سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :24

 

عڪس

 

هوءَ رئي اڏاڻي رستن تي،

هو ڳوٺن ڏي ڌڻ موٽن ٿا.

 

دز رنگ شفق سان ڳاڙهي آ،

ٻڌجي جهونگار ڌنارن جي،

سنگيت ٽلين جي ساٿ ڏئي،

هوءَ رئي اڏاڻي رستن تي.

 

سج اڌ ٽٻيءَ ۾ آيو آ،

ڳاڙهاڻ وڻن تي ڇانئي آ،

هو شام جو تارو نڪتو آ،

۽ ٻارن راند ڦٽائي آ.

 

ڪانڊيون ڪاٺيون چلهه منجهه ٻرن

۽ تئو انهيءَ تي کلي پيو،

ڪي ڪومل هٿ گهڙن ماني،

۽ چوڙيون ڇڻڪن ڇن ڇن ڇن.

 

چونئرن جي ڇت منجهان دونهون،

اڀ ڏانهن ويو وٽ کائيندو.

 

 

تون بي انت

 

تون بي انت،

مان بي انت.

 

جي ناهي تنهنجو ڪوئي ڇيهه،

ته ناهي منهنجو ڀي ڪو ڏيهه،

نه تنهنجي رمزن جا اهڃاڻ،

ته آهي اڻ کٽ منهنجي ڄاڻ،

جي تنهنجو آر نه ڪوئي پار،

ته لاحد آ منهنجو ويچار،

جي اڻ کٽ تنهنجي جڳ جا راز،

ته منهنجي سياڻپ بي انداز،

ملي آ مون کي تنهنجي لوچ

ٿي ڳولي توکي منهنجي سوچ

نه تون لڀيندين،

نه مان لهندس،

مان ڪلونت،

مان بي انت،

تون بي انت.

 

تون مون کي مرڪي کيڪاريو،

قرب منجهان صوفي تي وهاريو.

 

تنهنجيون خوني خماري اکڙيون

تن ۾ ڪجل جون ڪاريون ليڪون

۽ ڇپرن تي نيل ڪمل جان

هلڪي نيري رنگ جون جهلڪون
تنهنجي ڳلن تي هلڪي لالي

تنهنجي چپن تي هلڪي لالي

تنهنجي وارن ۽ ڪپڙن مان

خوشبو جو دريا اٿلي پيو

تنهنجيون ڇاتيون آتيون آتيون

سوڙهو چولو ڄاڻ ته ڦاٽو.

 

مان صوفي تي ويٺو سوچيان

تنهنجي اکين ۾ آ جو نشو

اهو ڪجل جي ليڪن ۾ آ

يا سچ پچ اکين ۾ آ سو.

تنهنجي ڳلن جو روپ آ ڪهڙو

 تنهنجي چپن جو رنگ آ ڪهڙو

هيءُ ته روج لپسٽڪ آهي

ان جي پردي پويان ڇاهي؟

منهنجي دل ٿي چاهي چاهي

 

 

 

 

 

 

ميڪ اپ جا سارا تهه لاهي

تنهنجي بت جي خوشبو ماڻيان

۽ هي ڄاڻان ۽ هي ڄاڻان

عورت جي خوشبو ڇا آهي.

۽ جو تو مرڪي کيڪاريو

قرب منجهان صوفي تي وهاريو

ڇا هيءُ قرب تصنع آهي؟

ڇا هيءَ مرڪ به ميڪ اپ آهي؟

پنهنجي چپن تي سرخيءَ سان گڏ

منهنجي لئه تو لاتي آهي.

 


 

 

 

 

 

مضبوط جهوپڙيون ۽ ڪمزور محل ماڙيون،

سو ڏينهن آهه ويجهو ٿينديون اڀيون ڪهاڙيون.

 

او گهڙ جتي اڻون ٿا ۽ بک جتان لڻون ٿا،

ڏيون ٻاهه مل انهيءَ کي، اهڙيءَ ٻنيءَ کي ساڙيون.

 

جيون جو ڳاهه ڳاهي، بي سود هر کي ڪاهي،

 ڪيڏو پگهر ڳڙيو اڄ اچ  ته رت هاريون.

 

اوچيون رکون هي لاٽون هي مشعلون ڏياٽيون،

پنهنجن لئه روشنيون ۽ دشمن جي لئه اماڙيون.

 

 

 

حيدر بخش جتوئي

 

 

زندگي جدوجهد اڻ ٿڪ سفر،

زندگي محنت ڪنهين هاريءَ جو هر.

 

بي سبب محنت نه جنهن جو انت ڪو،

زندگي قربانين جو معر ڪو.

 

زندگي حيدر جي پيڙا جان عظيم،

ڪهڙي شيءَ  آ دردان جي کان عظيم؟

 

زندگي بي ڦل چڱائي آهه ڪا،

جا ڪرم ڀي پاڻ ڦل  ڀي پاڻ آ.

 

خلق جي خدمت کان وڌ ڇا زندگي؟

زندگي بي بندگي تا بندگي.

 

 

 

 

 

او سهڻا اسان نينهن لائي به ڄاڻون،

ڪري ساهه صدقو نڀائي به ڄاڻون.

 

پتنگن جيان پاڻ ٻارڻ اچي ٿو،

وڄن مثل گهر گهر جلائي به ڄاڻون.

 

اسان پاڻ ٻيجل اسان ڏياچ خود ئي،

صدا ڀي هڻون سر وڃائي به ڄاڻون.

 

ورائي سگهون ٿا اگر سنڌ پنهنجي

ته جنت انهي کي بنائي به ڄاڻون.

 

او تنوير ڳائڻ ته هر ڪوئي ڄاڻي،

اسان سوز ان ۾ سمائي به ڄاڻون.

 

 

 

هيءُ جو ڪنهن جي ٻار ٿاٻو کاڌو،

هيءُ جو رت وهيو ۽ ڳاڙهو ٿيو چولو،

هيءُ جو چپ کي چير آيو سور ٿيو،

هيءُ جو ڏند ڀڳو ۽ ان مان رت وهيو،

هيءَ  جا ڪائي چيٽ من کي چيري وئي،

هيءَ جا لڙڪن لار ڳل تان ڌيري وئي،

هيءُ جو ڪنهن جي سڏڪن منهنجو هانءُ ڇنو،

هيءُ جو ڪنهن جي لڙڪن سان هيءُ پاند ڀنو،

ڀانيم منهنجي ٻار ٿاٻو کاڌو-

هيءُ جو ڪنهن جي ٻار ٿاٻو کاڌو.

 


 

 

ڪوئي نه ڄاڻي ڪنهن جا آهيون،

سڀ هڪ ٻئي جا پنهنجا آهيون.

 

هيءُ جڳ ڇاهي ڇا جي ڳڻتي،

 پاڻ ته پيار ونڊيندا آهيون.

 

آدم حوا جت بيٺا هئا،

پاڻ اتي ئي بيٺا آهيون.

 

پن ۽ گونچ ۽ مکڙيون آهيون،

ڇڻندا آهيون، ڦٽندا آهيون.

 

بيهي ڏسندو رهندو آ جڳ،

پاڻ ته وڌندا رهندا آهيون.

 

اڃا به جاڳندا رهو،

اڃا به جاڳندا رهو.

 

اڃا به وقت پر خطر ٽريو نه آ ٽريو نه آ،

اڃا سڻائو واءُ ڪو وريو نه آ وريو نه آ،

اڃان به جاڳندا رهو.

 

اڃا ته رهزنن جي منهن تي رهبريءَ جو آ نقاب،

اڃا ته دشمنن جي منهن تي دوستيءَ جو آ نقاب،

اڃا به جاڳندا رهو.

 

نيا وڃو ٿا جنهن طرف اتي سموري سڃ آ،

اڃا ته ماڳ آ پري ڏسو ٿا جا سا رڃ آ،

اڃا به جاڳندا رهو.

 

اڃا به رات فتنه گر اڃا پري پري سحر،

اڃا نه منزلن جو ڏس اڃا پري آ رهگذر،

اڃا به جاڳندا رهو.

 

متان ٿي ڀورڙا اوهان ڀلي پئو  ڀلي پئو،

متان اوهان جي اک لڳي وڃي اوهان سمهي پئو،

 

اڃا به جاڳندا رهو.

اڃا به جاڳندا رهو.

تون هجين ڪير ڀي مان هجان ڪير ڀي،

پو به هڪ ٻئي لئه آهيون نه  ٻئي اجنبي.

 

نانءُ  تنهنجو ته آهي الائي به ڇا،

 منهنجي نالي جي توکي خبر ڪين آ،

ذات تنهنجي آ ڪهڙي مان ڄاڻان نه ٿو،

ڪرت ڪهڙي آ منهنجي نه توکي پتو،

پوءِ به تنهنجو ۽ منهنجو نه توکي پتو،

پوءِ به تنهنجو ۽ منهنجو آ ناتو پڪو،

پوءِ به ڳانڍاپو آهي ٿيو قرب جو،
درد آ تنهنجي منهنجي دل کي ڳنڍيو،

درد ڌرتيءَ جو درد ڌرتيءَ جو.

درد جيڪو آ هر دل ۾ جو عام آ،

درد جنهن سان ٽمٽار هر جام آ،

 

جنهن جي دل ۾ اهو درد آ سو اچي،

وک اسان سان ملائي ۽ اڳتي وڌي،

ان طرف جت سڀئي درد جرڪي پون،

درد وندن جا چهرا به ٻهڪي پون.

تون هجين ڪير ڀي،

مان هجان ڪير ڀي.

 

 

 

ڦڙ ڦڙ مينهن وسي،

اکڙين ۾ آلاڻ ڇو،

ڪوئي ڪين ڏسي.

 

سک ايندا ويندا پيا،

وهندا رهندا روز،

پاڻيءَ مٿي ڦوٽڙا،

ٺهندا ڊهندا روز.

 

ڪرڙن ۾ ڪنڊا گهڻا،

پڪا پسيون ٿورا،

توڙي ڦٽجن آڱريون،

ته به نه  رهن ڇورا.

 

ماڻهن ماڳ ته ڪو نه آ،

جي جڳ ۾ آيا،

ڦاٽيون اڪ جون انڀڙيون،

اڪ ٽٽڙا اڏريا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org