سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اوجاڳن جو انت

وفا ناٿن شاهي

صفحو :16

ó

موت جو ئي چِٺو مِلي مون کي،
ڪو جيئڻ جو صِلو مِلي مون کي.

 

ايڪسري ٿي وڃان سندس آڏو،
جيڪڏهن يار ٿو ملي مون کي.

 

او، وڇوڙا ڏئي وڃڻ وارا!
سِلسلو ڪو نه ڪو ملي مون کي.

 

روح جي يا بدن جي پيار سندو،
توکان ڪو واسطو ملي مون کي.

 

عاشقيءَ کي امر ڪرڻ ٿو گهران،
حُسن جو آسرو ملي مون کي.

 

پوءِ کلڻ ڄاڻي يا روئڻ ڄاڻي،
يار معيار جو ملي مون کي.

 

’ڪُن‘، ’ڪنارو‘ ٻئي قبول ’وفا‘!
ڪو نه ڪو فيصلو ملي مون کي.
ó

 

ó

مئڪدي جو جام آهين، ڪيترو بدنام آهين،
جسم تي ڦٽڪار آهين، روح تي الزام آهين.

 

نيڻ ٻوٽيان ٿو ته آهين، نيڻ کوليان ٿو ته ناهين،
وصل جو آغاز آهين، هجر جو انجام آهين.

 

زندگيءَ جي نظرين ۾، نظرين جي زندگيءَ ۾،
حسن جو افسوس آهين، عشق جو ماتام آهين.

 

وئي مري هر آرزو، هر جستجو تنهنجي ملڻ سان،
جيئن ساري زندگيءَ جو چينُ ۽ آرام آهين.

 

همسفر ڀي ساڻ توکي، راهبر ڀي ساڻ توکي،
ٻِن اکين هُوندي به پيارا ڇو غلط هر گام آهين.

 

جي اڃا تائين ’وفا‘ سان ٿيو تعارف ناهه تنهنجو،
حُسن ڀي تنهنجو اجايو، عشق ۾ ڀي خام آهين.
ó

 

ó

دل تي ڳوڙها وسائڻ ڇڏيو،
مون کي ڪک پن وهائڻ ڇڏيو.

 

جوڙ ڪڪرن سان ڇا چنڊ جو،
هيءُ لِڪڻ ۽ لڪائڻ ڇڏيو.

 

يا ته پيرن ۾ ڇيريون ٻَڌو،
يا ته ڳائڻ وڄائڻ ڇڏيو!

 

پوءِ نه ايندي، جي هيڪر وئي،
زندگيءَ کي ستائڻ ڇڏيو.

 

سڀ ڪو سمجهي ويو موت کي،
سُورين کي سجائڻ ڇڏيو.

 

سجُ ۽ چنڊ روشن اڃا،
بلب، ڏيئا جلائڻ ڇڏيو.

 

خودبخود دل به ويندي ملي،
صرف اکيون ملائڻ ڇڏيو.

هڪ دفعو آزمائي وٺو،
روز روز آزمائڻ ڇڏيو.

 

يا رکو پاس دل جو ”وفا“!
يا صفا دل لڳائڻ ڇڏيو.
ó

 

ó

ڪجهه اهتمام ٿي ويون،
ڪجهه انتظام ٿي ويون.

 

سڀ جام جام ٿي ويون،
نِنڊون حرام ٿي ويون.

 

اڳ سلام ٿي ويون،
پوءِ هم ڪلام ٿي ويون.

 

ڪَڪِ ٿي ضرورتن کان،
زر جون غلام ٿي ويون.

 

دل کي بنائي ڪعبو،
اکيون اِمام ٿي ويون.

 

پَل کن جي دوستيءَ ۾،
ڪي ننگ و نام ٿي ويون.

 

معيار ڪشمڪش ۾،
سوچون غلام ٿي ويون.

 

پاٿارين تي آهن،
جي بي لغام ٿي ويون.

 

گڏيل هيون ’وفا‘ سان،
پر احترام ٿي ويون.
ó

 

ó

هَوس جو خبطُ آهي، پيار ڪونهي،
’وفا‘! انسان ئي سنسار ڪونهي.

 

هليو آ گهر جا سڀ ڀاتي سُمهاري،
ٻڌو ٿم اڄ به پهريدار ڪونهي.

 

حجابن ۾ ڍڪيل جلوا ۽ جذبا،
مٺا! هي وصل جو ڪردار ڪونهي.

 

سڏايل يار جي شاديءَ ۾ آهي،
تڏهن ڪو هار ۽ سينگار ڪونهي.

 

مَرون بي موت ڇو ڪنهن بيوفا تي،
’وفا‘! هيءُ پيار جو معيار ڪونهي.
ó

 

ó

وصل جا آسرا نه ڏي مون کي،
هجر جا وسوسا نه ڏي مون کي.

 

موت جي کاٽ تان جهلڻ وارا،
زندگيءَ جي سزا نه ڏي مون کي.

 

ويڄ آن، فرض ڏس، سياڻو ٿيءُ!
درد بنجي دوا نه ڏي مون کي.

 

ضبط جو مشورو ڏيڻ وارا!
موقعهءِ التجا نه ڏي مون کي.

 

ديپ ناهيان جو مان وسامي وڃان،
چڻنگ آهيان، هوا نه ڏي مون کي.

 

جي ’وفا‘! موت سان ٿو پرچائين،
زندگيءَ جي دعا نه ڏي مون کي.
ó

 

ó

هر رات آهه ظلم جي، هر ڏينهن قهر جو،
هيءَ چال آهه شهر جي، هيءُ حال شهر جو.

 

هر دلعزيز جنهن پئي چيو، پاڻ کي سدا،
ثابت ٿيو سو شخص نه پنهنجو نه دهر جو.

 

اکيون کليون ته سنڌ سڄي چنڊ ٿي پئي،
چهرو ڏٺم جو خواب ۾ رزاق مهر جو.
(1)

 

مون کان سواءِ ڪير نه پيئندو اڙي ڪلال!
شربت جو ناهه جام، هي جام آهه زهر جو.

 

ڪو ڀي سڄي حيات نڀائي نٿو ’وفا‘!
ڪو شخص آهه پل جو ۽ ڪو شخص پهر جو.
ó

 

ó

اک کڻي ٿو، نه اک جهڪائي ٿو،
دل کان ڪو فيصلو ڪرائي ٿو.

 

آهه عورت جو پاسدار اهو،
ٻانهن جيڪو ويَلَ ورائي ٿو.

 

رقص جو روپ ٿي وئي راڌا،
شيام ڪو بئنسري وڄائي ٿو.

 

پيار کان ڪم نه ٿو وٺي ليڪن،
اٽڪلن سان مون کي مڃائي ٿو.

 

هوش جي دائري ۾ ڪو نه آهي،
هڪ ٻڌي ٿو ۽ ٻي ٻڌائي ٿو.

 

زخميل روح جو علاج ’وفا‘!
پاڻ روئي مون کي کلائي ٿو.
ó

 

ó

نه ڪوئي گل نه ڪوئي خار ڇاهي،
اڄوڪي باغ جو معيار ڇاهي.

 

رڳو ڄاڻي، جواني پوءِ نه ايندي،
نه ڄاڻي پريت ڇاهي، پيار ڇاهي

 

ڪٿي انسانيت جو نامُ ڪونهي،
ته پوءِ موليٰ! سڄو سنسار ڇاهي.

 

هُو رانديڪي جيان کيڏي ٿو دل سان،
نه ڄاڻي دلبر و دلدار ڇاهي.

 

’وفا‘! اُڻ تُڻ جي ڪشتيءَ مان لهي آ،
مزو هِن پار آ، هُن پار ڇاهي!؟
ó

 

ó

اکين کي شام ڏي، دل کي سحر ڏي،
ڀلي پوءِ بند ڪر دريون ۽ در ڏي!

 

يا مان پهچانس اهڙا بال و پَر ڏي،
يا منهنجي آههَ ۾ گهربل اثر ڏي!

 

هي رسمون گهٽ ڄاڻي، ڪنوار ڄاڻي،
ڏسي چاهت نه ٿي زيور ۽ زر ڏي.

 

پيو سوچيان، وڃان ڪهڙي طرف مان،
طبيعت ٿي لڙي بر ڏي نه گهر ڏي.

 

انڌيرن ۾ گذاريون ڪيئن حياتي،
اِلاهي! وقت کي شمس و قمر ڏي.

 

ٻنهي ڳالهين مان، جا تسليم توکي،
يا هٿ کڻ پيار تان يا سِر تي سر ڏي.

 

نه کوٽي ٿي، وري اچجانءِ ڇو جو،
’وفا‘ نڪري ويو سير و سفر ڏي.
ó

 

ó

سونهن جي سرور سان،
ڏس مگر شعور سان.

 

خاڪ سان نه نور سان،
ڇا رهون حضور سان.

 

منهنجو پيار، پيار سان،
نار سان نه، نور سان.

 

حُسن جو ظهور آ،
عِشق جي ظهور سان.

 

ڪيترن ڳنڍي ڇڏي،
دوستي ضرور سان.

 

ٿو رهي ’وفا‘ سدا،
تنهنجي سور، پور سان.
ó

 

ó

ابتدا ڳولي، انتها ڳولي،
پوءِ ڪو پيار جا پتا ڳولي.

 

منهنجي توکي ٿي تيئن وفا ڳولي،
جيئن درويش ڪو خدا ڳولي.

 

قرب جو جنهن کي ٿي وڃي ڪينسر،
ڪوئي دارُون، نه ڪا دوا ڳولي.

 

فطرتن سڀ ڪوئي اڪيلو آ،
ڪوئي ڪنهن جا نه آسرا ڳولي.

 

شاهه – رڳ کان جڏهن قريب آهي،
ڪير ڪنهن کي ڪٿي ۽ ڇا ڳولي؟

 

سج اڃا تائين، چنڊ اڃا تائين،
تنهنجي مُنهن مان اُها ڏيا ڳولي.

 

جنهن کي آهي ’وفا‘ جيئڻ جي تميز،
زندگي ڪيئن تو سوا ڳولي.
ó


 

(1)  رزاق مهر منهنجو تمام گهاٽو ۽ پراڻو دوست، جيڪو لاڙڪاڻي جو ويٺل آهي ۽ ٽي وي ڊراما لکندو هو. بدقسمتيءَ سان اڄ اسان ۾ ناهي. (وفا)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org