سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڪلياتِ دلگير

سنڌي حصو

صفحو : 13

 

پهرين عظيم جنگ: جرمن جي شڪست

 

 مبارڪ ملڪ ۾ هر سو، ٿيو امن وامان آهي،

مظفر دشمن تي ٿيو شهِ هندوستان آهي.

جڏي جرمن کي پهتي اهڙي آخر خانه بربادي،

جو دنيا مان سندس ٿي محو ويو نام و نشان آهي.

بپا دشمن جي گهر ۾ آه اڄ شورِ قيامت ٿيو،

شهِ برطانيه عظميٰ جو بيشڪ شاد مان آهي.

مبارڪ فتح ۽ نصرت اسان جي شاهه اعظم کي،

نصيبِ دشمنان سڀ حسرت و آه و فغان آهي.

وڃائي پنهنجي شيخي ٿيو شقي شرمنده دنيا ۾،

نڀاڳو نحس ٿيو آخر نزار و ناتوان آهي.

وريو انصاف و آزادي جو دورو ساري عالم ۾،

جفا ۽ ظلم کان آزاد ٿيو اهلِ جهان آهي.

ڪري خاڪِ مذلت تي ڇڏي هٿيار ٿيو هيڻو،

وڃائي پنهنجو تاج و تخت ٿيو بي خانمان آهي.

مبارڪ فتح اعظم هيءَ شهنشه جارج پنجم کي،

سلامي جنهن جي در جو بحر و بر ٿيو بي گمان آهي.

الاهي! شل هجي قائم سندس اقبال ۽ دولت!

بپا جيسين ڪه هي دورِ زمين و آسمان آهي.

دعا ”دلگير“ گهر دل سان سدا هن تاج و افسر جي،

جهان ۾ جئن سندس هرڪو ٿيو اڄ مدح خوان آهي.


 

دربار حبيب ۾ فرياد

 ڪهڙي نسبت تنهنجي درباي دربارن سان

تنهنجي دربار جي رونق ٿي طلبگارن سان

ربط ٿيو جذبهء رحمت کي سيه ڪارن سان

توکي ننڍپڻ کان محبت ٿي گنهگارن سان

لب تي اِنَ امت مغهوم جي روداد رهي

مهدِ مادر ۾ به امت ئي توکي ياد رهي

اها امت، جنهن کي دنيا ٿي سڏي خيرِ امم

آه هر سو کان اها موردِ بيداد و الم

آه ارزان ٿيو مٿس جور و جفا، رنج وستم

رهي جاري ٿي اها شورشِ اعدا پيهم

سخت رسوائي ٿي، مشڪل جي نه تدبير ٿئي

نظر انداز ٿي ڪيئن امتِ ’دلگير‘ ٿئي؟

اي تنهنجي شانِ ڪريمي مٿي امت ٿي نثار

ڇا آئين رهندي هي مظلوم جماعت لاچار؟

اڳ ته اهڙو نه اوهان جي رهيو رحمت جو شعار

بي اثر ڳالهه جو هو وات مان نڪرڻ دشوار

متصل بابِ اجابت ٿي دعا ساڻ رهيو

بلڪ تاثير دعا جو به ٿي اڳواڻ رهيو

ناهه معلوم ته دربار ۾ ٿي ڇو نه خبر!

فيصلو عرضي امت جو نه ٿيو مدِ نظر

هت اهو حال جو هر وقت ٿي حالت بدتر

رات گذري ٿي، مگر ناهه ڪا اميدِ سحر

ٿي فقط اهنجي درِ فيض سان اميد ٻڌل

۽ مديني ڏي اٺئي پهر رهي چشم لڳل

قصو ڪوتاه، گهڻو بيڪس ومجبور آهيون

ناله گستاخ جي ٿي ويندو ته معذور آهيون

ڇا ڪريون جو درِ دولت کان گهڻو دور آهيون

سنڌ ۾ آه! نظربند ۽ محصور آهيون

ٿيون اچي ساحل طيب جي برابر ڪنهن پر

پار نڪري ٿيون سمنڊن مان سراسر ڪنهن پر

ڪيون سون قسمت هڻي بي زور ۽ بي پر اهڙو

روزِ ازل کان مليو سون ڪو مقدر اهڙو

هاءِ! ادبار اسان کي ڪيو مضطر اهڙو

جي ڏسو پاڻ ته چئو: حال ٿيو ابتر اهڙو

ڪنهن جي پهلو ۾ ڪا اميد ڀري دل نه رهي

هيءَ ڪهاڻي ته ٻڌائڻ جي قابل نه رهي

يا نبي! ڪا ڪريو لله عنايت جي نظر

وئي وڌي حد کان زياده خلشِ زخمِ جگر

حال اهڙو جو نه دنيا ۾ جيڻ ٿئي ڪنهن پر

قوت ضبط ٿي اسڪان و سڪون کان ٻاهر

ڪشمڪش رنگ جدا پنهنجو ڪو پيدا نه ڪري!

دلِ بيتاب انهيءَ غم ۾ سڙي تان نه مري!

اهنجي دربار اها جنهن جي نه دنيا ۾ اپيل

فيصلو ان جو خدا پڻ نه ڪري ٿو تبديل

يا نبي! آهيو اوهين امتِ عاصي جا ڪفيل

لقبِ احمدِ مختيار ٿيو جنهن تي دليل

هٿ اوهان جي ۾ ته دفتر ٿيو سيه ڪارن جو

اختيار آهه سڄو آن کي گنهگارن جو

يا نبي! هي ٻڌو مجبور دلين جي فرياد

دل ڏکوين سندي پر درد سڄي ٿي فرياد

ٿيندي مشڪل، جي نه مقبول هي ٿيندي فرياد

ڪٿ ٻڌايو پوءِ ڪندي امتِ عاصي فرياد؟

ڳالهه سهڻي ٿئي جي حاصلِ فرياد ملي

منهنجا سردار! مزو ٿئي جي هينئر داد ملي


 

نظم

 ٿيو آهه درد کان ٻي رنگ اڄ بيان منهنجو

ستم جي خون ۾ ٿيو غرق داستان منهنجو

وڃي ٿو تا بفلڪ شورِ الامان منهنجو

ڏسي هي ظلم ويو تاب ۽ توان منهنجو

غريب قوم جو هي مرثيو فسانه نه آهه

۽ ان ۾ ڪوڙ ۽ تمهيد شاعرانه نه آهه

نه جوشِ علم رهيو ۽ نڪي بهارِ سخن

رهي نه ملڪ ۾ رعنائي و وقارِ سخن

اجل ڪيو هاءِ عجب رنگ سان فشارِ سخن

رهيو نه آهه ٻيو گل ڪو يادگارِ سخن

مٽي هوا ۽ ڦري ويئي ملڪ جي حالت

نه آهه ڪنهن به بشر جي اندر کي ڪا فرحت

وطن ۾ پنهنجي تباهي ۾ ٿيو وطن جو جهاز

ٿيو آهه ظلم جي پردي ۾ حشر جو آغاز

ٻڌي ٿو حال اهو جيڪو قوم جو دمساز

ڪڍي ٿو قلب ڦٽيل مان هي ڏک ڀريو آواز

عدو ٿيو برسرِ پيڪار اڄ مٽيارين ۾[1]

جفا جي گرم ٿي بازار اڄ مٽيارين ۾

وطن ۾ پنهنجي سڀئي اڄ برادرانِ وطن

اسيرِ دام مصيبت ٿيا زيرِ چرخِ ڪهن

اجل گرفته و مظلوم و مبتلائي محن

زمانه در پئي آزار، حاڪمان دشمن

نه دل ۾ ان جي ٿيو رحم ۽ نه اک ۾ حيا

غريب قوم تي بندوق جا ٿي فير ٿيا

لڳي ٿي نڪبت و ادبار جي هوا سر تي

وسي ٿي هاءِ! عجب بارش بلا سر تي

ڪڍي ٿو ناحق بندوق بي حيا سر تي

نه آهه هاڻ غريبن کي جز خدا سر تي

جي اُن جي حال تي ڪو يار غمگسار نه آهه

ته پنهنجي قتل جو پڻ ان کي انتظار نه آهه

برادرانِ وطن جو پيامِ غم سڻجو

حڪايتِ ستم وقصهء الم سڻجو

جي اڳ ٻڌل نه هئا سي هينئر ستم سڻجو

غريب قوم جو احوال بيش و ڪم سڻجو

جنازو قوم جو تيار ٿيو خدا حافظ

جهان مان رخصت بيمار ٿيو خدا حافظ

نه ڀاءُ ڪنهن جي ڪو هٿ ۾ هو ان مهل هٿيار

مگر هئا غيرت اسلام کان وڙهڻ لئي تيار

اهو وڙهڻ هو جنهن ۾ صبر ظلم تي درڪار

جواب فير جو ڪيائون ٿي آههِ آتش بار

نه اُف ڪڍيائون نه فرياد و شور و واويلا

ڪري ارهه کي سپر ۽ ڪيئون رضا بقضا


 

اٿيو يورپ کان طوفان سخت اسلامي گلستان ۾،

مچائي باهه جنهن ماتم جي دنيا جي دل و جان ۾.

”مراڪو“ ساڻ ويو کاڄي، ’ٽريپولي‘ جو لقمو ٿي،

وڌئون ناپاڪ هٿڙا پير کوڙي باغِ ”ايران“ ۾.

اٿي ’لنڊن‘ مان جا برقِ بلا اسلام تي ڪاهي،

لڳائي باه تنهن هر سو خلافت آلِ عثمان ۾.

’عراق‘ و ’ڪربلا‘ آيا مهذب چور يورپ جا،

وجهي غارت جو هٿ بيٺا ’عرب‘ جي ساز و سامان ۾.

ڪيئون ’بغداد‘ ۾ توبن سان بازارِ ستم قائم،

مصيبت موت جو مارو وڌئون گلزارِ ”گيلان“ ۾.

اچي ڪاهي پيا ڪعبي ۾ دشمن دين و ايمان جا،

وڌئون ٺاهي جو رخنو دين جي مضبوط بنيان ۾.

خدا جي گهر سان ٿيا گستاخ توبن ۽ تفنگن سان،

غلاف ڪعبه کي ڪئون نذر پنهنجي باهه سوزان ۾.

مقدس سرزمين ناپاڪ ڪئي اسپان اعدا جي،

مقامِ امن و ايمان غرق ٿيو خونِ شهيدان ۾.

رسول الله جو روضو نشانو ڪيائون گولن جو،

وڌئون بندش يڪا يڪ خانهء شاهه رسولان ۾.

عداوت دينِ احمد ۾ اٿي اڄ ”قوم عيسيٰ“ جي،

مچائي شرڪ شورش خانهء عرفان و ايمان ۾.

’فلسطين‘ ڪيو فنا آخر وفادارانِ انگلش جي،

پيو چورن جو هٿ قابو اچي صحنِ سليمان ۾.

امانت انبيائن جي، ڪري قبضو ويا ڪافر،

فقط حسرت رهي باقي اسان جي خانه ويران ۾.

نظارو آهه ”استنبول“ ۾ موت ۽ شهادت جو،

وهن ٿيون خون ترڪن مان نهرون ..... ۾.

خيال آهي اڃا مسجد کي پڻ گرجا بنائڻ جو،

وڄائيندا مگر ناقوس کي صحنِ سليمان ۾.

اڃا ڀي ناهي غافل تنهنجي بربادي کان ٿيو يورپ،

ٻڌين ٿو جي صلاحون ٿا پچائين ملڪِ يونان ۾.

فنا جون ڌمڪيون کائي ٿي تنهنجي زندگي مسلم!

مگر اهڙو مرڻ ڀي آهه ٿي شرمندگي مسلم!

ٻڌايم دردِ دل آنکي مگر ان جي دوا گهرجي،

اوهان تي فرض ٿي آهي مسلمانو! غَزا گهرجي.

حفاظت دين جي گهرجي ڪرڻ اڄ سرفروشيءَ سان،

خدا جي واٽ ۾ پنهنجو هي سر تن کان جدا گهرجي.

اٿوَ قطعِ تعلق هٿ ۾ ساڳيو نسخهء نادر،

اوهان کي درد قوميءَ جي جي اڪسير شفا گهرجي.

هلايو ارٽ ۽ پايو ڪپڙ اسلام جي خاطر،

وِلاتي مال کان هن وقت انڪار و ابا گهرجي.

لباسِ ڪفر ۾ ملبوس ۽ ايمان جي دعويٰ،

انهيءَ ايمان تنهنجي تي روئڻ صبح و مسا گهرجي.

نه ڏي دشمن کي طاقت تون، وٺي ڪپڙو ولايت جو،

رسول الله جي روضي جو ڪجهه دل ۾ حيا گهرجي.

نه وٺ دشمن کان ڪرسي، پوءِ ڀلي چاڙهين ڦاسيءَ تي،

صداقت اهڙي گهرجي، اهڙو ئي صبر و رضا گهرجي.

مگر محشر ۾ نيندين ساڻ پروانو ڳچيءَ پائي،

انهيءَ اعزازِ سرڪاريءَ کي ڄاڻڻ ناروا گهرجي.

تون ڪعبي کي جو وڪڻين ٿو وٺي ڪرسي نصارن کان،

ڏيڻ ارزان نه توکي ايئن خدا جي پاڪ جاءِ گهرجي.

مسلمانيءَ جي دعويٰ ۽ ڊڄن ’ريڊنگِ ڪرزن‘ کان،

اوهان کي پنهنجي دل ۾ دمبدم خوفِ خدا گهرجي.

تراڙيون جي جهلڻ اوکيون ته ڪاٽڻ جيل سوکو آهه،

ڪرڻ ان کي ادا سنت شهيدِ ڪربلا گهرجي.

عزيز آهين ته عزت پائي دربارِ رسالت ۾،

گدايانِ محمد لاءِ فرشِ بوريا گهرجي.

نصارن جي محبت ۽ پڙهين ڪلمو محمد تي!

نه ايءَ آهي مسلماني نه لائق اي ريا گهرجي.

شرافت آه ڪاٽڻ جيل سوداءِ خلافت ۾،

اها ئي آرزو گهرجي اها ئي مدعا گهرجي.

خدا تنهنجو خريدار آهه جان و مال و عزت سان،

وڃائڻ رايگان توکي نه اڄ پنهنجي بها گهرجي.

اڳيان تنهنجي جي ڏيندا ٿا وڃن سر پيشوا تنهنجا،

وٺڻ توکي به لازم ٿيو انهن جو نقشِ پا گهرجي.

ندا مقتل ۾ ٿي آهي اچي ڪو مرد ميدان جو!

هلي ”دلگير“ ٿيو حاضر، ڇڏي سر ساه جو سانگو.

 

 

ڳوليون ٿا اسين عيش کي ۽ ناموري پڻ

دولت به اسان کي ٿي کپي بي هنري پڻ

اعزاز ٿيو مطلوب ۽ بيهوده سري پڻ

آوارگي منظور ٿي ۽ راهبري پڻ

مقصود رفو آهي، مگر جامه دري پڻ

گر پستيء همت ٿي ته عالي نظري پڻ

اي ڳالهه نه ممڪن ٿي، نه امڪان ۾ آهي

ڊوڙن ٿا محالات پٺيان، چيلهه کي ساهي

بي ڪوشش و بي جهد ثمر ڪنهن کي ملي ٿو!

بي غوطه زني گنج گوهر ڪنهن کي ملي ٿو!

بي خوف پيئڻ لقمهء تر ڪنهن کي ملي ٿو!

بي جور ڪشي تاج و ظفر ڪنهن کي ملي ٿو!

بي محنت ۽ رنج جي زر ڪنهن کي ملي ٿو!

بي ڪاوشِ جان، علم و هنر ڪنهن کي ملي ٿو!

جي رتبهء والا جا سزاوار ٿين ٿا،

پهرين سي مصيبت جا طلبگار ٿين ٿا.

قسمت جي برائي، نه ٿيو تقدير سندو ڦير

خود پنهنجي هٿن ساڻ، ٿيو آهه هي انڌير

تحصيلِ فضائل ۾ جوانو! نه ڪريو دير

علمن جي ممالڪ کي فتحياب ڪريو سير

بزدل نه ٿيو آه ڪيو آن کي خدا شير

ڪُهسار جي هوءِ تابه ڪريو ان کي زبر زير

جولان ڪريو علم جي ميدان ۾ عزيزو!

آخر ٿيا اوهين قوم مسلمان ۾ عزيزو!


[1] هي شايد ڪو مٽيارين ۾ واقعو ٿيو آهي، جنهن تي حافظ هي نظم لکيو. واقعو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

s

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org