سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڪلياتِ دلگير

سنڌي حصو

صفحو : 6

نثر نويسي

دلگير نثر به تمام سٺو لکندو هو. انشاءَ پردازيءَ ۾ ته کيس ڪمال حاصل هو. خاندانن جا خط پٽ لکڻ ۽ شادين مرادين جي دعوتنامن جي مسودن ٺاهڻ ۾ وڏو ملڪو حاصل هوس. سندس سنڌي نثر جا نمونا ڪونه ٿا ملن، باقي فارسيءَ ۾ ٽي دعوتناما اسان پنهنجي فارسي مقدمي ۾ پيش ڪيا آهن. انهيءَ محنت ۽ دماغ سوزيءَ جي باوجود هميشه مفلسيءَ جي حالت ۾ گذاريندو هو ۽ هميشه روزگار ناهموار جي شڪايت رهندي هيس.

تحريڪ خلافت ۾ دلگير جو حصو

1914ع واريءَ جنگ ۾ جيتوڻيڪ هندستان جي مسلمانن نهايت وڏي ڪوشش ڪئي ته ترڪي غير جانبدار رهي. مولانا محمد علي جوهر ۽ ڊاڪٽر انصاري وغيره ترڪيءَ جي ارباب اختيار کي ان لاءِ تارون موڪليون، مگر ترڪي، انگريزن جي خلاف جرمنيءَ ۽ آسٽريليا جو ساٿ ڏنو. جنگ ۾ انگريز فتحياب ٿيا. آخرڪار هندستان جي مسلمانن حڪومت برطانيا کان وعدو ورتو ته ترڪيءَ جي خلافت قائم رهندي ۽ مسلمانن جي مقدس جاين کي نقصان نه پهچايو ويندو.

جڏهن نومبر 1918ع ۾ جنگ ختم ٿي ته مسلمانن محسوس ڪيو ته خلافت جي مرڪز ترڪيءَ کي نقصان پهچندو. 1919ع ۾ جڏهن اتحادين (انگريزن، فرينچن، روسين ۽ امريڪن) ’صلح ڪانفرنس‘ ڪئي، تڏهن ان ۾ ترڪيءَ جي سلطنت کي تقسيم ڪيو ويو ۽ خلافت کي ڪاري ضرب هنئي وئي.

هندستان جي مسلمانن پنهنجي آواز کي مؤثر بنائڻ لاءِ جولاءِ 1919ع ۾ ’آل انڊيا خلافت ڪميٽي‘ قائم ڪئي، جنهن اهو مطالبو ڪيو ته خلافت کي بحال رکيو وڃي ۽ ترڪيءَ تي سخت شرط عائد نه ڪيا وڃن. حڪومت کي متاثر ڪرڻ لاءِ جابجا جلسا ڪيا ويا. سنڌ ۾ علامه اسد الله شاهه ٽکڙائيءَ جي ڪوششن سان تحريڪ خلافت کي وڏو زور وٺايو ويو.

انهيءَ دور ۾ ترڪ موالات جي تحريڪ عمل ۾ آئي ۽ انگريزن جي مال خريد ڪرڻ کان بائيڪاٽ ڪيو ويو. نه فقط اهو، پر ڪيترن مسلمانن ۽ هندن سرڪاري نوڪريون ڇڏي ڏنيون ۽ ڪيترا هندستاني هجرت ڪري ويا. دلگير جيتوڻيڪ هڪڙو مفلس ماڻهو هو ۽ سندس گذران به تنگ هو، پر قومي حميت ۽ غيرت منجهس تونگرن کان به وڌيڪ هئي ______ ”تونگري بدل است، نه بمال“. وٽس ٻيو انگريزي ڪپڙو وغيره ته ڪونه هو، البت حڪومت طرفان ملا مڪتب جي معلم جي حيثيت ۾ کيس سالانه گرانٽ ملندي هئي، جيڪا هن درياءَ دل مسڪين پنهنجي قوم تان قربان ڪري ڇڏي. دلگير جهڙي مسڪين ماڻهوءَ لاءِ اها هڪ وڏي امتحان جي گهڙي هئي، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو ۽ قوم سندس انهيءَ قربانيءَ کي ڪڏهن به وساري ڪانه سگهندي. اسين هتي سندس انهيءَ استعفا جو نقل پيش ڪريون ٿا، جيڪا پاڻ سيڪنڊ اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر ملا اسڪولس لوور سنڌ کي موڪلي هئائين:

حيدرآباد جي عرض

ملان اسڪولس، لوور سنڌ

خدمت ۾ جناب سيڪنڊ اسسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر جنهن صورت ۾ اسان مسلمانن جي مرضيءَ موجب ترڪيءَ سان فيصلو نه ٿيو آهي، مذهب جي خلاف خليفته المسلمين جي اقتدار کي گهٽايو ويو آهي ۽ مقامات مقدسه خليفته المسلمين کان کسيا ويا آهن، تنهن صورت ۾ آئون پنهنجي اسلامي علمائن جي فتويٰ موجب سرڪار جي سالانه گرانٽ وٺڻ کان قطعي انڪار ٿو ڪريان ۽ هر طرح پاڻ کي بري الذمه ٿو رکان. اميد ته بغير گرانٽ وٺڻ جي آئون قومي ٻارن جي تعليم ڏيڻ ۾ اڳوڻي کان به وڌيڪ سرگرمي ڏيکاريندس.

فقط مورخه غره آگسٽ 1920ع

صحيح حافظ محمد هارون  

معلم مدرسه ٽکڙ، تعلقو گوني

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org