سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :28

 

 

 

جيڪو آ سورائتو

سوئي ٿئي آ سائتو

 

نيڻ ته مند سوا به وسن ٿا

مينهن ته آهي مندائتو

 

منهنجي هٿ لڳڻ سان ئي ٿيو

تنهنجو جڳ ڊولائتو

 

ان جي موٽ ته آهي محبت

آندو جو مون لاءِ تو


 

 

سج تريءَ  هيٺان لڪي ويو

چنڊ کي ڪو ئي بکيو

نان سمجهي کائي ويو

۽ ستارا ان ڪڻا ڀانئي

ڪنهن جنڊ ۾ پينهين ڇڏيا.

چؤ طرف اوندهه ۽ انڌوڪار ٿي

۽ نظر جي حد تائين ڪجهه نه هئو ڪارنهن سوا

اوچتو ڪنهن جي اکين مان نور جون لاٽون اٿيون

ڪنهن جي دل مان ڀڙڪو ڏئي شعلا دکيا

۽ انهي اوندهه جي ڪاري ڪاغذي پهراڻ کي وچڙي ويا

جهنگ ۾ جيئن ڪا سڪل ٻوڙن کي وچڙي باهه

۽ پوءِ واءَ تي وڌندي وڃي.

ايئن تيزيءَ  ساڻ  اوندهه جو لباس

ٿي ويو ناس.

سج تريءَ هيٺان نه لڪندو

چنڊ ڪو ئي نان  ناهي

جو ڪو بکيو کائي وڃي.


 

 

اک اڙائيندا گهڻا ۽ نيهن لائيندا گهڻا

مون جيان پر نيهن جو ناتو نڀائيندا گهڻا

 

مون جيان ڪو جان کي جوکي ۾ وجهندو ڪين ڪي

هونءَ ته منهنجي سهڻي کي ظاهر ۾ ڀائيندا گهڻا

 

هڪڙو مان ئي حال پنهنجو ڪين چئي سگهندس ڪڏهن

حال منهجو هونءَ تو کي پيا ٻڌائيندا گهڻا

 

تنهنجو منهن ۽ زلف تنهنجا، تنهنجا ڳل ۽ تنهنجا چپ

صبر منهنجي کي اڃا ڀي آزمائيندا گهڻا

 

تون هئين جنهن ڏي الائي ڪيئن وري هي دل چري

هونءَ ته سهڻا دل کي منهنجي هئا لڀائيندا گهڻا

 

راڳ جو تنوير مان اڄ اڪيلو ڳائيان

وقت ايندو جو انهيءَ کي نيٺ ڳائيندا گهڻا

 

 

 

آءُ وري

آءُ وري

 

دل ٿي هٿن مان وڃي

پيار نه ڪنهن جي مڃي

تو کان سواءِ ڪين سري

آءُ وري

آءُ وري

 

نينهن جو درياهه آ

جيڪي انهيءَ ۾ ٻڏا

ڀانءَ ته سي ويا تري

آءُ وري

آءُ وري

 

وهم گناهن جو ڇو

مان به ملائڪ نه ڪو

تون به نه ڪا حور پري

آءُ وري

آءُ وري

 

 

نوان سچ چئبا

نوان ڪوڙ ظاهر ڪبا

نوان ڏينهن آيا

نوان نينهن آخر ڪبا

 

نئين ڏات ملندي

نئين لات ملندي وري

نئين  ذات پنهنجي

نئين جوت جلندي وري

 

سڀئي ڪوڙ جهونا اگهاڙا ٿيا

نوان ويس پائي نوان ڪوڙ آيا

نون سچ چئي ۽

انهن کي اگهاڙو ڪنداسين ته نيٺ

انهن کي اگهاڙو ڪنداسين نه نيٺ

 

 

مون وٽ اچ مون وٽ اچ

 

ائين نه اچ جيئن مند جا گل

ڳاڙها نيرا پيلا گل

ٽري ۽ ڪن جهر مر ڪجهه ڏينهن

ائين جيئن ڪوئي ڪچو نينهن

وڃن هو پاڻ  به ڪومائي

منهنجي دل ڀي گهٻرائي

 

مون وٽ اچ مون وٽ اچ

ايئن نه اچ جيئن سانوڻ مينهن

ٿورو وقت ڪري ٿڌڪار

۽ ان کان پوءِ آخر ڪار

ساڳي ٻٽ ۽ ساڳي اساٽ

ڄڻ ته پئي ئي ڪين هئي ڇاٽ

 

مون وٽ اچ مون وٽ اچ

ائين نه جيئن هيءُ چوڏهينءَ چنڊ

هڪڙي رات هڻي ٿو منڊ

۽ پوءِ روز وڃي گهٽبو

منهنجو هانءُ به ٿئي ٿورو

 

مون وٽ اچ مون وٽ اچ

ائين، جيئن ڪو ازلي سچ

سدا حسين ۽ سدا جوان

جنهن جا جوڀن نت نوان

جنهن جا جوڀن نت نوان

 

 

جوت جلڻ سان آهي

ڪوئي ته جلندو

ڪوئي ته جلندو

 

ماڳ هلڻ سان آهي

ڪير ته هلندو

ڪير ته هلندو

 

سوڀ وڙهڻ سان آهي

ڪير ته وڙهندو

ڪير ته وڙهندو

 

 

شعر لکان ٿو

ڄڻ مان ڪو پوپٽ پڪڙيان ٿو

يا ڪو گل گلاب ڇنان ٿو

يا ڪنهن مينهن ڦڙي کي جهٽيان ٿو

يا ڪنهن سهڻي من مهڻي جو

نازڪ نازڪ ڳل ڇهان ٿو

يا ڪنهن وڄ کي

پنهنجي پلاند ۾ قيد ڪريان ٿو

يا ڪنهن واچوڙي کي

پنهنجي مٺ ۾ بند ڪريان ٿو

شعر لکان ٿو

 

 

 

تنهنجو جي نام اچي

جام تي جام اچي

 

ٿئي جو بدنام اچي

ڇڏي اسلام اچي

 

گلر خن جي نالي

 مئه گلفام اچي

 

ياد تنهنجيءَ سان سدا

دل کي آرام اچي

 

شعر لکجن تنوير

جڏهن الهام اچي

 

 

پڃري مان نڪرڻ گهرجي

اڄ مون کي اڏرڻ گهرجي

 

ٻاهر خوشبو آ ڪيڏي

گل جو رنگ ڏسڻ گهرجي

 

روئي روئي سوچيم نيٺ

اڄ مون کي مرڪڻ گهرجي

 

عمر سنڀالي پير کنيم

اڄ مون کي ترڪڻ گهرجي

 

نانگ ڏنگيو آ مون کي تو

مون کي تنهنجي مڻ گهرجي

 

ڍر ڏي پريت جي ڌاڳي کي

ڳنڍي نه پوءِ ڇنڻ گهرجي

 

واءُ اتر جو سِههُ سيارو

اڄ ڪو مچ مچڻ گهرجي

 

تو وٽ مان جي اچي نه سگهان

مون وٽ توکي اچڻ گهرجي

 

اڄ ڪو رنگ رچڻ گهرجي

اڄ تنوير اچڻ گهرجي

 

 

هيءَ پاڇن جي حقيقت

هيءَ خوابن جي حقيقت

سونهن ڄڻ کنهنبي جو چٽڪو

نيهن ڄڻ مينهن سانوڻ جو

پيار ڄڻ برف محل

روپ ڄڻ رمندو ڪو بادل

تنهنجي حقيقت آ فنا

منهنجي حقيقت آ فنا

منهنجي حقيقت آ فنا

حسن فاني

۽ محبت فاني

آ فنا جوئي فنا سان لڳاءُ

هير جو ماڪ سان ڄڻ آهي هڳاءُ

ڪجهه گهڙيون آهي بچاءُ

جيستائين آ بقاءُ

تيسين ته محبت آهي

جيسين فاني ٿئي ڪو

تيسين ته حقيقت آهي

 

 

 

ڏاهو توڙي ڀورو ماروئڙن کي شال وڻان

 

ساهه ڏيان ٿو ساٿ لئه ڪنهن تي ناهي ٿورو

ماروئڙون کي شال وڻان

منهنجو من ائين پاڪ آ، جئن ڪو ڪاڳر ڪورو

ماروئڙون کي شال وڻان

جيڪو توڙ نڀائي ڄاڻي سوئي آهي سدورو

ماروئڙون کي شال وڻان

وڄندو آهي سوئي جيڪو هوندو آهي پورو

ماروئڙون کي شال وڻان

 

 

هو جيڪو گل ڪالهه ٽڙيو هو

ڪٿان اچي سو اڄ

هوءَ جا خوشبو مست هئي ڪلهه

هوءَ  جا گلابي لڄ

 

اڄ ڀي ڪي ئي گل ٽڙيا ۽

ڪي نکريا رنگ

اس جي تڙڪي جهڙا روپ ۽

انڊلٺ جهڙا انگ

 

اڄ ڀي ڪي ئي ساز ڇڙيا پر

اهو ڪلهو ڪو گيت

پريت نئين ٿي دل کي وڻي پر

الا پراڻي پريت

 

جيت اڄوڪي ڪجهه به نه آهي

اها ڪلهو ڪي هار

اهو پراڻو پيار الا او

اهو پراڻو پيار

 

بند ڪمرو

جنهن کي اولهه جي طرف شيشو لڳل

جنهن مان لهندڙ سج ليائي پائي ٿو روز

اڀرندڙ سج ڪين جهاتي آهي پاتي

۽ انهي شيشي منجهان

بنگلي جي باغ جو منظر به ڏسجي ٿو پيو

گل ڪي نارنگي ڪي پيلا اڇا

رنگ ڏسجي ٿو مگر خوشبو؟

ڪيئن ڪري شيشي جي هيءَ ديوار پار

هيءُ جهرڪيون هي ڪبوتر هيءُ گيرا

هڪڙي وڻ کان ٻئي تي ٿا ٽپ ڪرن،

صاف ڏسجي ٿو اهو،

پر انهن پکين جون مٺيون ٻوليون ٻڌجن نه ٿيون.

بند ڪمرو جنهن جي اولهه جي طرف شيشو لڳل-

جنهن منجهان ڏسجي ته سڀ ڪجهه ٿو پيو

اڀرندڙ سج کان سواءِ

پر ٻجهي ڪجهه ڀي نه ٿو

۽ نه ڪا خوشبو اچي.

اوچتو  ڪنهن حرڪتي ڇوڪر

کڻي پٿر هنيو:

شيشو ڀڄي پيو،

خوشبو اندر ڌوڪي وئي.

 

 

ٻلائين سان ٻول منهنجو ٻيلائين سان ٻول

 

ڪين وساريندس مان ڪڏهين

ڪئڙم جيڪو قول

منهنجو ٻيلائين سان ٻول

 

دل ۾ ڪوئي ڊپ نه آهي

هينئڙي ناهي هول

منهنجو ٻيلائين سان ٻول

 

پهچي پار نه رهندو ياد هي

وهه تک جهڪ ۽ جهول

منهنجو ٻيلائين سان ٻول

 

منهنجي لڙڪ جي قيمت ناهي

هي موتي انمول

منهنجي ٻيلائين سان ٻول

 

 

او تنوير اڃا به گهڻا ئي جيئڻ لاءِ سهارا آهن

گل اڃا ڀي سرها آهن دوست اڃا ڀي پيارا آهن

 

آءُ رڻن جو رولو آهيان، منهنجا رستا نيارا آهن

جن تي ڪوئي پيرو ناهي سي ئي منهنجا چارا آهن

 

هيءُ جي گل ۽ مکڙيون آهن هيءُ جي چنڊ ستارا آهن

ڪنهن مٺڙي جو مظهر آهن ڪنهن پياري جا اشارا آهن

 

جن سان اوندهه ۾ ڀي جهلڪا ڏئي ٿي جهرمر جوت سدائين

هيٺ زمين تي ٿورا ماڻهو اڀ ۾ ڪي ئي تارا آهن

 

آءُ ازل کان ويٺو آهيان واٽ ۾ ايئين نيڻ وڇائي

ڄڻ منهنجا محبوب هتان هاڻي ئي گذرڻ وارا آهن

 

مون کي تنهنجي اکڙين مان ڪا جوت امرتا جي ٿي جهلڪي

قاتل جا هيراڪ انهي جي لاءِ ٿيا هي متارا آهن

 

هڪڙو ڪمرو اهڙو جنهن جي هر هڪ ڪنڊ ۾ ڄارا آهن

جت ماڻهو ناهن ات ڪوريئڙن جا وارا نيارا آهن

 

 

جي منهن مٽايو مري وياسين

۽ جي نهاريو ته جي پياسين

 

ٻه جام پي ۽ ڏٺو اوهان ڏي

ته جيڪي هئاسين سو ٿي پياسين

 

ڏٺي سين اوندهه اندر سڙي پيو

ڏيئا هياسين، ٻري پياسين

 

شهر اوهان جي اچي خبر پئي

ڀليل هئاسين ڀلي پياسين

 

ڇم ڇم ڇم ڇمڪي ڇير

آيو ڪير

منهنجي اڱڻ ۾

 

هيءُ ڪهڙو ٿي ويو آ جادو

وايو منڊل سارو خوشبو

 سرهي سانجهه سوير

آيو ڪير

منهنجي اڱڻ ۾

 

گونجيا گونجيا گيت ڪٿان هيءُ

سازن آندي ريت ڪٿان هيءُ

هيءُ ڀڻ ڀڻ جا ڀير

آيو ڪير

منهنجي اڱڻ ۾

 

ٻاهر ۽ اندر آئينو

جرڪي دنيا جرڪيو سينو

لهي ويا سڀ مير

آيو ڪير

منهنجي اڱڻ ۾

 

 

پنڌ آهي پري

پنڌ آهي پري

 

تيسين ترسي ته پئو

ڏينهن جيسين ٺري

پنڌ آهي پري

 

جيسين موٽي اچين

ڪو جئي ڪو مري

پنڌ آهي پري

 

شال موٽي اچي

تون لڳين مون ڳري

پنڌ آهي پري

 

 

سياري پن ڇڻن

ڇڻن نه تنهنجون ڳالهڙيون

چنبڙي دل کي پون

 

سياري جهڪو درياهه

جيئن لهي درياهه تيئن

چڙهي وڃي ٿو چاهه

 

سياري ننڍڙو ڏينهن

جيئن ننڍو ٿئي ڏينهن تيئن

وڌي وڏو ٿئي نينهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org