سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :18

 

 

ڇيٽ جو چولو آهي جنهن کي سوسيءَ جي سلوار

ڀلوڙي سوسيءَ جي سلوار

 

ماڻهو ماڻهن جهڙو جنهن جا مکڙين جهڙا پار

ڀلوڙي مکڙين جهڙا پار

 

جنهن جي آڏو ڦِڪا ٿين ٿا سورهن ئي سينگار

ڀلوڙي سورهن ئي سينگار

 

هوڏ ڀري آ لوڏ انهي جي کيڏ ڀري کيڪار

ڀلوڙي کيڏ ڀري کيڪار

 

اکيون انهي جون ٻرن مشعالا ڀروون دونهين ڌار

ڀلوڙي ڀروون دونهين ڌار

 

جاتيءَ مان ٿي ڦاٽي جواني اکين مان اٿي پيار

ڀلوڙي اکين مان اٿلي پيار

 

 

گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ

آءُ پرين تون آءُ

 

پل پل هڪڙو پور او سائين

پل پل هڪڙو پور

ڪيئن لڪايان تنهنجا غم

ڪيئن سانڍيان تنهنجا سور

ڪوئي سڌ نه سماءُ

آءُ پرين تون آءُ

 

وقت گلن جا ڪومائل آ

سجهي نه ڪائي واٽ

چئني پاسي رات انڌاري

ڪاري ڪاري ٻاٽ

ساهه کي ناهي ساءُ

آءُ پرين تون آءُ

 

منهنجي خوشين جوڳي بنجي

منهنجي دنيا تياڳي

گيت مري ويا ساز ڀڄي پيا

چپ ٿي ويو آ راڳي

اچي نه ڪو پڙلاءُ

آءُ پرين تون آءُ

 

 

 

سونهن ڪا وئي آهي منهنجي ساهه ۾ سيبائجي

 

ماڻڪن جان ماڻڪيون واسينگ جهڙا وار هئا

پنکڙين جهڙي هئي پوشاڪ سو سينگار هئا

جنهن ڏي نظرون ٿي کڄيون سو روح ويو ٿي گهائجي

سونهن ڪا وئي آهي منهنجي ساهه ۾ سيبائجي

 

ساهه ۾ جنهن جي ڀريل رابيل جي سرهاڻ هئي

جنهن جي چهري تي سدا چانڊاڻ ئي چانڊاڻ هئي

جنهن جي آڏو سڀ ڪَتيون تارا ويا شرمائجي

سونهن ڪا وئي آهي منهنجي ساهه ۾ سيبائجي

 

چال اربيلي هئي ڄڻ ڇال هرڻن ٿي ڏنا

سونهن ۾ هئي تازڳي ڄڻ ماڪ ۾ گل ٿي ڀنا

ٽهڪ هئا ڄڻ مئه جا پيالا پيا هجن ٽڪرائجي

سونهن ڪا وئي آهي منهنجي ساهه ۾ سيبائجي

 

 

 

ان ريت بهارن مان گذري ويو سودائي

گل گل ٿي پيو گويا هڪ چشم تماشائي

 

مون توکي سڏيو ٿي ۽ تو پاڻ ڇڏايو ٿي

مون ياد ڪيو توکي ۽ ياد نه ٿي آئي

 

منهنجي دل مضطر کي وچ ۾ نه سڪون ملندو

ڪڪرن جي اتاهين ڏي يا سمنڊ جي اونهائي

 

ڪجهه اڳتي هلي ڏسجي ڇا ٿو ملي دنيا مان

دل تنهنجي خيالن کي پٺتي آ ڇڏي آئي

 

هڪ وار ڪري دل تي هلندي ٿي وڃي سڀ ڪا

ترسي جا اگهي ڳوڙها اهڙي نه گهڙي آئي

 

مون توکي ئي چاهيو هئو تنهنجي ئي طلب ڪئي هئي

تو ساڻ خوشي ساري جڳ جي ڇو هلي آئي

 

 

 

 

رات مان آيو سندءِ وارن جو واس

تون وسين ٿو روح جي ئي آس پاس

 

چمڪندا تارا اگر ايندي اماس

روشنيءَ جو روح ڪيئن ٿيندو اداس

 

ٿي ته ڏس تون گيت ڪو سنگيت ڪو

پائي ڏس تون منهنجي لفظن جو لباس

 

روح جيسين جسم سان آهي رليل

تيسين هڪ آ اڃ من جي تن جي تاس

 

آهي جي مايوس اڄ جو آدمي

ائين نه سمجهيو آدميت آ نراس

 

زندگي لڏندي رهي ٿي پينگهه جان

هڪڙي پاسي پاس ۽ ٻئي پاسي آس


 

 

ڳالهه اوهان جي ڳجهي نه رهندي

 

ساز اسان جو راز سليندو

 

ڪو نه جهليندو ڪو نه پليندو

 

وقت جي اک مان ڳوڙهن وانگر

ٽم ٽم ٽمندي گهڙي گهڙي

ساهه ساهه ٿي ويندو آهه

اندر کوري ۾ سڙي سڙي

گهاو گهاو مان گونجي گونجي

گيت نڪرندا ڪو نه جهليندو

ڪو نه جهليندو ڪو نه پليندو

ساز اسان جو راز سليندو

 

ڳالهه ڳالهه تي ڳوڙها ڳڙندا

دامن پوندو پسي پسي

جيءَ جيءَ کي جهوٻا ايندا

جي ويندو ڪو رسي رسي

لڙڪ لڙڪ جان لڙڪي لڙڪي

گيت گيت پيو ليلائيندو

گيت گيت پيو ليلائيندو

ڪو نه جهليندو ڪو نه پليندو

ساز اسان جو راز سليندو

 

 

سانت سانت ۾ ڀانت ڀانت جون

ڳالهيون ٿينديون گهڻيون گهڻيون

ننڍڙيون ننڍڙيون پياريون پياريون

ڄڻ ته مينهن جون ڪڻيون ڪڻيون

سور سور مان جي سرهاڻ

اوهان جي آئي پوءِ ڇا ٿيندو

پوءِ ڇا ٿيندو پوءِ ڇا ٿيندو

ڪونه جهليندو ڪو نه پليندو

ساز اسان جو راز سليندو

 

 

 

 

گهوريا رسڻ جا ڏينهن وي يار

آءُ ته نڀايون نينهن وي يار

 

روئي روئي رات گذاريان

سڏڪي سڏڪي توکي ساريان

مون کي اچي پرچاءَ وي يار

پيچ ڪو مون سان پاءِ وي يار

 

جهرمر جهرمر تارن لاتي

چنڊ به اڀ مان جهاتي پاتي

آهي ملڻ جو وقت وي يار

ٿيءُ نه ايڏو سخت وي يار

 

رات وسايا ماڪ جا موتي

هير ۾ ڄڻ ڪنهن آ مئه اوتي

آءُ روئي ٿي رات وي يار

رات کي تنهنجي تات وي يار

 

پوئين پهر هي نيڻ خماريا

ڄڻ اوجاڳي پيالا پياريا

ڀرجي ٿيا ٽمٽار وي يار

تنهنجي رهي ته به سار وي يار

 

 

تون آهين ڪو گيت

لڇندي منهنجي روح ۾

جاڳائين سنگيت

 

ڪڏهين بنجي راڳ

ايندين منهنجي چپ تي

ڀڙڪي بنجي آڳ

 

تون آهين سا لات

ڏسي صبح جو سوجهرو

جا آئي منهنجي وات

 

تون آهين ڪا سوچ

چر پر ۾ آئي ڏسي

جنهن کي منهنجي لوچ

 

تون آهين سو ڌيان

جنهن جي محابي سان مليو

آهي مون کي گيان

 

تون آهين سو سور

مون کي ٻئي جو ڏک ڏسي

جو ٿيندو آهي ضرور

 

تون آهين ساٻاجهه

هر من مان مظلوم لئه

جا وجهندي آهي واجهه

 

 

 

 

 

 

مون ڏٺو – آهيان ڏيئو،

جي ٻران ٿو مان ته آهي روشني –

وقت منهنجي لاٽ جي ڄر ۾ جلي

دونهون بنجي ويو فضا ۾ جذب ٿي

منهنجي چئني طرف منهنجي روشني

جنهن سان هيءَ دنيا چٽي چلڪي پئي

جي وسامان ٿو ته اوندهه، خاموشي

ڪا حقيقت ناهي ڪنهن ڀي چيز جي

مان سدا ٻرندو ئي رهندس

روشنيءَ جي لاءِ

پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ

 

 

 


 

 

جيسين آهيون حال حيات

تيسين موت نه ڪندو مات

 

موت مڃيوسين آهي حقيقت

پوءِ به حياتي ڪوڙ ته ناهي

ماس هڏن  تي رت رڳن ۾

ماڻهو آخر ڌوڙ ته ناهي

مينهن وساڙن جهڙا چپڙا

گل جي پنکڙين جان ڪپڙا

خواب نه آهن خواب نه آهن

جي ماڻهو مهتاب نه آهن

سهڻا آهن پيارا آهن

دوست آهن دل وارا آهن

 

منهنجا سک ڪو سنسو ناهن

منهنجا دک ڪو پاڇو ناهن

ناهيان وهمي ناهيان وهمي

منهنجي خوشي ناهي خوشي فهمي

 

مان ۽ منهنجي ساري دنيا

اندرين ٻاهرين واري دنيا

عڪس نه آهي حقيقت آهي

عڪس نه آهي حقيقت آهي

مان ۽ جو مون سان گڏ آهي

ناهي پڙاڏو پر سڏ آهي

 

 

 

 

 

 

تون ئي اڪيلو ڳاءِ چارڻ

تون ئي اڪيلو ڳاءِ

سڀڪو تون سان گڏ ڳائيندو هيکل آن پل لاءِ

لاهي پاهي ٺاهي پنهنجو سر سهاءِ

خيال خيال کي کرڙي کرڙي خنجر جان چلڪاءِ

اندر آوي آهي تنهنجو ڄڀ کي ڄڀي بناءِ

دل جي ڌنوڻيءَ سان سر سر مان ڀڀڙو پيو پڙڪاءُ

سچ جو مچ مچائي جڳ جو سارو ڪوڙ جلاءِ

سارا هيڻا توئي وهيڻا تڪن پيا تولاءِ

ڇا جي هر کر سور کڻي سر ڳاٽ کڻي تون ڳاءِ

چوڙيل چولا لاهي سرن کي ويس نوان پهراءِ

چارڻ جڳ ۾ آيو آهين صدين کان پوءِ هاءِ

تنهنجي گيتن کي سڀ ڏيندا پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ

سڀ ڪو تو سان گڏ ڳائيندو هيکل آن پل لاءِ

تون ئي اڪيلو ڳاءِ

چارڻ

 

 

 

 

ڪاغذ جو گل ڪوڙو ڪوڙو

ڪرڻن سان سينو سهسائي

جڳ جڳن جا بيٺو آهي

جهڙو هئو اهڙو ئي تهڙو

 

ڪومل ۽ نازڪ رابيل

ويچارو سچ وارو سرهو

گهڙيءَ پلڪ ۾ ويو ڪومائي

سچ سدائين ارهو آهي

ڪوڙ رهي ۽ سچ مرجهائي

وقت ڇو سچ جو ويري آهي

ائين ڇو آهي

ائين ڇو آهي.

 

 

منهنجو جيءُ جهرو ڪو آهي ان ۾ ڏس تون ويهي

او پرڏيهي

 

مٺڙي ننڊ بڻي اکڙين ۾ پنڀڙين مان وڃ پيهي

او پرڏيهي

 

جوڳيئڙن کي جڳ نه جڳائي نينهن تني جو نيهي

او پرڏيهي

 

ڪنهن کي ڪهڙي ڪل

تو کان مون کان اڳتي ڇاهي

هڪ هڪ ٿي ڇڻندا ئي رهندا

پنن جيان هي پل

 

موت جي ماريءَ آڏو آهن

سڀ ئي منُ مٺل

 

ته به جياپي جي جوتيءَ جي

هر ريکا آهي اجهل

 

جيسين جئرا آهيون تيسين

ڪائي جهل نه پل

 

هي جيون ۽ پيار ئي آهن

تنهنجا منهنجا ٻل

 

ڪرم اسان جا لاءِ اسان جي

ڄڻ ته ڪرم جا ڦل

 

ڪنهن کي ڪهڙي ڪل

 

 

هن ديس جي ڌرتي اهڙي آ

جو هاريو چهندي ويندي آ

 

مظلوم جو رت ظالم جو ست

۽ درد مند جا لڙڪ گرم

ظلم ايڏا جيڏا پَربَت

هن ڌرتيءَ تي جي هڻن ٿا دم

سڀ پنهنجي پاڻ ۾ جذب ڪري

پو ايئن ٿي مٿانئن پوش ڍري

مردي تي جيئن وجهبو آ ڪفن

هن ۾ نه ٻجهي سگهجن دانهون

هن ۾ نه اثر ڪن ٿيون آهون

هن ڌرتيءَ  کي آ اهڙي فضا

اجگر جان وات پٽي جيڪا

سڀ ڪوڪون ڳهندي ويندي آ

 

هيءَ ڌرتي نود مثال آهي

سينو چيريو سو سٽ نه ڪندي

ساڙيوس ته چپ چپ پئي سڙندي

هيءَ ڌرتي ڪا بي حس آهي

هن ڌرتيءَ کي ڪا دل ناهي

هيءَ ڌرتي هنود جي کڏ ڪائي

 

هر چيز وڃي جيڪا کائي

يا بيٺل پاڻي آهي ڪو

جنهن ۾ نه لهر ۽ نه ڪو لوڏو

جنهن تي نه ٿئي ظاهر ليڪو

 

هت ڀڀڙ ڪري ٿي باهه ٻري

پر هن کي سيڪ ذرو نه اچي

هيءَ ڌرتي آهي عجب ڌرتي

نه تپي نه ٺري نه روئي نه کلي

نه وڙهي نه جهڙي نه جيئي نه مري

 

هن ڌرتيءَ جي هڪ ڳالهه عجب

جو سهندي آئي ايڏا غضب

ته به جئري آهي مئي ناهي

اڄ تائين پيش پئي ناهي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org