سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :21

 

 

 

تو سان ميل ٿيو جي مٺڙا من ۾ ڄڻ ته لڳي ويا ميلا

تون جي ناهين ساڻ ته هيڏي ميلي ۾ ڀي آهيون اڪيلا

 

من من آهي مڻيو او سائين ماڻهوءَ ماڻهوءَ منجهه مڻيا آ

اوسي پاسي هيڏي هوڏي ڪنهن کي ڳولين ٿو او ڳهيلا

 

آويءَ منجهه پڪا جي تن تي هٿ پرينءَ جي تال وڄايا

محبوبن جي هٿ جو هڪ به ڇهاءُ نه ماڻي سگهيا ڀيلا

 

تون ۽ مان گڏجون ٿا پوءِ موت ۽ جڳ ڄڻ ڪجهه به نه آهي

ائين لڳي ٿو جنت ۾ آدم ۽ حوا ڄڻ ته اڪيلا

 

 

آءُ ته گوري گجر منهنجو پرين ويو پرڏيهه

جيڪو ديس پرينءَ  جو سوئي آهي منهجو ڏيهه

ڪهڙو ساجن ري ساڻيهه

 

سج سوا هي گج نه چمڪي گوري ڪيئن ڪري

پريتم ري ڪيئن مکڙو ٻهڪي ڍولڻ شال وري

پريت جو ڪوئي انت نه آهي پيار جو ناهي ڇيهه

ڪهڙو ساجن ري ساڻيهه

 

دلبر دور هليو ويو آهي ڪيئن ڇمڪايان ڇير

من ۾ پور پرينءَ جو هر دم نچندي اٽڪن پير

ڪڏهين گهار گهڙي ڪامون سان ڀر پاسي ۾ ويهه

ڪهڙو ساجن ري ساڻيهه

 

 

ڪوڙ کي ڪن ايڏو جرڪايو

سچ شرم کان ڪنڌ نوايو

پٿر ڪاوا ڪچ گهڙن ٿا

ڇلي سنواري اينءَ جڙن ٿا

جو بازار ۾ موتي هيرا

لعل بدخشان نيلم نيرا

تن آڏو بي آب لڳن ٿا

 

ڪنهن کي فرصت آهي هاڻي

سمنڊ ۾ پيهي موتي آڻي

شوڪيسن ۾ موتين کان وڌ

آب سان پٿر جر جر ڪن

۽ جي سچ پچ ماڻڪ موتي

آهن، تن کي ڪير سڃاڻي

 

جنهن به ڊرائنگ روم ۾ وڃبو

هڪ اهڙو گلدان به ڏسبو

براسو سان جو مهٽيل سهٽيل

چمڪايل جرڪايل هوندو

جنهن ۾ پلاسٽڪ يا ڪاغذ جون

سهڻيون پياريون پياريون ٽاريون

 

سينگاريل ۽ سجايل هونديون

جن ۾ رنگ برنگي مکڙيون

گل ڪي اڌ ٽڙيل ڪجهه سارا

ڪجهه ڏانڊيون ۽ ڪجهه پن ساوا

ائين لڳن ڄڻ ڪنهن هاڻي ئي

باغ مان ٽوڙي آهن آندا

 

ڪنهن کان روز خفو ٿئي اهڙو

ٻوٽن مان گل ٽوڙي آڻي

۽ سچا گل پهر نه بيهن

صبح جو رک منجهند ڪومائن

وقت جي قيمت سمجهڻ گهرجي

وقت وڏي وٿ آهي

 

ڪيڏارو

 

داستان پهريون

 

ٻاهر گل گلاب جا، من تن جو فولاد

سنڌڙيءَ جو اولاد، پر کي ڏسو ڪانئرو

 

عنبر کان ۽ مشڪ کان سرهو تن جو ساهه

محبت ۾ ڄڻ ماڪ سي نفرت ۾ آڙاهه

ڀڙڪڻ ۾ ڄڻ باهه مرڪڻ ۾ موتئي مثل

 

سنڌوءَ جي ڄائي ڦليلي وهندي رهي

رت ٿيون ظاهر مرڪ ۾ پل ۾ ويو وهي

ٻنين ريج ڏئي، سک ڏئي ويو سنڌ کي

 

هوشو هڪ هئو، هڪ هڪ هوشو آهي اڄ

مٽيءَ مان لڌو، سائي ٿي ڪک سنڌ جي

 

 

من هئا ميڻ انهن منجهان نڪري ويو ڪهڪاءُ

ڏسن جي ڏمر مان، پئي ڏاڍن ۾ ڏهڪاءُ

ڳڀرو وهتل رت ۾، ته به اکڙين منجه الاءُ

عضوي عضوي گهاءُ، سر ۾ سودا سوڀ جا

 

ٻن پاسي پاڻي، سامهون دشمن دوبدو

ڦاٽا بم شيشا ڀڳا ۽ گئس اڏاڻي

رت گاڏڙ پاڻي آيو تري اکين ۾

 

ڌڌڪا دونهان ڌڪ – چوٽون چيٽون چو طرف

سوڀارا ٿيندا اهي جي نه لکائن لڪ

 آهي مون کي پڪ ماڻيندا اهي ماڳ کي

 

سور سهن ٿا سر مٿي ڳڀرو ڇا جي ڪاڻ

رت اٻري ۽ دل رجهي، من ۾ آ مانڌاڻ

ڪپجي ڪنڌ ڀلي مگر جهڪي نه مڃجي آڻ

ٿيندا سور سراڻ، بڻبا تيز ترار جيئن

 

گهوٽ نه مرندا موت سين مرڪن ڪنڌ لٿي

ڪرٽ جنين ڪاپار ۾ تڏهن به ڪنڌ مٿي

سرن کي مٿي سنڌڙيءَ ڪوٽ اڏي ويا

 

ڳڀرون ڳاڙها جوان، رت سان وهتتل بت سڄو

نظر نظر ڄڻ تير آ ڀروون ڄڻ ته ڪمان

چونڪ چونڪ چؤٻول آ، گهٽيءَ گهٽي گهمسان

جاڳيا جنگ جوان لڳندا نعرا نينهن جا

 

لڳندا نعرا نينهن جا، ڪنبندا ڪوڙن ڪوٽ

نيهن ڪيو نروار آ، عشق نه ڄاڻي اوٽ

بيک نه ملندي زندگي موت نه کائي موٽ

باقي هڪڙي چوٽ، ڪرندا ڪنگرا ڪوڙ جا

 

دونهين ۾ دهڪن، ٽانڊن جان ڳڀرن اکيون

سچا نچن مچ ۾ سي مرپيا مرڪن

ڪندن جان جرڪن ڪوٺاريءَ جي وچ ۾

منهنجو منڱ مٿي، هن کي گهاوَ گهڻا هئا

مرڪڻ جو حق ناهي ڪو او سرتي توکي

جو تنهنجي مڱ کي رهڙ نه ڏنم جسم تي

 

منهنجو پٽ اهو جنهن کي ڇاتيءَ ۾ ڇرا

گهايل ڪونهي جو مون کي ماءُ نه سڏي سو

ٿڃ نه بخشيان ان کي جيڪو چپ ويٺو

رنگ جنهن جو ريٽو، ماءُ انهي جي آهيان

 

(4 مارچ جي واقعي تي)

 

ڪيڏارو

 

داستان ٻيون

 

جيلن ۾ ٿي جوت، چهرو چهرو چنڊ آ

دوارون زندان جو پسن اهڙا هوت

جن جي ڳڻ ۽ ڳوت، ساک وڌائي سنڌ جي

 

هٿن پيرن ۾ ڪڙيون روشن آهي ضمير

فڪر نه ڄاڻي ڦند، ڪي عشق نه ٿئي اسير

ذهنن جا زنجير، ڪنهن نه گهڙيا آهن اڃا

 

هلو هلو جيل ڏي جن کي نينهن اجهل

 نڪا جهل نه پل جي ويا سي اگهيا

 

جنهن جنهن درد گهڻو سٺو تنهن تنهن مان مٿي

قربانيءَ جي دوستو قيمت ڪير ڪٿي

سر تي سور سٿي هلڻو آ اڳتي اڃا

 

هيءَ ڌرتي آ سنڌ جي جنهن هوشوءَ رت سانڍيو

هڪ صديءَ کان پوءِ ڀي آ رنگ تنهنجو ريٽو

هڪ هڪ رت ڦڙو سپر بنيو سنڌ لئه

 

هيءُ ڌرتي آ سنڌ جي هن کي آهي سلام

هن جي ذهن ضمير کي ڪري ڪير غلام

نڪو خاص نه عام سڀڪو سر صدقو ڪري

 

گهٽي گهٽي آ سنڌ جي ڄڻ مياڻيءَ جو ميدان

ڳڀرو ڳڀرو ڳوٺ جو ڄڻ هوشوءَ جهڙو جوان

ٿيندو اڄ ميدان نعرا ٻڌبا نينهن جا

 

مصر نه آهي سنڌ آ هت يوسف ڪيئن وڪجن

توڙي سهن سختيون توڙي قيد ڪٽن

پوءِ به تات انهن سدا آهي سنڌ جي

 

هيءَ ڌرتي آ سنڌ جي هن کي آهي سلام

هڪڙو ڄام نه آ هتي، ڄمندا ڪي ئي ڄام

هوشوءَ واري هام هڻندا رهندا هر طرف

 

ٻيجل شيخ اياز سر گهوريندا سڀ وري

سنڌ ڪري ٿي ناز تنهنجا ٻول ٻڌي ڪري

 

(4 مارچ جي واقعي تي)

 

 

سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن

 

منهنجون دانهون منهنجون آهون تنهنجون آهن

منهنجا ساز ۽ منهنجا نغما تنهنجا آهن

منهنجو ماڳ به تون ئي منهنجو ڀاڳ به تون ئي

منهنجا مارڳ منهنجا رستا تنهنجا آهن

ڏنهن راتين جا اوجاڳا تنهنجا آهن

منهنجي بي خوابي جا سپنا تنهنجا آهن

 

منهنجي جرئت منهنجي همت تو لئه آهي

منهنجي قوت منهنجي طاقت تو لئه آهي

ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻل سو تو لئه آهي

منهنجي رڳن ۾ آهي جو رت تو لئه آهي

آءُ نماڻو آهيان آءُ نماڻو آهيان

سنڌڙي، جڳ جي ساري عظمت تو لئه آهي

هونءَ ته اڙٻنگائيءَ جو انگ نه آهي مون ۾

پوءِ به جيڪا آهي بغاوت تو لئه آهي

 

 

سنڌ جاڳي پئي

سنڌ جاڳي پئي

 

ڏس ته ٻنين مان ڏاٽا اڀا ٿا ٿين

ڏس ڪهاڙين جا ڦر ڪيئن ٿا چمڪاٽ ڪن

چئني طرفن کان اجرڪ نظر ٿا اچن

سنڌ جاڳي پئي

 

هاڻي اکڙيون مان ڳوڙها ٽمڻ بند ٿيا

سوچ ڪنهن مان ڀرون تاڻجي هاڻ ويا

هٿ اڀا ٿيا اجهو وار ڀرپور پيا

سنڌ جاڳي پئي

 

ڳاڙهو آهي ۽ کٿو رتو کيس آ

نوجوانن جو رت سان رڱيل ويس آ

گهوٽ ڳاڙها جي تن جو ئي هي ديس آ

سنڌ جاڳي پئي

 

اڄ ڪلنگي نه آهي نڪو تاج آ

اڄ ويو تخت هر هڪ ٿي تاراج آ

آيو انسانيت جو هي معراج آ

سنڌ جاڳي پئي

سنڌ جاڳي پئي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org