سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڳ نامو

باب --

صفحو :4

 

سررپ

 

صدا

پرين ٻاروچا، سي هوت اڱ آئيا

1- کٿوريان سرها، او ماکيان گهڻو مٺا

2- جاٽون ڪيم جن لاءِ، او اکئين سي ڏِٺا.

 

بيت

[1]

مون جن جو نه لهي، گوندر گَريء رات

ڪڪڙ ڏيج مَ لات، جان آءُ گڏجان سڄڻين.

[2]

مون جن جي نه لهي، جهوري جهڄڻ جهانءِ

آيل ائين مَ ڀانءِ، ته ڪا آءُ جيئندي اُنَ ري.

[3]

مون جن جي نه لهي، آيلَ اِيء اڪيِرَ

سڄڻ منجهه سرير، ٿا ماء چُڻڪن چِتَّ ۾.

[4]

تيئن ٿا چڻڪن چِت ۾، جيئن سا گهنڊي لار

مون کي هوتَ هنيين ۾، ٿا وَسَن ويرو تار

جيڪا ساعت سپرين، ٿين اَکَينئون ڌار

ته ڪر سڀ ڄمار، هنيين هيڪلي گهاريو.

[5]

سڪ نه لٿِي سپرين، گڏ گڏجي مٿيان

سڄڻ نباتون ڪري جيڪر نت پيان

آهي مان اڃان، ايڏي اُڃَ اکين ۾.

[6]

ڌَڪَن مٿي ڌڪڙا، سَهي جيئن سانداڻ

ڀرين وڃايو پاڻ، ڀُڻان انهيءَ ڀيڻيين.

[7]

هنيون لوهه سنداڻ جيئن، ڌڪن مٿي ڌَڪَ

هنيان هَي نڌڪ، جو تون سڄڻ ساريو نه مَرين.

[8]

سڄڻ ساريو نه مَرين، اڃا ٿو جيين

لڳئي ڪونه هنيين، ڪو ڳُڻ ٻاروچل جو.

[9]

اوڀَڙَ ولهارن ۾، اٺي جيئن مورن

سا پَرَ گوندر ڪن، جيئن ڦوڙايو سڄڻين.

[10]

شاخون ڪيو سرير ۾، ٿا وَڻَ جيئن وِرِههَ وَڌن

سڄڻ تان نه اچن، آيل اوريان ڪن سين.

[11]

حال ڳرهيان ڪَن سين، مون سين سڄڻ نه سانڀيٽ

ڳالهيون اندر پيٽ، سلا موري سُڪيون.

[12]

پيم ڪرٽ ڪپار ۾، جڏهن سڄڻ سنڀاريام

هريا هٿَ ٿيام، نيڻنئون نير ڳَڙي.

[13]

لوڪَ رهندي لَڏيا، اڄ به منهنجا سيڻ

ماء منهنجا نيڻ اُڀيا اُت آرون ڪري.

[14]

ڏتڙ پَئي ڏينهن ٿيا، هينئڙو ٻيڙيء جيان

موٽيو تان پريان، ڪر لاهوٿي ڪڏهين.

[15]

ماء منهنجو جندڙو، گوندر ڪيو غرق

ڏکوين مَرڪَ، مٿي ڇپرَ پنڌڙو.

[16]

ماء منهنجو جندڙو، ڌڪَن ڌات پيو

وِرچي تان نه ويو، ساري سپرين کي.

[17]

وِرِههَ ويڙهيم جندڙو، ڌڪَن ڌَنئي نيوم

سانڍڻ سورُ ٿيوم، ساهه پرينء ري سرتيون.

[18]

سُورن مون کي سانڍيو، ڏکن نپاياس

جيڪُس اڳ هُياس، گُرِي گوندر وَلّ جِي.

[19]

وِرَههَ منجهه ويهڻون، گوندر هَٿَ نه پيرَ

ڪُڙهه ۾ قطارون ڪري، جان سورن لايا سيرَ

گهرَ گهاريندي ڪير، هيڪلِي ري سڄڻين.

[20]

سڄڻ مون نه سهيٽيا، جڏهن هوتَ هئا

ڏينهن ڏنجهارا گهاريان، جي پريَن ري پيا

مون ويسلِيء ويا، جيجل جوڀن ڏينهڙا.

[21]

ڪڏهن ايندا مان ڳَري، لنوء ڪانگل چو سَچُ

مانَ اجهامي مَچُ، مان اندر جو ٻَري.

[22]

ويرن واڳيو نه رهي، چتَرَ رهي نه چِت

ري پڇئي نت، هينئڙو واٽ ويکيو جيئي.

[23]

ڳالهيون سڄڻ تنهنجون، سنڀريو جيئان

لوڪان تان نه ڏيان، تِنئان ڪڍي هيڪڙي.

[24]

ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، اندر ڍانڍَ ٻرن

ڏَنءُ جو لايو سڄڻين، سي مَڱر ماٺ نه ڪن

سي ڪيئن اُجهامن، جَن جا جهوڪيندڙ سپرين.

[25]

ٽانڊين ڪانڊيين ٻاٻرين، مَر پچي پيئي

ويڄنئون ويئي، ٿِي وَهِيڻي سڄڻين.

[26]

مَرِي مطرقن سين، سڙي وئي سنداڻَ

تَنَ ۾ تاڻو تاڻ، اڃان مون پرينء جِي.

[27]

وَڌي ۽ وِچڙي  پيئي، سا گهاري کاڻ

تيئن پاڻا ويس پاڻ، گڏ گڏجي گوندرين.

[28]

جيئن سي پاڻ پَڊن جا، کانئيء ڄيرو واء

تيئن ”صادق“ سورن سان، دُکيو دُکي دل ۾.

[29]

مان پريان جِي ڳالهڙِي، ڪنهين چيوئي تان چور

مون کي وِجهيو هورَ، تون وتين ٿي سَنَري.

[30]

تو ۾ چنجُور چُور ٿيا، تون پاهڻ ڪِي لوهه

تون ڏکيا ڪهڙي ڏوهه، کاميو  کُوري نه وڃين.

[31]

پڌر وِجهه ۾َ پرنيتڻون، ڳرهڻ مَ ڳَرهيج

تان سُور اُنهيءَ سيج، جو لاهيندڙ ڪو لِهي.

[32]

پَڌَر وجهه مَ پريتڻون، ڳرهه م، ڳَرُ روء

مَر سورن سڀر هوءِ، هينئڙو ڪُم ڪڻن جيئن.

[33]

لُهار ڳالهائي لوههَ ۾، ڇيرن ڪري ڇِڻاٽَ

جنهن گهڙيو گهاٽ، ٿِي ٻولي ٻُري اُن جِي.

[34]

لُهارُ پنهنجي لوهه کي، ڌَوَڻِين منجهه ڌَنئي

مَنَ ڪا لاتَ لنئي، سنڀار سپيرين جِي.

[35]

آڻيواڱارن کي، ٿا کوري منجهه کانئينِ

تنهِين پَر ٿا تائين، ڏيل منهنجو ڏکِ سين.

[36]

کامي کوري وچ ۾، جيئن سو تئي تَرو

مونکي ڏنو سڄڻين، منجهان سِڪَ سرو

مَرُ جهيڻو هوءِ ٻَرو، کُهه ڦورائو سڄڻين.

[37]

وَهن واريءَ گاڏئون، جيئن سي کُوهيء نار

هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري.

[38]

چڙا توکي چوري، ٻولِيء وِڌو ڪن

ريهه ڏيئي ڪنهن رنگ جو، جاڳايئين جن

سدا تنهنجي من، ٿي لڳي لار فراق جِي.

 

صدا

مون کي ڀنڀور ٻاروچا، اللہ آڻي ميڙئين

1- آءُ جڏڙي جن ري، سي اللہ محب ملن.

 

صدا

سونهارو سو سڱ،  جو مون ٻاروچن سين

1- اللہ اللہ نينهن ڇڄي تان نه، جو مون ٻاروچن سين.

 

صدا

مامرو پرين جو جيڪي مِڙيي لهندو ماء، مِڙيي لهندو ماء ناته مُئي لهندو

هاڙهو لنگهي هوتا اي دوستا، اي ووء ووء پيهي وياڇپرين

1- ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو پر وڃڻ پيو مون، اي ادا وٺي نه پڙان،

جان اي سڳر نه سو سيڻ......

 

صدا

تون ڪر پڇين ڪوهه، هيء اسان جي حال جو

1- جنهن کي ڏکي ڏيل ۾، اوء سان تان ڪاهل هوء

درد درد وندين جو اوء ڪمتر ڄاڻي ڪوءِ

2- پري پسي پهين جهين اوء او پڻ ڏٺو ڏوهه

دائم آهي دل تي اوء اي عاشقن اندوهه

سپريان جي ڳالهڙي اوء پڌر وجهڻ ڏوهه

3- سِرُ وڍي پير ڪري اوء ڪو عشق راءِ هلندو

جُوءِ جن جي اورنگي اوء وڙلو انهين پنڌو

سيئي ڄاڻن سي سڃاڻن، اوء لوڀايا جي لوءِ

4- سپريان جي ڳالهڙي ادا جي هوند پڌر پوءِ

ته مارو ماڙهو مسڪين کي ووءِ هوند سڀڪو ٿو چوءِ.

 

صدا

لوڪ نه آڇيان ماء، ماء پريان جون ڳالهيون

1- مون سين ڪيون سڄڻين ڳجهيون ڳجهي لاءِ

2- سانڍيو سانڍيان ساهه ۾ سپريان جي ساء

3- پڌر آڇڻ پَرَ کي ڪا ايئن جڳاء.

 

صدا

اڳي اکڙين، ڪوهه اوجاڳو نه ڪيو

1- سنجهي پيئي ستيون، اوء تان ور سور لهن

2- مندائتي مينهن جيئن اوء لايو جهُڙ جهمن.

 

صدا

تان سريم هوتا دوست ري، اي سور سلتم تي

1- مون کي مادر مهڻا ڪڄاڙي کي ڏي، جيلان ڳالهه ڳري ٿي.

صدا

ڏجان هوتن کي ڪو نينهن نياپو، نينهن نياپو هو ڪو نينہ نياپو

1- وِهان ڪيئن ڀنڀور ۾ آءُ پرين پڄاڻان.

 

صدا

توء منهن ۾ ڏِکَ، گهوري جي سئو گوندرين

1- سرهي سپيرين سين سا اَرهي ٿئي نه لِکَ

2- پوتي پئي پرينء سين، سا لوڪ نه آڇي لِکَ

3- او جڏانهن پسي پرينء کي، تڏانهن ڀري وَکَ

4- ”صادق“ وهن سورَ جون نيّون ڪيو نِڪَّ.

 

صدا

جيئري زيارت، جي مان هُئي پرينء جي

1- پهرين گڏجان سڄڻين، پوءِ ڳالهڙين ارٿ

2- ڇنڊيان کيهه اکين سين، آءُ پيرين وجهان هٿ.

·


 

 

سرآسا

 

صدا

راتين راههءَ رڙهندڙي روءِ، پرينيان پوءِ، موٽِي موٽِي نه ويهان

1- ڏوٿي ڏيهائن جو ڪالهه پرين نه آيو ڪوء

2- ويٺِي سوئِي گهاريان، پر جو مان ڏک ڏنوءِ

3- چڙهيا ڏاڍين ڏونگرين، تن سيڻن سانگ نه ڪوءِ

4- ڇڏي وڃو ڇپرين، پر ڏکيء ڪهڙو ڏوهه

5- آن جا ڇڏي ڇپرين، تنهن هن هاريءَ حال نه ڪو

6- حال منهنجو ههڙو ڪو پُري پريان کي چوءِ.

 

بيت

[1]

آسا ڪجي للہ جي، ٻئي نه سڃجي پاڻ

سچو جن پرياڻ، لنگهي سي پار ٿيا.

[2]

اُڀي در دوستن جي، اُڀريوم عرق

مون کي ڏنو سڄڻين، سندو سور سبق

اڃان ايءُ ورق، ماء مطالع نه ڪيو.

[3]

پِرهه جوڙج پرينء سان، نيئي نيرانا نيڻ

ستر کاڌا کيڻ، جن ڏٺو منهن محبوب جو.

[4]

پِرهه جوڙج پرينء سين، نيئي نيرانا نيڻان

ڪا هلندي سيڻان، آءُ ويندي در دوست جي.

[5]

دوست ديکڻ آئيون، اکيون علي الصباح

اُڀيون عرضداشت ۾، ٻي ڇڏيائون آهه

رَچنديون ري پاهه، پرچنديون پرينء سين.

[6]

اڀرندي سِجَّ سپرين، پهرين جي نه پسن

ڪڍي ڏي ڪانگن، منهن ۾ مور نه چڱيون.

[7]

اکيون مون نه وَهيڻيون، اکيون پنهنجيءَ مَتِ

وڃي لڳيون تِتَهين، جتي جيءَ کپت

ڀڳي  ڪانهي ڀِت، سِرُ ساٽو نه ٿئي.

[8]

مون کي پُڇي تان نه ڪي، تن اکڙين آرَ

اورانگهي عالم کي لنگهي ٿيئڙيون پار

ٻي نه ڄاڻن ڪار، وِرِههُ وِهائي آئيون.

[9]

مون کي پڇي نه ڪيو، تن اُکڙِين آرو

وڃي لڳيون تِتَهين جِت پَهَت نه پاڙو

سڪڻ ۽ ساڙو، وِرِههُ وهائي ويٺيون.

[10]

جان ڪي جَهَل مَ پائيان، تن اکين کي آءُ

تان رنگ جنهن جي رتيون، سوجهي ڏٺائون

پسن پراهون، اورانگهيو عالم کي.

[11]

وڃي پئڙو لاک تي، نظر اکڙين

ڪارو ڪين پسن، مڙيو ئي ڳاڙهو ٿيو.

[12]

وڏا ٿورا لائيام مون کي اکڙين

ته پڻ پرين پسن، کڻان جي کَرَ سامهون.

[13]

جن سين پَسيِن پرينء کي، اکيون سيئِي ڌار

ٻئي ڏانهن ڪيم نهار، گهڻو ريسارو سپرين.

[14]

آهي جن اکين کي، تو لَئهِ اُڃَ اپار

پرين پاڻ پڻهِيار ته، اُڃَ اُجهامي اُڃَ سين.

[15]

آهي جن اکين ۾، سندي ٻاٻيهَلَ ٻاجهه

سِيچاڻِي جيئن سِکيون، ويٺيون وجهن واجهه

هاڃو سندن هاجَ، ڪم نه ڄاڻن ڪو ٻيو.

[16]

ساجن اکڙين ۾، گهليون ۽ گهوڙا

لاهين نه لوڙا، توڙان هاڃي هيريون.

[17]

ساجن ساجن تي ڪريان، جي سريم ساجن ري

مانَ ٻاجهائي ڏي، مَٿي اُتي هٿڙا.

[18]

ساجن شڪاري ٿيو، اڄ پڻ چاڙهي سِيڱ

رِيء منهنجي جندڙي، ٻيو ماريندو ڪين

اسين هڏ حليم، تون ڪان هڻندين ڪن کي.

[19]

ڪشي ڪان ڪماڻ مان، متان هڻين مون

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئِي توکي لڳي.

[20]

اوقابيل اکين ۾، تو مُل تکا تير

ساجن انهيءَ سيڱ سين، ڦٽي گهڻا فقير

ٻيو مَ مارج مير، تنهنجو پهريون ئي پورو ٿيو.

[21]

اوقابيل اکين ۾، تير چلايا تو

ٻيو مر ماري سو، جنهن جو پهيون پورو نه ٿئي.

[22]

سائين ڪارڻ سپرين، پاسي وَن مَ ويهه

سڄڻ سهان نه ايترو، جيئن تون پسين ڏيهه

وَنِيُنِ ۾ ٿي ويهه، ته آڇارا اکيون ڪريان.

[23]

وَنيون وهاڻا پرينءَ جا، اکيون اوتارا

سڄڻ سيئي آئيا، جي جِيء جا جيارا

پَسِي پيارا، اکين آسون پُنيون.

[24]

هيء جو هُري اک ۾، سو ڪٽر ڪڍي ويههُ

ته سوئي پسين ڏيهه، جِت ’آءُ‘ نه اپڄي.

[25]

جو هيء هُري اک ۾، سو ڪَٽَرُ ڪڍي ڇڏ

ته توهين سندو هڏ، پسڻ پوڄو نه ٿئي.

[26]

هي جو هُري اک ۾، سو ڪَٽَرُ ڪڍي لاهه

ته توهيِن سندو ماء پسڻ پوڄو نه ٿئي.

[27]

نرم جي نُنهَن سان پڇي پڇيائون

ڀِڙا جي ڀائڻ جا، سي ڀيري ڀڳائون

’اسين‘ ۽ ’آءُ‘ آسڻ هئي نه ان جي.

[28]

اَٿئي ڪوڏ ڪتڻ جو، ته ونءُ ڪاتارين وَٽ

اُچي ڳاٽ نه اُٿيون، من جوريائون مَٽ

اَرٽ جِي اُپٽ، ٿي سُڄي صرافن کان.

[29]

اَرٽ سڄي اَنگُڙين، جان اُنَ گهاڙيٽي گهڙيوء

جاڳي ڪوهه نه ڀيرئين، ساڄو جان سندوءِ

اِنَ اُلڙيان پوءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.

[30]

ڪاپاتيون ڪُنڊن ۾، صبوح سڏَ ڪرين

مٿي مُونن هٿڙا، ڀنيء اُو ڀيرين

نيڻين ننڊ نه ڏين، سَنڪي صرافن جي.

[31]

ڪاپاتيون ڪُنڊن، صبوح سڏ ڪرين

مٿي مونن هٿڙا، اکيون ڏانهن پرين

توڻين ڪين ڪتن، ته به ڪانڌ ان جو ڪوڏيو.

[32]

جاڳي جني ڀيريو، ڀيريو وير سَوير

مٿي پلنگهن پير، پسو تن ڪاپاتين جا.

[33]

تو هٿڙا سونهائتا، ڪوهه نه ڪتَين رڏ

ڪرڪا پَرِ ڪُنڊَ پَيء، ڳٽي ڳالهه ڇڏ

ته صرافن جي سڏ، هوند حاضر هجيِئي هَٿَ ۾.

[34]

پر پنهنجا نه ٿيا، ڳٽي ڳالهڙي

جان جان مالهڙي، ٽُٽِي ٽِڪاءُ نه ڪيو.

[35]

جي هيڪلِي ڀيرين جي، تون اهريين تن ڪاتار

ڏِٺي ڪا ڏوار، صرافن تنهنجي سُٽ ۾.

[36]

ڀيريين ۽ ڀانئيين، ائين وڏوڻو ڪانڌ

اوڏِي ٿي عرضداشت ڪر، ڳچيء پائي پاند

مڇڻ ٿئي وڻواند، ڪِتو وَتو تنهنجو.

[37]

اَمُجهايئي اوبڻ ۾، ناته ڪِتوئي منجهان ڪوڏ

ڏيکاريوءِ ڏڏن کي، اَڙيو سُٽ اٻوجهه

ڏوري تنهن سٻوجهه، ميٺ محڪم جنهن جي.

[38]

نڪي ڪتيئي ڪتڻي، نڪي ڪتايئي

سنهون سٽ صراف جو ويٺي وڃايئي

پِنيو ٿي پايئي، اُرههَ برابر اڳڙيون.

[39]

سَنهِي ٽَڪَ، ور گهڻان، ڪتان ڪڄاڙو

ڪاپي مٿي ڪيترو آڻيان اڌارو

سُڀان سوارو، ٿيندو سڏ صراف جو.

[40]

ڪتڻ جي ڪانه ڪريين، سُتيين ساهي هَڏَ

سرتيون  ڪنديون سڏ، ته سڪدينء سينگار کي.

[41]

سرمون وِجههُ مَ  سپرين، ڀنڀيون هڏ مَ ڀير

نيڻن سان ناز ڪري، جيءَ ۾ وِڌُءِ جهير

فَوجَ پرانهين پير، تنهنجن رڳين ئي رڻ ڪيو.

[42]

ڪا ڪتڻ سان ڪوءڙي، ڪا سُتيائي سَهاء

ڪا اُڀيٺيان نه آوڙي، ڪا ويٺي واٽا کاء

عجب جهڙي آهه، ڪانڌ وڏائي  تنهنجي.

[43]

سٽ تنهنجو سڦرو، ڪَتي ۽ ڪَهي

سري صرافن جو جي ڀري ڀاء لَهي

ته رئڻ راند رهي، هوند ڪتڻ جي ڪانه ڪَري.

[44]

جيئن ڀون ڀڻڪو ئي نه سڻي، تون ايئن چرخو چور

پائي منهن مونَن ۾ اولائتِي اور

صبح نيئِي تور، ته ماڻڪنئون مُلَهه گهڻو.

[45]

آتڻ ۾ پَها ڪري ڪَتِيُم جنين ساڻ

سي نه ڏسجڻ هاڻ، کڻي ڪنهن کُوڻ ٿيا.

[46]

آتڻ ۾ پها ڪري، ڪِتو جَنِين گڏ

ڏيئِي چرخي چَڏ، ساجهر ويئيون نڪري.

[47]

آتڻ ۾ نهاريام، پائي پاندَ ڪپاهه

تان کڻي ڪانه پساهه، سرتين ساجه لَڏيو.

[48]

اڄ نه آتڻ آئيون،  جنين ڪِتو ڪالهه

ارٽ اکولي مالهه، پوري ويئيون نجهرا.

[49]

آتڻ ۾ نهاريام، ته ناهه ڪتڻ وائِي

سرتين ساجهر لڏيو، ٻيون ستيون سنجهيائي

پانهين جي پائِي ته ڪانهي پرت پَهيِّن  جي.

[50]

ڪانهي پرت پَهِيء جي، نڪو ڪوڏَ  ڪتڻ

سرتين ساجهر لڏيو، پوريائون آتڻ

اچي ڪانه اوبڻ، جيڪس چرخائِي چُور ٿيا.

[51]

اڄُ نه آتڻ  آئيون، اولاڻين ارٽ

پهيون مٿي پَٽَ، لُڏَن لاکيڻين جون.

[52]

اکيون مون اُٻاٽيون، روئِي رَتَ ڦڙا

پرين جي پسڻ جو پئين ڪونه پَڙاء

ابتو ٿين اڙاء، سِڪن ساعت سڀ ڪنهين

[53]

اکيون پريَم تنهنجون، ڪُٺي قتل ڪن

کوڙيو کڻي سپرين، اچيو جت اڙن

مارڻ آهين من، فنا فانِي ڪنديون.

[54]

اَرٽ اُلوڙي ٻاهريون، منجهان وجهج مالهه

ڦيرج گهڻو فڪر سين، ”صادق“ ڪج سنڀال

ڪَتج منهجهه ڪمال، ته سُڄين صرافن سان.

[55]

ڪڏهن ڪاپوي، هن ڪتڻ منجهه ڪاڻ

اچيون چُون اٻوجهه کي ته سٽ نه کڻج ساڻ

هئي هئي منهنجو هاڻ، ڪنهن پر ڪاپو اُڄهَي.

[56]

مُنهن پنهنجو پاڻ ۾، جان صورت منجهه سڃاڻ

تان پڙهڻ پورو نا ٿئي، اکر جو اهڃاڻ

ڀيريندي ڀڃاڻ، اَرٽَ چاريئِي اڱرا.

[57]

آتڻ مون اندوهه ۾، ڪتڻ رهيو ڪونه

اُٿي ويئِي اونَ، جيئن ٿيو سَڏ سُجان جو.

[58]

جِت صلح سالڪن جو، اُتَ اچي ٿي اڄاڻ

پاڻان وِيَس پاڻ، ڪتڻ رهيس ڪونه ڪو.

[59]

اولاڻي ارٽ کي، سُتِي سويري

تيلان ٿِي ميري، ڪوجها ڪري ڪپڙا.

[60]

اُٿي آتڻ وچ ۾، روڙهيائين رنڍا

ارٽ جي ڏنجها، سنهي تند نه ڪري.

[61]

سرتين سنهون ڪتيو، ڀيرم جيئن ڀيري

ڦنگڙا ڦيري، ٿي آتڻ ۾ آهون  ڪري.

[62]

اَرٽ آلاپ ڪئي، رُون رُون منجهان راڳ

ڏنائين ڏهاگ، سُڄي ڪانه سُهاڳ کي.

[63]

سورُ نه لٿُمِ سُٽ جو، ڪَتِيُم جان ڪپاهه

تان سَنڪو اندر ساهه، ”صادق“ صرافن جو.

[64]

سو سڃاتم سپرين، جنهن ڪتيندي ڇِني مال

ڪو ڀلو ڪري ڀال نه ته وَسُ ويچاريء رهيو.

[65]

ويا بهانا پنهنجا، پرين وِسريِ  پاڻ

سڄڻ هئا ساڻ، مون پرکيو ڪوهه نه پرکيا.

[66]

ويري وَچانئِي ويو، هُو جو هئو ڪال

ارٽ اُکوليو مال، پسيو پَسان پرينء کي.

[67]

اڄ پڻ شَوق شمع جو، چِلا چاڙهيائون

ڪشي ڪانُ ڪمال مان، محڪم ماريائون

ٻر ٻر ٻاريائون، سندو محبت مامرو.

[68]

مون ڪاپائتيء ڪتيو، ٿُلهو ۽ ٿورو

سنئين پوي صراف کي، ڦولي نه ڦورو

جِت ترندو تورو، اُتِ ڪاڻياري   ڪانه ٿئي.

 

صدا

ڀورِي م ڪر ڀاڻ، ڪُوڙو جوڀن تنهنجو ڄاڻ

1- ڪَتِيين وَتيين پاڻ کي، ڪهڙو ڪريين ٽاڻ

2- پَهِيون کَڻُ مَ پاڻسان متان پونئي ڪاڻ

3- جُہ ڪتين پوءِ ڪنبين  گهڻو ته ٿئين سيڻن ساڻ

4- ”صادق“ جو پَههُ سڄڻين، تون تند تنهين پَر تاڻ.

 

·

 

 

 

سرماروئي

 

صدا

اي هو مارو مَ ڀانئيج، ته ڪي سَہَ سائين ٿوريان

1- ماڙيء منجهه مچَ ٿي سگهڙي سار لهيج، الو الو......

2- لوئي منهنجي  ليڙون ٿي، اچڙي سا پسيج، الو الو......

 

بيت

[1]

ڪنهين ڏيهان تون نڱيو، ڪٿي ويڙهيچا

ساري سانبيئڙن کي، ساڙو ٿيئڙم ساهه

ڪهڙو وريان واءُ، جيئن مون کي ڇَڏيان بندَ ۾.

[2]

ته مان بند نه ساريو، جي ڪَرَ لڌائون

ماروئڙن آئون، جيڪي ويس وسرِي.

[3]

مارُو ناهه مليرَ ۾، جيڪس جيلاهِين

منهنجي تيلاهين، اچيو ڪَرَ ڪو نه لهي.

[4]

ڪَرَ نه لڌي ڪڏهين، منهنجي ويڙهيچن وري

ماروئڙن ايئن ڀانئيو ته ويئي منڌَ مَرِي

خبر هيء کرِي، جا مون ڏني ڏوٿئين.

[5]

پانڌي پرين پنوهار جا، جان تو وڃين وَسَ

منهنجا ڏيج ملير ۾ سلامن سهس

آءُ اوهان جي آهيان، گولِي مَٿي گس

کرڙ، کٿا کاهيون آن جا مُئي وسرندم مس

ويٺِي ڪريان وس، ايڏي جي اچڻ جا.

[6]

پانڌي پرين پنوهار سين، روئي ڪج رهاڻ

جيئن ٿَرَوڄون وٺيون، تيئن آءُ هت سورن ساڻ

ڪَيان، ڪانه ورياڻ، ڏکن ڏيل ڏهيون ڪيو.

[7]

پانڌي چُئيج پرين کي، ڏکن آءُ ماري

پيا ويڌ وجود ۾، تَنَ اوهان جي تاري

گوندر ٿيا ڀاري، ڏکن ڏيل ڏهيون ڪيو.

[8]

پانڌي چُئيج پرين کي، مقابل ويهي

سَڙان سَڪان سَڌَ مران، ڪارڻ آن پيئي

وٽان مون ويهي، ڪَرَ نه لڌيان ڪڏهين.

[9]

پانڌي پرين پنوهار کي، جيئن چيم تيئن چئيج

مَ ڪَج ويلو وچ ۾، مَ ڪا رات رهيج

سگهي سار لهيج ڪوٺيء ڪُٺي آهيان.

[10]

ڪوٺيء ڪُٺي آهيان، زوراور زنجير

ساريو مارو مير، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.

[11]

ٻانهن ٻنهي ٻيڙيون، جُسي تي زنجير

هڪڙا پَيڪڙا پيرن ۾، پي هنئِي ڪي همير

مون کي ڏنا سومري طعنا ۽ تعذير

منهنجو رِيء ملير، هت قدر ٻيو ڪونه لِهي.

[12]

ٻانهن ٻنهين ٻيڙيون، ڏُکن ڏينهاڻي

پکن پارون تئن پيا، جيئن موڪن مينهاڻي

عمر اُماڻي، مران اُڪنڍي ماروئين.

[13]

جيءُ منهنجو جن ري، اُداسي آهي

”حب الوطن مِن الايمان“ ٿو چَت اوڏانهين چاهي

ايءُ نينهن نباهي، ملان ماروئڙن کي.

[14]

جيء منهنجوجن ري، ڏکيو ڏينهاڻي

ڦوڙائي فراق جي آڳ نه اُجهاڻي

عمر اُماڻي، مران اُڪنڍي ماروئين.

[15]

سدا آهي سومرا، مون کي مارو مَنَ

ڇاڄا، محل، ماڙيون، ٻيو سڀ ڏيان ٻن

مون جيڏيون ملير ۾، ٿيون ڏوءنرا پُسِي ڪن

رُڃَن جي رهن، آءُ تنهين سِڪان سَڏ کي.

[16]

نڪو اوٺي آئيو، هُتي جو هلِي

ساري سانبيئڙن کي رهيم جيءُ جَلِي

آءُ هِت گوندر ۾ گَلِي، هُت مارو ٿو ڏک ڪري.

[17]

نڪو اوٺي آئيو، نڪا خبر نه خواب

سرتيون اُنَ ساڻيهه جو ٻڌان ڪنهن جواب

اندر ڪيو ڪباب، مون کي وِجهُل ويڙيچن جي.

[18]

مينڍا ڌوءِ نه ماروئي، پيس پنوهار چِتِ

هنجون هاري، راڄ رئاڙي، هُتي جِي هِت

آهي انهيء پار جي کُجڻ ۽ کپت

سومرا سُپت، ڪر ته ڪوٺيئان نڪران.

[19]

مينڍا ڌوءِ نه ماروئي، ٿيس چيڙهه جي چڪ

سَتي سيئِي ساريا، سَڙي جن جي سِڪَ

تان مون ڀڄي هِڪَ، جي ڏوٿي گڏجن ڏيههَ جا.

[20]

مينڍا ڌوءِ نه ماروئي، ٿيس ڪڙليون وار

سَتِيء سيئي ساريا، جي پائر جا پنهوار

ڌڻولين ئون ڌار، ٿي ڏکيا گذاريان ڏينهڙا.

[21]

قيد ڪشالو گهاريان، ڪڙو ۽ ڪوٺِي

ٻريو مَچُ ماروءَ لاءِ، آءُ لاءِ تنهن لوٺِي

پسان ڪونه پهر منجهه آءُ اُتي جو اوٺِي

ڳولائي ڳوٺي، جنهن سان حال ڳرهيان سومرا.

[22]

سومري ڪونه ڪيو، مون سين ناهه نِياءُ

هڪ وڌائين بند ۾، ٻيا قيد ڪڙولاء

زيريون هِن ضعيف جون، ساريو کڻن ساهه

ماروئڙن مٿاء، عمر ٿو ايجهيون ڪري.

[23]

لوئي لينگ ڪنجري، ٿِي سبي سيبا ڏي

کٿيء وَٽِيون کُٿيون، ستِي سيڙي سي

مڇڻ چونم ڪي، ته لڄايِئي ٿر ڄائيون.

[24]

کٿيء وٽيون کُٿيون، آنديم جا ٿراء

لائي هٿ پراء، ڪيئن ڪُرَ کي ڪچو ڪريان.

[25]

لوئي مون ليڙون ٿي، ٻهڳڻ ٻي  منجيج

سندا سنگتَ ڏينهڙا ور مَ وساريج

مُٺِ مانڌائيء منجيج، ته آءُ نيئر ۾ نئون ڪريان.

[26]

مون لاءِ آندي ماروئين، تُنِي ڪَتِي ڪال

سا ڪيئن لوئِي لاهيان، مٿان لڱن لال

مليرَ وڃي شال، ڏهيون توءِ ڏيکاريان.

[27]

مون سين ماروءَ جي ڪيا، ٿورا منجهه ٿرن

عمر اُن ڳڻن، لوئِي هڏ نه لاهيان.

[28]

سَنهِين سُئِيءَ سِبيو، مون مارو سين ساههُ

هِنيون منهنجو هُت ٿيو، هِت مِٽي ۽ ماههُ

سدا ويٺِي ساريان، گولاڙا ۽ گاههُ

جيئن هُت پکي منجهه پساهه، تيئن هِت ڪر ڳل

آهي ڪوٽ ۾.

[29]

سَنهِين سئِيءَ سبيو، مون ماروء سين مَنُ

”وَسَقٰهُم رَبّهُم شرَاباَ طَهُورا“ پياريو پرين

جيئن هُت وِرِههُ ويڙهيچن، تيئن هِت

ڪرڳل آهي ڪوٽ ۾.

[30]

سَنهِين سُئيء سبيو، مون مَنُ ماروء ساڻ

عمر اُڪِيرَ جن کي، سي هت نه هونديون هاڻ

مون ڏُکيء ڏينهن گذاريا، سدا سورن ساڻ

جيئن هُت ويڙهيچن منجهه وٿاڻ، تيئن هِت

ڪر ڳل آهي ڪوٽَ ۾.

[31]

ٿرن ٿيلِي نه مران، جي مان مارُر نه ٿيلين

پَٽ پرين پنهوار جا، مر ٿا ڏيکارين

امر جي نه مڃين، سي ڏوٿِيءَ ڏولائي پيا.

[32]

ماروء جي مذڪور جي سڌ نه سومرين

جيلان سَنڪو ناهه سرير ۾، تي ٿيون البيليون اُٿِيِن

سَتُر سي سِکن، جن ويڙهيچو وجود ۾.

[33]

ساعت ورهِيه ڀانئيان، گهَڙيء ڇيههُ نه ڪوءِ

مون کي ماروئڙن ري، هِت پَلُ مَ هوءِ

صبُحان هوءِ مَ هو!، آءُ اَڄ ئِي ملان ماروئين.

[34]

پاهينۡ پاکينۡ پترينۡ، مَرُ پريان سين هوءِ

متان مارو چوءِ، ته اڃان ويئي وسري.

[35]

مُنهن ته منهنجو سومرا، مر ميرو ئي هوء

لارون جي لڙڪن جون، وٺيون وينديس لوءِ

متان مارُو چوءِ، ته ڌوتوءِ ڌوراڻن ۾.

[36]

ٻانهين  هٿين پُٺڙين، لوئِي ٻڌان بيٺ

لڄائِي لَڄَ مَري، ڌئان ڌوراڻن هيٺ

مون ڪا ٿيندي ڏيٺ، موٽِي ماروئڙن سان!

[37]

ٻانهين هٿين پُٺڙين، لوئِي نه لاهي

هندورا حيرت جا، رَتا نه راهي

اندر ڪا آهي، ماروئي ڳالهه مليرَ جي.

[38]

سمهان ڪيئن سَوڙين ۾، رلِي ردّ ڪري

مون ڏانهن ڏکان چائيا، ذات منهنجي جي

مارو ملنم سي، ته سڀ ڳرهيان ڳالهيون.

[39]

مون ڏانهن چائيا جيڏيين،  اڄ اڍنگا ويڻ

هاري هميراڻين جا جيڪُس چکيئي کيڻ

ساڏوهيون ۽ سيڻ، ڪر تو ويا وسرِي!

[40]

سُتي ساريم سومرا، ساڻيہ ساڏوهيون

مون سين مليرَ ڄائيون، جي هيڪانڌيون هيون

تان پِرهَ جون پييُون، زائچون زنجيرن جون.

[41]

پِرههِ اُٿيو پانڌِي پچان، راتَ نِچويم نيڻَ

مارينم ”مِيئنِ“ چئي، تن ويڙهچين جا وِيڻَ

ساڏوهيون ۽ سيڻَ، سنڀريو ٿِي سوُرَ چَران.

[42]

سَڌَ نه آنديس سومرا، آنديس ڪوٽ قضا

جيڪس هيء سزا، لکي هيم انگّ ۾.

[43]

سَڌَ نه آنديس سومرا، آنديس حُڪم هِت

مون کي ماروئڙن ري، ڀروسو نه ڀِت

پييم سڀ نِرت، ڦوڙائي، جي سومرا.

[44]

ونهين ويڙهيچين ري، آءُ جيئندي ڪيئن

سڄڻ سارڻ، نِتِ نهارڻ، ننڊ نه راتو ڏينہ

مارن سندي مينهن، چريو مون چِتُ ڪيو.

[45]

ونهين ويڙهيچين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ

ساري سانڀيئڙن کي، فنا ڪيس فراق

هُو جي ريج رهاڪ، تن ٿر وڃي ٿاڻا ڪيا.

[46]

عُمَرّ  بندياڻيون، مٿي ٿوڪ ٿين

هڪ ڦوڙاڻو سڄڻي، ٻيو ساڻيههَ کي سِڪن

سي ڪيئن قيد ڪجن، جن بند نه ڏٺو ڪڏهن.

[47]

ويا گذاري ڏينهڙا، مَٿي ٿر رهي

ڏوريان ڏوريان نه لهان، تن پنهوارن پَهِي

ويو ساٿ وَهِي، جَنَبُ گذاريم جن سين

[48]

مَنَهَن ماڳر ماڙيون، نڪا تُور تنوار

ڪوهه ڄاڻان ڪيڏانهن ويا، سِٽون کڻي سنگهار

ويڙهيچا وينجهار، لنگهي موههُ منجهه ٿيا.

[49]

ويا ويڙهيچا اُڪري، ٿرن ڇڏي ٿوڪَ

ڏوريان ڏوريان ته لهان، لاکيڻا ۾ لوڪَ

ملير ٿِيُنِ موڪ، اُٺي ويا اُڪري.

[50]

ويا ويڙهيچا اُڪري، ٿَرَن ڇڏي ٿانۡ

جَڳّ ۾ جهانگيئڙن ري، پئي سُور سهان

ڪوهه ڄاڻان ڪيڏانۡہَ، لاکيڻا لڏي ويا.

[51]

مون کي پرينء پنهوار جي، اٺئي پهر اُداسَ

ويروتار وجود ۾، وِرِد ۽ وِماسَ

سا ڪيئن ڀري باسَ، پَسِي ڇَڄا ڇانۡئيون.

[52]

مون کي پرين پنهوار جو، اندر ڪرُ ڪَرٽ

ساري سانڀيئڙن کي، گهاء مرنديس گهٽ

ماروء ڪونهي مَٽ، آءُ لوئِي هڏ نه لاهيان.

[53]

ڪالهه پِرِهَ جو نِڱيو، مُلا ماروئڙن

اڇو آب پٽن ۾، ويرِي ٿا وتن

تو ڪَرَ گهڻو پڇن، جان تون هت بندياڻي بند ۾.

[54]

لوئِي هڏ نه لاهيان، توڻي ڏکيا ڏينهن

مون کي پرينء پنهوار جون، ناڀون اندر نينهن

نيئِي چاڙهينَم چِئين، ته به هينئڙو هُتي جو هيرئون.

[55]

هينئڙو هُتي جو هيرئون، ته هِن ڪرڳر

ڪريان ڪوهه

جي آءُ لوئِي لاهيان ته اِيءُ ڏٺوئِي ڏوهه

اندر مجهه اندوهه، مون کي پرينء پنوهار جو.

[56]

اندر منجهه اچي ڪري، ڏکن ڏسڻ ڏنوم

ساري سانڀيئڙن کي، وري ويڌ وڌوم

هنيون هڏهين هيڪڙو، سو پرينء سين پوتوم

طعنا تي ڏيوم، جيئن ساءُ نه آيانۡ سورَ جو.

[57]

موڪل گهُري ماروئي، ٿي جَر هاري ۽ روء

پنڌان کاريو پَيهَڙا، ڪينۡ جو اُڀي چوء

راڄ پرتو رَبَّ کي، سومرا سندوءِ

تنهنجو ڏوهه نه ڪوءِ، مون سين ايرادي ايئن ڪِيو.

[58]

سُورن جا سرير ۾، ٿا ڀرجر ڀرن ڀير

سهڻي ساجن ڀيٽيان، ساجهر صبوح سوير

جان ڪي گڏيس گاماين کي، کلي سونهاري کير

تان هنئين اُتي جي هير، جاڳيو ٿي جَر هاريان.

[59]

ساهه منهنجو سومرا، ٿو منجهي ماڙيء منجهه

مران انهيء ڏنجهه، جيئن پَهر نه پنهوارن جي.

[60]

نيئر آهي نه نينہ جو، لُههَ جا لهيو پُون

اکين جو جهڙ لائيو، چوڪس اُڀيون چُون

هنئين جي همت سين ٿيون رت ورنو رُون

آهي گهونا گهون، مون کي ونجهل ويڙهيچن جي.

[61]

اُٺار ٿر ٿاڌيل ٿي، پيرون پڪا لَسَ

عمر رات سرتئين، ڏيئِي مُڪا ڏَسَ

ماڙيء رهي مَس، ٿو ڀڃي هنيون ڀُنگيون.

[62]

اُٺا ٿر ٿاڌيل ٿي، پيرون پڪا جالَ

حيف منهنجي حال، آءُ مُند ساريو نه مران.

[63]

ڳُڻيِن هرول جليا ٽنگيل ٽَيڪَرا

آڌيء رات، اُٿيو، ڪن ڀُوڻين ڀرڪرا

مون کي ماري سا، ڀُوڻ ڀِرندي ڪن جا.

[64]

وَرت، وَرها، چڙهيون، اهک ڇڏيائون اَنهن

ڏکوين جي ڏوريا گهڙا کڻي پرانهن

جي ڀرن بارِي بانهن، ٿي عمر جهڄان اُن کي.

[65]

نت نياپا آئيا، اوڏا جي هُيام

ڇني سڱ سُڃَ  ڪري ويڙهيچا ويام

وڃي ٿر ٿيام، ماروئڙا مارين مون

[66]

وَرِتَ، وَرَها، چڙهيو، اهُک ڇڏيائون کُوههَ

ڏکوين جي ڏوريا، مارو منجهان موهه

سنجهي ۽ صبوح، ٿي عمر جهڄان اُن کي.

[67]

سا ڪيئن سلان ساهه کي، پرينءَ چئِي پاڻ

وڃي ماروء ساڻ، ڳجهيون ڪنديس ڳالهيون.

[68]

جي مون ماروء سين ڪئا، واعدا وَس ڏينهين

ڳڻ تان منجهه هئين، پاڻان ٿين نه پڌرا.

[69]

بند نه بنديس سومرا، ماروء ماريياس

طعنا ڏيئي تنهنجا، پنهوارن پڇيياس

اهڙِي تان نه هياس، هٿان تو هميرَ ٿي.

[70]

بند نه بنديس سومرا، بند بنديوئي مان

هن منهنجي حال جي، کري خبر چُئان

ته ڇاڄا سوڌا ڇان، هوند پون ڇٽ پٽن تي.

[71]

هِن حال ۾ سومرا، آءُ جني لاءِ ٿياس

تن اٻاجهن ٻاجهه سين، پاڻان ڌِڪيياس

ساهيڙين سُياس، ”صادق“ انهيءَ سور ۾.

[72]

ٿيس بندياڻي بند ۾، بند نه آءُ ساريان

ماروء سندي آسري، ويٺي ڏينهن گهاريان

پٽولي نه پاڙيان، ليڙون جي لوئيء جون.

[73]

ٿيس بندياڻِي بند ۾، ٿِي ڏکيا گهاريان ڏينهن

مهرن جا مَٿي تي ٿي موڪ وسايان مينهن

هال منهنجو هيئن مانَ مارو مقابل ٿئي.

[74]

ڪيس بندياڻي بند ۾، ايرادي آڻي

ڏُهيلا مون ڏينهن ٿيا، ماروء جي واري

سرتين کي ساري، ماڳ مرنديس سومرا.

[75]

سا عمر جيئندي ڪيترو، جا سنگهارن ساري

ڏکيا ڏينهن گهاري، مرِي ملندي ماروئين.

[76]

مارو جنهين مُلڪَ ۾، اکيون اوڏانهين

تاڻيون تيڏانهين، سِڪن گهڻو سومرا.

[77]

ماڙي ماري ڪينڪي، نيئر نينہ ٿيوم

پرو پوءِ پيوم، جو اصلي هوم اڳيون.

[78]

اوڏا اچي سپرين، ويا پرانهينء ڀونء ڪهي

هن سورن جا ”صديق“ چئي، هئڙا سيڻ سِهي

پڇان ڪير پَهِي، ماروء مثل نه ٿئي.

[79]

جتي تنهنجو تڪيو، اصل ساهه سرير

اُڪيريو اڪير، ماروئي تنهن ملڪ کي.

 

صدا

مٿي لوئي لال لوئِي اي هو آءُهار پٽولا گهوريان

لويون ميان عمر لويون اسان لاهڻ نه رتيون

1- پرين وسارين پانهنجون، پر او پڻ ڪينۡ بيون

2- مون ماروء جون من ۾ اڳهين اڳڙيون

3- منهنجيون ملير ڏيہ ڏي سي اوگا اکڙيون.

 

صدا

سدا سومرين، انگ نه اوڇيا ڪپڙا

1- ٻڌا ته ٻانهن ۾ مون کي سڳا ٿا سونهن

2- مون کي مون پرين جون مر ليڙون ئِي لُڏن

 

صدا

عمر هو عمر، آءُ ڪين اڇا اوڇيان ڪپڙا

1- اڇا اوڇڻ ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن

2- جن جا ملير ۾ ور ٿا ويڻ سهَن

3- ڏک گذارڻ ڏينهڙا اڳي انگ ورن.

 

صدا

اللہ ٿار ۾ ٿئي مَ ٿيلهه، مارو پون نه مامرِي

1- پيرون چونڊيان پرين سان، آءُ ٻلر ٻڌڙئو ٻيلهه

2- وِهڻ وراچن، ۾، رهڻ مٿي ريل.

 

·

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org