سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڳ نامو

باب --

صفحو :5

 

 

سرڪلياڻ

 

صدا

پيرو يار دوست ميرا، تو مليي مون ڏک لهندا

1- ڳڻ ڳالهيون ڪيترا، مون کي تار تمارا.

 

بيت

[1]

محبت ميريائي نه ٿئي، عشق ڪڙو ڪريج

فڪر سان ”فقير“ چئي، هنئين کي هڻيج

اندر اُجاريج، جيئن ڪٽ نه چڙهي ڪڏهين.

[2]

محبت جي ميدان ۾، تون ساڄو ٿيءُ سوار

سڪڻ ساڙيا ڪيترا، تون وچان وِجههُ مَ وار

عشق نانگ نبار، ٿي خبر کاڌن کان پوي.

[3]

محبّت جي ميدان ۾ رُڪَّ جو آهي رنگ

ڪوڙيين وَهيا ڪيترا، نينهن نباهي ننگ

عشق نانگ نِستنگ، ٿي خبر کاڌن کان پوي.

[4]

محبت جي ميدان ۾، ڪُڏي پئو ڪاهي

ڇڏ حيلا  اڳيان لاهوتي لاهي

عشق نانگ آهي، ٿي خبر کاڌن کان پوي.

[5]

محبّت جي ميدان ۾، ڪاهي پئو ڪُڏِي

ٻُجهي وانۡءُ پُڏِي، ته پسين منهن محبوب جو.

[6]

محبّت متارا ڪيا، جَلّيِء جاڳايا جي

پَسُ پَچَندا سي، عاشق اچيو آڳَ ۾.

[7]

محبّت جي ميدان ۾، سينو سِپَر ڏيج

مَنهَن ۾ معشوقن جا، جهالُو ٿِي جهَلِيج

پانهون پير مَ نيج، عاشق ٿيء ته اُبَهين.

[8]

محبّت  جي ميدان ۾، سينو سپر رَکُ

منهن ۾ معشوقن جا چاڪ چٽڪا چَکُ

سوريء ڀانءِ مَ شڪ، عاشق ٿِيء ته اُبهين.

[9]

محبت جي ميدان ۾ ڪنهِين  چَيُئي ته آءُ

سيڻن جِي سَراءَ ۾ ٿا گهاٽا لڳن گهاء

مهندان معشوقن جي اُڀو جان جلاءِ

سوريء ساهه سنباهه، جان نالو ڳِيَڙءُ نينهن جو.

[10]

محبّت جي ميدان ۾، ڪنهن چَيُئِي ته اَچُ

سيڻن جي سراء ۾، ٿو مَيۡ جو ٻَري مَچُ

پرين چُونَئِي پَچُ، تون آڳ اوڏو ئي نه وڃين؟

[11]

محبّت  جي ميدان ۾، دغا رهي نه دم

سِر وڍڻ، سوريء چڙهڻ، اي عاشقن جو ڪم

تِنهان پوءِ شرم، مڙوئي محبوب جو.

[12]

محبّت جي ميدان ۾، عاشق ٿي آجام

سامهان سَلَ سَيّد چئي، ڪندئي تير تمام

ڪَهِجُ ڪومَ ڪلام، متان دوسنئون دور ٿيين.

[13]

دوسنئون دور ٿيو ته هنيون ڪڄاڙو کاء

ڪلهي پائي ڪينرو، مرڳڻ پريان جا ڳاءِ

مون کي ماٺ جڳاءِ، دل دانهُنِ ري نه رهي.

[14]

ڪَکُ لڳي رت نڪري، اڃان تو منجهاءِ

منهن ۾ معشوقن جا، ڪيئن جهليندين گهاء

سو تون ڪڄاڙيا، ٿو سڪڻ جون سڌون ڪرين؟

[15]

سڪڻ جون سڌون ڪرين ته ڪانُ مَ ڪڍي لاهه

واڍوڙيو جيئن وَتين، سڻين اي سونهاءِ

متان ڪڏهن ڪاء، آههَ سڻائين عام کي.

[16]

سڪڻ جون سڌون ڪريين ته ڪان مَ ڪڍي ڇَڏِ

کانئج خيالن کي، جيئن ڪٽر رهي نه ڪَڏِ

آڻي اوڏو  اڏِ، اِيءُ نه هوئڻ جو نِجهرو.

[17]

سِڪڻ جون سڌون ڪرين ته جيء سين لاههِ م جنگ

فنا ڪج فِڪر کي، وڙهج انهينء سين ٻنگ

عاشقاڻي انگ، جي ناهه پيا سي نبريا.

[18]

جو تون سِڪَڻ سکيو، سو عشق نه آهي اِيءُ

ترسين تيڏانهين گهڻو، جڏانهن چُونَئِي جِيءُ

معشوقاڻو وِيءُ، ريء ڪٺي ڪين ملي.

[19]

جو تون سڪڻ سکيو، تنهن عشق نه اهڙا پار

وڍي ڪنڌ ڪماحقون رکج ڌڙ کان ڌار

تَنِهِين لڌيون نه وار، جي حاضر هئا هَٿَ ۾.

[20]

پُڇِين ته پُڇ تون، عشق سِڌا پنڌ

لڳو آهي، نه لهي، هَڏ نه سڃاڻي هنڌ

ڀڃي ڪاملن ڪنڌ، پڇاڙي پيرن کي.

[21]

پُڇين ته پڇُ تون، عشق نه عقلُ هوءِ

تنهن جون رنگ رموزون ڪيتريون، لهي نه

سَگهي ڪوءِ.

اندر واڪو ووءِ، ٻاهر دانهون ٿِي دِلِ ڪري.

[22]

سُورِيء خبرَ سي لهن، سورِيء جا سوار

اصل عاشقن جا، سِرَ جدا، ڌڙ ڌار

پرينء جِي پچار، اُڀا مَرڪن مَچَّ ۾.

[23]

سوري سڪِ پرين جِي، نينهن مِڙوئي نيل

ڪاتِي قريبن جِي، نڪا ويل ڪُ ويل

ساجن تنهِين ٻيل، ڪُسڻ جن قبوليو.

[24]

اُڀي عاشقن کي، سُوري سڏَ ڪري

محبّت جي ميدان ۾، آءُ تون پير ڀري

اَڏيء سِرُ ڌري، پوءِ پڇج پريتڻون.

[25]

ڪا هلندي جيڏيون، سُورِيء سَڏُ ٿيو

وڃڻ تن پيو، جن نالو ڳڙهو نينہ جو.

[26]

آڻي  عاشقن کي، سَڃيائون سُوري

مُڙيا ڪين ”ميئن“ چوي، پرتَ جن پوري

هر دم حُضورِي، سدا در دوستن جي.

[27]

نهار مَنَ ”ميئن“ چوي، خُلاصيان ڳولي

سو سڃاڻج سپرين، اندر جو ٻولي

تنهنجو روح نه پوءِ رولي، توکي منجهيئِي

مشاهدو ٿئي.

[28]

ڪَڙو هڻي قلوب کي، اندر اُجاريج

”ميئن“ چئي، محبوب جِي،  پوءِ پچار ڪريج

ساجن سڃاڻيج، عشق جي اکين سين.

[29]

ڪَڙو هڻي قلوب کي، ڪُڙه تان لاهيج ڪَسُ

اندر آرسِي ڪري محبت منجهيئِي پَسُ

ڏيههَ کي ڏيج م ڏس، دوساڻي درسن جو.

[30]

قلب جِي ڪوڏار سين، ٻَهُون کڻج ٻار

گنج وهڻ حيرت جو، مٿي جنهن مدار

سورج گهڻي صفاُسين، جان اکين لَهي اوٽار

ته منجهان نورُ نبار، اچي آب اُڇَلَ سين.

[31]

قَلَبَ ڪَسۡوَٽِي هڻي، ساه کي ڏج سيراه

مارجُ مَنُ منجهيئِي، جيئن روحُ سڃاڻي راه

اندر رهي اللہ، ٻيون وايون وَڃَن وِسرِي.

[32]

پتنگن پَههُ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَ

پَسِي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ

سندا سِسِيُن ڳچ، ويچارن وڃائيا.

[33]

پتنگ چائين پاڻ کي، پَسي مچ مَ موٽ

ساهي سُپرين جي گهڙُ ته ٿيئين گهوٽ

اڃان تون اروٽ، کوريءَ خبر نه لهين.

[34]

پتنگ چائين پاڻ کي ته ڄيري پئو ڄاڻِي

تان تان تاڻج تيڏهين، جان آڳ نه اُجهاڻِي

ويهه مَ وساڻي، متان مَچَ ماٺو ٿئي.

[35]

تيلان آيو آڳ تي، جي پورو هئو پتنگ

مورانهين محبّت ري، ٻيو نه ڄاڻي ٻنگ

خبر اِيءَ کوري کي، کاڻون جِت ختنگ

اَصلِي سندس انگ، موراهون ٿيو مَچَ تي.

[36]

پُري پتنگ آئيو، سُرِي ساهي وٽ

ڪانه ڪريندو گهٽ، مٿو ڏيندو مَچّ ۾.

[37]

پُري پتنگ آئيو، سُري ساهي جي ڍار

ڪانه ڪريندو وار، مٿو ڏيندو مَچَّ ۾.

[38]

پُري پتنگ آئيو، سُري ساهي جيء سڪَّ

ڪانه ڪريندو لڪَّ، مٿو ڏيندو مچَّ ۾.

[39]

پُري پتنگ آئيو، سُرِي ساهي جيء جوڙ

ڪانه ڪريندو موڙ، مٿو ڏيندو مَچّ ۾.

[40]

سنديون کامڻ خبرون، پُڇ پتنگن کي

آڻيو وجهڻ آڳ ۾، جيءُ پنهنجو جي

جونري جَنِي جي، لڳا نيزا نينہ جا.

[41]

اَڄُ پڻ شوق شَمۡعَ جو، پروانن پيو

پَهِيو پَهينِ پاڻ “، چيِ هلو حَجُ ٿيو

ٻَرينِ مَچُ مجاز جو، سيلانهن سَچُ ٿيو

ساهه ڪيائون صدقو، سُوليء سِرُ ڏيو

جنهِين عشق اِهيو، آتش تنِهين آب ٿي.

[42]

اڄ پڻ شوق شَمعُ جو، پڇو پروانئان

بِرهَ آڻي باهه ۾، دَسيا ديوانا

جي ڪُٺا قربانا، آتش تنهِين  آب ٿي.

[43]

اَڄُ پڻ شوق شمعَ جو، پروانئان پُڇو

اچيو اُبَهن آڳ تي، پَوَن لال لڇيو

دل مان جن دُکيو، آتش تِني آب ٿي.

[44]

ٻاهر پَونَ ٻَرنگرا، مَچُ منجهيئي آهه

چور ته لڳي چاهه کامَندَن ئي کٽيو.

[45]

کامندن ئي کٽيو، اُجهاڻن اونداه

اندر جَنِي باهه، تن سڀيئي سوجهرو.

[46]

وحدت واعظ جن جو، تن ”اللہ“ منجهه اوطاق

ان کي ويروتار وجود ۾، هَئي هَئي وَهي هاڪ

ويٺا چيٺين چاڪَ، ڏيل منجهاران ڏنگيا.

[47]

وحدت واعظ جن جو، تن ’للہ‘ منجهه اکين

فاني ٿيا ’في اللہ‘ ۾، ٿا ماٺ مطالع ڪَن

پُوتا سين پرينَ، لِکي لوڪَ نه سگهيا.

[48]

وحدت واعظ جن جو، سي اللہ سين اورين

هنيون حقيقت گڏيو،  ٿا طريقت تورين

معرفت جيءَ ماٺ سين، ٿا ڏيِلَ اندر ڏوريِن

پُوتل پاسو پَٽَ تي، کاڻان نه کوڙِين

نينہ نباهيو نين، اِيء پر عاشقَن جِي.

[49]

لڳي آڳ، مَچُ پريو، درد دانهَن لائِي

ڳجهو ڏيِلُ گهائيو، سُورن سامائِي

ويچاري وائِي، هردم حبيبن جِي.

[50]

لڳي آڳَ، مَچُ ٻريو، درد دانۡہَ ماري

من واڍوڙيو ونجهلي، گهنگهر ٿو گهاري

وائِي ويچاري، هردم حبيبن جِي.

[51]

لڳِي آڳ، مچُ ٻريو، وَهي اَکيِنئون آب

من واڍوڙيو ونجهلي، ڪُسِي ٿيو ڪباب

وڄي روحَ رباب، سَگهو ساعت نه جندڙو.

[52]

لڳي آڳ، مَچُ ٻريو، لائي دانۡهن درد

من واڍوڙيو ونجهلي، آٽِي ٿيو اڌ

سپريان جي سڌ، سگهو ساعت نه جندڙو.

[53]

لڳي آڳ، مَچُ ٻريو، چُڻي چڻڪي چِت

مَنُ واڍوڙيو ونجهلي، هوتن ڌاران هِت

جهورِي جهڄڻ نت، سگهو ساعت نه جندڙو

[54]

لڳي آڳ، مَچُ ٻريو، اندر من ملور

جِيء ۾ جوش پرين جي، اچي لائي اوُر

تن ۾ ٻري تنور، سگهو ساعت نه جندڙو.

[55]

لڳي آڳ، مُچُ ٻريو، سڄڻ سنڀريام

جِيء ۾ جوش پرين جا، اچي اُڀريام

چِڪِي چاڪَ چُريام، سگهو ساعت نه جندڙو.

[56]

نه سَرُ، نه ڦَرُ ڪو، نه تُڪو ڦير فراس

لڳي آهي، نه لَهي، هَڏَ منجهاران هاسَ

اندر وهي اُداس، هنيون حيرت ۾ پيو.

[57]

نه سَرُ، نه ڦَرُ ڪو، نه تَڪو نه تير

لڳو آهي، نه لهي، ڪَلي منجهه ڪُنڍير

نيڻين ٽِمي نِير، هنيون حيرت ۾ پيو.

[58]

نه سر، نه ڦر ڪو، ٽينگ نه ٽينڊارو

لڳو آهي، نه لهي، مَنَ اندر مارو

سڄو ئي سارو، هنيون حيرت ۾ پيو.

[59]

نه سَرُ، نه ڦر ڪو، نه ڪَيبر، نه ڪانُ

اندر جِيء جنگ وَهي، مشاهدو ميدان

ٿهريو ڪنهِين نه ٿان، هنيون حيرت ۾ پيو.

[60]

هنيون حيرت ۾ پيو، ويو پاڻ وساء

لڳس ڪان قريب جو گهٽ منجهاران گهاء

پِٿون ٿيو پرزا، سڙيو انهي سَر سين.

[61]

ٻاهر پُٽ نه نڱيو، سڙيو سَرُ پئِي

تنهن ولوڙي ويڇون ڪئي، اندر ماهه مَهِي

سگهي ڪين سگهي، هنيون حيرت ۾ پيو.

[62]

سَرَ جو سَنڌيو سڄڻين، تنهن لوريء لوه پيو

تنهن لڳي ڪان قلوب، ڪڙڪو ڪنُد ڪيو

منجهان مون ويو، گهائيندو گهڻن کي.

[63]

اُڀو آهيان اُتَهِين، لورِي جِت لڳوم

سُورِههُ پرين سندوم، مان ٻاجهائي ٻيو هڻي.

[64]

سَرُ جو سنڌيو سڄڻين، ڀر ڀيڏيء ڏيئي

تنهن ڪانَ ڪرنگهو ڪپيو، پاسارا پيئي

سوجهي سڀيئي، وڃي ڇيههَ ڇمڪيو.

[65]

سيرِي ايندي سامهون، گاسيون گُلَ  هنيون

سي لوهه نه رُڪَ جون، ري سراڻ سنيون

تن ڀڃي زِرِهَ ذرا ڪئي، ريکون منجهه رهيون

مون کي نِت نيون، ميان محبوبن جون.

[66]

سيرِي ايندي سامهان، ويندي گڏيم جي

تن هنيون هنيانءُ سامهون، پهريون پُر ڪري

لڳي ڇيهه ڇمڪيو، ڪڙ ڪڙ ڪان ڪري

آءُ دانهين، تون دوست،  وڃان ڪنهن ڳري

اکيون آب  ڀري، مون پنهنجون پَلِيون.

[67]

محبت جي ميدان ۾، سَوٽو سِرَ سَهِيج

جي ڪَلو قبول ٿئي، ته ويِههَ  ڀيرا وڍيج

هَلِي هٿن سين ڏيج، مٿو محبوبن کي.

[68]

سِرُ  نه وٺن سپرين، ڪَلو قبول نه ڪن

هَي هَي هنيون نه آئڙيو، مٿو محبوبن

نيو نماڻو نينہ سين، قلب قريبن

چشمن چاڪ چڪن، پَسَڻ ڪاڻ پرين جي.

[69]

هَمہ حق حجاب ويو، جان ظاهر ٿيو ظهور

فرق فرع جو نه ٿئي اصلي آهه امُور

دل کان دوئي دور ٿي، سڀ پريان جو پُور

وڻ ٽِڻ وائِي هيڪڙي، مڙيئي منصور

نڱيو منجهان نور، ساجن جو، صديق چئي.

[70]

حيا حڪيمن ڇڏيو، طمعدار طبيب

ويڄن ڳنان وِڻاءُ هئا، گورين ساڻ غريب

جي تون رکين هٿ طبيب، ته وڃن سور سنڌا ڪيو.

[71]

ويڄن سين وائِي پيا، ڪِري ڪن نه پاڻ

آگا اِن اهڃاڻ، پسو سور سجهائيا.

[72]

ويڄن سين وائيين پيا، ڪِري نه ڪيائون

جي پر پاريائون، ته سِگهائي سگها ٿيا.

[73]

جا گهايل گهران ڪڍي تڙي طبيبن

ويڄن ورچي ڇڏي، پسي ڌات ڌَڪن

چڪن چاڪ فراق جا، ڪڙيون مور نه ڪن

دوست درسن تنهنجي وڌس ٺار ٺپن

ڀڳي حُجّ سڀن، آءُ پريام ته اُڀيان.

[74]

تون حبيب، تون طبيب، تونهِي ڊَٺن ڊَبُ

مارئين جيارئين تون ڌڻي، تون هادي، تون ربّ

آهيم اِيءُ عجب، جيئن واريو ويڄ ويهاريين.

[75]

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارون

آءُ عاجز آهيان، تون سگهيون لهين سارون

ڪريان ٿي ڪارون، جيئن ٻُڪي تنهنجي هٿ ۾.

[76]

ڪَليئُون ڪلمون هيڪڙو، جان قلب ڪوڏ ڪهيوم

اندر روح رهيوم، آواز انَّاالحقّ جو.

[77]

عشق سندِي آڳ جو، قلم ڪڍيائون

معرفت جِي مَسَ سين، ’لااِلٰہ‘ لکيائون

آڻي ’اِلاللہ‘ جو پنون پڙهيائون

ورق واريائون، تان منجهان ئِي معلوم ٿيو.

[78]

ڪِٿي هَٽُ حبيب جو، ٿا پاٻوهيو پڇن

عاشق ازل سامهان، ٿا اوچي ڳاٽ اچن

نيزي هيٺان نينهن جي، پاسي پاڻ نه ڪن

ڪُسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.

[79]

ڪُهن ڪوٺين سپرين، ٿا ڪُهن ڪوٺڻ ساڻ

نيزي هيٺان نينهن جي، پاسي ڪَرِمَ پاڻ

ڄُل وڃائي ڄاڻ، عاشق اجّل سامهون

[80]

جيئن تون سڄو ۽ سڦرو، عاشق اِيئن نه هون

پَههُ پروڙيو پرينء جو، ٿا راتو ڏينهان رُون

اُڀا ايئن چون، ته سِرُ لٿو سورُ ويو.

[81]

آهون ڪن اڏيءَ تي، عاشق اڌ ڪُٺا

مَرَن ڪين مُٺا، سڄا ڪُهه، صديق چئي.

[82]

هڻن حلالن کي، مارين نه مردار

ڏُٻرا ۽ ڏُوارَ، ڪاسائن به نه قبوليا.

[83]

پيهِي جان پاڻ ۾، ڪَيُم دل پرک

تان اکر اهوئي الف جو، لکڻ وارا لک

سهسين اُتِ سالڪ، سڙي ويا، صديق چئي.

[84]

معنيٰ مِثل نه جُڙي، عجب آهيم اِيءُ

ڏسيو ڏسان نه سپرين، جلي پيو جيءُ

هاڻي ويو هيءُ، هو پڻ ويو هِنَ سين.

[85]

پچڻ پروانن کي، اُڀيڻ تان نه هوء

پاڻ وڌائون پوءِ“ اکيون اڙائي آڳ ۾.

[86]

جيئن جوڳي مَڪُڙِي، اُڀي ڪوڙ ڪري

گهڙڻ هارِي ڪينڪي، وچان ٿيو وري

مون ساهي ري نه سَري، ايء پچڻ پروانن جو.

[87]

موٽِي هلي مَڪُڙِي، ڄراٽِي ڄيري

ترسي نه تَوڏي، فڪر ٿي ڦيري

پهرئين ئي ڀيري، پچڻ پروانن جو.

[88]

جتان موٽي مڪڙي، اُتِ پچن پروانا

سدا شوق شڪار جو، دُرس ديوانا

ڪُسن قربانا، موٽڻ تنَهِين ميهڻون.

[89]

پتنگين پهه ڪري، هلي هِتهِين هاڻ

ڪهڙي پئي ڪاڻ، جو موٽيو وڃي مَڪڙِي.

[90]

پچڻ پروانن جو، مون تان اڳ نه هوءِ

پير سُري مَ پوءِ، جو ڄيري ڄڀيون لائيون.

[91]

ڪرڳل ڪپارين ۾، ٿيو پرينءَ جو پئِي

ڏس ڏوراڻا سپرين، سڻڻ منجهه سهي

ڌُو ڌُو ڌَنئي دم سين، جيئن ماٽيء منجهه مهي

ڏاڍا سور، صديق چئي، مٿي توَ تَئِي

پروانن پَئي، کورو ڪين کجائيو.

[92]

ڪُسي پيا ڪيترا، هٿان تو حبيب

مُئا ماريين ڪينڪي، ڪهل نه پئِي قريب

جي تحقيقي طبيب، اِنَ مرض اُنِي کي ماريو.

[93]

جڏا جڙن ڪينڪي، نَڪي تن طبيب

دارون دخل نه ڪري، اهڙو حال حبيب

نُسو ساڻ نصيب، ويڄن واري ڪوٺيو.

[94]

ڪا پروڙي ڳالهڙي، ويو پاڻ وسان

پيئي دل دَورن ۾، حبيبن هٿان

محبوبن مٿان، هوئڻ مون حيران ٿيو.

[95]

جَنهِين چَيُم ڳالهڙي، تن ويڄن کي واهه

ٻُڪِي ڏيئِي ٻاجهه جي، سمجهايوم ساهه

حبيبن هٿانء، مان ماري موٽيو.

[96]

ويڄن کي وس ڪريان، عُمر ٿي آئون

پر ترس نه طبيبن کي پيو، چاڪ نه چيٺيائون

ڳجهو ڳاريائون، هڻي ڌڪَ ڌڪن تي.

[97]

چيٺي جن چڱي ڪئي، ويڄ وڏائي وِيرَ

ڪڏهن ساهه سڌير، ڪڏهن مارين سُپرين.

[98]

سجهڻ سِين سَودا گهڻي، ويڄن ڪيو وس

پاسي ڪري پاڻ کان، پوءِ ڏنائون ڏَسُ

طبيبن ترس، جڏن جو جيڏو ئي ڪيو.

[99]

ڏِيل منهنجو ڏُکَ سين، ويڄن وِڃايو

ساڙيائون سينچَ سين، تَنَ کي تپايو

کاڻئين کانيو، سُنيون ڏيئي سورَ جون.

[100]

ڏُک گذاريم ڏينهڙا، ويڄن وٽ ويهي

تن مخفي مڙيئي، چاڪ منهنجا چوريا.

[101]

شڪاري شڪار سين، ڪوڙيين هئا ڪي

سُڃاڻي صورت کي، وسهي ويٺا سي

عنقا آندائون ڪينڪي، ڪيائون الف بي

عجب انهي کي، ”صادق“ ٿو سور چَران.

[102]

پَري هلي نه پيچرو، نالو ٿيو نانهه

تنهان پرانهين ڏانهه، شِڪاري شِڪار جي.

[103]

نالي ۾ نالو ٿيا، پرين ٿا ڪي پَسَن

آهي احديت اُنَ، وحده واحد ٿيا.

[104]

شڪاري شڪار ۾، پاڻ وڃائي ويههُ

مَري مِل مقصود کي، عنقا اهڙو  ڏيههُ

سُڄي جو ساڻيہ، تنهن ۾ ڪئين شڪاري سِڪي ويا.

[105]

ڌووان ڌئيندي، لهسِ لهارن آئي

ڪاريگرن ڪَسبُ ٿيو، وِرِهَ جي وائِي

سَڀَت سمائي، ڪيائون رُڪُ پڌرو.

[106]

’وَهُوَ‘ چون وات سين، تيان ڪاريگر هئا ڪيئي

جي پلين پاڻ کي، سُونۡڪي اندر سيئي

لوڪان لِڪي جيئي، ڳُجهان ئي ڳُجهه ٿيا.

[107]

مَرُ ڪُسانَ ڪاتِيء سين، هٿان حبيبن

اکيون مون تي ڪن، مانَ ڪُهندي سپرين.

[108]

ڊاءُ نه ڊجن سپرين، نڪا ڪران ڪن

اسين پڻ منجهان تن، جي اڳ ڪٺائون ڪيترا.

 

صدا

ڪا هنئين سِين لاءِ، ڀوري ڪا هنئين سين لاءِ

توکي سمهڻ آيو ساء، ڀوري ڪا هنئين سين لاءِ

1- لڳي آڳ مَچُ ٻريو محبت جو منجهاء

2- مچ ٻريو محبت جو ميان، تو ڪيئن ماٺ جڳاء

3- ڪيئن سانڍيئِي ڪپاهه ۾ سندي ٽانڊن باهه

4- سچي سِڪَ پرين جي ميان، اندر جِني آهه

5- سي بانوريون برن ۾ روئنديون پڇن راه

6- اسين طالب حقَّ جا ميان، ٻي نه آهي ڪاء

7- فهم فڪر ”فقير“ چئي ميان، سپيريان جا ساءِ

8- ”مسڪين“ چوي مَنَ ۾ ميان، ڏوه ڀريو ڏاءِ

9- اسان پريندي پانهنجو ميان، صدقو ڪيو ساهه.

 

صدا

اچي ڪر لهيج، ساجن سور تُمارو ماري، ساجن سور تُمارو ماري

1- سُورَ تماري مَران ته مان ڏوهه نه ڏيج

2- لِڱين لائي هٿڙا، ٻر دارون دوست ڪريج

3- جيئن تو ڀيرو نه ڪيو، تيئن مان مُئِي سڻيج

4- ڪيچئون واري ڪَرَ هو، صادق سار لهيج.

 

صدا

ڏکيا ڏهاڻِي، سي واڍوڙيَلَ وِرِههَ جا

ڏکيا ڏهاڻِي، تن جي آڳَ نه اجهاڻي.

1- لڳِي آڳ، مَچُ ٻريو، اُڌا اُڌاڻي

2- ساريائون انهيءَ سوز سين سڀ جوڀن جواڻي

3- اصِلان ئي ازل کان سورن سين ساڻي

4- تن ڏنجهائي ڏکن سين، اِئين عمر اماڻي

5- اندر آڳَ عشق جي، ڪنهين وير نه وساڻي

6- تَنُ دِلِ، جان تن جي سا کوري ۾ کاڻي.

 

صدا

لڌائون لائون ٿي واڍوڙين وِرِهَ جون

سي تان ڏيئي ڏُوائون.....

1- اندر خيمان عشق  جا، خوبان کوڙيائون

2- ڏيئي ڏِيل ڏکن کي ويران ووءڙيائون

3- پهرين ڇنائون پاڻ کان ’اسين‘ ۽ آئون

4- سَڄَرَ سُورَ پرين جا سهسين سُبيائون

5- اچي سُور اُڌمِيا، ميان او ڪَجن ڪيڏاهون

6- تن جان پنهنجي جيئري، سا مَرِي ماريائون.

 

صدا

تاريَ انَ تاريِن اِيء پَههُ آهي پرينء جو،

تاري ان تارين، سي ڪنهن ويل نه وسارين

1- وَڍيو ڪُٽِيو، چچريو، جيء کي جيارين

2- شرَاباَ طَهُورا ميان او، پُر ڪَيو پيارين

3- مُوۡتُوۡا قبَل اَلاَنۡتَ مُوتُوا مرڻ ان مارين

4- وَهُوَ حَيءُ لاِّ يَمُوۡت جيئو جِيارين.

 

صدا

مُونهِين کي مارِينَ، اِيءُ پَههُ پِئنڙو وو سڄڻين لا

1- نه سا پائينُ ڪانِي ڪمان ۾، چِلو نه چاڙهين

2- نه ڄاڻان ڪنهن ڳالهه سين ميان وو، مَحبّتي مارين

3- مُونۡهي سندا ڏکڙا مونهِي کي مارينِ

4- ڪوٿرا ڪلهن تي ڪيو سهسين  ويڄ وتن

5- آهي پريان جي هٿ ۾ دارون جو دردن.

 

صدا

مون کي هوتن ري، سرتيون ساعت نه سري

1- آءُ هلندڙي، پَهِي پڇندڙي، اوءِ ويندڙي پِرين مڻي

2- داغَ جن جي دل تي، اوءِ وِهن ڪيئن ڪري

3- سي ڪيئن ويسليون، اوءِ ٻر ٻُنڀيان جن ٻَري.

 

صدا

مان ڪَرَ پرين پڇن، آئِين ڪي چڱا آهيو، اچيو دوست پڇن

چڱا آهيو، ڀلا آهيو، ڀال ڀلي جا ڀانئيو

1- سُکن ڀريون راتڙيون، ميان او ڏکويون جاڳن

2- داغ جن جي دل تي ميان او، سي ڪيئن ننڊون ڪن.

 

صدا

آءُ پهتيس سيڻن سينءَ، ڀوري چائيم ايئن،

لالچ تنهنجي لوڪ ۾ ڪامل چائي ڪيئن

1- ڪڏهن شادي، غَمُ ڪڏهن، ميان، او هونء هونء هينئن

2- لوهار ڪري لوهه سين، ميان او جيرو ڪري جينئن.

 

صدا

تون پڻ وڃج ڪا ساعت سڀ ڪنهين سينء

1- توکي مرادون من ۾ آهن خاصيتون ڪيئن

2- نالو وٺن نيهن جو سي چڙهن چينئن.

 

صدا

ڪنهن کي سور سُلايان وو سُلايان پرينء جو، وو جيڏيون ڪنهن کي

1- پڌر ڪنديس پِرِ سين، وو ويٺي دل لايان

2- هي جي جوش جيء سين، وو ڳجها ڪيو ڳايان

3- جنهِين مون کي ماريو، وو اُنهي جي آهيان

4- سنيها ڏيو سڄڻين، وو چِٽا ٿي چايان

5- اندر آهون عشق جون، وو سهسين سمايان

6- ”صادق“ سانڍيان ساهه ۾، وو پڌر نه پايان.

 

صدا

هينئڙي وَهي حيراني، جيئن تو نانء نَڪو نيشاني

1- توڙي نور ظهور ۾ ڪعبي جيئن قراني

2- سڀ تي ساجن تون وسين، ’لا‘ ۾ لامڪاني

3- جُههُ توکان بناء بنيو، سو تون ڪهڙو جانِي

4- لاَيُشرِڪ بعبَادة رَبّہ شريڪ نه ڪو شاني

5- آٽيو تنهنجي عشق ۾ ٿا گهرن حال حَقاّني

6- ڪئين سَڙِي مئا انهيءَ سوز ۾، تا ثابت ٿئي نه سبحاني

7- جِت مُحَمّدَ معراج ڪيو اُتِ آواز هو اِلحاني

8- ”صادق“ سڃاڻي ڪيئن سَگهي، پرين تو پيشاني.

 

صدا

سي مان هوتَ اَچن ميان، جن لاءِ آءُ لوچيندي لُڇان

1- مون کي شوق شراب جو، جيئن ٿا ماٽي منجهه مچن

2- ڳجهيون ڳالهيون پرينء جون، ڪَهان ڪيئن ڪچن

3- ڪڙهيو قنديلن جيئن ٿا پردي منجهه پچن

4- اصل ڪنان آئيا، ”صادق“ سور سچن.

 

صدا

جو ذڪر ۾ نه آيو، مون تنهن سان چِت لايو

جو فڪر ۾ نه آيو، مون تنهن سان چِت لايو

1- بنان نالي سپرين، جو ڳالهئين ڪنهن نه ڳايو

2- نبِيَّ وَلِيَّ ويهون ٿيا، تان پار نه ڪنهن پايو

3- سُبحانَ جَدِڪَّ معَرۡفَتُ اهوئي سور سڀ ڪنهن چايو

4- ”صادق“ انهيءَ سِڪَ ۾ روئي رت وهايو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org