيءَ رستي وڃ

3_ پيءُ پيءُ ڪر پپيهي جان   جئَين ٻالڪ مٿي ٿڃ

4_ جيوت کي مرشد ڪــــيڙو   اسم اعظم پُڃ

(91)

ڪانگل پار پرين جي             تون ته لَنؤ لَنؤ مٺڙي لات

1_ ڇڏ ڏسڻ تون هيڏي هوڏي

جپ مالڪ دن رات

2_ اورِ اندر ۾ اور انهيءَ جي

جنهنجي لايق صفت صفات

3_ ظاهر باطن جنهن جو نظارو

وائي ڪر تنهن جي وات

4_ صورت سڀ ۾ جيوت ڏس تون

صاحب سندڙي ذات

(92)

عجب عجب منهنجي يار جي جيڏيون

مٺِي آهي گفتار

1_ ساهه منهنجي ۾ آهي جيڏيون

سدا تن جي سار

2_ هلڻ چلڻ منهنجو جيڏيون

آهي تن آڌار

3_ اُستت ڪهڙي ڪريان مان جيڏيون

آهي اَپر اَپار

4_ جت ڪٿ ظاهر جيوت جيڏيون

صورت او انڪار

(93)

جڏهن ڀڳم ڪثرت ڪاهي _ تڏهن سهڻو ڏسڻ ۾ آيو

1_ ڪثرت ڪانه هيڙي سرتيون

هو سهڻل سعايو

2_ پُرک ناري سڀ نانَو رکائي

ڪيائين پاڻ کيڏڻ سان رايو

3_ ڪاٿي پير پيغمبر ڪوٺايائين

ڪاٿي محمد نانوُ رکايو

4_ ظاهر باطن هر جاءِ جاني

جيوت نانوُ سڏايو

(94)

يار پنهل پنهنجي سان            اسين اَجپا جاپُ ٿا ڳايون

1_ ست وارا ٿا ست نهارن

غير دوئي کي ڪين ويچارن

اصل اوئن ساڻ

سدا سڪن ٿا سَروُپ کي پايون

2_ ذات بنا ٻيو دل ۾ نه ڌارن

ڄاڻ خوديءَ جو اُهي ٿا وسارن

محبت موليٰ ساڻ

وتن سهڻا اُهي رنگ لايون

3_ عاشق معنيٰ اُهي نت ڌارن

مام مرشد جي سان نفس مارن

ڀال ڀلي جي ساڻ

وائي اِهائي اٿن ٻي نا وايون

4_ جيوت صورت الله نت ڳائن

سخن اقرب هرجا وَکائن

جاني جند جيءُ ساڻ

روُم روُم جانب جايون

(95)

ڪر جدائيءَ جي جدائي ڏس اصل پنهنجي ذات تون

هج اڱڻ تون هوت پنهنجي لَنوُ مٺي لات تون

1_ ذات ۾ ملي ذات ٿيءُ ڪر ٻي نه وائي وات تون

ڄمڻ مرڻ واري خؤف کان ڇٽي هج هميشهه حيات تون

2_ هج هميشهه رات ڏينهن ست سنگ ۾ سائين ساٿ تون

ست سنگه جي سنگت ڪري ڏس ناهين ڪاٻي ذات تون

3_ ناهه نالو جيوت تنهنجو آهين بي نام ذات تون

ڪاڏي ڪاڏي جلوو تنهنجو ڪر نه ٻي وائي وات تون

(96)

دم بـــــــــــــــه دم دلبـــــــر دلاســـــو             ٿو جياري دل مُئَي

1_ منجهه الستي حڪم رهه تون        جا هدايت تو سُوُئي

2_ رک قـــــدم دم ۾ سدائيـــــن           ڪڍ دليون غيرت دوُئي

3_ ڪر سدائين حاصل فـــراغت                   ڀڃ مندي الفت مئَي

4_ پــــــاڻ پــــــــــوئج جــــــــــوت ۾            ثابت وٺي سَمَ جي سُئَي

5_ ڏس جيوت تنهن جوت کــي                   جا پاڻ کان اڳ ۾ هُئَي

(97)

ڇڏ طمع ڪوُن ٿيءُ نه ناسي              هر دم جپ هر نام کي

پيءُ پيالو وجهه نه هـــــــــاري                مرشد سچي جام کي

1_ رهه سدا ست سنگ ۾ تون

ڇڏ ڏسڻ ڪوُڙي عام کي

ياد رک تون دم به دم

مرشد جي اعلام کي

2_ پڙهه سبق تون وحدت وارو

ڇڏ خوديءَ انهيءَ خام کي

ويهه نه وساري، ڪر تون سدا

وڌاءِ انهيءَ گام کي

3_ پيءُ هميشه يار پيالو

ڀڃ هستي غير بام کي

ٿي رلمل پنهنجي يار سان

ڪڍ دوُئيءَ سندي دام کي

4_ ڪئَي مالڪ ولايت مهر

پنهنجي جيوت ٻانهي غلام کي

هر جاءِ جوت آهي يار تنهنجي

ڏس ڪرشن ڪنئَييء شام کي

(98)

مون کان ڪانه پڇي ڙيِ صاحب سندي ذات

نالا ذاتيون هيءُ سڀوئي سندس آهي صفات

1_ جپيوڙي رام ڪرشن کي جيڏيون اوهين ڏينهن رات

رکو پريم هلندي چلندي سدا تنهنجي تات

2_ نينهن لڳو آهي رام ڪرشن سان برهه پڙهائي اها بات

هاڻي دم دم مون کي جيڏيون وائي سندس آهي وات

3_ جاڳو جاڳو اوهين ڙيِ جيڏيون پرهه ڦُٽي پرڀات

ڳولهيو پنهنجي ورَکي ڙيِ سرتيون جو سدا رهي ٿو ساٿ

4_ جيوت چوي وريو پنهنجي ورکي ڇڏي ٻي مصلحات

سدا اندر ۾ رام ڪرشن جي لَنوي لَنوي ٿي لات

(99)

دک ۾ ته سڀڪو ڪري ويراڳ

1_ ڪوُڙن سکن کي دک ڪري ڄاڻي

تنهنجو وڏو آهي ڀاڳ

2_ سڪ سان رام ڀڳت جي ڪيڙي

تن کي مليو لاڳ

3_ رام رسيو آهي سڀني جائين

مان ڪهڙو ڏسيان ماڳ

4_ رهي به سڀ ۾ سڀ کان نيارو

تنهن کي ڪونهي داڳ

5_ جنهن جاڳڻ مون پاتئَه سپرين

جيوت نس دن جاڳ

(100)

هڪ نام گوبند جو دل ۾ ڌر ٻيو ڪک نه رک

تون پنهنجي گهر

1_ چڱي چاڪري نرهن ڪار جي ٻئَي جو سلام

توڙي ڀرين نـــــــه ڀر

2_ ڪر ڪار تون سدا ڪرشن جي ٻيو ڪم توڙي

ڪرين نــــــــه ڪر

3_ ڪنجيون جو ملڙيئَه اکنڊ ڀنڊار جون ڪاڏي

ڪندين ٻيو سون ۽ زر

4_ هر حالت ۾ خوش رهه جيوت هوندين سدائينِ

تــــــــون ســـَرائــــــون سَـرِ

(101)

هوريِ کيلان مان رام توسان

دلڙي ٻڌي آهي دلدار توسان

منڙو اڙيو آهي منٺار توسان

1_ سڪ تنهنجيءَ جو سِنڌُر گهرايان

تلڪ ڏئي مان سانگ بڻايان

سانگ به سـونهيم سار توسان

2_ قلب تنهنجي کي ڪيسر لايان مان

رنگ تنهنجي ۾ چولي رڱيان مان

لائي رهان لِنو تار توسان

3_ مئَي محبت جو توسان پيان مان

پي پي رلمل توسان ٿيان مان

رهان مست خمار توسان

4_ گيان گلال عنبير اُڏايان

تو لاءِ مان سم سيج وڇايان

ڪو نه ڪريان ڪو ٻيو عار توسان

5- جيوت رَلمل توسان رهان مان

جاڏي ڏسان ٻيو ڪو نه لهان مان

ائين رکان وهنوار توسان

(102)

الف عجائب هئَه عشق مؤلا      لا فنائي شوق شعلا

هي هؤالحق هؤ مدام

1_ بلبل شيدا آهين نالان        ناغ برهه جي هيءَ بوءِ بالا

نارا نينهن جا رک دوام

2_ چت جا آهن ڏاڍا چالا         مست ميدان ڪري ڇڏ پالها

ڀور ڀڃي ڪر ايها بام

3_ ڀڃ ٻيائيءَ سڀئَي ڀولا        ڪڍ اندر مؤن ڪوڙا رولا

پڙهه خوشيءَ سان حق ڪلام

4_ دار منصوري آهي اعليٰ     ذڪر عين‎الحق ڪاپي پيالا

دم دم اٿئَي اهو الهام

5_ قلب آئينه هي متجلا                   تخت شاهي هي پاڪ تعاليٰ

آهي مرشد جو ايهو اعلام

6_ جيوت صورت ذوالجلا      معنويِء مون سڀ احالا

جلوهه جهان سارا حق قعيام

(103)

سمجهه ساجن سر اهو جنهن جيءَ اندر لاتي جڙِي

جوش مؤن جهونگر لڳي کلي خاص سبحاني درِي

1_ عشق جي اُلٽي هئَه چالي لائي ڌوم سندي ڌڙِي

مچ مچائي برهه جا ٿئَي سونهون صادق پوءِ ڦري

2_ صدق بن صوفي نه هووي دل دنيا سان جنهن ڌرِي

دين دنيا دو جهاني صاف ڪر ساري مڙهي

3_ ذوق لذتان سي چَکن جي ڌار ڪن جند کان سِريِ

حال حقيقت حق جو ڏس مرڻ کان اڳ ۾ مريِ

4_ جيوت سانگو ساهه جو ڇڏ خيال سُر ۾ رک سُري

خوف خطرا سڀ ڇڏي وٺ راهه وحدت جي وري

(104)

صدقي صدقي پنهنجي يارتـــــون         جنهن لنگهايم لڪ

1_ بنا گفتــــي يار پنهـــــل جـــــي          ٻي سڀ آهي بڪ

2_ سدا ستي جا پريـــــــن گود ۾                   لٿا تنهين سڀ ٿڪ

3_ جاڏي ڪاڏي صورت پـــــرين          ويا شبهه شڪ

4_ جيوت جاني هر جاءِ مڪاني                   اٿم دل کي پڪ

 

 

(105)

واهه واهه کيڏ رکي تو جاني    آهين ظاهر باطن تون عياني

1_ نالا ذاتيون نانو رکايهءِ

تنهن ۾ پاڻ ڪيو ٿي نهانيِ

2_ ڪاٿي پير پيغمبر اولياءُ سڏائين

ڪاٿي شهنشاه سلطانيِ

3_ ڪاٿي سڌ جَتي تون جوڳي ڪوٺائين

ڪاٿي پنڊت پڙهيو پُراني

4_ ڪاٿي کتري برهمڻ سودر آهين

ڪاٿي ويس سپوڙو دوراني

5_ ڪاٿي شاهه امير وزير چوائين

ڪاٿي شمس منصور لاثاني

4_ ڪاٿي جيوت جوتي جوت سڏائين

ڪاٿي سمرٿ سوامي لامڪانيِ

(106)

يار ڪجي هڪ يڪو گهر ويٺي ڏيکاري مڪو

1_ رلَمل رهجي يار ڪرشن سان

جنهن ۾ خوف خطرو نڪو

2- دم دم هجي تار ڪرشن جي

سدا يقين هجي پڪو

3- ڪوڙين هجن ڊپ جَهاني

ڪڏهن نه رهي دڪ دڪو

4_ مليو رهي ڪڏهن نه وڇڙي

جيوت ڪون اهڙو ٻيو سَڪو

 

(107)

جنهن رکي آهي رام ڪرشن سان ياري

تنهن سر برهه آهي ڏاڍو باري

1_ دم دم جپي ٿي جا رام ڪرشن کي

سا آهي ڪرشن کي پياري

2_ سدا ڏسي ٿي جا رام ڪرشن کي

سا دم نه وجهي هڪ گهاري

3_ جنهن تي مهر ڪري ٿو رام ڪنئَيو

سا ڪوجهي هجي توڙي ڪاري

4_ رَلمل ٿيڙي جا رام ڪرشن سان

سا ڪرشن ڏسي ٿي وِسُ ساري

5_ جيوت هي سڀ ڪرشن پسارو

پُرک آهي توڙي ناري

(108)

جلائو چت سنـــــدي چِنتـــــي                چڙهائو دم ڌياني ڪا

هو وي روشن تيرا چت من               پيو پيالا پريتم ڪا

1_ دنيا ڪي موهه سي دل دور

رهه ڪي رام سي لپٽو

جيوين مڇلي پڙي جل ۾

تيوين هر پريت ۾ رهڻا

2_ تيا ڳو ترشنا مايا ڪي

ڇوڙو سينگار ڪايا ڪي

آخر جل خاڪ هو جاسي

بگر هر نام پڇتانا

3_ ديکو نينان تون جڳ سارا

ڪيئَي راجا ڪيئَي رنڪا

بگر هرنام سڀ فاني

سچا سريِ رام ٿِر رهنا

4_ جيوت رهه تون سچائي سي

دوئي سڀ ڪوڙ ڪڍ دل سي

ڪرشن آسا رکو من ۾

هري ڪي اوٽ ۾ رهڻا

(109)

هربن پريت نه راکو ڪس سي

انت مڪت هو جس سي

1_ هو جا سڀ پدارٿ فاني

ساٿي نهين ڪڇ مک تس سي

2_ اندر ٻاهر رام ڪون ويکو

فارغ هوءِ دوئي ڪي نس سي

3_ جو ويکو سڀ رام ڪي صورت

ڇوٽو ڪوڙ ڪپٽ ڪي لبس سي

4_ جيوت ديکيا نور نوراني

رهڪي مايا ڪي عڪس سي

(110)

نينهن نغارو ٿو وڄي سيني اندر سبحان جو

ويس ۾ وحدت سندو واڄو وڄي ٿو نور جو

1_ سمجهه ساجن سُر اُهوئي هو سنديِءَ هُٻڪار جو

ظاهر باطن هو نظارو پس حضوُري حال جو

2_ ناهه نالو ذات تنهنجي ڀولو پنهنجي ڄاڻ جو

ڄاڻ کان بي ڄاڻ ٿي ڏس تجلو انوار جو

3_ هيِ وجودي ويس رنگي نقش الله جو

آهي ظاهر جو ڏسڻ ۾ عڪس وحد الله جو

4_ جيوت عين الحق تون هي سمجهه سُر اسرار جو

عڪس صورت غير ناهي پِرتؤ نؤران جو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org