سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات بيوس

صفحو :1

ڪليات بيوس

ڪشنچند ”بيوس“

 

عرض حال

سالن جي ڪوشش کانپوءِ، پڙهندڙن اڳيان ”ڪليات بيوس“ حاضر آهي.

سال 1923ع ۾ ايم اي فائينل (سنڌي) ۾ ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ تي مونوگراف لکي، ايم_اي جي ڊگري حاصل ڪيم. ان وقت ريسرچ دوران بيوس بابت مواد ڳولڻ جي جيڪا مون جدوجهد ڪئي هئي، ان ۾ هندستان لڏي ويل هندو دوستن، تحسين جوڳي مدد ڪئي هئي، ايتري قدر، جو بمبئيءَ مان سرڳواسي عطر سنگ (جو ان وقت زنده هو) ته بيوس تي لکيل، پنهنجو هٿ اکري بياض، هميشه لاءِ موڪلي ڏنو. ان بياض مان، بيوس بابت ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون معلوم ٿيون، جي منظر عام تي آيل نه هيو، مونوگراف لکڻ وقت، بيوس جي ڪلام حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي هيم، ان ۾ رڳو بيوس جو ڇپيل شعر هٿ آيو هو: پر ان سان گڏ، سندس اڻ ڇپيل شعر، جهڙوڪ: ڪافيون وغيره ۽ سندس  حياتيءَ جو دلچسپ احوالي پڻ  ليو هو، جو هن ڪتاب جي ”مقدمي“ ۾ عرض رکيو اٿم. 

گڏيل ڪيل عشر مان ڪجهه اشعار، مونوگراف جي پڇاڙيءَ ۾ انتخاب طور ڏنا هيم. باقي سمورو ڪلام مون وٽ ئي رهيو. گهڻي وقت کان وٺي، دل ۾ خيال هو ته سرڳواسي بيوس جو مڪمل شعر ”ڪُليات“ جي صورت ۾ ڇپائي، مٿس ”ڪليات بيوس“ نالو رکان: پر زماني جي گُوناگُون مصروفيات سان گڏ، سرڪاري ملازمت جي ڪري، وقت ساٿ نه پئي ڏنو، رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ جڏهن وقت مليو تڏهن موقعي کي غنيمت سمجهي، هي ڪتابُ، هٿ ۾ کنيم.

بيوس جي حياتيءَ جو مختصر خاڪو، گهڻي قدر مرحوم قاضي محمد مراد (جو ان وقت زندهه هو) کان زباني ٻُڌي، قلم بند ڪيو هيم، جو سندس پيارو شاگرد ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي اُستاد هو ۽ مرڻ تائين ساڻس گڏ هو. ڪجهه احوال وري، مرحوم شاهه محمد مرتضائي (جو سندس همعصر هو ۽ ان وقت زندهه هو) رٽائرڊ هيڊ ماستر کان مليو، ته ڪجهه وري سندس طبابت جي شاگرد، سُک ديو چاولا کان، جو اُن وقت لاڙڪاڻي ۾ موجود هو. ان کانسواءِ هن جي باري ۾ مسٽر هَري درياني دلگير، سندس پياري شاگرد کي به آدي پور (ڪَڇُ، هندستان) خط لکيا هيم. هن صاحب خطن جي ذريعي، بيوس جو احوال ۽ هندستان ۾ رهندڙ سندس عزيزن ۽ شاگردن جون ائڊريسون پڻ موڪلي ڏنيون هيون. سندس لک لائق!!!

بيوس جي شعر جي مطالعي لاءِ مقامي لئبررين مان تلاش ڪندي، ڪتاب ”شيرين شعر“ هٿ چڙهيو اهڙيءَ طرح ٻيا ڪتاب، جهڙوڪ: سامونڊي سپون، اِنڊلٺ ڦولداني وغيره پڻ جهونين لئبررين مان ملي ويا: پر ڏسڻ ۾ آيو ته مذڪوره ڪتابن ۾ بيوس جو ڪلام، سربستو ڪو نه ٿي مليو جنهن تحقيق جوڳو ڪم ڪجي ! هندستان مان جوابي اچي ئي اچي، تنهن کان اڳ، محترم اياز قادري صاحب کان هندستاني ڪتاب ”شعر بيوس“ جي هڪ ڪاپي ملي وئي، جنهن ۾ بيوس جو چڱو چوکو شعر لکيل هو. سندس ٿورا، نه ٿورا!

ڪتاب جو پُوريءَ پَر اڀياس ڪيو ويو، معلوم ٿيو ته بيوس جي رچيل، ”گُرو نانڪ صاحب جي جيون ڪَوِتا اڃا رهيل هُئي. ٿوري وقت کانپوءِ، هندستان مان جيڪو مواد آيو، ان وقت ”گرونانڪ صاحب جي جيون ڪَوتاِ“ پڻ ملي وئي. ڪجهه معلومات هندوستاني هفتيوار رسالي، ”هندواسي“ ۽ ڪجهه وري پُراڻن، ”سنڌو“ رسالن مان حاصل ٿي. جڏهن ڪافي مواد گڏ ٿي ويو، تڏهن قلم کڻڻ شروع ڪيم.

هن ڪُليات ۾ شعر جي سڀني صنفن، جهڙوڪ: غزل، ڪافين، قصيده، مثلث، مخمس وغيره کي جُدا جُدا دفعن يا بابن ۾ ورهائي لکڻ ذرا دشوار محسوس ٿيو. ڇاڪاڻ ته بيوس جي شعر ۾ اڪثر ڪري ”نظم“ نظر اچي ٿو. شروعات ۾ ڪي ڪافيون نظر اچن ٿيون. ان بعد ڪٿي غزل نما نظم ته ڪٿي گيت، ته ڪٿي وري غزل نما ڪافيون ۽ گيت، دوهڙا، رباعين وانگر دوهڙا، مسدس نما بيات، مثنوي نما ابيات وغيره نظر اچن ٿا. ائين کڻي چئجي ته: بيوس پنهنجي شعر کي مختلف وڻندڙ رنگن واري جاذب  گلدستي وانگر ٺاهي، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي، جنهن جي  چَمڪَ دَمڪَ ۽ مَهَڪ تي مَنُ موهجي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو هن ڪُليات ۾ سڀئي جنسون گڏيل نظر اينديون ۽ ترتيب جي ڄڻڪَ ڏڌ ڏسڻ ۾ ايندي: پر ڇا ڪجي! شاعري صنفن جي فني لحاظ کان ڏسبو ته گڏيل جنسن لکڻ کانسواءِ ٻيو چارو ڪونهي، تاهم ڪوشش ڪري ڪافُيون چُونڊي، مُنڍ ۾ ڏنيون اٿم.

بيوس پنهنجي ڪلام ۾ نِجُ سنڌي الفاظن سان گڏ، هندي ڪثرت سان، ۽ ڪٿي ڪٿي سنسڪرت الفاظ پڻ ڪم آندا آهن، جن جي معنيٰ لاءِ مختلف ڊڪشنرين جي ضرورت پئي، هِن ڏِسَ ۾ ڪوشش ڪندي، ”پلئٽس“ جي ”اردو، ڪلاسڪ هندي ۽ انگلش ڊڪشنري“ هٿ ڪيم، جنهن مان چڱي خاصي مدد ملي، پر ڊڪشنريءَ جي مصنف موصوف، ڪن الفاظن جي مختلف محاون مان هر هڪ جو تفصيل ، ڪٿي ته چند صفحات تائين به ڏنو آهي ۽ انگلش الفاظ اهڙا ته سنهڙا ۽ باريڪ ڏنا اٿس، جو نظر تي تمام وڏو بارُ محسوس ٿي ٿيو. تاهم، ڇڪي تاڻي، مقصد کي ڪافي حد تائين حاصل ڪيو ويو آهي.

بيوس جي ڪلام تي، جو ڪجهه ناقص دماغ ۾ آيو آهي، سو اڳتي ”مقدمي“ ۾ لکيو اٿم. اميد ته قبول پوندو: پر جيڪڏهن ڪي اُوڻايون سرزد ٿي ويون هجن ته پڙهندڙن کي التماس آهي ته عَفُو ڪندا: ڇاڪاڻ ته:

”الانسان بيتُ النسيَان

بيوس جو ڪلام ساهت جو سينگار آهي هن ڪيترن ئي اَنوکن موضوعن کي نهايت خوشي اسلوبيءَ سان نباهيو آهي. ڪن هنڌ ته اهڙا ٺيٺ ۽ پاڪيزه محاورا ڪم آندا اٿس، جي مضمون کي کنيو بيٺا آهن. اهڙي بلند پايئه اديب ۽ قادرِ الڪلام، شيرين شاعر جي ڪلام تي تبصري ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت جي گنجائش آهي: پر تڏهن به قصي کي نباهڻ خاطر، قلم جي گستاخانه نوڪ، ڪن ڪن هنڌن تي هلي آهي، جنهن مان بيوس صاحب جي ڪن اوڻاين تي، ”يڪه مُشت، نمون خروار“ جي مصداق روشني پوندي.

پڇاڙيءَ ۾ آئون انهن سڀني حضرات ۾ ممنون آهيان، جن هن ڀاري ڪم ۾ منهنجو هٿ وٺايو آهي.

والسلام

سيد محمود شاهه بخاري

خادم العلم   

 لاڙڪاڻو، مارچ 1991ع.

 

مقدمو

اهو بهتر سمجهان ٿو ته ڪشنچند بيوس جي حياتيءَ جو مختصر احوال لکان: ڇاڪاڻ ته شخصيت جو اثر ئي شاعر جي ڪلام تي پوندو آهي.

سوانح حيات:

سنڌ جي عوامي شاعر، سرڳواسي ڪشنچند تيرٿداس کتري، تخلصَ بيوس، سن 1885ع  ۾، لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل ملتان جا ويٺل هئا، سندس پڙڏاڏو اٽڪل18   صدي عيسوي جي وچ ڌاري ملتان مان لڏي، لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيو. بيوس کي ٻه وڏيون ڀينرون ۽ ٻه ننڍا ڀائر هئا، جن مان هڪ جو نالو مسٽر تولارام هو، جو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ماستر هو. سندس ٻيو ڀاءُ، مسٽر موتيرام، لاڙڪاڻي جي سول ڪورٽ ۾ ڪاپي رائيٽر هو. بيوس کي ٻه پُٽ ۽ چار نياڻيون آهن، جن جون سڱا بنديون ملتان وارن کترين سان ڪيون هئائين. سندس وڏو پٽ تلسي داس، وڪالت تائين پڙهيو، پر وڪالت جو امتحان پاس ڪري نه سگهيو ۽ هينئر بمبئيءَ ۾ واپاري  (1)  لائين ۾ آهي. سندس ٻيو پٽ شيام، سول انجنيئرنگ امتحان پاس ڪري، دهليءَ جي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ انجنيئر آهي. بيوس جي ڌرم پتني پڻ دهليءَ ۾ آهي. سندس سهرو رٽائرڊ پرائمري ماستر هو ۽ سندس سالو ڪيولرام پڻ پاڪستان قائم ٿيڻ کان ٻه چار مهينا اڳ پرائمري ماستريءَ مان رٽائرڊ ٿيو، مسٽر ڪيولرام جا ٻيا سئوٽ پڻ مختلف نوڪرين ۾ هئا، جن مان هڪڙو مسٽر گوبندرام هاسارام به پرائمري ماستر هو.

سندس تعليم ۽ ملازمت:

بيوس ننڍپڻ ۾ ئي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنڌي فائينل پاس ڪري، آخر هيڊ ماستريءَ جي عهدي تي پهتو. پنهنجي رُوءِ سُوءِ ڪجهه انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪئي هئائين. ماستري ڌنڌي ۾ رهبريءَ جي خيال کان بيوس هڪ آدرشي اُستاد هو. سنڌي تعليم ۽ اعليٰ اخلاق جو هڪ سهڻو مثال ٿي، شاگردن (1) ۽ سندن مائٽن جي اڳيان پيش ٿيو ۽ (2)سندن راهه روشن ڪيائين. جن به وٽانئس علمي بخرو حاصل ڪيو، سي سندس هوشياريءَ جي ساک ڀرين ٿا. اهو ئي سبب هو، جو هن فرمانبردار ۽ سچار شاگرد: هَري دلگير هوند راج دکايل ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ پارا شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا، جي سندس آدرشي ۽ عمدي تعليم جو نتيجو آهن. هن نه صرف کين اسڪولي تعليم ڏني پر ان سان گڏ، شعر و شاعريءَ طرف پڻ سندن توجهه مبذول ڪيو، او ئي سبب آهي، جو بيوس جي وفادار ۽ صالح شاگردن به مرڻ تائين سندس ساٿُ نه ڇڏيو. چون ٿا ته شاگردن کي بدني سزا بنهه نه ڏيندو هو. اک جي اشاري سان، نصيحت ڀرئي نُڪتي سان يا شرمائڻ سان کين سيکت ڏيئي، سنواريندو هو.(1) شاگرد به کيس اڄ تئين ”سائين بيوس“ جي لقب سان پڪاريندا رهن ٿا. سندس اخلاق جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي وڏن کي ته ڇڏيو، پر جيڏن سَرتن ۽ پاڻ کان ننڍن جو کي به ”سائين“ ڪري سڏيندو هو! هڪ محبت جو مجسمو ٻيو اعليٰ اخلاق جو مالڪ، ٽيون وري ٻهڳُڻ استاد، سو جنهن ڳوٺ ۾ ويندو هو، اُتان جو پيارو بنجي پوندو هو. جيڪڏهن سندس بدلي ٿيندي هئي ته ڳوٺ جا هندو مسلمان گڏجي، سندس بدلي بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بيوس پنهنجي اُستادي فن ۾ هر هنڌ ڪامياب ويو. هي گهڻو وقت اسڪول وليد، لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ماستر ٿي رهيو، جتان پوءِ شاهه محمد اسڪـــول لاڙڪاڻي جــــو هيڊ ماستـــر ٿيو، جتــــان فيـــــبروري1940 ع ۾ پينشن ورتائين (2).

سندس طبع ۽ رهت:

بيوس ننڍي کان ئي حليم طبع ساديءَ هلت وارو، نهٺو ۽ نماڻو هوندو هو. ننڍيءَ ٽَهيءَ کان ئي شعر چوڻ جو شوق دامنگير هوس، ليڪن لڄ وِچان لوڪ کان لڪائيندو هو. اُن مان صاف ظاهر هي ته سندس طبع محجُوب هئي ۽ هو به واقعي مَحجُوب! ڇو ته شاعرانه محفل ۾ شعر نه پڙهندو هو. لاچار، ڇٺيءَ ڇماهيءَ، نه ته شعر ٺاهي ڏياري موڪليندو هو. جيڪڏهن سنڌ جا اديب ۽ شاعر کيس دعوت ڏيندا هئا ته به گهڻو ڪري شعر موڪلي ڇڏيندو هو. وٽس حيا ۽ رحمدليءَ جو درياء هر وقت موجزن رهندو هو. (1)

هن پنهنجو شاعري تخلص به ”بيوس“ اختيار ڪيو: ڇاڪاڻ ته هن جي ذهن ۽ خيال جو پرواز بُلند هو. اهو ئي سبب هو، جو هن، دنيا ۾ انسان جي حيثيت ۽ اصليت کي پوريءَ پَرِ پروڙي، پوءِ پاڻ تي اهو ئي تخلص مناسب سمجهي، رکيو.

درحقيقت هن دنيا ۾ انسانُ، خالق بي نياز جي عظمت آڏو بي وس يا بي بس ۽ ڪمزور آهي. تنهن ڪري سندس ”بيوس“ تخلص، انساني مناسبت تي پورو آهي. ٻيءَ صورت ۾، دُنوي ڌنڌن ۾ بيوس، هرگز هيڻو ۽ بي وس نه هو: پر پاڻ، لا اُبالي جو مالڪ ۽ باهمت پڻ هو.

جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ماستري نوڪري به نهايت اُمنگ ۽ اُتساهه، عزت ۽ لڳن سان ڪيائين، اسڪولي ماستريءَ ۾ رهندي، به سندس عزت جو ڪَرُ هميشه مٿي هوندو هو ۽ نه ان طرح، جيئن محترم لال سنگ اجواڻيءَ، ڪتاب ”شعر بيوس“ جي مُهاڳ ۾ لکيو آهي:

پر بيوس هميشه پاڻ کي بيوس ۽ ويچارو، نماڻو ۽ نِٻَلُ، مسڪين ۽ سوالي ڪوٺايو. ... ڪجهه ڪجهه اثر هن تي اسڪول ماستريءَ جو ٿيو هوندو (ڳوٺن ۾ هرڪو، ماستر تي آڪڙيو ايندو آهي“ (2)

مٿين الفاظن ۾ اجواڻي صاحب، بيوس جهڙي عالي همت شخصيت کي احساس ڪمتريءَ ۾ مُبتلا ڏيکاريو آهي. مگر ائين هرگز نه آهي. بيوس ڌڻيءَ دَرِ وينتي هميشه پئي ڪئي آهي: پر دنيا ۾ مشرَف ٿي رهيو آهي.

هي اُهو اسڪول ماستر نه هو، جنهن تي هر ڪو آڪڙيو اچي: پر هي اهڙيءَ عظمت وارو ماستر هو، جنهن جي محبت لاءِ نه رڳو شاگرد، پر ڳوٺ جا ماڻهو پڻ سڪندا هئا. هي اُهو اسڪول ماستر هو، جو نه رڳو پبلڪ، پر آفيسرن جي دلين ۾ به عزت ڀري جاءِ وٺندو هو. ان جو ثبوت اسان اڳتي هلي، هيٺين آفيسرن جي راين ۾ ڏسنداسون:

(1( ڪتاب شيرين شعر ۾ ڊاڪٽر گر بشخاڻيءَ جو ساراهه ڀريو رايو.

(2(  سُر هاگل ڪتاب، جي صفحي نمبر 81  تي علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي جو عجيب ريمارڪ.

(3( ڪتاب شاعرانه موتي صفحي نمبر  تي مسٽر ڪشنچند گلاب سنگ گدواڻي، جو ڪنهن لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر هو، ان جو تعريفي رايو. ان کانسواءِ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ديوان ڪوڙو مل کيس بي انداز پيار ڪندو هو، ايتري قدر، جو پاڻ سان گڏ کارائيندو هوس.(1)

وابستگي:

هو ڪانگريس سان وابسته هو ۽ مهاتما گانڌيءَجو پوئلڳ هو. جيئن سندس هيٺئين شعر مان ظاهر ٿئي ٿو: -

سملي جي اوچائيءَ وارو اوُچو تنهنجو شان گانڌي،

چوٽ بلنديءَ تي پهچايو، ڪانگريس نيشان گانڌي.

خاص رحمت ملڪ خاطر آهه سڪاري متو،

مغربي ملڪن مان ان جو ٿو پوي پورو پتو.(1)

مهاتما گانڌي جي نظريهءِ موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون واپرائيندو هو. هي گهڻ ڳالهائو نه هو، کيس شانتي پسند هئي. مهاتما کان پوءِ ٻئي نمبر تي بيوس تي ٽئگور جي شخصيت جو ڪافي اثر پيل ٿو ڀانئجي. سندس سپوت شاگردن مان معلوم ٿو ٿئي ته بيوس گهڻو ڪري ٽئگور جا ڪتاب مطالع ڪندو هو. ٽئگور جي انگريزي ڪتاب ”ساڌنا جي پڙهڻ خاطر، بيوس وڏيءَ عمر ۾ انگريزي سکيو، جو ”ساڌنا جهڙو ڏکيو فلاسافيءَ جو انگريزي ڪتاب پڙهيءَ ۽ سمجهي سگهندو هو. نه رڳو ايترو پر ڪاليجي شاگردن کي پڻ ان فلاسافيءَ مان مطمئن به ڪري سگهندو هو. (2)

حياتيءَ جي پوين سالن ۾ کيس ايڪانت ڏاڍي وڻندي هئي. لاڙڪاڻي جو ”گيان باغ سندس گيان ۽ آنند جو آشرم هو: جو شهر جي گوڙ کان پري، گهاڙ واهه جي اترئين ڪپ تي اڄ تائين موجود آهي، پر افسوس جو اڄ نقشو ئي بدلجي ويو آهي، نه اهو گهاڙ واهه رهيو ۽ نه اُها شانتي، سڄو گهاڙُ، شهر بنجي ويو آهي. مٿس اڪيچار جايون ٺهي ويون آهن.

بيوس هر آچر تي پنهنجي سنگت کي، رابيندر ناٿ ٽئگور واري سکيا ڏيندو هو ته: دنيا جي هر نظاري مان خوشي ۽ آنند حاصل ڪجي ۽ حياتيءَ جي هر پهلوُءَ مان راضپو ۽ سُک معلوم ڪجي ۽ نه گهڻن وانگر واويلا مچائي حياتيءَ جو منظر ڏک ۽ مايوسيءَ وارو قائم ڪجي. ائين ڪرڻ سان دلي سڪون حاصل ٿيندو، ڇو ته ڌڻيءَ جي هر نعمت ۽ ڏات، سڪون ۽ آرام ڏيندڙ آهي. ان مان سُک َظُ) وٺڻ گهرجي: پر پاڪ رهت سان، ڪنول گُل جيان. (1)  ٿوري ۾ ائين کڻي چئجي ته بيوس رجائي (Optimist) شاعر هو ۽ قنوطيت (Pessimism) کان پاسي ڪرڻ جي زوردار تلقين ڪندو هو.

ملاحظو فرمايو:

سائو ٿي رَهُ سَرَءُ ۾، خندان ٿي خزان تي

بي لطف حياتيءَ کي به شمشاد ڪنداسين

مصيبتن جو مرڪي مقابلو ڪرڻ ۽ فرياد نه ڪرڻ سندس اُصول هو.

اک لُڙڪ سان منهن مُرڪ ڀريو ياد ڪنداسين

فرحت ڀري دنيا ۾ نه فرياد ڪنداسين.

بيوس جي سڀاءَ ۾ ٻاراڻي معصوميت گهڻي هئي. پنهنجي ٻارن سان گڏ، ڌارين ٻارن کي به تمام گهڻو پيار ڪندو هو. حياتيءَ جا پويان ڏهاڪو سال، ٻارن لاءِ گيت لکيائين، جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ ڇپيا هئا. هيٺيئن بيت مان بيوس جي حياتيءَ تي هڪ جَهلَڪ پوي ٿي، جنهن مان هن جي شريفانه زندگي ۽ ٻين سان همدرديءَ جو جذبو شدت سان ظاهر ٿئي ٿو. هُو وياج خورن جي بنهه بر خلاف هو:

خون مسڪيني ٿي چوُسيو، سُود خورن ڄَور جيان،

گهرج جِي گهوٻِي لڳي ۽ وياج جو وارو وريو.

 

چار پئسا تيل کاتي چار ڏوڪڙ تيل تي ٿي،

لڳي کوٽي کڻت ۾ ٿي بڻيو کوٽو کنڌو-.

بيوس فقير منش هو. جيئن سندس هيٺين بيتن مان معلوم ٿئي ٿو:-

هوتُ هِردي ۾ وِڃايُم، ٿيو عبث ٻاهر لهڻ،

دل ڇڏَي دلدار لئه ٿيو مفت ڳولا ۾ ڳهڻ.

 

پيٽ پالڻ لاءِ ڇا ڇا عشر تي سامان ٿيو

رُوح لئه خوراڪ بيوس جا بجا گهٽجي وئي

 

گهُر نه هرگز، گهرج اندر، ناقصائيءَ جو نشان

فڪر بيوس، ڪرفنا، طلب وتنان واسطي.

حڪمت جو ڌنڌو:

بيوس جا پيءُ ماءُ ٻَئِي حڪمت جي ڪم ۾ نهايت برک هئا، بيوس پاڻ به اهو ڌنڌو پنهنجي والدين کان سکيو هو. پينشن وٺڻ کانپوءِ بيوس به طب جو ڌنڌو شروع ڪيو. جنهن ۾ ”هوميوپيٿي“ علاج جي سليس ۽ سوکيم دوائن جو استعمال ڪندو هو. هن ڌنڌي ۾ کيس مهارت حاصل هئي. هي ڌنڌو پنهنجي دل گهُرئي دوست، ڊاڪٽر گوبند رام دادلاڻيءَ سان ڏهه ٻارنهن سال گڏجي هلايائين. ٿوري وقت بعد ان طريقي سان گڏ،