سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :32

 

هيءَ ڌرتي

 

هيءَ  ڌرتي آ سخي

هيءَ ڌرتي آهي بخشڻهار ڀي

 هيءَ ڌرتي آهي پالڻهار ڀي

هيءَ ڌرتي آهي جڳ ڏاتار ڀي

هيءَ ڌرتي آهي سرجڻهار ڀي

 

هن وٽ ڪئي مان ڪيچ ٿئي

داڻي منجهان انبار ٿئي

هي ته دنيا ۾ ستر کان به وڌ ٿي موٽ ڏئي

 

هيءَ ڌرتي آ سخي

هيءَ ڌرتي آهي بخشڻهار ڀي

هيءَ ڌرتي آهي پالڻهار ڀي

هيءَ ڌرتي آهي جڳ ڏاتار ڀي

هيءَ ڌرتي آهي سرجڻهار ڀي

هيءَ ڌرتي ٿي چوي-

مون ۾ پوکيندو اوهان جيڪو به


 

 

ان جو مان سئوڻو ڦل اوهان کي ڏيندس

ان ميو موٽائينديس

 

پاڻ وٽ ڪجهه ڀي نه رکنديس

اڻ ميا انبار ڏينديس

پر نه مون ۾ پوکجو

نفرت جو ٻج

پر نه مون ۾ پوکجو

نفرت جو ٻج!

 

 

سڪي وڃن نه متان ياد جا ڪنول نازڪ

ٻه لڙڪ هاري وري اڄ پرينءَ پچار ڪيو

 

جو زخم ڀرجي نه سگهجي اهو ڀلي رسجي

اکين جي آب کي ان جي مٿان نثار ڪيو

 

هوا آ خشڪ فضا ۾ نه آهي ڪا سرهاڻ

غمن کي نشر ۽ دردن کي آ شڪار ڪيو

 

چڱو ٿيو جو پيا زخم جا ٽٽي ٽاڪا

بهار ناهي ته زخمن سان ئي نکار ڪيو

 

 

)پير حسام الدين راشديءَ جي ياد ۾)

 

 

 

سڏ پڙاڏو هڪ ٿي ويا

اس ۽ پاڇو هڪ ٿي ويا

 

ساڀيا سپنو هڪ ٿي ويا

عڪس آئينو هڪ ٿي ويا

 

مايا ڇايا ڪا نه رهي ڪا

سمنڊ ۽ بوڙيو هڪ ٿي ويا

 

وچ ۾ ڪو نه رهيو ڪو وسيلو

سُر ۽ سُرندو هڪ ٿي ويا

 

 

جي آ هالار پور پوءِ به ڪاڇو آ

رات ڌرتيءَ جو پنهنجو پاڇو آ

 

جيڪو ناهي اهو ڀلا ڇو ڪين

جيڪو جيڪو به آ ڀلا ڇو آ

 

ڪر سندن احترام قاضي شهر

دردوندن جو پنهنجو درجو آ

 

اهي سنجيده ڪيئن ٿي سگهندا

زندگي جن جي لاءِ  چرچو آ

 

مان چوان ان کي عڪس ٿو سَڏَ جو

تون چوين ٿو اهو پڙاڏو آ

 

 

هائڪو

 

ناهي ڪجهه به وڌيڪ

اڏري جيٽ پلين ويو

هيءَ دونهين جي ليڪ

 

حويلي نالو

ڀت ڪوٽ جي پئي ڪري

پوءِ به لڳل تالو

 

واٽون سڀ ٻسيون

ڪاري اس ڪاڙهو تتو

ڪرڙن منجهه پُسيون


 

 

 

 

 

 

مون کي هر وقت ڀلا ائين ڇو لڳندو آهي

پاڻ ڄڻ اصل ۾ هڪ وڻ جون ٻه شاخون آهيون

پاڻ ڄڻ پنکڙيون هڪڙي ئي گل جون آهيون

دور هوندي به ڪوئي پنهنجو جو لڳندو آهي

 مون کي هر وقت ڀلا ائين ڇو لڳندو آهي

 

ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪو دريا هئو

تون ۽ مان ان وڏي درياهه جون لهرون هئاسين،

اوچتو اوچتو ٻئي هڪ ٻئي کان وڇڙي وياسين

لڳو طوفان ڪو اهڙو جو پتو ڪين پيو

ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪو درياهه هئو

 

ائين ٿو ڀانئجي ڄڻ اڀ ۾ هئاسين ٻه ڪڪر

ڪا هوا تيز لڳي ۽ ٽڙي پکڙي وياسين

نه ڪٿي ڇانو ڪئي سين نه ڪٿي برسياسين

درد جي جهنگ ۾ گم ٿي وئي ڄڻ راهگذر

ائين  ٿو ڀانئجي ڄڻ اڀ ۾ هئاسين ٻه ڪڪر

 

اهو سڀ ڪجهه ٿو لڳي دل سان مگر دل نه مڃي

نه وڇوڙو اهو آهي ڪو ابد تائين فراق

جلد ئي جلد کلڻ وارا آهن دل جا طاق

وقت بس ڄاڻ ٿو وچ وارا سڀئي بند ڀڃي

اهو سڀ ڪجهه ٿو لڳي دل سان مگر دل نه مڃي

 

مون ته ڄاتو اهو هر ويل - ۽ تو ڇا ڄاتو

تون به ائين سوچين ٿو جيئن مون پئي سوچيو آهي

تون به ائين چاهين ٿو جيئن مون پئي چاهيو آهي

مون سان ته تو نينهن به مون جهڙو ئي آهي لاتو

مون ته ڄاتو اهو هر ويل - ۽ تو ڇا ڄاتو

 

(موتي پرڪاش جي ڪراچي اچڻ تي)


 

ڪيڏارو

 

(داستان پنجون)

 

جي مارڳ منجهه مئا تن جو طالع ڇا پڇو

واريءَ منجهه ڪنول ڄڻ اوندهه منجهه ڏيئا

ٻهه ٻهه ڪري ٻريا جرڪي سارو ديس ويو

 

مئا جي مارڳ  تن جو طالع ڇا پڇو

ريٽو تن جي رت سان آزاديءَ جو دڳ

جوت سدا جڳ مڳ جهڪي ٿئي ڪينڪي

 

مرن مارڳ منجهه گولين سان پرڻ جشو

نه ڪا دانهن نه ڪوڪ آ نه ڪا ڪنجهو ڪنجهه

گوليون سيني منجهه ته به نعرا هڻن نينهن جا

 

 واڍوڙ ڪي منهين ناهي ڪنجهو ڪنجهه

هتي صبح سنجهه نعرا لڳن نينهن جا

 

ها، ويريءَ کان وير وٺڻو آهي جلد ۾

سنجها ٿيندي ٿي وڃي وجهبي هاڻ نه دير

متان ٿئي اوير پير نه ويريءَ جو لڀي

 

ويري ٿيو ڪيري اسان ساڙيو مچ ۾

ڍرو ٿيو ڍر ڪي پيو ۽ ٿي پيو ڍيري

جيئن کائي ڦيري پکي ڪِري بندوق سان

 

هيءُ واري جو ڪوٽ ۽ هوءَ مکڻ جي ماڙي

ڀرندا ائين جيئن ٽهي وڃي تاڙيءَ سان آڙي

ڏيئي اماڙي ساڙيو جهوني ڪوڙ کي

 

لڪي ۽ لڙو، لڙي ۽ لڪي وڃو

سڀ ڪنهن سان ساڻيهه آ ڪوئي ناهه ڇڙو

اهو ڪوٽ ڪڙو باقي ٿورا ڏينهن آ

 

لڪي وارو ڪيو، وار ڪري وڃو لڪي

هن تي قهر ڪيو، ڪهل نه ويريءَ تي روا

 

ويريءَ ساڻ وڙهي آيو جنهن جو ڪانڌ آ

ساوني گل گلاب جيئن آهي پئي ٽڙي

سرتيون سڀ مڙي ڏين مبارڪ ان کي

 

ويرين کي ماري جيڪو مرڪي آئيو

سرتين ساٿاري مرڪي تنهن جي ماءُ ٿي

 

ڀاڄو ڪڙ جي ڀيڻ ويٺي روئي ڪنڊ ۾

مڙي ڪري سرتيون ويٺيون ڏينس ويڻ

ٿي نوڙائي نيڻ اکيون کڻي ڪينڪي

ڪين سڏائيندي ڪڏهن ڪا ڪانئر جي ماءُ

پٽ تي ايندس تاءُ اَلي ويندي لوڪ ۾

 

وڙهن ۽ وهن آئون گهوري تن تان

ويهي مورچن مان ٺاٺاٺڪ ڪن

دشمن کي بي درد ٿي مارن ۽ مرڪن

منهنجيون اکيون ٺرن جي آءُ ڏسان تن کي

 

چيلهه ۾ گولين جو پٽو ڪلهي تي بندوق

اکيون ٽانڊن جيئن ٻرن ۽ منهن لال سڄو

منهنجو پرين اهو، سولو سڃاڻڻ سڀ لئه

 

سنڌ ته سکي ٿئي آءُ ڏهاڳڻ ئي چڱي

نياڻيون سياڻيون تن جو ونگو وار نه ٿئي

منهنجو ننڍڙو پٽ جو، ٿي آزاد جيئي

ڏولائو جو ڏيهه تي اهو شال لهي

منهنجو ڪانڌ مري ماري موذين جو هزار

 

مکڻ جو چاڻو آهي منهنجو سپرين

 دشمن جي لاءِ آهي پر هيري جو داڻو

ڪڏهن نه ٿئي ساڻو هٿ وڙهي جو ويڙهه ۾

 

اسٽين گن کڻي ورديءَ ۾ آيو آ ڪوڙ

سچا سُچ هٿين خالي ڀي سگها

 

(ٺوڙهي واري واقعي تي)

 

فرينچ شاعريءَ جا ترجما

 

لاٽ

 

آءُ اڪيلائيءَ ۾ ئي پنهنجو آکيرو ٺاهيندس

جبلن جي اوچائيءَ ۾

ٽڪرين جي اونهائيءَ ۾ ئي

مان پوڙهو ٿيندس.

 

منهنجي من جي باهه

آسمان ڏي اڏندي

جنهن جي لاٽ کي

ڪو ڀي واءُ، ڪوئي ڀي واچوڙو،

سگهندو ڪين ڏڪائي.

 

ايئن نه چئجو منهنجا رفيقو

ته آءُ اوهان کان ويس ڦِري

ايئن نه ڀانئجو منهنجي پيڙا

منهنجي لئه آ اوپري.

 

اوهان جڏهن ڀي کڻندؤ ڪنڌ

ڏسندؤ هڪڙي لاٽ

جبل جي چوٽين تي ٻرندڙ.

 

اوهان سوچيندؤ

اها سوچيندؤ

اها اوهان لئه ڪنهن ٻاري آ

نيٺ سمجهندؤ اوهان

اوهان جي پيار جي لاءِ.

-         ايم – ايم - ڊيوي

 

 

سرءُ جو گيت

 

ڊگها سڏڪا

سرءُ جي وايولن جا

ڦَٽن دل کي

هڪ ڪري

ڏين سُستي

گهٽيندي ساهه

ڪن زخمي

جڏهن گهڙيال

 هڻي ٺڪاءُ

اچن ٿا ياد

گذريل ڏينهن

مان روئان

کڻي مون کي

خزان جو واءُ

 سرءُ مند سان

سڪل پن جان

وڃان اوڏانهن !

 

 - پال ورليئن

 

وسڪارو

 

ڳوٺ مٿان جيئن مينهن وسي تيئن

منهنجي دل تي وسڪارو

سا آهي ڪهڙي ڳڻتي هي

پيهي ويئي جا دل ۾ يارو

 

ڌرتيءَ تي ۽ ڇتين مٿان

او منيهن سندن مٺڙا آواز

هڪڙيءَ دکيل دل جي خاطر

وسڪاري جو هڪڙو ساز!

 

مينهن وسي ٿو بنان سبب جي

ان دل تي جا آهي ستايل

جنهن جو ڏيک آ بنان سبب جي

 

درد پراڻو آهي چڱو

جيڪو آهي بنان سبب

بنان محبت ۽ ري نفرت

 هنجي دل ۾ ايڏو درد

 

                      - پال ورلئين

 

 

 

 

منهنجو عجيب خواب

 

ڏسندوآهيان اڪثر هڪڙو  عجيب چندڙ خواب

ان ڄاتل عورت جو، جا پيار ڪندي آ مون سان.

جيڪو هوءَ ڪندي آ، ائين ٻي ڪابه ڪندي آ ڪين

مان به هن کي ڄاڻندو آهيان، هوءِ به سمجهندي آهي مون کي

ڄاڻندي آهي هوءِ سندم شفاف اندر کي

فقط اهائي آهي جنهن تي ختم ٿين ٿا سارا سوال

فقط اهائي آهي جنهن لئه آلو ٿيندو آهي نرڙ

(پگهر سان)

هوءِ ڀوري آ ڪاري يا سامونڊي، ان سان ناهي مطلب

 هن جو نالو ڇاهي نه ڄاڻا پڪ ئي مٺڙو هوندو.

هن جي نيڻ نهار جيئن ڪا  نيڻ نهار  بتن جي

هن جو آواز آهي ڏاڍو ماٺو ۽ گنڀير

جنهن ۾ مليل آهي ميٺاج.

 

                                 - پال ورلئين

 

تنهنجا ايترا خواب ڏنم

 

 

تنهنجا ايترا خواب ڏٺم، جو

تنهنجي ساڀيا گم ٿي وئي آ

 

اڇا به وقت آهي، جو تنهنجي

 حقيقي جسم کي پهچي سگهان

تنهنجي چپن ۾ چمي سگهان

مٺڙا ٻول جنم وٺڻ وقت –

ٻول جي مٺڙا آهي مون لئه.

 

تنهنجا ايترا خواب ڏٺم، جو

پاڇولي کي ڀاڪر پائي

پنهنجي ڇاتيءَ لائڻ تي،

منهنجون ٻانهون ويون هري،

تنهنجي جسم جي هر هڪ موڙ

 


 

 

۽ لاهيءَ چاڙهيءَ کان ويو هان

 واقف ٿي.

ساڀيان کان اڳ ۾ ئي مون کي

تنهنجو سپنو وڪوڙي ويو

مان ڀي تي ويس پاڇو لو.

 

او جذبات جي تارازي

تنهنجا ايترا خواب ڏٺم، جو

جاڳڻ ناهي مناسب مون لئه

بيٺي بيٺي آهيان ستل

۽ منهنجو جسم آهي کُليل

حياتيءَ لاءِ، محبت لاءِ، تنهنجي لاءِ

هڪ تنهنجي ئي خاطر

جنهن جا چپ ۽ جنهن جون ڀروون

ڇهي سگهان ٿو آءُ،

تنهنجا ايترا خواب ڏٺم

تو سان خوابن ۾ ڳالهايم

گڏ گهميس ۽ پيار ڪيم

تنهنجي پاڇولي کي

هاڻي مون کي گهرجي

پاڻ به هڪ سپنو، هڪ پاڇولو بڻجي

پاڇولن ۾ پاڇولن سان

تنهنجي جيون جي سورج گهڙيءَ آءُ گهمان.

                        - رابرٽ ڊيسنو

 

 

ڪپڙا لاهه

 

ڪپڙا لاهه

هن ڪاري پاڻيءَ ۾ وهنج

 ڪابه ڊڄڻ جي ڳالهه نه آهي

اڳي به تو ايئن آهي ڪيو

ماڻهوءَ جو بت اسفنج ناهي جيڪو ڇُهي وڃي پاڻي

سج سڪائيندو گپ کي

ساري مٽي ويندي ڇڻي

وهنج

وڃ اوڏانهن

ڌرتي آهي و شال

ان جان تنهنجي دل ڀي

جنهن ۾ احتساب کان پوءِ ڀي

ڪائي خامي ڪين لڌي

ان ۾ ڪڏهين ڀي گپ ڪين گِهڙي.

 

                            - رابرٽ ڊيسنو

 

 

رستي جو راڳ

 

 

تون – جنهن کي آءُ  گهمائڻ وٺي وڃان ٿو

هيئن سمجهان ٿو،

هلڪو ۽ عالي شان

آهي سندءِ سامان

عالشان سندءِ صورت جان

هلڪو تنهنجي عمر مثال

ڏاڍو سرَهو  آهي سفر

 

                 - پال جيرالدي

ٻيائي

 

 

مٺڙا تون مون کي سمجهاءِ

ايئن ڇو چوندو آهين

”منهنجو پيانو“ ”منهنجا گلاب“

ڪئي ڀيرا توکي ائين چوندي ٻڌو اٿم

”هيءَ شيءِ خريد ڪرڻ ٿو چاهيان“

جيڪو منهنجو آهي سو آهي تنهنجو!

پوءِ اهي سڀ ڳالهيون ڇو

منهنجو تنهنجو، تنهنجو منهنجو؟

جي تون مون کي پيار ڪرين ٿو

چوندو ڪر؛ ”ڪتاب، پستا

۽ گل گلاب اسان جا“

 

                    - پال جيرالدي

 


 

 

گفتگو

 

فطرت هڪڙو مندر آهي جنهن جا جيئرا ٿنڀا

ڪڏهن ڪڏهن ڪا منجهيل منجهيل ٻولي ڳالهائين ٿا

اهڃاڻن جي جهنگل مان جي ماڻهو ڪو ئي لنگهي ٿو

هو ان ڏانهن سڃاتل گهورن سان نهارن ٿا

 

ڊگهن پڙاڏن وانگر جيڪي دور کان رلجي ملي وڃن ٿا

ڪنهن پاڇولن واريءَ ۽ ڪنهن اونهيءَ وحدت سان

جنهن جي وسعت رات جيان يا جوت مثال آهي

سرهاڻيون ۽ رنگ جتي هڪ ٻئي سان ڳالهائن ٿا

 

ڪي سرهاڻيون ٻارن جي جسمن جان آهن ٿڌڙيون

ماکيءَ وانگر مٺڙيون آهن، باغن وانگر سايون

۽ ٻيون آهن کريل، اُچيون ۽ آهن سوڀاريون

 

سڳنڌ جنهن کي لاحد جي وسعت حاصل هوندي آ

انبر جان ۽ مشڪ مثال ۽ لوبان مثل سڳنڌ

ڳائيندي آهي جا راڳ حواسن جا ۽ من جا.

 

                                 - چارلس بودليئر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org