سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :34

 

 

ڪيڏارو

 

(فاضل راهو)

 

سکي سڀڪو شال هيءَ راهوءَ جي ريت

نڀائي پريتِ سر ڏيئي ويو سنڌ کي

 

راهُو تنهنجي ريت سڀڪو ڪين سکي سگهيو

ڌرتيءَ سان هيڏي پريتِ سڀ ڪنهن جو ڪم ڪين آ

 

راهُو ويو روڙي ڳاڙها  گل گلاب جا

ذهنن تي زنجير هئا سي سڀ ويو ٽوڙي

سنڌ ويو جوڙي، ليڪن پاڻ ڀڄي پيو.

 

 


 

اورنگي

 

اورنگيءَ ۾ باهه، چيٽون معصومن جون

دوزخ هن جهان جي هِن جي آڏو ڇاهه

خلقي ڇا الله، ماڻهوءَ کان وڌ قهر ٻيو

 

گلن جهڙا ٻارڙا ٽانڊن منجهه سڙن

سڙندڙ گهر منجهان الا اُڀ جي طرف اُڏن

مُٺين مائن جون رڙيون عرش نه ٿيون پهچن

جهوليون خالي ٿين ڀرجن قبرستان ٿا

 

گهر سڙيا ور سڙيا سڙيو سڄو ڪهول

ڪنور سڙيا ڪنواريون سڙيون ٻريا رنگ رتول

ڏسي هن ڏهڪاءُ کي هينئڙي اچن هول

جيڪو جهلي جهول ته پون ان ۾ رت ڦڙا

 

گل ته آهي گل ڪهڙي ڀي رنگ جو هجي

اسري جنهن جي مٽيءَ مان ان جو وڏو ملهه

 

دڙڪو ورندو دڙڪو ٿي گار ورندي گار

رت ورندو رت ٿي پيار ٿي ورندو پيار

گولي ورندي گولي ٿي هار ٿي ورندو هار

پوءِ اي منهنجا يار نفرت ڇو پوکيون هتي

 

وائي

آڙاهن ۾ ڪالهه

سڙيا گل گلاب جا

 

لڏي ويو ماڻهپو

آيو سو ڀونچال

 

رحم رلي ويو راهه ۾

پهتو قهر ڪمال

 

ماڻهوءَ ڇڏيو ماڻهپو

چليو وحشين چال

 

ڪارو ڏامر روڊ جو

ٿي ويو رت ۾ لال

 

امن ڏي تون سنڌ کي

ڀلا ڪر تون ڀال

 

مرڪن شل معصوم هت

نياڻيون ٿين نهال

 

سڪر سڻائي سنڌ ۾

هو وي سدا شال

 

ڪارو ڏامر روڊ جو

ٿي ويو رت ۾ لال

 

امن ڏي تون سنڌ کي

ڀلا ڪر تون ڀال

 

مرڪن شل معصوم هت

نياڻيون ٿين نهال

 

سڪر سڻائي سنڌ ۾

هوي سدا شال

 

 

يار نه نٿو ڳالهائي – يارو

مان ڳالهايان ٿو

هائو – مان ئي ڳالهايان ٿو

 

آءُ اگهاڙو آهيان ڇو جو

 ويس دوئيءَ جا لاهيان ٿو

 

توکي چاهيان ٿو ان لئه ئي

جيون کي مان چاهيان ٿو

 

منفافقيءَ جا محل سڀوئي

هڪ ئي ڌڪ سان ڊاهيان ٿو

 

پيار ڪري مان ڪک ۽ پن سان

تو سان نينهن نباهيان ٿو

 

خدا کي خلقي ڊاهيان ٿو ۽

ڊاهي، توکي ٺاهيان ٿو

 

 

 

جيڪو وسري ڪين گهڙي پل

تنهن کي ڪيئن مان ساريان

هر دم تنهن سان گڏ مان گهاريان

 

چوويهه ئي ڪلاڪ جو چت ۾

تنهن کي ڪيئن مان وساريان

هر دم تنهن سان گڏ مان گهاريان

 

اگر هجي هو مون کان ٻاهر

پوءِ ان جي لاءِ مان نهاريان

هر دم تنهن سان گڏ مان گهاريان

 

ڀانيان ٿو هو مون ۾ آهي

ان لئه اندر اجاريان

هر دم تنهن سان گڏ مان گهاريان

 

ويو فراق هليو تنوير

مان ورق وصال جو واريان

هر دم تنهن سان گڏ مان گهاريان

 

 

بتي نه ٻار اڱڻ جي

چوڏهين جو چنڊ چمڪي ٿو

 

اڃا ته رات جا ٻارهن آهن

 توکي لڳي آ يار وڃڻ جي

چوڏهين جو چنڊ چمڪي ٿو

 

رات جي راڻيءَ جا اوٻارا

آئي ڄڻ ڪا سار سڄڻ جي

چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو

 

مان لهرن ۾ چنڊ ڏسان ٿو

توکي آهي پار پڄڻ جي

چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو

 

ڌار ٿيون ٿا پر هيءَ ناهي

ويل اسان جي ڌار ٿيڻ جي

چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي ٿو.

 

 

مذهب – مسلڪ

 

آ تنهنجي عشق جو اعلان اذان منهنجي لاءِ

۽ سندءِ سونهن جي ساراهه آ مون لاءِ درود

تنهنجي نالي جو ڪرڻ ورد وظيفو منهنجو

نرڙ مٽيءَ تي رکڻ تنهنجي آ مون لاءِ سجود

 

تنهنجي نقشي ڏي نهارڻ آ تلاوت منهنجي

تو سان الفت کي نباهڻ ٿيو منهنجو مذهب

نينهن تو ساڻ لڳائڻ آهي مسلڪ منهنجو

نه ڌرم دين ۽ مذهب سان آ منهنجو مطلب

 

تو سان جي عشق سلامت ته آ قائم ايمان

تو سان جي نيهن ٽٽي پئي ته ٿيان بي ايمان

تو سوا ٻئي کي جي چاهيان ته وڏو مشرڪ مان

۽ جي تو کان رهان غافل ته وڏو ڪافر ٿيان

 

تو مٿان ڪلمو پڙهي تو تي شل ساهه ڏيان

سنڌ مان تنهنجي مٽيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃان

سڪ ۾ تنهنجي مران شال مان مومن ٿي مران

واٽ ۾ تنهنجي مران شال مان مومن ٿي مران

 

 

 

ساجن گهونگهٽ کوليو

مرڪي ٻهه ٻهه ٻوليو

جرڪيو جرڪيو جيئرو

 

وِرههُ وجود ۾ منهنجي

مصريءَ وانگر گهوليو

جرڪيو جرڪيو جيئڙو

 

ڍنڌ تي چنڊ جو چهرو

ڇولين پئي ڇا ڇوليو

جرڪيو جرڪيو جيئڙو

 

سوئي ٿيئڙو ساڻي

جنهن پئي رڻ ۾ روليو

جرڪيو جرڪيو جيئڙو

 

مرڪي مهر ڪيائين

ڍولو نيٺ ته ڍوليو

جرڪيو جرڪيو جيئڙو

آمهون سامهون ويهي

تو تنوير سان ٻوليو

جرڪيو جرڪيو جيئڙو

 

 

 

 

 

 

مون ته گلاب لڳايا آهن

پوپٽ ته پاڻهي آيا آهن

 

پيار جا سانگ سجايا آهن

ٻيا سڀ ڪم اجايا آهن

 

تنهنجا ٽهڪ گلن صورت

بسنت رت ورجايا آهن

 

سو مجبوريءَ جا فسانا

تنهنجي سانت ٻڌايا آهن

 


 

 

 

سپنا ساڀيا ٿيندا

ايندا ساجن ايندا

 

مون کي ڪين ڇڏيندا

مون کي ڪين ڇڏيندا

 

هو جاڏي ڀي ويندا

موٽي مون ڏي ايندا

 

هو جنهن جا به نه ٿيندا

جي ٿيندا منهنجا ٿيندا

 

 

هرڪو ماڻهو پيار ڪري ٿو

ڪوئي ڪنهن سان ڪوئي ڪنهن سان

 

مان جو توسان پيار ڪريان ٿو

نه ڀانءِ ته ڪو بيڪار ڪريان ٿو

 

ڇو ته حياتي هڪڙو ڀيرو

پهريون ڀيرو پويون ڀيرو

موت کڻي ٿو سڀ جو پيرو

هن کان اڳ نه حياتي هئي ڪا

هن کان پوءِ نه ملندي ٻي ڪا

 

پوئتي اوندهه اڳتي اوندهه

جوت رڳو ات آهي جتي اڄ

تون ۽ مان گڏ بيٺا آهيون

 

 

تو نه ڳالهايو مون نه ڳالهايو

تو به سمجهيو ۽ مون به سمجهايو

 

ڇو ڀلا کولي در ڏٺئه ٻاهر

مون ته در تنهنجو ڪين کڙڪايو

 

مون ته دل ۾ رکيو دٻائي درد

پوءِ ڀلا ڪونج ڇو ٿي ڪُر لايو

 

پنهنجي ناڪام عشق کي ڪنهن نيٺ

ڪائنات ۽ خدا ڏي ڦهلايو

 

منهنجي ميرانجهي من تي ڪو سورج جهلڪا ڏيندو

ايندو ساجن ايندو

 

منهنجي جيون جي مقصد کي مون کان اڳتي نيندو

مون جا مڌ مچائي آهي ان جا مَٽ کوليندو

ايندو ساجن ايندو

 

ماڻهوءَ موهه جو منهنجي من ۾ هو جڳ کي آڇيندو

ايندو ساجن ايندو

 

آءُ ته ماضي آهيان سائين هو مستقبل ٿيندو

ايندو ساجن ايندو

 

لهندو مان هو پاڻ مٽيءَ جو من کي مٽيءَ گڏيندو

ايندو ساجن ايندو

(سرمد جي وطن ورڻ جي خبر تي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org