سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڪلياتِ دلگير

سنڌي حصو

صفحو : 9

آقا محمد اسماعيل جان ’روشن‘ جي فرزند جي ولادت تي:

 نحمد الرب هو الآخر وهو الاول

نشکر الحق هو المنعم وهو المفضل

خالق الخلق ڪيو ڪل عدم مان ايجاد

جن، انسان، ملڪ، حور، پري، جهنگ، جبل

نور پنهنجي مان ڪيئن پاڪ پيمبر پيدا

هادي هر دو جهان، مهرابد، ماهِ ازل

هو نبي جنهن جي نبوت کان وڌيو علم هُدا

هو نبي، جنهن جي رسالت کان گهٽيو جور جهل

هو نبي ٿيو جڏهن تنسيخ ملل لئي پيدا

پيا ڪِري هيبت ميلاد کان ڪسريٰ جا محل

آل ان جو، جنهن ڪيو فتح درِ بدر وحنين

ان جا اصحاب، ڀڳو جن سرِ عزا وهبل

ويو اٿي فوجِ خزان جو چمنستان مان هجوم

باغ ۾ ويٺي وري شاهه صبا جي ڪؤنسل

غنچـهء دل کي ڪيو بادِ بهاري خندان

اڄ وري جوش ۾ ٿيو فضلِ خدا عزوجل

چمنِ لاله ۾ جي نحلِ عسل هوند اچي

جلد افيون جي تلخي ٿئي حلاوت سان ٻڌل

جوشش نشو و نما باغِ مواليد ۾ آه

سبز تر آبِ عناصر کان ٿي اڄ ڪشت امل

چيو ”عرفي“ به انهيءَ جوش نمو جي حق ۾

”مي نه گنجد بصراحي و صراحي به بغل“

دست اقبال سعادت جي سا قوت پاتي

جنهن کان منحوسيِ ادبار جو شانو ٿيو شل

جلوهء [1] روز کان رنگ شبء يلدا بدليو

شام جو عڪسِ ‏شفق تختهء سنبل تي پيو

شوخيء سرخيء لب جو ٿيو مسي تي عمل

ڪٿي سنبل جي سياهي ڪٿي سوسن جي بهار

نو عروسانِ چمن ۾ ٿيو مسي ۽ ڪجل

راغ اڄ آهه ٿيو گلبانگِ طرب جو مخرج

باغ پڻ آهه ٿيو گلگشت صبا جو مدخل

سجدهء شڪر ۾ پئي هر سرِ شاخِ اميد

سبحهء شڪر ۾ پيو هر لبِ گلبرگ امل

موجهء بحر تي ٿيو ڪاڪل پيچان جو گمان

سطحهء نحر تي ٿي آبِ روان جي ململ

جا بجا خوب ڪيو ڇڻڪار سو سقائي سحاب

جنهن کان ٿيو غيرتِ گلزار ته هردشت وجبل

سعدِ ذابح جو سو نوراني اثر اڄ پکڙيو

جنهن کان ڪافور ٿي وئي تيرگي نحس زحل

باغ ميلاد ۾ ٿا ڏين مبارڪبادي

بلبل و صلصل و طوطي و تذرو و ڪوول

آيو اڄ گلشنِ ميلاد جو نو گلِ خندان

نونهالِ چمنِ دولتِ اقبال جو ڦل

جلوه آرا ٿيو عالم ۾ به وقتِ مسعود

پردهء ابرِ مشيمه مان مهِ برج حمل

بطنِ غيبي مان ڪري حجلهء عالم ۾ ظهور

آيو فرزندِ قوي طالع، با بختِ اجل

نام مولود جو مسعود ٿيو عبدالحق

حفظ ۾ حق جي سدا هوءِ نظر بد کان بچل

قمريون جوشِ مسرت کان ٿيون نغمهِ سرا

بلبلين ذوقِ خوشي مان پڙهيا مدحت جا غزل

خير و برڪت جو وجود آيو مبارڪ اهڙو

جنهن کان آفات لٿا ۽ ٿي ويا محو خلل

هن جي ڄاپڻ کان زماني کي سعادت پهتي

پڻ پئي شومي طالع جي عمل ۾ هلچل

هن جي انوارِ ولادت کان جهان ۾ هر سو

ظلمتِ رنج ٿي وئي نورِ مسرت سان مٽيل

باغ ۾ حضرتِ ”روشن“ جي بهاري آئي

ڪيو عطا جنهن کي هي فرزند خدا عزوجل

خير و خوبي سان کليو گلشنِ اسماعيلي

شاخِ پرُنور ولادت ۾ لڳو نور جو ڦل

بختِ مسعود سان دنيا ۾ ٿيو جلوه آرا

هن جي آمد کان نحوست جو نشان ٿيو نڪتل

تا ابد ڇو نه ٿئي زائچو هن جو اسعد

سعدِ اڪبر جي نظر هن تي پئي روزِ ازل

آيو اڄ خشڪ لبِ جو ۾ خوشيءَ جو پاڻي

ڇانئيو چرخِ ملامت تي خوشي جو بادل

لوحهء جان تي لکيو نقشِ گلِ باغ و بهار،

صفحہء دل تان مٽيو حرفِ غم و رنج و ملل

حاسدن جي نظرِ بد کان بصد عزو جلال

حفظ ۾ پنهنجي رکي تنهنجي خداوندِ اجل

عافيت سان ۽ صحت ساڻ سلامت شل هوءِ

پڻ رهن ان کان پري درد ۽ امراض وعلل

امن و صحتوري، خيريت و خير سان شال،

عمر طبعي به ڌڻي ڏيس ۽ پڻ علم و عمل

پڻ نه پئي ان تي ڪڏهن ديو پريءَ جو سايو

۽ نه آسيب کان هرگز ڪو رسي کيس خلل

سڀ رهن اهل حسد حرف تغير جي طرح

اجوف و ناقص و مهموز مثال و مهمل

شاد آباد هجي والدِ ماجد ان جو

جنهنجو مشڪل سان ملي سگهندو ڪو دنيا ۾ مثل

گوهر کانِ تقا، لولوي درياي هدا،

وارثِ علمِ نبي، عالمِ اسباب و علل

جد امجد کي سندس هوءِ مبارڪبادي،

جنهن جي تعريف ڪرڻ آهه ڀلو زور عمل

بزمِ عرفان ۽ ايقان سندو صدر نشين

علم ۾ بحرِ روان، حلم ۾ همپائي جبل

حاجي و عالم و دانائي علومِ باطن

خضرِ سرچشمهء ارشاد و سالڪ ڪمل

واقفِ نڪتهء و علامِ مضامينِ ادق،

ڪاشفِ عقدهء و حلالِ ڪلامِ معضل

وارثِ علم رسل، هادي ڪل، شمع رشاد

حامي سنت پڻ ماهرِ اديان و ملل

يا خدا هون هي سڀ امن ۾ تنهنجي مامون

آل اولاد سان آفاتِ سماوي کان بچل

سڀ سندس دوست رهن شاد ۽ خندان چون گل

دل ۾ دشمن کي سندن هونِ سدا خار لڳل

سال تاريخ ولادت جو جڏهن فڪر ڪيم

هاتفِ غيب هي ارشاد ڪيو از روئي جمل

بسرِ بهجت چيئن تاريخ ولادت جي عجيب

جلد لک آئينهء حسن گلِ باغِ ملل

                                ١٣٤١=٣×١٣٣٩

خلف فائق نورِ دل قلب و ديده [2]

١٣٤١=٢×1343                                                          

سر بلا جي کي ڪپي مصرع بي مثل بدل

آهه ”دلگير“ جي هر وقت دعا صبح و مسا

زندگي خضر جي ڏي ان کي خدا عزوجل

شر و آفات کان محفوظ ۽ مامون رهي،

اها آخر ۾ دعا آهه اها منجهه اول.


 

[1]                      مصرع ثاني ملي نه سگهي.

[2]     مصرع وزن ۾ پوري نه آهي. صحيح پڙهڻي هٿ اچي نه سگهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org