سيڪشن: اشاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو آفاقي پيغام

باب:

صفحو:5 

ڪجهه غلط روايتون

ڏهن پندرهن سالن کان ڏسندو ٿو اچان، ته سنڌ جي عظيم شاعر ۽ وڏي ولي حضرت سچل سرمست متعلق، ڪجهه نادان دوست 
خوش فهمي سبب انهن جو غلط پرچار ڪري رهيا آهن. اهي روايتون مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي پيشن گوئي وانگر نه فقط جاهل ماڻهن وٽ قبوليت جو شرف حاصل ڪري رهيون آهن، پر اسان جا وڏا وڏا اديب به ان غلط فهمي جو شڪار ٿيا آهن. گرهوڙي بزرگ جي جانشينن تحقيق ڪرائي هڪ رسالي جي ذريعي ثابت ڪيو آهي ته ذڪر ڪيل پيشن گوئي جڙتو ۽ بناوٽي آهي. اصل ۾ ڪنهن شخص اها پيشن گوئي لکي لنواري وارن بزرگن جي خلاف سازش ڪئي هئي. ساڳي نموني سان حضرت سچل سائين جي شخصيت ۽ ڪلام متعلق هڪ سازش ۾ چار غلط ڳالهيون اچي وڃن ٿيون.

پهرئين ڳالهه اها آهي ته سچل سائين جو ڪلام چئن جي بدران ستن زبانن ۾ آهي، ٻي غلط ڳالهه اها آهي ته، پاڻ سنڌي زبان جا غزل گو شاعر آهن – ٽئين غلط ڳالهه اها آهي ته شايع ڪرايل سرائڪي ڪلام ۾ ڏنل پنجاهه اردو غزل بزرگ موصوف جو اصلي ڪلام آهي. چوٿين غلط ڳالهه اها آهي، ته فارسي زبان ۾ هڪ سئو ڇائيتاليهه شعرن وارو نظم نما ڪلام، ”بحر طويل“ سچل سائين جي تصنيف آهي.

مٿي ذڪر ڪيل چئني دعوائن متعلق تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سڀني عالمن، اديبن، شاعرن ۽ طريقت وارن بزرگن کي گذارش آهي ته ڪجهه وقت سيڙائي پنهنجي بزرگ شاعر مفڪر ۽ اهل دل درويش جي ڪلام تي توجهه ڏين ۽ تحقيق فرمائي غلط روايتن کي ظاهر ڪن.

پهرئين دعويٰ راڻيپور ۾ سچل ڪاليج جي کلڻ کان اڳ ڪنهن به اديب عالم يا بزرگ جي متعقد نه ڪئي آهي: مرزا علي قلي بيگ پهريون بزرگ آهي، جنهن سچي سائين جي سنڌي، سرائڪي ۽ ريختي (اردو) ڪلام تي قلم کنيو آهي، ان به سچل سائين کي ستن زبان جو شاعر نه سڏيو آهي. ان کان پوءِ وڏي معتقد اديب آغا غلام نبي، سچل سائين تي هڪ ضخيم ڪتاب لکي به اهڙي دعويٰ نه ڪئي آهي. مرحوم آغا عبدالنبي به چٽيءَ طرح مڃيندو هو ته، سچي سائين جو ڪلام صرف چئن زبانن سنڌي، سرائڪي، ريختي (اردو) ۽ فارسي ۾ آهي. هڪ هندستاني فقيرياڻي عرف نماڻو فقير به هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو آهي مگر هن به هفت زبان هجڻ جي دعويٰ نه ڪئي آهي. اهو گپوڙو هڪ دوست سچل ڪاليج راڻيپور ۾ هڪ تقرير ذريعي هنيو هو ۽ ان جو مقصد صرف پنهنجي ولي نعمت کي راضي ڪرڻ هو. اهو گپوڙو فقط پندرهن سالن کان پڙاڏي جي صورت وٺي، گرهوڙي جي پيشن گوئي وانگر سنڌ جي فضا ۾ گونجندو رهي ٿو. دعويٰ هميشه دليل سان ۽ روايت سدائين سند سان قبول ڪئي ويندي آهي. هن دعويٰ متعلق ڪا روايت يا دليل ڪونهي، سچل سائين جن جي وقت کان وٺي راڻيپور جي ڪاليج کلڻ تائين ڪنهن به اديب، عالم، شاعر يا بزرگ، سچل سائين جن کي هفت زبان شاعر نه سڏيو آهي. بزرگ جو موجود ٿيل ڪلام به نٿو ٻڌائي ته ستن زبانن ۾ آهي. پوءِ رڳو هٺ ڌرمي ڪري علمي مسئلي تي ڌيان نه ڏيڻ ۾ ادبي خدمت ناهي. فقط چاچي 
علي اڪبر درازي هڪ چوپڙي لکي آهي، جنهن پاڻ پنهنجي دعويٰ جي برخلاف دليل ڏنا آهن. سچي سائين جي ڪلام   ۾ تضمين طور ڪٿي هڪ يا ٻه لفظ ڪنهن زبان جا آهن ته ، ان شعر کي هن انهي زبان جو ڄاڻايو آهي. انهن هڪ ٻن لفظن جي مقابلي ۾ سمورن سنڌي لفظن کي ڇڏي ڏنو اٿس. هو سچي سائين جي شعرن سان گڏ پنهنجا به اهڙا ئي شعر ڏيندو پاڻ کي به ست زبان شاعر ثابت ڪندو ويو آهي. جيڪڏهن چاچو علي اڪبر، پاڻ کي هفت زبان ثابت ٿو ڪري ته پوءِ سچي سائين کي ته هزار زبانو شاعر سمجهڻ گهرجي.

اهڙن هٿرادو دليلن سان ته سنڌ جو هر شاعر ويندي چاچي 
علي اڪبر تائين، هفت زبان شاعر بڻجي ويندو. پوءِ اسان جي بزرگ جي تخصيص ڪهڙي ٿيندي.

ٻي دعويٰ موجب سچل سائين سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ۾ غزل چيا آهن. ان لاءِ عرض ڪندس ته، بزرگ جون ڪجهه غزل نما ڪافيون عروض جي بحرن تي پوريون ڏسي، ڪن سڄڻن انهن کي غزل جي صنف ۾ شمار ڪيو آهي. اهي ساڳيون ڪافيون مرزا علي قلي بيگ، آغا صوفي، نماڻي فقير وارن رسالن توڙي ٻين پراڻن قلمي بياضن ۾ ڪافي جي مختلف سرن جي عنوانن هيٺ ڪافيون شمار ٿيل آهن. اهي ڪافيون موسيقي جي ماترائن تي چيل آهن ۽ عروضي بحرن تي به پوريون اچي ويون آهن.

ٽئين دعويٰ موجب سچل سائين جي سرائڪي ڪلام واري رسالي ۾ آيل، پنجاهه اردو غزل سچل سائين جا چيل آهن. حقيقي ۾ اهي به ڪافيون آهن، جيڪي پراڻن رسالن ۾ اصلي صورت ۾ موجود آهن. خدا ڀلو ڪري ان بزرگ جو جنهن انهن ڪافين جي اصلاح ڪئي آهي ۽ جديد لکنوي اردو ۾ آڻي غزلن ۾ شمار ڪيو آهي. اهي ڪافيون چاچي علي اڪبر به اصلي صورت ۾ لکيون آهن. پتو ناهي ڪهڙي بزرگ کان اهو ڪلام اصلاح ڪرايو ويو آهي.

چوٿين ڳالهه اها آهي ته محترم چاچي قاضي علي اڪبر سائين هڪ چوپڙي ڇاپرائي آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ ڇائيتاليهه شعرن جو نظم نما ڪلام ڏنو ويو آهي، جنهن جو نالو ”بحر طويل“ آهي، پر اندر جيڪو ڪلام ڏنو ويو آهي، اهو بحر رمل ۾ آهي. انهيءَ ڪلام جا فقط پهريان پنج شعر سچل سائين جي ديوان آشڪار ۾ موجود آهن ۽ بالڪل صحيح آهن. انهن پنجن شعرن کان سواءِ باقي هڪ سؤ ايڪيتاليهه شعر بالڪل جڙتو ۽ بناوٽي ٿا لڳن. انهن جي ٺاهيندڙ کي علم عروض جي ڄاڻ به ڪانهي. ڪم از ڪم پنجاهه قافيه بالڪل غلط ۽ ٽيهارو کن شعر بي معنيٰ ۽ ڀرتي جا آهن. انهي چوپڙي وارو سارو ڪلام سچل سائين جي مشرب جي بالڪل ابتڙ آهي. ان کان سواءِ ڪلام ۾ آندل سموريون روايتون ضعيف ۽ ڪوڙيون آهن، انهن ۾ مذهبي تاريخ ۽ فقهه جون کوڙ غلطيون آهن، مثال طور لکيو ويو آهي ته: ”حضرت علي ڪرم الله وجهه وڏا شهپر رکائيندا هيا.“

”محض شهپر راڪلان ميداشته حضرت علي“. ٻي جاءِ تي لکيل آهي ته حضرت علي عليه السلام جن صفين جي جنگ ۾، شام جي لکن ماڻهن تي اڪيلي سر چڙهائي ڪري ويا هيا؛ ازانسواءِ تصوف جي قادري طريقي کان سواءِ ٻين سڀني طريقن جي توهين ڪئي وئي آهي. ان جي علاوه وهابين تي به ڇوهه ڇنڊيا ويا آهن، حالانڪه سچل سائين جي وفات تائين وهابيت جي تحريڪ برصغير ۾ ڪانه پهتي هئي. اهڙي حالت ۾ انهيءَ ڪلام ۾ وهابيت جو ذڪر ڪيئن آيو. ڪنهن کي گهٽ وڌ چوڻ سچل سائين جي مذهب ۽ مشرب جي بالڪل ابتڙ آهي.

اهڙو ڪلام جيڪو ايترين معنوي، مذهبي، تاريخي ۽ عروضي غلطين سان ڀريل آهي، ۽ جنهن ۾ گاريون استعمال ٿيل آهن، ان کي سچل سائين جهڙي بزرگ ڏانهن منسوب ڪرڻ، بزرگ جي توهين آهي. اهڙو عقيدو  رکندڙ بزرگ جا دوست نما دشمن ئي ٿي سگهن ٿا، جيڪي دوستيءَ جي پردي ۾ اهڙيون سازشون سٽي رهيا آهن.

انهن کان سواءِ سچل سائين جي آندل مثنوين ۾ به ڪي اهڙا شعر آهن، جيڪي قديم نسخن ۾ نظر نه ايندا. حقيقت ۾ چاچي علي اڪبر جي پيش ڪيل سموري ڪلام تي تحقيق جي وڏي ضرورت آهي، ڇو جو هو ويچارو ڪٿان لکيل ڪلام وٺي تحقيق کان سواءِ ڇاپرائيندو ويو آهي. هن بزرگ جي اها حالت آهي جو پنهنجي مرشدن جي ڪلام ۾ غلطي کان آيل ڌارئي ڪلام کي به ڌار ڪري نٿو سگهي.                       

وما علينا الا البلاغ

(سرمست -1 1981ع تان ورتل)

هڪ وضاحت

منهنجا محسنين ۽ دوستو!

نيت خراب هئي ته ڪجهه ٻيو چوان ها. پر اڄ هڪڙي ٻي وضاحت ڪندس. ڇو جو منهنجي ڪرم فرما قبلا مولانا قاسمي صاحب جن سچي سائين جي شطحي ڪلام تي روشني وڌي ۽ انهيءَ مان هنن جو ڪجهه چيو آهي انهيءَ تي شايد غلط فهمي ٿئي. انهي جي ڪري مان انهيءَ جو تصفيو ڪرڻ گهران ٿو. جو سچو سائين شريعت جو پابند هو. شروع کان پڇاڙي تائين هن ڪڏهن به نماز روزو نه ڇڏيو آ. ڇو جو سچو سائين خيرپور ضلعي جو هو. مان هن تي گهڻو ڪم ڪيو آ. استغراق جي حالت ان تي رهي آهي. ڪنهن ڪنهن وقت ۾. باقي ائين ناهي جو هن ڪڏهن به ڪا نماز ڇڏي هجي. يا جيئن شيخ ابن عربي آ. اهي مستند وڏا عالم هئا ۽ قال الله ۽ قال الرسول جا قائل هئا. ساڳي نموني سان اسان جو سچو سائين به قال الله ۽ قال الرسول کان ڪڏهن به ٻاهر نه هئو. باقي رهيو تصوف. تصوف جو مون کي خبر ڪانهي. تصوف ڇا ٿيندو آ. انهيءَ ۾ الائجي ڇا ٿيندو آ. مان ته چوندس خلاف- پيمبر کسـ ره گزيد- که هرگز بمنزل نخواهد رسيد. سو تصوف جي مون کي خبر ڪانهي. وڌ ۾ وڌ ايترو ڄاڻان ٿو دل جي صفائي جو علم آ. دل جي صفائي ڪانه ٿي جهلي ته نماز روزو ڇڏي ڏيو ياالله ۽ رسول جي حڪم جي انحرافي ڪيو.

تنهنڪري مون کي يقين آ.مان جيڪي سوانح نگار ڏٺا آهن يا جو ڪجهه پڙهيو آ، سچي سائين متعلق. ڪنهن ڪونه چيو آ ته سچو سائين نماز کان عاري هو. حالانڪه انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شطحي ڪلام آهي.

ڪول رهيو سي يار مليا هـ خرابون

ايوين عشق سچل نه حاصل ٿيوي ويکڻ نال ڪتابون.

 

بيشڪ انهن ڪتابن يا پاڪ جاين تي جيئن ٻيا سوداگر ويٺا ها يا دڪاندار ويٺا ها. اهڙي نموني سان نه اسان جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليھ رحمت ڪو دڪانداريءَ مئون ڪا شيءِ خريدي ٿئون يا واپار ڪيو ٿئون، نه سچي سائين ڪو اهڙو ڪم ڪيو آ. سچو سائين بلڪل هڪڙو مذهبي ماڻهو هو. نيڪ ماڻهو هو. انهيءَ جي ثابتي اها آهي جو هن ٽن مرشدن جو وقت ڏٺو. جن ۾ سندن ڏاڏو وڏو هو. انهيءَ کان پوءِ جيڪي ٻه مرشد ها پير عبدالحق، سائين ميان قبول محمد. انهن ٽن مرشدن جي وقت ۾ هو ڇا؟ هو خليفو هو درگاهه جو. درگاهه جو خليفو اهو ٿيندو آ جيڪو ٻاهر ويندو آ ۽ جيڪي به دنوي ڪاروبار آهن اهي انهين جي حوالي هوندا آهن، ۽ جيڪو مرشد هوندو هو. جيڪو به سجاده نشين هوندو هو. اُهو معتڪف رهندو هو. اعتڪاف ۾ رهندو هو. يعني لوڙهي ۾ رهندو هو. لوڙهي کان ٻاهر ڪڏهن نه نڪرندو هو. هي رسم پوءِ ٿئي آ جو لوڙهي کان ٻاهر نڪتا آهن، ڪجهه بزرگ. نه ته سچل سائين جا جيڪي به وڏا هئا اهي لوڙهي ۾ رهندا هئا. انهن جو هڪڙو خليفو هوندو هو، جيڪو دنوي ڪاروبار واسطي ٻاهر ويندو هو. سو سچو سائين اسان جي بزرگن جو، درازي درويشن جو خليفو هوندو هو ۽ سمورا جيڪي به ڪاروبار هوندا هئا اهي بجا ڪندو هو. جيڪو دنيوي ڪاروبار ڪري ٿو اهو ڇا معرفتي يا ديني ڪمن کان عاري ٿي سگهي ٿو.

ان تي ايڏو استغراق نه هو جو نماز روزو ڇڏي. نماز روزي جو قائل هو. شرعي پابندين کان پري نه هو. اها غلط فهمي دور ڪرڻ جي واسطي مان ٻه ٽي اکر چئي پنهنجي جاءِ وٺان ٿو.

السلام عليڪم

(سرمست 2/1982ع تان ورتل) 

سچل جو ڪلام ۽ ان جو ناشر

 

سچل سرمست چوٽيءَ جي شاعرن مان هڪ آهي. جنهن تي سنڌ جيترو به ناز ڪري اوترو بجا آهي. اسان وٽ اهڙو ٻيو ڪوبه شاعر ڪونهي، جنهن ايترو سٺو شعر، ايترو گهڻو چيو هجي. افسوس آهي جو هن اعليٰ شاعر جي زندگي ۽ ڪلام تي اڃا ڪو شايان شان ڪم نه ڪيو ويو آهي. اول ته هن ڏس ۾ تمام ٿورڙن ماڻهن قلم کان ڪم ورتو آهي. تنهن ۾ به معياري ڪوشش ڪا هڪ اڌ ملندي. سچل جي ڪلام ـ پيام جي تشريح ۽ تحقيق، سندس اهميت ۽ عظمت بابت ڪا علمي تصنيف ته خير سندس ڪلام جا شايع ٿيل مجموعا به مڪمل ۽ مستند نه ٿا نظر اچن. سندس ڪلام جي اصليت کي اجاڳر ڪرڻ بجاءِ، انهن ۾ آزاديءَ سان ڦير گهير جو رستو پيدا ڪيو ويو آهي. نه رڳو ايترو بلڪه اهڙا ناقص ۽ هٿرادو شعر به سچل سائين جي نالي سان شايع ڪيا ويا آهن. جيڪي ظاهر ظهور سچل جي مسلڪ جي خلاف ۽ سندس ٻئي سموري ڪلام کان ٻيءَ طرح جا آهن. دراصل اهڙي قسم جي هٿ چراند سچل سان ئي نه، بلڪ سموري قومي ورثي سان زيادتي آهي، هيٺ ان ڏس ۾ ٽي مثال انهيءَ اميد سان پيش ڪجن ٿا ته آئيندي سچل سائينءَ جي باري ۾ ذميدارانه رويو اختيار ڪيو ويندو ۽ کيس شايان شان نموني پيش ڪرڻ لاءِ اسان جا عالم ۽ محقق جوڳو ڌيان ڏيندا.

پر سال” سچل اڪيڊمي“ طرفان هڪ پمفليٽ جي صورت ۾ ”بحرطويل“ نالي هڪ لمبو چوڙو شعر سچل سائينءَ ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ هن وحدته الوجود جي مبلغ ۽ انساني عظمت جي پيغمبر شاعر کي هڪ متعصب شخصيت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان بابت راقم الحروف ”نئين زندگي“ جي فيبروري 1967ع واري اشاعت ۾ مضمون لکي، اهو ڏيکايو هو ته اهڙو فني خواهه معنوي معيار کان ڪريل شعر سچي سائين جي ذات والا صفات جي تصنيف ٿي نه ٿو سگهي. ڏهن مهينن جي انهيءَ عرصي ۾ ڪنهن به صاحب ان مضمون کي رد ڪد نه ڏنو آهي. مان وري به دعويٰ سان چوان ٿو ته اهو شعر ڪنهن به صورت  ۾ سچل سائين جو ثابت ٿي نه سگهندو. ”اڪيڊمي“ وارن کي عرض آهي ته مهرباني فرمائي هن ڏس ۾  تحقيق کان ڪم وٺن ۽ اهڙي شعر جي ترديد فرمائن.

سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان بي، اي فائينل جي ڪورس تي هڪ ڪتاب ”غزلن جو غنچو“ رکيو ويو آهي. جنهن ۾ سچل سائينءَ جي ٻن ڪافين کي غزل طور شامل ڪيو ويو آهي. حالانڪه سچل سائين فارسيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن ٻي زبان ۾ غزل نه چيو آهي. سندس سنڌي ۽ اردو غزل نما ڪافين کي عروض جي بحرن تي پورو ڏسي، ڪي سڄڻ غزل جو دوکو کائي ويا آهن. ”غزلن جي غنچي“ واريون ٻئي موزون ڪافيون موسيقيءَ جي ماترائن تي چيل آهن. جن کي فني خواهه معنوي لحاظ کان غزل ڪوٺي نٿو سگهجي. اهي ٻئي ڪافيون  مرزا علي قلي بيگ واري رسالي جي صفحي 131 ۽ 156 تي، سُر جهنگلو ۽ سر بروو ۾ داخل آهن. انهن کي غزل سڏڻ، ادبي صنفن جي فني امتياز کي قائم رکڻ جي لحاظ کان، غلط ۽ نامناسب آهي. ان ڪري يونيورسٽيءَ جهڙي جوابدار تعليمي اداري جي با اختيار بزرگن کي گذارش آهي ته سنڌي ادب جي غزل ۽ ڪافيءَ جهڙين مشهور صنفن کي سڃاڻن ۾ تميز ڪرائڻ بدران، شاگردن کي هٿ سان گمراهه نه ڪيو وڃي. تازو ڪتاب جي ٻئي سڌاريل ڇاپي مان هڪ ڪافي خارج ڪئي وئي آهي، اميد ته آئينده ڇاپي ۾ باقي هڪ ڪافي به ڪڍي ويندي، ۽ ڪتاب جي مقدمي ۾ پڻ ان موجب اصلاح ڪئي ويندي.

سنڌي ادبي بورڊ طرفان سچل سائين جو سرائڪي ڪلام  شايع ڪيو ويو آهي، جنهن جي پڇاڙي ۾ ”اردو ڪلام“ جي عنوان هيٺ، پنجاهه غزل نما ڪافين کي غزل ڏيکاريو ويو آهي. جيڪڏهن معاملو ڪافين کي غزل بڻائڻ تائين محدود هجي ها تڏهن به وڏي ڳالهه نه هئي، پر هتي ستم بالائي ستم اهو  آهي جو سچل سائين جي ڪافين کي ٽوڙي مروڙي، فارسيءَ جي تتبعي تي عروض ۾ آڻي، عجيب قسم جي اصلاح به ڪئي ويئي آهي. نه فقط ايترو، پر سچل سائينءَ جي استعمال ڪيل ان وقت جي قديم دکني اردو(ريختي) کي جديد لکنوي اردوءَ جو جامو پهرايو ويو آهي. گويا نادانيءَ واري دوستيءَ واري دشمنيءَ جو طريقو ورتو ويو آهي. مطلب ته اصليت کي الڳ ڪري، نقليت جو نمونو پيدا ڪيو ويو آهي.

دراصل، اسان جي ڪلاسيڪي دور جي برگزيده شاعرن جي ڪلام ۾ ترميم يا اصلاح جو معاملو بيحد نازڪ آهي، ۽ ڪنهن به فرد توڙي اداري کي ان جو ڪوبه حق نه ٿو پهچي. تحقيق جي صورت ٻي آهي، پر موقعي، جواز، ضرورت يا بهتريءَ بنا، ڪنهن به قسم جي ڇڙواڳ قلمي ڪاروائي جو طريقو ڏاڍو نقصانڪار ثابت ٿيندو. سچل  جي باري ۾ جيڪڏهن اسان جو ارادو اردو دان طبقي کي اهو ثابت ڪري ڏيکارڻ آهي ته اسان جو هي شاعر هڪ صديءَ اڳ جديد لکنوي اردوءَ ۾ شعر چوندو هو ته اها ڳالهه ناروا ۽ غير صحتمند آهي، ان سان سچل جي عظمت ۾ ڪوبه اضافو ڪونه ٿيندو. بلڪ جيڪڏهن سچل سائينءَ جو  اهوئي اردو ڪلام ڪافين جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو، ته سندس عظمت  ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه ايندي. عجب جي ڳالهه وري اها جو ادبي بورڊ واري سچل جي سرائڪي ڪلام واري مجموعي ۾، اها ڦيرڦار مرحوم مولانا محمد صادق راڻيپوريءَ جي نالي سان آئي آهي، جنهن اهو ڪلام مرتب ڪيو آهي. مون مرحوم مولانا راڻيپوريءَ جو قلمي مسودو پنهنجي گناهگار اکين سان ڏٺو هو، جنهن ۾ اهڙي ڪابه ڦيرڦار ٿيل ڪانه هئي. الائي اها ڪهڙي موقعي تي، ڪنهن جي طرفان ڪئي ويئي، ۽ سنڌي ادبي بورڊ جهڙي ذميداري اداري جي ڪار پردازن ان کي ڪيئن قبول ڪيو. بهرحال، سچل سائينءَ جي ڪلام جي گهڻگهرن ۾ غلطفهميءَ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي، سنڌي ادبي بورد کي منهنجي استدعا آهي ته اصل مسودي سان ٻيهر ڀيٽي ۽ چڪاسي، سچل سائين جي ڪلام ۾ جيڪا به اجائي ڦيرڦار نظر اچي، سا اصل حالت ۾ آندي وڃي.

سچي سائينءَ جو اصلي ڪافيون سنڌ جي مايا ناز اديب مرزا علي قلي بيگ جي رسالي تان ڏسي سگهجن ٿيون، جيڪو مرزا صاحب وڏي تحقيق ۽ تفتيش سان سن 1902ع ۾ شايع ڪرايو هو. ان وقت سچل سائين جا روحاني فرزند، سخي قبول محمد ثانيءَ جن به ناسوتي جامي ۾ حيات هئا. ڪافين جي آخري تصديق به سندن ئي حاضريءَ جي طالب، آندل فقير کان ڪرايل آهي، تنهن ڪري ڪافين جي صحت لاءِ اهوئي رسالو مستند ٿي سگهي ٿو.                                    

وما عليا  الا البلاغ

(ماهوار نئين زندگي ڊسمبر 1967ع تان ورتل)


§ غزل بحر طويل بابت الڳ مضمون هن ڪتاب ۾ شامل آهي.  – م.ب

· سچل سائين جي ريخته ڪافين جو اردو ترجمو مرحوم رشيد احمد لاشاري جو ڪيل آهي. - م.ب

·· ان رسالي جو ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نظرثاني بعد سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران سنه 2008ع ۾ شايع ٿيو. م.ب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org