سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :16

 

 

 

آهي انهيءَ ۾ مان جي سنڌ تان سر فدا ڪريان

ان کان مٿي جي مرتبو مون کي کپي ته ڇا ڪريان

 

منصور ۽ بلال سڀ هڪڙي فساني جون ڪڙيون

ڪهڙي ڪريان مان ابتدا ۽ ڪهڙي انتها ڪريان

 

تون ٿو پڇين ته ڇا جو غم مون کي رهي ٿو دم به دم

آءُ ته جڳ جي درد سان توکي مان آشنا ڪريان

 

هر ڪائي اک ڀنل ڀنل هر ڪائي دل ڊنل ڊنل

ڏونڪو هڻي مان ڀير تي پڙ ۾ بيهي صدا ڪريان

 

دوستو سر اڏيءَ رکي مرڪي مرڻ جي ريت جي

ڀل ٻيو ڪري ڪو انتها مان ئي ٿو ابتدا ڪريان

 

 

 

مان رولاڪ رلي ۽ ڀٽڪي ٿڪجي تشنه ڪام

ڳولڻ آيو اهيان تنهنجي پهلوءَ ۾ آرام

 

ڊڄندي ڊڄندي لڪندي ڇپندي چپ تي آندم جام

من ۾ اڻ تڻ چپ تي ڀڻ ڀڻ ورتم تنهنجو نام

 

منهنجي ساز ۾ سوز هيو پر سر هئا اڪيلا هاءِ

ڳائڻ مهل رهي ٿي دل ۾ آتر ويلا هاءِ

 

ڳاتم گيت سريلا پر هئو منهنجو من بي چئن

ڄڻ ڪنهن سواليءِ خالي در جي آڏو هنئين ٿي سئن

 

منهنجا گيت اڪيلي اڇي ڪبوتر جيان اداس

پيار ڀريا سهڻا ۽ سٻاجها هئا تڏهين به نراس

 

چپ تي مرڪ هئي پر من ۾ هر دم هئو مانڌاڻ

منهنجا گيت سريلا ٻول مٺا پر ڪنهن جي ڪاڻ

 

تون منهنجي آڏو آئين ۽ مون کي ٿيو گمان

منهنجي گيتن هستي ورتي ڄڻ ٿي پيا انسان

 

سونهن سهاري

 

جيئن ڏاڍو اوکو آهي ڏينهن ڏکيا ۽ راتيون روڳي

تنهنجو نانءُ وٺي ٿا گهاريون من ائين مرڪي هيءَ دل موڳي

 

هڪڙي ڍڪ پاڻيءَ جي خاطر رڻ جا رولا سر تي کنياسين

امرت جي هڪ بوند جي سڌ ۾ وهه جا ڪئي پيالا پيتاسين

 

سونهن سهاري ڪرڀ ڀرئي هن جڳ کي ڪي ئي گيت ڏناسين

پيار سهاري نفرت لائق جڳ سان ناتا ڪين ڇنا سين

 

منهن موڙي سڀ ناتا ٽوڙي وياسين  پئي جيئن موت جي ڏيري

سونهن ڪيو سڏ پيار پڪاريو موٽي آياسين منهن ڦيري


 

 

 

 

 

ڪنهن به نه ورنايو آ تن کي ڪو به نه ورنائيندو تڏهن ڀي

مورک مور اڪيلي رڻ ۾ دانهن ڪرڻ کان ڪين رهن ٿا

 

داڻي پاڻيءَ  جي دوکي ۾ هڪ ڀيرو جي ڄار ۾ ڦاٿا

 اهي پکيئڙا عمر سموري چوڳي کي چکندي به ٽهن ٿا

 

هي دستور هليو آيو آ هي دستور هليو ئي ايندو

ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو وهه جا پيالا پيئندا رهن ٿا

 

سور اتي محسوس ٿئي ٿو ڪنڊو جنهن ڀي جاءِ لڳي ٿو

ڪنهن جا دک ڪو ٻيو ڇا ڄاڻي، سي ئي سمجهن جيڪي سهن ٿا

 

گل باندي ٿي سگهندا پر سرهاڻ ته سرڪي نڪرندي ويندي

روح سدا آزاد رهن ٿا ڪوٽ ۾ قيدي ڪين رهن ٿا

 

 

 

تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان

تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان

 

تو سان مان عشق جو اظهار ڪري

تنهنجي حيراني ڏسڻ ٿو چاهيان

 

پاند خالي ڪري آيس ان لئه

تو کان ڪجهه آءُ گهرڻ ٿو چاهيان

 

مون کي ڏيو باهه ته مان پاڻ جلان

 ڏيئو آهيان مان ٻرڻ ٿو چاهيان

 

ڪو پٿاري نه پٿاري دامن

مان ته لڙڪ آهيان ڪِرڻ ٿو چاهيان

 

 

آءُ ته کلندي ملندي گهاريون گهڙيون چار هليا وينداسين

ورهه ورهائڻ آيا آهيون ونڊي پيار هليا وينداسين

 

اڻ ڄاتي ڪنهن پار جا ڪنهن اڻ ڄاتي پار هليا وينداسين

جي نه وڃڻ چاهينداسين ته به منهنجا يار هليا وينداسين

 

تون به نه رهندين مان به نه رهندس سونهن ته رهندي پيار ته رهندو

تون مان هن سنسار جي سي ۾ ترندا تار هليا وينداسين

 

جي حاصل ٿئي اهڙي حياتي ڪوئي ڪيئن گذاري سائين

تنهنجي سونهن  سهاري سائين پنهنجي پيار سهاري سائين

 

مٺڙي مرڪ ملائي پيالي ۾ ڪو ڏئي ته اهو پي وڃبو

پوءِ ڪو زهر ڀري ڏئي ان ۾ يا ڪو امرت پياري سائين

 

خود نه رهياسين پر هن جڳ کي ڪو ميٺاج ته ڏيئي وياسين

مصريءَ وانگر تنهنجي يپار ۾ پاڻ ڇڏيوسين ڳاري سائين

 

گيت اسان جا بعد اسان جي ڀي پيا جهونگاريندا ماڻهو

تات اوهان جيءَ ۾ ئي وڃون ٿا پنهنجي تند تنواري سائين.

 

هيڏي ساري عمر ڪٽي سين اونداهين سان جنگيون جوٽي

هڪڙي رات ته ڪجهه به نه آهي هيءَ به ڇڏبي گهاري سائين

 

او تنوير اسان جي دل ڀي جي ڪنهن وقت رئڻ تي چوندي

مرڪي مرڪي پنهنجي دل جي ڳالهه کي ڇڏبو ٽاري سائين

 

 

تون ۽  مان ٻئي هڪ آهيون جيتوڻيڪ آهيون  ڌار

هڪڙو ٿڙ آ پيار ته آهيون ٻئي انهي جا ڏار

 

منهنجي چاهه ۾ منهنجي دل ۾ هر دم تنهنجو چارو

ڄڻ مسجد جي ڪنڊ ۾ ويڙهيو پيو آهي سيپارو

 

سادا، سهڻا، مٺڙا، آءُ چپن سان توکي لايان

آءُ ته سمجهي بيت ڀٽائيءَ جو مان توکي ڳايان

 

تون منهنجي آڏو آئين ۽ مون کي ٿيو گمان

منهنجي گيتن هستي ورتي ڄڻ ٿي پيا انسان

 

اوهان به پارس ناهيو سپرين اسان به پارس ناهيون

پيار ڇهي ويو اسان ٻنهي کي سونا ٿي پيا آهيون


 

چنڊ گهڻو ئي سهڻو پر ڪيئن پهچي پرين سان

جنهن ۾ چانڊوڪيءَ سان گڏ آ مٺي مٺي سرهاڻ

 

در در روح رليو هو منهنجو بن بن ڀٽڪيو ڌيان

تنهنجي مٺڙي مرڪ ملي ڄڻ گوتم پاتو گيان

 

تنهنجي اڇن اجرن ۽ سهڻن ڏندن جي ته قطار

ڄڻ رابيل جي مکڙين جو فطرت پويو آ هار

 

جيئن چتائي ڏسان پرينءَ کي وڻي تيئن سو وڌ

جيئن جيئن اکين آڏو تيئن تيئن وڌي ڏسڻ جي سڌ

 

ڪوڙيءَ ول جان وڌي سدائين پرين اسان جو پيار

جيئن پراڻو ٿئي، صندل جان تيئن ڏئي هٻڪار

 

آءُ اسان وٽ ويهه

الا او ويهه

گهڙي پل منهنجا سائين

 

نينهن  نباهيون ڪيئن نباهيون

هيءَ حياتي ٿوري ڀانيون

سوين جنم گڏ گهاريون پو ڀي

پيار جو ناهي ڇيهه

الا او ويهه

گهڙي پل منهنجا سائين

 

تون پرڏيهي مان پرڏيهي

 جتي جتي تو ۽ مون ويهي

 ڪيون رهاڻيون پيار ڪهاڻيون

 

اهو اسان جو ڏيهه

الا او ويهه

گهڙي پل منهنجا سائين

 

تو ڏي منهنجو تن ٿو تانگهي

آءُ سمورو جڳ اورانگهي

سڀڪي وساري پيار سهاري

منهنجي پکي ۾ پيهه

الا او ويهه

گهڙي پل منهنجا سائين

رات کٽي او رات کٽي

باک ڦٽي او باک ڦٽي

چمڪيو آهي وهائو تارو

جاڳو يارو جاڳو يارو

منهنجا يارو جاڳو

 

ڀؤ جهڙي ۽ اوندهه واري

پنهنجي پوتي ڪاري ڪاري

رات کڻي وئي ويڙهي سيڙهي

ڪرڻن جو وئي ڄار پکيڙي

ويو سو وقت نڀاڳو

منهنجا يارو جاڳو

آيو نور ته ويو انڌارو

چمڪيو آهي وهائو تارو

جاڳو يارو جاڳو يارو

 

هلڪيءَ هلڪيءَ اونداهي ۾

پوئين پوئين راتاهيءَ ۾

ماڪ ڦڙا چڻنگن جان چمڪن

مکڙين جا ٿا مکڙا ٻهڪن

آيو صبح سڀاڳو

منهنجا يارو جاڳو

جاڳيو آهي عالم سارو

چمڪيو آهي وهائو تارو

جاڳو يارو جاڳو يارو

 

هو ڏس اوڀر کان سج اڀريو

نور نئون آ نسريو نسريو

ڪرڻا لڏندا لمندا آيا

گم ٿي ويا آهن سڀ سايا

سڀني جو آ مقصد ساڳو

منهنجا يارو جاڳو

هو آ ماڳ ته هي آ چارو

چمڪيو آهي وهائو تارو

جاڳو يارو جاڳو يارو

 

اونداهين سان جنگيون جوٽي

راتاهين جون پاڙون  کوٽي

ڏينهن ڏسڻ جي آس ۾ رهندي

ماڪ پسڻ جي پياس ۾ رهندي

مون ته ڪيو اوجاڳو

منهنجا يارو جاڳو

اچو اوهان کي ڏيان سهارو

 چمڪيو آهي وهائو تارو

جاڳو يارو جاڳو يارو

 

ننڊ ڇٽي او ننڊ ڇٽي

رات کٽي او رات کٽي

باک ڦٽي او باک ڦٽي

 

 

سهڻا سائين تنهنجي پيار

جيءَ ۾ جوت جلائي آهي

جيءَ ۾ جوت جلائي آهي

 تن ۾ تات لڳائي آهي

 

اڀ تي جيئن جيئن  بادل ڇايا

گل تي جيئن جيئن پوپٽ آيا

منهنجا مٺڙا تنهنجي سار

ايئن ايئن دل ۾ آئي آهي

ايئن ايئن دل ۾ آئي آهي

تن ۾ تات لڳائي آهي

 

پيار جي لهر چڙهي جو آئي

مند نه ڄاڻي موسم ڪائي

ساوڻ سياري تارؤن تار

اٿلڻ لئه ڄڻ آئي آهي

اٿلڻ لئه ڄڻ آئي آهي

تن ۾ تات لڳائي آهي

 


 

 

 

 

پيار به چندن وانگر ڄاڻو

تيئن سرهو ٿئي جيئن پراڻو

منهنجي من ۾ تنهنجي تار

هڪ سرهاڻ سمائي آهي

هڪ سرهاڻ سمائي آهي

تن ۾ تات لڳائي آهي

 

 

پيار سان پنهنجو پاڻ سلهاڙي

انڊلٺ وارو ونگ لتاڙي

سهڻا هل ته هلئون هن پار

هت هرڪو هر جائي آهي

هت هر ڪو هر جائي آهي

تن ۾ تات لڳائي آهي

 

سهڻا سائين تنهنجي پيار

جيءَ ۾ جوت جلائي آهي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org