سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :17

 

 

جيءُ جهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي

چنگ چوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي

 

ڳالهه دل ۾ رکيم ته ڪجهه به نه ٿيو

تو سان اوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي

 

تون پري ٿئين ته  ٿيو جيئڻ مشڪل

آءُ اوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي

 

سر گهريم ٿي ته چنگ ويو کسجي

سر کي گهوري ڏسان ته ڇا ٿو ٿئي

 

 

 

مان ڏيئو آهيان پرين تون روشني آهين اٿاهه

پاڻ ۾ توکي سمائڻ جون سڌون مان ڪيئن ڪريان

 

تو ۾ مدغم ٿي وڃڻ جي آس منهنجي دل ۾ آهه

ڏينم موڪل تنهنجي گهراين ۾ مان گم ٿي وڃان

تون ته اڳ ۾ ئي امر آهين نه آهي تنهنجو ٿاهه

پاڻ کي تو ۾ سمائي ما به اڻ مٽ ٿي وڃان

مان ڏيئو آهيان پرين تو روشني آهين اٿاهه

 

 

 

ڪي ئي راتيون  ڇڏيون اسان گهاري

چمڪندي چمڪندي ستارن جان

 

ساري دنيا ڏٺو ٿي ۽ تون مان

چپ هئاسين حسين نظارن جان

 

اچ ته مکڙين جان مرڪندي گهاريون

آءُ ته گذري وڃون بهارن جان

 

ساهه کي ساهه ٿو سڏي سائين

آءُ ته ڀڙڪي پئون شرارن جان

 

 

سوچي سمجهي ڄاڻي واڻي بنجي ويس اڻ ڄاڻ

پاڇولن سان پيار ڪيو مون مان پاڇولو پاڻ

 

تو ۽ تنهنجي دنيا مون سان ڏاڍا ويل وهايا

موٽ ۾ ڏس مون تنهنجي جڳ کي مٺڙا گيت ٻڌايا

 

خالق تي روئڻ آيو ۽ خلقت تي کل آئي

ٻنهي وڏا وس ڪيا تڏهن ڀي ڪنهن سان ڪنهن نه نڀائي

 

ٽڙي پيا ٽانڊا گلڙن جان مڙي ويا سڀ مچ

چڻنگون مکڙين وانگر مهڪيون ساڻ هيوسين سچ

 

مان شاعر آهيان مون وٽ آ هر ماڻهوءَ جو مان

منهنجو مان  مگر ڄاڻن ٿا ڪي ٿورا انسان

 

 

او مٺڙا او ماکيءَ جهڙا ايڏو دور نه گهار

آءُ گهڙي تنوير جي ڀر ۾ ڪر ڪي ڳالهيون چار

 

هائو سائين مون کي سورن ڏاڍو ستايو آهي

تن سان پيو مان منهن ڏيندس هيءَ ڳالهه ته ڪائي ناهي

 

مون تي جيڪي سور سٿيا پيا آهن لاهي ايندس

پنهنجي منهن تان دردن جا سڀ پيرا ڊاهي ايندس

 

توکي ٻڌائي پنهنجي دک جون ڳالهيون ڪيئن رنجايان

تنهنجي ڪنئريءَ ڪچڙيءَ ڪومل دل کي ڇو ڪومايان

 

ڪنڊ اڪيلي تاڙيندس ۽ پوءِ ڳوڙها ڳاڙيندس

پنهنجي ڏک تنهنجي سک ۾ فرق اچڻ به نه ڏيندس

 

پنهنجي دردن جون ڳالهيون تو سان نه ڪڏهن ڇيڙيندس

تنهنجي مٺڙي پياري منهن تي گهنج پوڻ به نه ڏيندس

 

تون ڀرپور خوشيءَ ۾ منهنجي ٻانهن سهاري وهندين

توکي پنهنجا ڏک هوندا تون سي به وساري وهندين

 

توکي مرڪائڻ خاطر مان ڪي ئي سانگ رچايان

تنهنجي منهن تي مرڪ ڏسي هيءَ دنيا سرهي ڀانيان

 

کل جون ڳالهيون ٽهڪن ۾ ئي ٽلندي ٽلندي هلنديون

من جون مکڙيون ڪر موڙينديون ٽڙنديون کڙنديون کلنديون

 

هلڪين ڳالهين سان دلين جا بار جهڪا ٿي پوندا

تنهنجي چپن سان لڳندي لڳندي لفظ مٺا ٿي پوندا

 

تنهنجي ڳلن تان گسندي گسندي هير به سرهي ٿيندي

اوريان پرتان ۽ چوڌاري هڪ هٻڪار به ايندي

 

تنهنجون ناسي اکڙيون ڄڻ ته نشو اوتينديون

تو ڏي ڏسندي ڏسندي منهنجون  اکڙيون ڍرڪي وينديون

 

تون ۽ مان هڪ ٻئي جا ڇا هن جڳ جا درد وساري

ڳالهين ئي ڳالهين  گم ٿي وينداسين هڪواري

 

دير کان تنهنجي لاءِ مان ويٺو آهيان آس لڳايون

ڪالهوڪيون ڳالهيون اڄ تائين روح ۾ ڪن ڪتڪايون

 

ڪاله جتي تون ويٺو هئين ڀر منهنجي ۾ او سائين

چندن جهڙي خوشبو تنهنجي آهي اتي اڄ تائين

 

وقت وڃي ٿو ٽرندو سهڻا تون ٿو دير لڳائين

دير نه ڪر او منهنجا سائين دير نه ڪر او سائين

 

او مٺڙا او ماکيءَ جهڙا ايڏو دور نه گهار

آءُ گهڙي تنوير جي ڀر ۾ ڪر ڪي ڳالهيون چار

 

ڇولين جو آ ڇوهه

من ۾

ڇولين جو آ ڇوهه

لهرون لوڏن ٻيڙيءَ کي پر منهنجي دل کي ڪو به نه لوڏي

منهنجي آڏو ڪئي ڪنارا منهنجي تانگهه سدائين تو ڏي

پنهنجو پار پرائو ڀانيان

تنهنجي پار اچڻ ٿي چاهيان

توکي پهچڻ کان پهرين جي ٻڏان نه ڏج ڪو ڏوهه

من ۾

ڇولين جو آ ڇوهه

 

منهنجو سڀ ڪجهه تنهنجو آهي منهنجو جيءُ ۽ جند ۽ جان

منهنجو جيون منهنجي ٻيڙي منهنجي هٿ ۾ ناهه سکان

جيئن تون چاهين ورائين مون کي

جنهن پاسي به هلائين مون کي

پنهنجو پاڻ وڃائي ورتم پرين تنهنجو پاٻوه

من ۾

ڇولين جو آ ڇوهه

 

جيئن سانوڻ ۾ هي مهراڻ ٿئي پاڻيءَ سان ٽمٽار

منهنجو من تئين ٻارهو ئي آ تنهنجي پريت سان تار

وير گذرندي اٿلي پوندو

توکي مون کي ٻوڙي وجهندو

ڇولين وانگر ڇلڪي ڇلڪي منهنجي من جو موهه

من ۾

ڇولين جو آ ڇوهه

 

لهرن جي پينگهي ۾  جيئن جيئن پنهنجي ٻيڙي لڏندي لمندي

پيار هندوري ۾ تيئن دلڙي آنند جا ڪي جهولا جهليندي

ڇوليون ڇلڪي ڇنڊا هڻنديون

سنهڙيون بوندون دل کي وڻنديون

مرڪي مرڪي ڪر موڙيندو ڪڪرن وانگر موهه

من ۾

ڇولين جو آ ڇوهه

 

شاعرن جو ذهن

 

ذهن منهنجو آهي چشم ڪائنات

جنهن مان منهنجا شعر ڳوڙهن جي مثال

ٿا رهن ڳڙندا مسلسل ڏينهن رات

 

ڪورئيڙو

 

ماڻهو ڪوريئڙي مثال آهي

پاڻ مان فڪر جا ڪڍي ٿو ڄار

جنهن ۾ ٿو پنهنجو پاڻ ڦاسائي

 

فڪر

 

فڪر ويهينءَ صديءَ جو ويچارو

ڄڻ خلائن مان پنهنجي مَحور تان

پيو ٿڙي آهي ڪو ئي سيّارو

 

سوکڙي

 

کير ڌارا جو طئه ڪري رستو

ترس مٺڙي ته تنهنجي لئه آڻيان

 آسمان تان ڪَتيءَ جو گلدستو

 

ٽهڪ

 

سانت مان ٽهڪ تنهنجا ايئن نڪتا

ڄڻ ته ڪنهن چهچ سائي ٻوٽي ۾

اوچتو پيا ٽڙي ڪي گل ڳاڙها

 

پيلو پن

 

ڏينهن تنهنجا اچي کٽا آهن

پيلا پن او سرءُ جا پيلا پن

ڏس نوان گل گونچ ڦٽا آهن

 

 

 

وري وري دل وري پئي

اوهان نهاريو

اوهان پڪاريو

ته ميڻ وانگر ڳري پئي

وري وري دل وري پئي

 

لڪي لڪي ڀي لڪي نه الفت

گهڻو لڪايم

گهڻو لڪايم

جا چڻنگ ٻاري هئي محبت

ڀڀڙ ڪري سا ٻري پئي

 

وري وري دل سان ٻري پئي

وري وري دل  وري پئي

 

ڪيا دنيا در جي بند پنهنجا

گهڻو ڀلياسين

گهڻو رلياسين

ته اوچتو سڏ ٻڌاسين تنهنجا

کلي دلين جي دري پئي

وري وري دل وري پئي

 

ٻڏي ڪڏهن ڪين دل اسان جي

لڏي لمي ٿي

لڏي لمي ٿي

جڏهن به ياد آئي ٿي اوهان جي

لڏي لمي سا تري پئي

وري وري دل وري پئي

 

 

اسان کي نه ڳوليو اسان کي نه ڳوليو

اسان دور ناهيون اسان دور ناهيون

پراوا ته ناهيون اوهان جا ئي آهيون

اسان ڏي نهاريو اسان کي سڃاڻو

رڳو هيءَ خبر آ اوهان ۽ اسان کي

هتي پيار ونڊڻ جي لئه آيا آهيون

اوهين ڪير آهيو اسين ڪير آهيون

اسين ڀي نه ڄاڻون اوهين ڀي نه ڄاڻو

اوهان ڀي نه آهيو اسان ڀي نه آهيون

رڳو پيار آهي رڳو پيار آهي

رڳو ڪاڪ آهي رڳو ڪاڪ آهي

نه مومل نه راڻو نه مومل نه راڻو

ڀري پيار ڀنڊار جهوليءَ ۾ پنهنجي

ونڊيون ۽ ورهايون ٿا دنيا ۾ تنهنجي

او ڏاتار تو کان اهو ڀي نه پهتو

ڏيارين اسان کي رڳو آب داڻو

اسان کي نه آهي ساڃهه سرن جي

نه تارن کي تاڻڻ اچي ٿو او سائين

اندر ۾ اسان جي اجهل پيار آهي

انهيءَ جي اظهار آهي نماڻو

 

آءُ ڳچي جا هار

هنئين جا ٺار

 الا او آءُ هلي

 

چانڊوڪيءَ ۾ وهنجي سهنجي

هير جي خوشبو بت تي لاتم

پنهنجا وار هوا ۾ کولي

تنهنجي خاطر جهاتيون پاتيون

هار ڪيم سينگار

ڳچيءَ جا هار

الا او آءُ هلي

 

منٿن ميڙين ساڻ مڃي جي

چنڊ کي تنهنجي لئه ترسايان

تنهنجي واٽ ۾ سرهيون مکڙيون

وقت سان ويڙهه ڪري به وڇايان

او سر جا سينگار

ڳچيءَ جا هار

الا او آءُ هلي

 

رات نه تر سي وئي وهامي

مان ته اڃا ڀي بيٺي آهيان

وقت وهيءَ کي نيندو سائين

ان الڪي ۾ الجهي آهيان

وقت نه ڪنهن جو يار

ڳچيءَ جا هار

الا او آءُ هلي

 

 

 

ڇلڪندڙ ڇوليون ڏسو

ڄڻ ڇيڳريون ڇوريون هجن

چلو ليون ٿي جيڪي چانڊوڪيءَ ۾ ٿيون رانديون رمن

پل ۾ هڪ ٻئي کي پڄڻ لئه ڇوهه پائي ٿيون ڊڪن

 پل ۾ هڪ ٻئي ڏي ڊڪي هڪ ٻئي کي ٿيون ڀاڪر وجهن

کيڏندي کلندي جڏهن ٿيون بود ۾ ڀرجي وڃن

هٿ ڏئي هٿ ۾ ڪُنن جا گول ٺاهي ٿيون ڦرن

جي اٻهراهيءَ جي ڊوڙن ۾ هو ٿاٻڙجي پون

اوچتو ئي اوچتو ٿيون ڦهه ڪري پٽ تي ڪرن

هڪ گهڙيءَ ۾ هلڪا جهيڻا گيت جهونگارن پيون

آئي وئي کي ٽهڪڙن سان کلندي کيڪارن پيون

 بيءَ گهڙي ۾ ٿيون شرارت مان وٺي گجگوڙ ڪن

واٽ ويندن جو امالڪ هانءُ ڏاري ٿيون ڇڏن

 جيڪي اهڙيءَ ڊوڙ ڊڪ کان ٿيون ٿڪي ۽ چور ٿين

سي ڪناري وٽ اچي چپ چاپ ٿيون ليٽي پون

چنڊ واٽهڙوءَ جيان لنگهندي اتي بيهي رهي

دور کان هن چهچٽي کي ٽڪ ٻڌي بيٺو ڏسي

 

 

 

چوسي تنهنجي چپڙن مان، مون ماکيءَ جي لار،

ڪؤڙايون هزار، لحظي ۾ لهي ويون،

 

اڀ جي نيري فرش تان، ترڪي، ويا تارا،

پرينءَ جا چارا، چمڪيا، چوڏهينءَ چنڊ سان

 

ساوڻ ساماڻو، آيون راتيون رس ڀريون،

ڦوهه جواني مند جي، چوڏس چٽاڻو،

ننڊ نه آئي رات جو، ٽري ويو ٽاڻو،

اسان وهاڻو، سور ڪيا او سپرين.

 

نسريا سر، ويا سڙي هئا ٻه ٽي ڏينهن،

چار ڏهاڙا مند جا، اٺا ساوڻ مينهن،

سدا نئون نينهن، پريت پراڻي نه ٿئي.

 

توکي ايئن ويڙهي وڃان، جيئن وليون ويڙهن وڻ.

سڪڻ کان پوءِ ڀي رهن، سدا ساڻ سڄڻ.

جيئڻ ۽ مرڻ، تو سان ائين منهنجو ٿئي.

 

دريا چڙهي ساوڻيءَ، ڀرجي ٿئي ٽمٽار

اسان وٽ آ تار، سدا پاڻي پريت جو.

 

او منهنجا مهتاب، جي منهنجي اک لڳي وئي

جاڳيا منهنجا خواب، نينهن اٿاريو ننڊ مان

 

 

 

اکڙيون ٻوٽيان توڙي کوليان آڏو تنهنجو منهن

اندر تون ئي ٻاهر تون ئي مون کي تنهنجو سنهن

 

تنهنجي پيار سهاري جڳ کي ڪري ڇڏيم سنگيت

پوپٽ پوپٽ راڳ بڻي ويو گل گل ٿي پيو گيت

 

منهجو گهر آ خالي خالي ڄڻ دهرئي جي دل

ان ۾ جي تون آئين رسندو ڪعبي جي منزل

 

سوچي لوچي ٿڪي پيس مان آهين ڪٿي او سچ

هاڻي سوچڻ ۽ لوچڻ ري مون وٽ پاڻهي اچ

 

رات چڙا تارن جا چوريا ڇڙي پيا ڪئي گيت

اکين ڏٺو ٿي روح ٻڌو ٿي سانتيڪو سنگيت

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org